قاضي خضر حيات
مُني صديءَ جو ڪردار جيڪو
صدين تائين ياد رهندو
قاضي جاويد سنائي
جيڪو ماڻھو ڪونه وڪاڻو سوئي ماڻھو
موتيءَ داڻو:
هڪ ئي وقت انجنيئر، چترڪار، ليکڪ، استاد، مصور ۽ سڪندر آرٽ گئلري جو بانيڪار سائين قاضي خضر حيات زندگيءَ جون ۷۶ بهارون يعني مُني صدي ماڻي پنهنجي ڪردار کي هرک جي اڇي ڪپڙي جيان اجرو رکي خالق ڪائنات پاران مليل عظيم نعمت زندگي کي پورو ڪري دارالفناء کان دارالبقاء ڏانهن راهي ٿي ويو. ههڙن ئي ڪردارن لاءِ ڏاها چئي ويا آهن ته؛ انسان کي موت آهي پر ڪردار کي موت ناهي. ڇاڪاڻ جو ڪردار، صدين تائين ياد رهندا آهن. قاضي خضر حيات جو خاندان به هڪ الڳ تاريخ ۽ سڃاڻپ رکي ٿو. مون کي اهو اعزاز رهيو ته قاضي صاحب جو تفصيلي انٽرويو مون ڪيو. جيڪو سندس پورهئي، توڙي نجي زندگي جي تجربن تي عبرت شايع ڪيو. پر افسوس جو اهو آخري انٽرويو ضرور هو پر يادگار هو. هيئنر سوچيان پيو ته قاضي خضر حيات جون کوڙ ڳالهيون، جيڪي عوام کان اوجهل هيون پر اهي هن انٽرويو ذريعي ماڻھن جي ڄاڻ ۾ شامل ٿيون.
قاضي خضر حيات، جيڪو سائين قاضي عبدالحي قائل سرشاري جو وڏو فرزند، پريتم قاضي جو والد صاحب، قاضي مقصود گل، ڊاڪٽر قاضي منظر حيات جو وڏو ڀاءُ، ياسر قاضي، ناصر قاضي جو چاچو پڻ هو. جڏھن ۷۵ بهارون پوريون ٿيون ته سندس فرزند، پريتم قاضي مونکي فون ڪري چيو ته اچو ته ڪچهري به ڪيون، بابا جي جنم ڏينهن جو ڪيڪ به ڪٽيون ۽ بابا سائين جن پنهنجي سموري زندگي جيڪا هيسيتائين گهاري اٿئين، ان بابت ڪتاب به لکيو اٿئين “جهاڳيو مون جهان“ ان تي به ڪجھ ڳالهيون ڪيون.
ايئن مان، صحافي دوست مسعود عمراڻي سان گڏ، قاضي هائوس نوابشاھ پهتس. جتي ڪورونا وائرس سبب، سماجي وٿيءَ ڪري، رڳو هڪٻئي کي پري کان کلي کيڪاريوسين. ان بعد سائين قاضي خضر حيات جي جنم جي خوشيءَ ۾، اسان چئن ڄڻن ڪيڪ ڪٽي هڪٻئي کي کارايو. ڪيڪ کائي جڏھن واندا ٿياسين ته ڪچهري شروع ٿي. ڪچهريءَ دوران ئي مون سائين جن جو سندن زندگيءَ ۽ لکيل ڪتاب بابت تفصيلي انٽرويو پڻ ڪيو.
جنهن ۾ قاضي خضر حيات ٻڌايو هو ته زندگيءَ جي ۷۵ بهارن ۾ گهڻو ڪجھ تجربو ٿيو. جنهن ۾ الله سائينءَ جون مهربانيون شامل حال رهيون. پنهنجي آتم ڪٿا تي لکيل ڪتاب “جهاڳيو مون جهان“ ۾ جيون ڪٿا ۾ ٻالڪپڻي کان وٺي، اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ ۾ شاگرديءَ وارو زمانو، ننڍپڻ کان وٺي آرٽ سان لڳاءُ، تقرير ڪرڻ جي مهارت کان وٺي يونيورسٽيءَ جي زماني ۾ ون يونٽ جي ڪٺور ۽ ظالم قانون تائين، شاگرديءَ جي زماني ۾ شهيد وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽي سان چاهت، اُنسيت ۽ ويجهڙائيءَ سان گڏ سندس ڪردار کان ولوله انگيز طور تي متاثر هجڻ ۽ ان جي شخصي خاڪي تائين، ٽئين اهم ۽ مثبت سنڌ جي اعليٰ ڪردار سنڌ جي جان ڊاڪٽر عبدالقدير خان افغان جي ڪم، ڪردار ۽ شخصي خاڪي تائين، ۱۹۷۱ع واري جنگ جي هيبتناڪ احساسن تائين، اسٽيل مل جي ابتدائي ڪم کان وٺي، چيني انجنيئرن سان گڏ لاڙڪاڻي (نئون ديرو) شگر مل ٺاهڻ تائين، پاڪ سعودي فرٽيلائيزر مل (ميرپور ماٿيلو) جي اڏاوت ۽ شهيد ڀُٽي جي شهادت ۽ مل جي مالڪن جي سنڌي ملازمن سان وحشي رويي تائين، مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج نواب شاه جي تعمير ڪرائڻ کان وٺي قائدِ عوام يونيورسٽي ٺهڻ تائين، يونيورسٽيءَ ۾ چوويهن سالن جي نوڪري کان پوءِ کيس نان ڪنفرم ملازم ڄاڻي تڪليف ڏيڻ تائين جو احوال شامل آهي.
خير اهو سانڍڻ جهڙو ڪتاب “جهاڳيو مون جهان“ نيٺ ڇپجي اچي ويو. دل چيو ته ان ڪتاب تي مختصر ڪجھ لکجي. ايئن رات دير سان سوشل ميڊيا تي ڄاڻايل ڪتاب بابت محمد مٺل جسڪاڻيءَ جا تاثر پڙهيم. جيڪي دل سان ان ڪري به وڌيڪ لڳا جو تازو ئي ان ڪتاب بابت، صاحب ڪتاب سائين قاضي خضر حيات جو انٽرويو ڪري آيو هئس. سو سوچيم ته سائين مٺل جسڪاڻيءَ کان وڌيڪ مان نٿو لکي سگهان. ڇو نه هجت ڪري مٺل مٺي جا لکيل لفظ کڻي سندس ئي تحرير عوام آڏو رکجي. پوءِ ايئن ئي ڪيم. جيڪا ڳالھ سائين مٺل سميت قاضي خضر حيات ۽ سندس فرزند پريتم قاضي کي پڻ بهتر لڳي.
اڄ سائين خضر اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي ويو آهي. پر سندس ساروڻيون ورهين تائين ياد رهنديون. قاضي خضر حيات جي ڪتاب تي مٺل جسڪاڻي پنهنجي تاثر ۾ لکيو آهي ته؛
”جهاڳيو مون جھان“ جنھن پھرئين دفعي چيو ۽ پوءِ لکت ۾ آيو، ان بہ جھان جهاڳيو، جنھن اھو ٻُڌو، پڙھيو، جنھن نہ ٻڌو، نہ پڙھيو، ان بہ جهاڳيو، جيڪي ھي ٻہ اکر پڙھندا، انھن بہ، ٿورو يا گهڻو، مون بہ جھان جهاڳيو آھي. پر آئون جنھن ”جهاڳيو مون جھان“ جو ذڪر ڪرڻ پيو گهُران، اھو ڪتاب آھي. جيڪو گهڻ رُخي شخصيت، نامياري آرٽسٽ، ليکڪ ۽ انجنيئر قاضي خضر حيات لکيو آھي. خورشيد خضر علمي، ادبي ۽ اشاعتي اداري، نواب شاھہ (ضلعي شھيد بينظير آباد) پاران مرڪ پبليڪيشن ڪراچي جي سهڪار سان پريتم قاضي ڇپرايو آھي.
”جهاڳيو مون جھان“ ڪتاب جو ھڪ صفحو ”پنھنجي پاران“ ليکڪ پاڻ، ڄڻ تہ ڪتاب جو اختصار لکيو آھي... ”ھي ڪٿا، ڪا عام رواجي آتم ڪٿا ناھي!“ عنوان سان پنج صفحا ڪتاب ڇپرائيندڙ پريتم قاضي لکيا آھن. جنھن ۾... اوھان ڪتاب مان پڙھي وٺجو. ڪتاب جي خوبصورت بئڪ ٽائيٽل تي مختصر پر اھم، ڪجهہ سٽون معشوق ڌاريجو لکيون آھن. جڏھن تہ اٽڪل نو (۹) صفحا مھاڳ ”ناول نما ڪتاب يا ھڪ تاريخي دستاويز“ مون (راقم، مٺل جسڪاڻي) لکيو آھي. ۴۱۶ صفحن تي مشتمل ھن ڪتاب جي صفحي ۱۹ کان ۲۹۴ تائين ڪتاب جي ليکڪ پنھنجي وڏڙن جي زباني ٻُڌل، سندس ننڍپڻ جي ڳالھين سميت ۱۹۴۵ع کان ۱۹۹۰ع تائين جون ساروڻيون ساريون آھن. جن ۾ لڳ ڀڳ ۴۰۰ مختلف انتھائي اھم شخصيتن ۽ ڪجهہ عام پر ليکڪ جي نظر ۾ سارڻ جھڙين شخصيتن سان، سندس واسطن ۽ رابطن جو ذڪر آھي. هن ڪتاب جي ۱۲۰ رنگين صفحن ۾ سَون جي تعداد ۾ سنڌي اديبن، دانشورن، سياستدانن توڙي ٻين اهم شخصيتن جون رنگين تصويري ساروڻيون پڻ شامل آهن. ڪتاب سڀ املھہ ٿيندا آھن.
اهي هيون يادگيريون قاضي خضر حيات سوين چاهيندڙن کي سوڳوار ڇڏي، اسان کان موڪلائي ويو. الله پاڪ کيس جنت ۾ جايون عطا فرمائي.
(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد جي سنڊي
ايڊيشن جي صفحي سنسار تي ۱۸ جولاءِ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
(پريتم قاضي جي فيسبڪ ٽائيم وال
تان ۱۹ جولاءِ ۲۰۲۱ع تي کنيل)
قاضي خضر حيات
سنڌ جو نقاش ۽ ۴ مارچ جي هيرو جو وڇوڙو
- تعزيت نامو
ياسر قاضي
سنڌ، ڪن فردن کي سندن انفرادي
خدمتن جي ڪري سُڃاڻي ٿي، ته ڪن علمي ادبي گهراڻن کي ان ڪٽنب جي گهڻن فردن جي همه
جهت خدمتن جي ڪري مان ڏئي ٿي. قاضي خضر حيات، جنهن کي سنڌ، هڪ ناليواري چترڪار،
خطاط، ڪاشيگر، سِول انجنيئر ۽ ۴ مارچ جي سنڌي شاگرد جدوجهد جي حوالي سان يادگار بڻيل قومي ڏهاڙي جي سپُوت
طور سڃاڻي ٿي، پڻ اهڙي ئي خانوادي جو هڪ فخر لائق فرد هو، جنهن سنڌ جي سينڌ سنوارڻ
۾ پنهنجو مُک ڪردار ادا ڪيو آهي. جنهن جي تازَي وڇوڙي، سنڌ جي علمي، ادبي ۽ ثقافتي
حلقن کي سوڳوار ڪري ڇڏيو آهي.
قاضي خضر حياتَ، ضلعي لاڙڪاڻي
جي تاريخي شهر، رتيديري جي معرُوف علمي ۽ ادبي ڪٽنب ۾ سنڌ جي قادرالڪلام شاعرَ،
تعليمدان، صحافيءَ، سماج سڌارڪ ۽ چترڪارَ، قاضي عبدالحي ’قائل‘ جي گهر، سندس پهريٺِي
پُٽ جي حيثيت ۾ ۱۲ اپريل ۱۹۴۵ع تي جنم ورتو . قدرت طرفان
مسلسل اولاد ڏئي، ستت ئي واپس وٺڻ جي ڪري، هن ٻار جي پيدائش تي سندس نالو دعا طور
’خضر حيات‘ رکيو ويو، ته جيئن هُو خضري ڄمار ماڻي. اهو ”حيات“ سندس نانءَ سان اهڙو
رچيو، جو کائنس پوءِ پيدا ٿيل سندس ٽن ڀائرن جي نالن سان به اها ئي نسبت ڳنڍي وئي.
البته خضر کي ننڍپڻ ۾ پيار مان، گهر ۾ ’رانجهن‘ به سڏيو ويو. سندس امڙ کيس آخر
تائين ان ئي نالي سان پڪاريندي رهي. قاضي خضر جو ڏاڏو، قاضي عبدالحق ’عبد‘ نه رڳو
وڏو عالم هو، بلڪه عربيءَ ۽ فارسيءَ جو ڄاڻُو ۽ شاعر به هو. قاضي خضر جو پڙڏاڏو،
مولوي قاضي خوش محمّد، اعليٰ پايي جو عالم هو ۽ پنهنجي دؤرَ ۾ ’قاضي القضات‘ جي
عهدي تي فائز رهيو هو، جنهن وٽ تعلقي رتيديري جي تاريخي ڳوٺ خيري ديري ۾ هڪ شاهڪار
ڪتبخانو هو.
قاضي خضر حيات، مئٽرڪ تائين
تعليم رتيديري ۾ حاصل ڪئي. جنهن بعد، سنڌ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج ڄامشوري مان ۱۹۶۸ع ۾ سِول انجنيئرنگ ۾ بِي .اِي. (بيچلرآف انجنيئرنگ)جي ڊگري حاصل ڪيائين.
جنهن بعد ”ايم آءِ ايِ“ (ميمبر آف انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرس) جِي سندَ پڻ ماڻيائين. گڏوگڏ
مصّوريءَ جي فن سان چاهه هجڻ ڪري هن فائن آرٽس ۾ ڊپلوما ڪئي. بعد ۾ قاضي صاحب،
نيشنل ڪاليج آف آرٽس، لاهور مان ڪاشيگيريءَ (سيرامڪس) ۾ چترڪاريءَ جو سرٽيفڪيٽ پڻ
حاصل ڪيو.
قاضي خضر حيات، روزيءَ ۽ روزگار
جي سلسلي ۾ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات، آبپاشي کاتي ۾ سب انجنيئر طور ڪئي. ستت ئي
هُو پنهنجي مادرِ علميءَ، سنڌ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو . ان
کانپوءِ هُو پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ، اين. اِي . ڊي. انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچيءَ
۾ ليڪچرار مقرر ٿيو ، جتي ٽي سال نوڪري ڪري شاگردن کي تعميرات جي انجنيئرنگ پاڙهڻ
کانپوءِ، شهيد ذوالفقارعلي ڀُٽي جي چوڻ تي پهرين، ”پي.آءِ. ڊي. سي“ (پاڪستان انڊسٽريل
ڊويلپمينٽ ڪارپوريشن) پاران نئين ديري ۾ تعمير ٿيندڙ، لاڙڪاڻي شگر مل ۾، ’اسسٽنٽ
انجنيئر‘ مقرر ٿيو ۽ چيني انجنيئرن جي سهڪار سان، کنڊُ جي هن نئين اڏجندڙ ڪارخاني
جي تعميرات جي نگراني ڪيائين، جنهن بعد اسٽيل مل ڪراچيءَ ۾ ’انجنيئر‘ طور پنهنجيون
خدمتُون انجام ڏنائين. ان کانپوءِ ميرپور ماٿيلي ۾ قائم ”پاڪ سعودي فرٽيلائيزرس ڪمپنيءَ“
۾ ڇهن سالن تائين ’پراجيڪٽ انجنيئر‘ طور پيشاوراڻيون خدمتون انجام ڏنائين. تنهن
بعد نوابشاهه ۾ قائم مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڪاليج ۾ ’ايگزيڪٽوِ انجنيئر‘ مقرر ٿيو.
جنهن کانپوءِ هُو نوابشاهه جو ئي ٿي رهجي ويو ۽ نوابشاهه کي ئي پنهنجو مستقل مَسڪن
بڻايائين. جڏهن هي ڪاليج (مهراڻ يُونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج) ۱۹۹۶ع ۾ ڪاليج مان يونيورسٽي بڻجي، قائدِ عوام يونيورسٽي آف انجنيئرنگ سائنسز
اينڊ ٽيڪنالاجيءَ ۾ تبديل ٿيو، ته قاضي خضر حيات ان جو پهريون ’پراجيڪٽ ڊائريڪٽر‘
مقرر ٿيو، جتان ۲۰۰۵ع ۾ رٽائر ڪيائين. پنهنجي مستقل
نوڪريءَ دوران کيس پنهنجي اعليٰ پيشاوراڻي لياقت سبب، مختلف کاتن پاران انهن لاءِ ڪم
ڪرڻ لاءِ اصرار ٿيندو رهيو. جنهنڪري هُو مختلف سالن دؤران، ڊيپوٽيشن تي ’پاڪستان
ايگريڪلچرل اسٽوريج اينڊ سروسز ڪارپوريشنز لميٽڊ‘ (پاسڪو)۽ پيپلز پروگرام ضلعي
نوابشاهه جي ’پراجيڪٽ ڊائريڪٽر‘ طور پڻ خدمتون انجام ڏيندو رهيو.
قاضي خضر حيات صاحب رٽائرمينٽ
کانپوءِ به ورچِي نه ويٺو ۽ مختلف ادارن کي سِول انجنيئر طور پنهنجيون خدمتون
ارپيندو رهيو. رٽائرمينٽ کانپوءِ هُو ٽي سال ”اي .سي .اِي“ (ايسوسي ايٽ ڪنسلٽنٽ
انجنيئرس) جي فَرم ۾ ’پراجيڪٽ انجنيئر‘ رهيو، جنهن تحت هن اسلام آباد ۾ ’حضرت بري
امام ‘ جِي درگاهه جي نئين سر اڏاوت جي هڪ وڏي پراجيڪٽ جي سربراهه طور ڪم ڪرايو. اڄ
بري امام جي اها نئين اڏيل مزار، قاضي صاحب جي انجنيئرنگ جي صلاحيتن جو جيئرو جاڳندو
ثبوت آهي. هُو ڪجهه سال، شاهه عبداللطيف
يونيورسٽي خيرپور ۽ ڪجهه عرصو سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جو ’پراجيڪٽ ڊائريڪٽر‘
پڻ رهيو. وفات کان ڪجهه ورهه اڳ تائين، هُو نوابشاهه ۾ نئين قائم ٿيل ”شهيد بينظير
ڀٽو يونيورسٽيءَ“ ۾ ’صلاحڪار‘ (ڪنسلٽنٽ) طور پڻ خدمتون انجام ڏيندو رهيو.
قاضي خضر حيات جا سِول
انجنيئرنگ ڊزائننگ بابت ۱۹۷۳ع کان ۱۹۷۸ع تائين ڪيترا ئي مضمُونَ ڇپجي مقبول ٿيا. اهي مڪاني سطح تي سنڌيءَ توڙي
اردُوءَ ۾ انجنيئرنگ جي ڪرت متعلق لکيل پهريون تحريرُون چئي سگهجن ٿيون، جن سان
انجنيئرنگ جي مقامي شاگردن جي رهنمائي ٿي. قاضي خضر شاعري به ڪئي ۽ ڪالم ۽ اسٽيج ڊراما
به لکيا. هن نؤجوانيءَ ۾ ڪيترين ئي ناٽڪ منڊلين جي سرواڻي ڪندي، ڪيترائي اسٽيج ڊراما
ڊائريڪٽ به ڪيا ۽ انهن مان ڪجهه ۾ پاڻ اداڪاري به ڪئي. هڪ ڊرامي ۾ سندس ”پنهونءَ“ جو ادا ڪيل ڪردار گهڻو
مقبول ٿيو. شاگرديءَ واري زماني کان هُو هڪ شعله بيان مقرر پڻ رهيو ۽ ڪاليج توڙي
يونيورسٽي سطح تي پنهنجن ادارن جي ڊبيٽنگ سوسائيٽيز ۾ اهم عهدن تي فائز رهي،
صوبائي ۽ قومي سطح تي پنهنجي تعليمي ادارن جي نمائندگي ڪندي، ڪيترا ئي انعام ۽
اعزاز پڻ ماڻيندو رهيو. هُو ۱۹۶۵ع کان ۱۹۶۷ع تائين، سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگرد يُونين جو ’ڊبيٽنگ سيڪريٽري‘ رهيو.
قاضي خضر حيات، آرٽ، ڪرافٽ ۽ ڪاشيگريءَ جي ميدان
۾ عالمي معيار جو ڪم ڪيو آهي. هُو پيدائشي مصوّر هو. کيس چترڪاريءَ جو فن ورثي ۾
مليو. هن آرٽ جا بنيادي سبق پنهنجي والد قاضي ’قائل‘ کان سکيا، جڏهن ته اڳتي هلي
هُن، ان فن ۾ سنڌ جي ناميارن مصوّرن، ظفر ڪاظميءَ ۽ ع.ق. شيخ کان پڻ رهنمائي ورتي.
ڪاشيءَ جي فن سيکارڻ ۾ هالا جو مشهور ڪنڀار، بارادي ارباب سندس استاد هو، جنهن
پنهنجي خانداني روايتن کي ٽوڙي، پنهنجي ڪٽنب جي فردن کان ٻاهر ڪنهن کي ڪاشيگريءَ
جو فن سيکاريو. قاضي صاحب، ڪاشيءَ جي گُهگُين ۽ پليٽن تي روايتي گُلن ڦُلن ۽ نقش و
نگار کان هٽي ڪري، ان ۾ چترڪاريءَ جي مختلف صنفن، جهڙوڪ: پورٽريٽ، لينڊ اسڪيپ، اسٽل
لائف ۽ خطاطيءَ (ڪيليگرافيءَ) کي متعارف ڪرايو. هن هالا جي ڪاشيگريءَ ۾ جدّت جا
رنگ ڀري، ان کي ان جي اڳ ۾ قديمي وقت کان مُرّوج ٻن رنگن (گهري نيري ۽ فيروزيءَ)
جي قيد کان آزاد ڪندي، ملتان ۽ گجرات جي ڪاشيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ مٽيءَ ۽ اتان جي
رنگن سان هالا جي ڪاشيءَ تي ڪامياب تجربا ڪندي، مڪاني ڪاشيءَ کي هر حوالي سان گهڻ
ـ رنگو ڪري پيش ڪيو. نه رڳو اهو، بلڪه هن جپان ۽ ٿائيلينڊ ۾ مروّج ڪاشيءَ سان ملندڙ جُلندڙ ”سيرامڪس“ جي ڪم تي پڻ تجربا ڪيا ۽ اتان
جي صُراحين ۽ پليٽن کي هتي آڻي، ان تي نقش ۽ نگار چٽي، ان کي مڪاني بٺين ۾ پچرائي
دلپزير نتيجا حاصل ڪري، سنڌ جي ڪاشيءَ کي شاهُوڪار بڻايو. کيس ”سنڌ جي ڪاشيءَ کي
معراج بخشيندڙ ڪاشيگر“ چئجي ته ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو. هن هالا ۽ نصرپور جي ڪاشيءَ
کي روايتي ڍنگ مان ڪڍي، ان عالمي سطح تي بيهاريو، جتي سنڌ جي ڪاشي اڄ بيٺي آهي.
اسلام آباد ۾ ثقافت جي واڌاري لاءِ ورهن کان قائم جڳ مشهور اداري، ”لوڪ ورثا“
پاران هر سال منعقد ٿيندڙ ۱۰ ڏينهن واري لوڪ ورثا ميلي ۾ لڳندڙ سنڌ جي ڳوٺ (پويلين) ۾ شروع شروع ۾ اهو
قاضي خضر حيات ئي هو، جنهن ڪشالا ڪٽي، هر سال پنهنجو ڪاشيءَ جو سامان ۽ فنپارا
اُتي کڻي وڃي، ان ميلي ۾ اسٽال هڻي، سنڌ جي ڪاشيءَ کي متعارف ڪرايو. اڄ ان جو
نتيجو سنڌ جي هنرمندن جي ان سرپرستيءَ جي صُورت ۾ نڪتو آهي، جو هر سال لڳندڙ ان
ميلي ۾ ساڳئي ئي ”سنڌ پويلين“ ۾ هالا ۽ نصرپُور جي ڪاشيءَ جا ۱۰ کان ۱۵ اسٽال لڳندا آهن، جن ۾ ڪاشيءَ
جا ٺهيل هر قسم جا ٿانو ٿپا وڪرو ٿيندا آهن. قاضي صاحب جي فنپارن جُون ڪراچيءَ،
اسلام آباد، لاهور، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ انفرادي توڙي
اجتماعي (سولو ۽ گرُوپ) نمائشون منعقد ٿيون، جن ۾ سندس ڪم کي قومي توڙي عالمي سطح
تي پسند ڪيو ويو ۽ مڃتا ملي.
قاضي صاحب ۸۱-۱۹۸۰ع جي شروعات ۾ مهراڻ انجنيئرنگ
يونيورسٽي ڪاليج نوابشاهه ۾ ملازمت دؤران ڪاشيگريءَ جي پنهنجي تخليق ڪيل ڪم ۽ شاهڪارن
کي گڏ ڪري، سهيڙي، هائوسنگ سوسائٽي نوابشاهه ۾
پنهنجي پُٽ جي نالي سان منسُوب، ’سڪندر آرٽ گيلري‘ قائم ڪئي، جنهن جو پاڻ
تاحيات سرپرست ۽ خدمتگذار رهيو. قاضي صاحب پنهنجي سڄي زندگيءَ جي ڪمائي ۽ محنت هن
آرٽ گيلريءَ ۾ خرچ ڪئي. قاضي خضر حيات جو پنهنجي اڪيلي پُٽ، سڪندر آفتاب سان پيار
جو اهو معراج هو، جو هن پنهنجي پوري فن ۽ هر فنپاري کي پنهنجي پُٽ جي نالي منسُوب ڪري
ڇڏيو. دنيا جو شايد ئي ڪو چترڪار هجي، جيڪو پنهنجن فنپارن تي پنهنجي نالي بدران
پنهنجي پُٽ جو نالو ”سڪندر آرٽ“ ڪري لکي. هڪ تخليقي مصوّر جي طور تي هن سڪندر آرٽ
گيلريءَ ۽ ان سان ملحقه پنهنجيءَ رهائشگاهه جي دروديوار کي به فنپارو بڻائي تخليق ڪيو.
جنهن کي گهمندي توهان کي ڪٿي ڪنهن دريءَ يا روشن دان جي سِيخن سان ٺهيل گِرل ۾ ڪنهن
ناريءَ جي تصوير جو عڪس نظر ايندو، ته ڪٿي ڪنهن ڏُڌ ولوڙيندڙ ڳوٺاڻيءَ جو، جنهن جي
چوٽِي ڪندي پويان ٻي ناري به نظر ايندي. ڪٿي ڪنهن فرش تي ماربل جي ٽڪرن جي زيب
زينت سان ”ڀلي ڪري آيا“ ۽ ”ويلڪم“ جي خطاطي نظر ايندي، ڪٿي ڪنهن شينهن جي شبيهه
نظر ايندي، ته ڪٿي ڪنهن ڪمري جي چئني ديوارن تي لڳل هالا جي ڪاشيءَ جي چٽن سان هم
آهنگ ڪرڻ لاءِ ان جي وچ ۾ لڳل سفيد دروازو به انهن ئي نقش و نگار سان آئل پينٽ سان
سينگاريل نظر ايندو ۽ پهرين نظر ۾ ڀُل ٿيندي ته ڪٿي اهو دوارزو آهي يا انهن ئي ڪاشيءَ
جي ٽائيلس جو تسلسُل! سندس اهڙن ئي فنپارن مان آرٽ گيلريءَ جي ڪار پورچ جي سامهون
وارَي داخلي اڌ گول دروازي جي اندرواريءَ ڀت تي نصب ٿيل، لڳ ڀڳ ۱۲ فوٽن جو ڊگهو، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جو ’موزئيق‘ سان ٺهيل عمودي، سائيڊ
پوز پورٽريٽ به هڪ آهي، جنهن جو مختلف رنگن توڙي ماپ جو هڪ هڪ ٽڪرو، ذرو ذرو ڪري،
ماربل جي ڪاريگرن سان پاڻ قاضي صاحب ويهي لڳرايو ۽ ان فنپاري جي تڪميل کانپوءِ ان
جو نقاب ڪشائيءَ جي صورت ۾ افتتاح، ۱۹۸۹ع ۾ سنڌ
جي تڏهوڪي وڏي وزير، سيّد قائم علي شاهه کان ڪرايو. سندس آرٽ گيلريءَ کي، محترمه
بينظير ڀٽو سميت عالمي توڙي قومي سطح جي اڪيچار سياستدانن، ثقافتي ۽ سماجي شخصيتن،
مصوّرن ۽ عام ماڻهن ڏٺو ۽ پسند پئي ڪيو آهي ۽ سڪندر آرٽ گيلري، نوابشاهه جي هڪ مُک
ثقافتي مرڪز توڙي گهمڻ جي جاءِ جي طور تي ورهن کان پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي چُڪي آهي.
قاضي صاحب، ’قاضي عبدالحيّ
”قائل“ اڪيڊميءَ‘جو سرپرستِ اعليٰ، ’مقصُود گل اڪيڊمي، سنڌ‘ جو صدر، ’مهراڻ ايجوڪيشنل
ويلفيئر سوسائٽي نوابشاهه‘ ۽ ’ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي نوابشاهه‘ جو ميمبر ۽ وقت
بوقت صدر به رهيو. هُو ڳچ عرصو ’سچل اسپيشل ايجوڪيشن سينٽر‘ نوابشاهه جي ’پئرينٽس ٽيچرس
ايسوسيئيشن‘ (والدين ۽ استادن جي سهڪاري تنظيم) جو اڳواڻ پڻ رهيو. قاضي صاحب جي فن
کي مڪاني توڙي عالمي سطح تي وڏي موٽَ ۽ مڃتا ملي. کيس ۱۹۸۰ع ۾ ’امريڪن بايوگرافيڪل انسٽيٽيوٽ‘ پاران ايوارڊ، ۱۹۸۴ع ۾ ’سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن‘ (سگا) پاران گولڊ ميڊل ۽ ۱۹۸۷ع ۾ لطيف ادبي اڪيڊمي سنڌ پاران گولڊ ميڊل ڏنو ويو. جڏهن ته کيس وزيرِاعظم
پاڪستان پاران ٻه ڀيرا نقد انعام به ڏنو ويو. سندس تعارفي خاڪو ، عالمي سطح جي
تخليقڪارن ۽ ڏات ڌڻين ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ۱۹۸۸ع ۾ امريڪا مان نڪرندڙ ”هُو از هُو اِن دي ورلڊ“ ۾ ۽ ۱۹۸۹ع ۾ لنڊن مان شايع ٿيندڙ ”انٽرنيشنل ليڊرس اينڊ اچِيومينٽس“ جي ٻئي ايڊيشن
۾ سندس تعارف خاص اهميت سان شايع ٿيل آهي.کيس سچل سرمست جي بيتن جي مصوّراڻي عڪاسي
ڪرڻ جي مڃتا ۾ سال ۲۰۰۰ع ۾،
حضرت سچل سائينءَ جي عرس مبارڪ جي موقعي تي، ”سچل ايوارڊ“ ڏنو ويو. اتفاق سان ساڳئي
ئي سال سندس ننڍي ڀاءُ، مقصود گل کي پڻ ”بهترين شاعر“ طور ”سچل ايوارڊ“ ڏنو ويو
هو. جڏهن سنڌ جي تڏهوڪي گورنر، محمّد ميان سُومري ٻنهي ڀائرن کي سچل ايوارڊ ڏنو
پئي، ته هن چيو ته :”اها منهنجي خوشقسمتي آهي، جو هڪ ئي گهر جي سچل جي ٻن
خدمتگذارن کي مان پنهنجن هٿن سان ايوارڊ پيو ڏيان. اهو موقعو ٻئي ڪنهن جي حصي ۾
ورلي اچي!“
قاضي خضر حيات، پنهنجي يونيورسٽيءَ
جي شاگرديءَ واري زماني ۾ شاگرد سياست ۾ به ڀرپُور بهرو ورتو ۽ انجنيئرنگ جي آخري
سال ۾ پڙهڻ دؤران، ون يُونٽ جي ڪاري دؤر ۾ پيش ايندڙ بدقسمت، ۴ مارچ ۱۹۶۷ع جي شاگرد سياست جي اهم واقعي ۾ مزاحمت جو ڪردار
ادا ڪندي، ان وقت جي مشهور شاگرد اڳواڻن، يوسف لغاريءَ، عبدالرحيم سمي، مسعود نورانيءَ،
يوسف ٽالپر، مجيب پيرزادي، مسعود پيرزادي، اشفاق ميمڻ، اعجاز قريشيءَ، لياقت
جتوئيءَ، منوّر ميمڻ، مظفّر حسين شيخ، آغا زاهد، رفيق صفي، شريف ميمڻ، آفتاب اسراڻ
۽ ڄام ساقيءَ جي ساٿ ۾ باندي بڻجڻ جو شرف پڻ ماڻيو ۽ سنڌ، قاضي خضر حيات کي ”چوٿين
مارچ جي هيرو“ طور به ڏٺو ۽ ياد ڪري ٿي.
پنهنجي والد ۽ شهيد ذوالفقار
علي ڀُٽي کانپوءِ، قاضي خضر حيات جُون ٻه شخصيتون ’رول ماڊل‘ رهيون. جن مان هڪ
سندس استاد ۽ سنڌ يُونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج ڄامشوري جو اڳوڻو پرنسپل، ڊاڪٽر
عبدالقدير خان افغان (ڊاڪٽر اي. ڪيُو. ڪي. افغان) ۽ ٻيو ناميارو تعليمي ماهر ۽ ”سنڌ
جو سرسيّد احمد خان“ سڏجندڙ ـ ايڇ ايم خوجه هو. قاضي خضر حيات، ننڍن وڏن ڪيترن ئي
رسالن، مخزنن ۽ سووينيئرس جي ادارت جون ذميداريون انجام ڏيڻ سان گڏ، ٻن ڪتابن جو
مصنف پڻ آهي. جنهن مان هڪ ڪتاب، سنڌ جي عظيم تعليمدان، ايڇ. ايم. خوجه جي زندگيءَ
۽ سندس تعليمي خدمتن بابت لکيل آهي، جيڪو ۲۰۱۳ع ۾ شايع ٿيو ۽ ٻيو ڪتاب، سندس آتم ڪٿا
”جهاڳيو مُون جهان“ آهي، جيڪا تازو ئي ۲۰۲۰ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي فني ۽ پيشاوراڻي زندگيءَ جا تجربا
قلمبند ڪيا آهن. هي ڪتاب هڪ جاکوڙي انسان جي پوتا ميل آهي، جنهن غريب گهراڻي ۾ جنم
وٺي ايمانداريءَ ۽ اورچائيءَ سان ڪاميابيءَ جون منزلُون طئي ڪيون ۽ پنهنجي شعبي جي
هر فرد لاءِ مثال بڻيو.
سنڌي ثقافت جي هن باصلاحيت ۽
اعليٰ پايي جي خدمتگار، سنڌ جي نقاشَ، چئن نياڻين ۽ هڪ پٽ کي سوڳوار ڇڏي، ۷۶ ورهن جي ڄمار ۾، مختصر علالت کانپوءِ، جمعي جي مبارڪ ڏينهن، ۱۶ جُولاءِ ۲۰۲۱ع تي، نوابشاهه ۾ پنهنجو دم ڌڻيءَ
حوالي ڪيو. کيس ڇنڇر، ۱۷
جُولاءِ تي قاضي احمد روڊ، نوابشاهه تي واقع شهرِ خموشان ۾ مٽيءَ حوالي ڪيو ويو.
هن عظيم انسان، پنهنجي پيشاوراڻين
توڙي فنّي خدمتن جي ميدان ۾ اهي مخلصاڻيون ۽ معياري خدمتون انجام ڏنيون آهن، جنهن ڪري
کيس سنڌ ئي نه پر پاڪستان جو فنّي توڙي ثقافتي مانڊاڻ آسانيءَ سان وساري ڪونه
سگهندو.
جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺِي
وڃي ڀُونءِ پيٺِي، ساريندي کي سڄڻين.
(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد ۾ ۲۰ جولاءِ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
قاضي خضر حيات
ٻئي جهان جو شخص
مٺل جسڪاڻي
قاضي خضر حيات جڏھن سنڌ زرعي
يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ اچي ذميواريون سنڀاليون ھيون، ته آئون اتي اسسٽنٽ پروفيسر
طور فرائض انجام ڏيڻ سان گڏ، اضافي طور يونيورسٽي لاءِ پي آر او جو ڪم به ڪندو
ھئس. انھن ئي ڏينھن ۾ مون ٻُڌو ھو، ته ڪو قاضي انجنيئر آھي جنھن کي يونيورسٽي ۾ پي
ڊي مقرر ڪيو ويو آھي. ھر ماڻھو جو، ڪم ڪرڻ جو پنھنجو طريقو آھي. اسان ٻئي پنھنجي
پنھنجي ڪم سان، ڪڏھن ڪڏھن ساڳئي ھنڌ به ھوندا ھئاسين. ذھن تي زور ڏنم ته ياد آيو ته ھڪ ٻه ڀيرو اسان وي سي جي آفيس ۾
ھڪ ٻئي کي ڏٺو ھو. پي آر او ھجڻ سبب توڙي جو اسان جي پاڻ ۾ دعا سلام ۽ ملاقاتون به
ٿيڻ گهرجن ھا پر اھو ضروري به نه ھو، ڇاڪاڻ ته اسان به ٻين وانگر ئي، پنھنجي
پنھنجي طبيعت وارا پنھنجو پنھنجو ڪم پنھنجي پنھنجي طريقي سان ڪندا رھياسين، اسان
جنھن جنھن ڪم لاءِ مقرر ھئاسين، اھو پي ڊي يا پي آر او مستقل عھدا ھجڻ باوجود اسان
کي عارضي طور مليل ھئا، اسان جون پاڻ ۾ ملاقاتون گهٽ ٿيڻ جو شايد اھم سبب به اھو
ھو، ڇاڪاڻ ته اسان آفيسرس ايسوسيئيشن جا ميمبر نه پئي ٿي سگهياسين، نه ئي ميمبر
ھئاسين، اسان کي ھڪ ٻئي جو ووٽر به ٿيڻو نه ھو، ٻيو اھڙو ڪو به سبب نه ھو جنھن ڪري
اسان جون ملاقاتون لازمي ٿين ھا، ھونئن به منھنجي تربيت ڪجهه اھڙي ٿيل آھي طبيعت ڪجهه
اھڙي آھي، ماڻھن وٽ بنا سبب نه ويندو آھيان، ملڻ لاءِ نه صرف موقعا نه تاڙيندو
آھيان پر پاڻمرادو ملندڙ موقعن جھڙوڪ عيد وغيرہ تي به ڪنھن سان ملڻ، مون کان نه پڄندو
آھي. شايد قاضي خضر حيات به ائين ئي پنھنجي طبيعت وارو ھو، ان ڪري جيئن مون کي ٻيا
پي ڊي نظر ايندا رھيا آھن، قاضي خضر زرعي يونيورسٽي ۾ ٻين پي ڊيز وانگر نه رھيو،
علمي ادبي حوالي سان، قاضي خضر حيات جي ڪٽنب مان قاضي عبدالحئي قائل ۽ قاضي مقصود
گل کي مون پڙھيو به ھو، انھن بابت ڪٿي نه ڪٿي ڪو نه ڪو ذڪر نڪتو، ته ٻڌو به ھو پر
قاضي خضر سان زرعي يونيورسٽي ۾ اچڻ کان پھرين ڪا ڏيٺ ويٺ ڪا ٻڌ سڌ نه ھئي ان ڪري
به يونيورسٽي ۾ اسان جي اوچتي ۽ اتفاقي ملاقات ئي رھي نه ڪو تعارف ٿيو نه ئي ويجهڙائي
رھي، وقت گذرڻ سان ماڻھوءَ جون ترجيحات تبديل ٿينديون آھن. جڏھن منھنجون ترجيحات
تبديل ٿيون. سوشل ميڊيا ميدان ۾ لٿو منھنجي اولاد منھنجي لاءِ فيس بوڪ کي مثبت
مصروفيت محسوس ڪيو. فيس بوڪ تي پھتس ته نوان رابطا، نوان واسطا ٿيا، پريتم قاضي
سان فاصلاتي رابطا ٿيا، پريتم سوکڙي طور ڪتاب موڪليا، ائين معاملا اڳتي وڌيا، لڳ ڀڳ
پنج سال اڳ، ۲۰۱۷ع ۾ نواب شاھه ۾ هڪ يادگار علمي
ادبي تقريب ٿي، ھلندي تقريب ۾ پھتس تقريب گل ٿيندي ئي نڪري آيس ان دوران قاضي خضر
جو ماڻھن سان ملڻ ڳالھائڻ، مون سان ملاقات، وري ڪو سال ڏيڍ گذريو ته مئي ۲۰۱۹ع ۾ ڪنھن ڪم سان نواب شاھه وڃڻ ٿيو، پريتم سان رابطو ٿيڻ ان جو ملڻ لاءِ اچڻ
۽ پوءِ گڏجي سڪندر آرٽ گيلري پھچڻ، جون جو گرم مھينو ٽاڪ منجهند، ماڻھن جي آرام جو
وقت، اسان ۽ قاضي خضر جو به سڪندر آرٽ گيلري ۾ اچڻ، وقت ڏيڻ، دل کولي، بنا حجاب
حال احوال ڏيڻ وٺڻ، بجلي نه ھجڻ باوجود، پيرسن شخص موڪلائڻ تائين گڏ گڏ، يادگيري ٿي
اچي ته حيرت ٿي ٿئي، پاڻ وٽ اھڙيون شخصيتون به آھن! اسان جي ملاقات کي ڪو گهڻو
عرصو نه گذريو پريتم قاضي رابطو ڪيو ٻڌايائين. چيائين ته قاضي خضر حيات جي آتم ڪٿا
”جهاڳيو مون جھان“ جو مسودو ٽپال وسيلي مليو لفظ لفظ پڙھيم مھاڳ لکي موڪليم آتم ڪٿا
ڇپجي وئي مھورت تقريب ۾ پھچي نه سگهيس سبب ھوندي به ھڪ ٻئي ڏانھن اچڻ وڃڻ نه ٿيو،
ملاقاتون نه ٿيون پر ”جهاڳيو مون جھان“ ۾ جيڪو ڪجهه به آھي، لفظ به لفظ پڙھيل ھر
تصوير ڏٺل اٿم، قاضي خضر حيات جي وڇوڙي جو اطلاع مليو آخري ديدار ته ڇا، تڏي تي به
هيءَ ٻه اکر لکڻ تائين اڃا نه وڃي سگهيو آھيان، ٻين کي صرف وڇوڙي جو ڏک آھي مون کي
آخري ديدار نه ٿيڻ، پريتم سان ڳل لائي تعزيت نه ڪرڻ جو ڏک آھي، پھرين صحت لاءِ
پوءِ مغفرت لاءِ دعائون ڪندو رھيو آھيان، ڇاڪاڻ ته قاضي خضر ھڪ عملي انسان ھو. علم
ھن پرايو ھو. ھنر ھن سکيو ھو. سکڻ جي لاءِ ھن وٽ عمر ۽ سماجي حيثيت جي ڪا اھميت نه
ھئي، قاضي خضر اھڙو ڪجهه ڪرڻ چاھيو جيڪو صرف سندس حصي ۾ ڳڻجي، ھن پنھنجي حصي ۾ گهڻا ڪم ڳڻايا آھن ھن پنھنجا اڻ
مٽ نشان گهڻا چٽيا آھن، منھنجي لکڻ نه لکڻ سان ڪو فرق نه ٿو پوي. قاضي خضر ڪير، ڪيئن،
ڪھڙو، ڇا ھو؟ ۽ اھڙن ٻين گهڻن سوالن جا جواب جنھن جنھن جا به ڪن ۽ اکيون کليل انھن
کي جواب ملي چڪا جيڪو جيڪو به معلوم ڪرڻ چاھي ڪن ۽ اکيون کولي. ھونئن به جن جا ڪن
۽ اکيون کليل ھونديون آھن، اھي نه صرف معلوم ڪري سگهندا آھن پر ٻين لاءِ معلومات
جو ذريعو به بڻبا آھن. قاضي خضر به مختلف ذريعا استعمال ڪري معلومات ورتي به گهڻي معلومات
ڏني به گهڻي ڏسڻو اھو آھي ته ٻيا ڇا ٿا ڪن، ڇا ٿا ٿين، يادگيري لاءِ ڇا ٿا ڇڏين؟
ڪي
ويجها ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين!
(شاھه)
قاضي خضر حيات ڏور هوندي به
ويجهو هو سندس شخصيت ۽ ڪردار جي ڪري ڏور هوندي به ويجهو رهندو، منهنجي نظر ۾ گهڻ
رخي شخصيت قاضي خضر حيات پنهنجي جهان جو شخص ئي نه هو هو ڪنهن ٻئي جهان جو شخص
هو!.
(روزاني سوڀ ڪراچي، ڇنڇر ۰۷ آگسٽ ۲۰۲۱ع)
قاضي خضر حيات
ٻئي جهان جو شخص -
چاليھي جي نسبت سان.
مٺل جسڪاڻي
قاضي خضر حيات جڏھن سنڌ زرعي
يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ اچي ذميواريون سنڀاليون ھيون، ته آئون اتي اسسٽنٽ پروفيسر
طور فرائض انجام ڏيڻ سان گڏ، اضافي طور يونيورسٽي لاءِ پي. آر. او. جو ڪم به ڪندو
ھئس. انھن ئي ڏينھن ۾ مون ٻُڌو ھو، ته ڪو قاضي انجنيئر آھي، جنھن کي يونيورسٽي ۾
پي. ڊي. مقرر ڪيو ويو آھي.
ھر ماڻھو جو، ڪم ڪرڻ جو پنھنجو
طريقو آھي. اسان ٻئي، پنھنجي پنھنجي ڪم سان، ڪڏھن ڪڏھن ساڳئي ھنڌ به ھوندا ھئاسين.
ذھن تي زور ڏنم، ته ياد آيو، ھڪ ٻه دفعي اسان وي. سي. صاحب جي آفيس ۾، ھڪ ٻئي کي ڏٺو
ھو. پي. آر. او. ھجڻ سبب توڙي جو اسان جي پاڻ ۾ دعا سلام ۽ ملاقاتون به ٿيڻ گهرجن
ھا، پر اھو ضروري به نه ھو. ڇاڪاڻ ته اسان به ٻين وانگر ئي، پنھنجي پنھنجي طبيعت
وارا، پنھنجو پنھنجو ڪم، پنھنجي پنھنجي طريقي سان ڪندا رھياسين. اسان جنھن جنھن ڪم
لاءِ مقرر ھئاسين، اھو پي. ڊي. يا پي. آر. او. مستقل عھدا ھجڻ باوجود، اسان کي
عارضي طور مليل ھئا. اسان جون پاڻ ۾ ملاقاتون گهٽ ٿيڻ جو شايد اھم سبب به اھو ھو. ڇاڪاڻ
ته اسان آفيسرس ايسوسيئيشن جا ميمبر نه ٿي پئي سگهياسين، نه ئي ميمبر ھئاسين. اسان
کي ھڪ ٻئي جو ووٽر به ٿيڻو نه ھو. ٻيو به اھڙو ڪو به سبب نه ھو، جنھن ڪري اسان جون
ملاقاتون لازمي ٿين ھا.
ھونئن به، منھنجي تربيت ڪجھ اھڙي
ٿيل آھي، طبيعت ڪجھ اھڙي آھي، ماڻھن وٽ بنا سبب نه ويندو آھيان. ملڻ لاءِ نه صرف
موقعا نه تاڙيندو آھيان، پر پاڻمرادو ملندڙ موقعن، جھڙوڪ عيد وغيره تي به، ڪنھن
سان ملڻ، مون کان نه پڄندو آھي. شايد قاضي خضر حيات به ائين ئي، پنھنجي طبيعت وارو
ھو. ان ڪري، جيئن مون کي ٻيا پي. ڊي. نظر ايندا رھيا آھن، قاضي خضر زرعي يونيورسٽي
۾ ٻين پي. ڊيز وانگر نه رھيو.
علمي ادبي حوالي سان، قاضي خضر
حيات جي ڪٽنب مان قاضي عبدالحئي قائل ۽ قاضي مقصود گل کي مون پڙھيو به ھو، انھن
بابت ڪٿي نه ڪٿي ڪو نه ڪو ذڪر نڪتو، ته ٻڌو به ھو، پر قاضي خضر سان زرعي يونيورسٽي
۾ اچڻ کان پھرين ڪا ڏيٺ ويٺ، ڪا ٻڌ سڌ نه ھئي. ان ڪري به يونيورسٽي ۾ اسان جي
اوچتي ۽ اتفاقي ملاقات ئي رھي. نه ڪو تعارف ٿيو، نه ئي ويجهڙائي رھي.
وقت گذرڻ سان ماڻھو جون ترجيحات
تبديل ٿينديون آھن. جڏھن منھنجون ترجيحات تبديل ٿيون. سوشل ميڊيا ميدان ۾ لٿو.
منھنجي اولاد، منھنجي لاءِ، فيس بوڪ کي مثبت مصروفيت محسوس ڪيو. فيس بوڪ تي پھتس
ته نوان رابطا، نوان واسطا ٿيا. پريتم قاضي سان فاصلاتي رابطا ٿيا. پريتم سوکڙي
طور ڪتاب موڪليا. ائين معاملا اڳتي وڌيا. لڳ ڀڳ پنج سال اڳ، ۲۰۱۷ع ۾، نواب شاھه ۾ هڪ يادگار علمي ادبي تقريب منعقد ٿي. ھلندي تقريب ۾ پھتس،
تقريب گل ٿيندي ئي نڪري آيس. ان دوران قاضي خضر جو ماڻھن سان ملڻ، ڳالھائڻ، مون
سان ملاقات، وري ڪو سال ڏيڍ گذريو، ته مئي ۲۰۱۹ع ۾ ڪنھن ڪم سان نواب شاھه وڃڻ، پريتم سان رابطو ٿيڻ، ان جو ملڻ لاءِ اچڻ ۽
پوءِ گڏجي سڪندر آرٽ گيلري پھچڻ، جون جو گرم مھينو، ٽاڪ منجهند، ماڻھن جي آرام جو
وقت، اسان. . . ۽ قاضي خضر جو به سڪندر آرٽ گيلري ۾ اچڻ، وقت ڏيڻ، دل کولي، بنا
حجاب حال احوال ڏيڻ وٺڻ، بجلي نه ھجڻ باوجود، پيرسن شخص، موڪلائڻ تائين گڏ گڏ،
يادگيري ٿي اچي، ته حيرت ٿي ٿئي، پاڻ وٽ اھڙيون شخصيتون به آھن!
اسان جي ملاقات کي ڪو گهڻو عرصو
نه گذريو. پريتم قاضي رابطو ڪيو. ٻڌايائين. چيائين. قاضي خضر حيات جي آتم ڪٿا “جهاڳيو
مون جھان” جو مسودو ٽپال وسيلي مليو. لفظ لفظ پڙھيم. مھاڳ لکي موڪليم. آتم ڪٿا ڇپجي
وئي. مھورت تقريب ۾ پھچي نه سگهيس. سبب ھوندي به ھڪ ٻئي ڏانھن اچڻ وڃڻ نه ٿيو،
ملاقاتون نه ٿيون، پر “جهاڳيو مون جھان” ۾ جيڪو ڪجھ به آھي، لفظ به لفظ پڙھيل، ھر
تصوير ڏٺل اٿم.
قاضي خضر حيات جي وڇوڙي جو اطلاع
مليو، آخري ديدار ته ڇا، تڏي تي به، هيءَ ٻه اکر لکڻ تائين، اڃا نه وڃي سگهيو
آھيان! ٻين کي صرف وڇوڙي جو ڏک آھي، مون کي آخري ديدار نه ٿيڻ، پريتم سان ڳل لائي
تعزيت نه ڪرڻ جو ڏک آھي. پھرين صحت لاءِ، پوءِ مغفرت لاءِ دعائون ڪندو رھيو آھيان.
ڇاڪاڻ ته قاضي خضر، ھڪ عملي انسان ھو. علم ھن پرايو ھو. ھنر ھن سکيو ھو. سکڻ جي
لاءِ ھن وٽ عمر ۽ سماجي حيثيت جي ڪا اھميت نه ھئي. قاضي خضر اھڙو ڪجھ ڪرڻ چاھيو،
جيڪو صرف سندس حصي ۾ ڳڻجي. ھن پنھنجي حصي ۾ گهڻا ڪم ڳڻايا آھن. ھن پنھنجا اڻ مٽ
نشان گهڻا چٽيا آھن. منھنجي لکڻ نه لکڻ سان ڪو فرق نه ٿو پوي. قاضي خضر ڪير، ڪيئن،
ڪھڙو، ڇا ھو؟ ۽ اھڙن ٻين گهڻن سوالن جا جواب، جنھن جنھن جا به ڪن ۽ اکيون کليل،
انھن کي جواب ملي چڪا. جيڪو جيڪو به معلوم ڪرڻ چاھي، ڪن ۽ اکيون کولي. ھونئن به جن
جا ڪن ۽ اکيون کليل ھونديون آھن، اھي نه صرف معلوم ڪري سگهندا آھن، پر ٻين لاءِ
معلومات جو ذريعو به بڻبا آھن. قاضي خضر به مختلف ذريعا استعمال ڪري، معلومات ورتي
به گهڻي، معلومات ڏني به گهڻي. ڏسڻو اھو آھي، ٻيا ڇا ٿا ڪن، ڇا ٿا ٿين، يادگيري
لاءِ ڇا ٿا ڇڏين؟ ڪي ويجها ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين! (شاھه). . . قاضي خضر
حيات ڏور هوندي به ويجهو هو، سندس شخصيت ۽ ڪردار جي ڪري ڏور هوندي به ويجهو رهندو.
. .
منهنجي نظر ۾ گهڻ رخي شخصيت
قاضي خضر حيات پنهنجي جهان جو شخص ئي نه هو، هو ڪنهن ٻئي جهان جو شخص هو!. . .
(روزاني چڻنگ ڪراچيءَ ۾ آچر ۲۲ آگسٽ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
قاضي خضر حيات
نامياري مصوّر جي پهرين
ورسيءَ جي سارَ
ياسر قاضي
قاضي خضر حيات، جنهن کي سنڌ، هڪ
ناليواري چترڪار، خطاط، ڪاشيگر، سِول انجنيئر ۽ ۴ مارچ جي سنڌي شاگرد جدوجهد جي حوالي سان يادگار بڻيل قومي ڏهاڙي جي سپُوت
طور سڃاڻي ٿي، سنڌ جي علمي ادبي ۽ ثقافتي خانوادي سان گڏگڏ خود سنڌ جو هڪ فخر لائق
فرد هو، جنهن سنڌ جي سينڌ سنوارڻ ۾ پنهنجو مُک ڪردار ادا ڪيو آهي. جنهن جي وڇوڙي،
هڪ سال اڳ سنڌ جي علمي، ادبي ۽ ثقافتي حلقن کي سوڳوار ڪري ڇڏيو.
قاضي خضر حياتَ، ضلعي لاڙڪاڻي
جي تاريخي شهر، رتيديري ۾ سنڌ جي قادرالڪلام شاعرَ، تعليمدان، صحافيءَ، سماج سڌارڪ
۽ چترڪارَ، قاضي عبدالحيّ ’قائل’جي گهر، سندس پهريٺِي پُٽ جي حيثيت ۾ ۱۲ اپريل ۱۹۴۵ع تي جنم ورتو. قدرت طرفان
مسلسل اولاد ڏئي، ستت ئي واپس وٺڻ جي ڪري، هن ٻار جي پيدائش تي سندس نالو دعا طور
’خضر حيات’رکيو ويو، ته جيئن هُو خضري ڄمار ماڻي، البته خضر کي ننڍپڻ ۾ پيار مان،
گهر ۾ ’رانجهن’به سڏيو ويو. سندس امڙ کيس آخر تائين ان ئي نالي سان پڪاريندي رهي.
قاضي صاحب، مئٽرڪ تائين تعليم
رتيديري مان حاصل ڪري، سنڌ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج ڄامشوري مان ۱۹۶۸ع ۾ سِول انجنيئرنگ ۾ بِي اِي. (بيچلرآف انجنيئرنگ)جي ڊگري حاصل ڪئي. جنهن
بعد ”ايم آءِ ايِ“ (ميمبر آف انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرس) جِي سندَ پڻ ماڻيائين. گڏوگڏ
مصّوريءَ جي فن سان چاهه هجڻ ڪري هن فائن آرٽس ۾ ڊپلوما ڪئي. بعد ۾ هن نيشنل ڪاليج
آف آرٽس، لاهور مان ڪاشيگيريءَ (سيرامڪس) ۾ چترڪاريءَ جو سرٽيفڪيٽ پڻ حاصل ڪيو.
قاضي صاحب رٽائرمينٽ کانپوءِ به
مختلف ادارن کي سِول انجنيئرطور پنهنجيون خدمتون ارپيندو رهيو. رٽائرمينٽ کانپوءِ
هُو ٽي سال ”اي سي اِي“ (ايسوسي ايٽ ڪنسلٽنٽ انجنيئرس) جي فَرم ۾ ’پراجيڪٽ
انجنيئر’رهيو، جنهن تحت هن اسلام آباد ۾ ’حضرت بري امام’جِي درگاهه جي نئين سر اڏاوت
جي هڪ وڏي پراجيڪٽ جي سربراهه طور ڪم ڪرايو. هُو ڪجهه سال، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي
خيرپور ۽ ڪجهه عرصو سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جو ’پراجيڪٽ ڊائريڪٽر’پڻ رهيو.
وفات کان ڪجهه ورهه اڳ تائين، هُو نوابشاهه ۾ نئين قائم ٿيل ”شهيد بينظير ڀٽو
يونيورسٽيءَ“ ۾ ’صلاحڪار’(ڪنسلٽنٽ) طور پڻ خدمتون انجام ڏيندو رهيو.
قاضي خضر حيات جا سِول
انجنيئرنگ ڊزائننگ بابت ۱۹۷۳ع کان ۱۹۷۸ع تائين ڪيترا ئي مضمُونَ ڇپجي مقبول ٿيا. اهي مڪاني سطح تي سنڌيءَ توڙي
اردُوءَ ۾ انجنيئرنگ جي ڪرت متعلق لکيل پهريون تحريرُون چئي سگهجن ٿيون، جن سان
انجنيئرنگ جي مقامي شاگردن جي رهنمائي ٿي. قاضي خضر شاعري به ڪئي ۽ ڪالم ۽ اسٽيج ڊراما
به لکيا. هن نؤجوانيءَ ۾ ڪيترين ئي ناٽڪ منڊلين جي سرواڻي ڪندي، ڪيترائي اسٽيج ڊراما
ڊائريڪٽ به ڪيا ۽ انهن مان ڪجهه ۾ پاڻ اداڪاري به ڪئي. شاگرديءَ واري زماني کان
هُو هڪ شعله بيان مقرر پڻ رهيو ۽ ڪاليج توڙي يونيورسٽي سطح تي پنهنجن ادارن جي ڊبيٽنگ
سوسائيٽيز ۾ اهم عهدن تي فائز رهي، صوبائي ۽ قومي سطح تي پنهنجي تعليمي ادارن جي
نمائندگي ڪندي، ڪيترا ئي انعام ۽ اعزاز پڻ ماڻيندو رهيو. هُو ۱۹۶۵ع کان ۱۹۶۷ع تائين، سنڌ يونيورسٽيءَ جي
شاگرد يُونين جو ’ڊبيٽنگ سيڪريٽري’رهيو.
قاضي خضر حيات، آرٽ، ڪرافٽ ۽ ڪاشيگريءَ
جي ميدان ۾ عالمي معيار جو ڪم ڪيو آهي. هُو پيدائشي مصوّر هو. کيس چترڪاريءَ جو فن
ورثي ۾ مليو. هن آرٽ جا بنيادي سبق پنهنجي والد قاضي ’قائل’کان سکيا، جڏهن ته اڳتي
هلي هُن، ان فن ۾ سنڌ جي ناميارن مصوّرن، ظفر ڪاظميءَ ۽ ع. ق. شيخ کان پڻ رهنمائي
ورتي. ڪاشيءَ جي فن سيکارڻ ۾ هالا جو مشهور ڪنڀار، بارادي ارباب سندس استاد هو،
جنهن پنهنجي خانداني روايتن کي ٽوڙي، پنهنجي ڪٽنب جي فردن کان ٻاهر ڪنهن کي ڪاشيگريءَ
جو فن سيکاريو. قاضي صاحب، ڪاشيءَ جي گُهگُين ۽ پليٽن تي روايتي گُلن ڦُلن ۽ نقش و
نگار کان هٽي ڪري، ان ۾ چترڪاريءَ جي مختلف صنفن، جهڙوڪ: پورٽريٽ، لينڊ اسڪيپ، اسٽل
لائف ۽ خطاطيءَ (ڪيليگرافيءَ) کي متعارف ڪرايو. هن هالا جي ڪاشيگريءَ ۾ جدّت جا
رنگ ڀري، ان کي ان جي اڳ ۾ قديمي وقت کان مُرّوج ٻن رنگن (گهري نيري ۽ فيروزيءَ)
جي قيد کان آزاد ڪندي، ملتان ۽ گجرات جي ڪاشيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ مٽيءَ ۽ اتان جي
رنگن سان هالا جي ڪاشيءَ تي ڪامياب تجربا ڪندي، مڪاني ڪاشيءَ کي هر حوالي سان گهڻ
ـ رنگو ڪري پيش ڪيو. نه رڳو اهو، بلڪه هن جپان ۽ ٿائيلينڊ ۾ مروّج ڪاشيءَ سان ملندڙ
جُلندڙ ”سيرامڪس“ جي ڪم تي پڻ تجربا ڪيا ۽ اتان جي صُراحين ۽ پليٽن کي هتي آڻي، ان
تي نقش ۽ نگار چٽي، ان کي مڪاني بٺين ۾ پچرائي دلپزير نتيجا حاصل ڪري، سنڌ جي ڪاشيءَ
کي شاهُوڪار بڻايو. کيس ”سنڌ جي ڪاشيءَ کي معراج بخشيندڙ ڪاشيگر“ چئجي ته ڪو به وڌاءُ
نه ٿيندو. هن هالا ۽ نصرپور جي ڪاشيءَ کي روايتي ڍنگ مان ڪڍي، ان عالمي سطح تي
بيهاريو، جتي سنڌ جي ڪاشي اڄ بيٺي آهي. قاضي صاحب جي فنپارن جُون ڪراچيءَ، اسلام
آباد، لاهور، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ انفرادي توڙي اجتماعي
(سولو ۽ گرُوپ) نمائشون منعقد ٿيون، جن ۾ سندس ڪم کي قومي توڙي عالمي سطح تي پسند ڪيو
ويو ۽ مڃتا ملي.
قاضي صاحب ۸۱-۱۹۸۰ع جي شروعات ۾ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڪاليج نوابشاهه ۾ ملازمت دؤران ڪاشيگريءَ
جي پنهنجي تخليق ڪيل ڪم ۽ شاهڪارن کي گڏ ڪري، سهيڙي، هائوسنگ سوسائٽي نوابشاهه ۾
پنهنجي پُٽ جي نالي سان منسُوب، ’سڪندر آرٽ گيلري’قائم ڪئي. هن آرٽ گيلريءَ کي،
محترمه بينظير ڀٽو سميت عالمي توڙي قومي سطح جي اڪيچار سياستدانن، ثقافتي ۽ سماجي
شخصيتن، مصوّرن ۽ عام ماڻهن ڏٺو ۽ پسند پئي ڪيو آهي ۽ سڪندر آرٽ گيلري، نوابشاهه
جي هڪ مُک ثقافتي مرڪز توڙي گهمڻ جي جاءِ جي طور تي ورهن کان پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي چُڪي
آهي.
قاضي خضر جي فن کي مڪاني توڙي
عالمي سطح تي وڏي موٽَ ۽ مڃتا ملي. کيس ۱۹۸۰ع ۾ ’امريڪن بايوگرافيڪل انسٽيٽيوٽ’پاران ايوارڊ، ۱۹۸۴ع ۾ ’سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن’(سگا) پاران گولڊ ميڊل ۽ ۱۹۸۷ع ۾ لطيف ادبي اڪيڊمي سنڌ پاران گولڊ ميڊل ڏنو ويو. جڏهن ته سندس تعارفي خاڪو،
عالمي سطح جي تخليقڪارن ۽ ڏات ڌڻين ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ۱۹۸۸ع ۾ امريڪا مان نڪرندڙ ”هُو از هُو اِن دي ورلڊ“ ۾ ۽ ۱۹۸۹ع ۾ لنڊن مان شايع ٿيندڙ ”انٽرنيشنل ليڊرس اينڊ اچِيومينٽس“ جي ٻئي ايڊيشن
۾ سندس تعارف خاص اهميت سان شايع ٿيل آهي. کيس سچل سرمست جي بيتن جي مصوّراڻي عڪاسي
ڪرڻ جي مڃتا ۾ سال ۲۰۰۰ع ۾،
حضرت سچل سائينءَ جي عرس مبارڪ جي موقعي تي، ”سچل ايوارڊ“ ڏنو ويو.
قاضي خضر حيات، ننڍن وڏن ڪيترن
ئي رسالن، مخزنن ۽ سووينيئرس جي ادارت جون ذميداريون انجام ڏيڻ سان گڏ، ٻن ڪتابن
جو مصنف پڻ آهي. جنهن مان هڪ ڪتاب ”سنڌ جي جان ــ ڊاڪٽر افغان، سنڌ جي عظيم
تعليمدان، ڊاڪٽر عبدالقدير خان افغان جي زندگيءَ ۽ سندس تعليمي خدمتن بابت لکيل
آهي، جيڪو ۲۰۱۳ع ۾ شايع ٿيو ۽ ٻيو ڪتاب، سندس
آتم ڪٿا ”جهاڳيو مُون جهان“ آهي، جيڪا سندس وفات کان ڪجھه عرصو اڳ ئي ۲۰۲۰ع ۾ ڇپجي پڌري ٿي، جنهن ۾ هن پنهنجي فني ۽ پيشاوراڻي زندگيءَ جا تجربا
قلمبند ڪيا آهن. هي ڪتاب هڪ جاکوڙي انسان جي پوتا ميل آهي، جنهن غريب گهراڻي ۾ جنم
وٺي ايمانداريءَ ۽ اورچائيءَ سان ڪاميابيءَ جون منزلُون طئي ڪيون ۽ پنهنجي شعبي جي
هر فرد لاءِ مثال بڻيو.
سنڌي ثقافت جي هن باصلاحيت ۽
اعليٰ پايي جي خدمتگار، سنڌ جي نقاشَ، چئن نياڻين ۽ هڪ پٽ کي سوڳوار ڇڏي، ۷۶ ورهن جي ڄمار ۾، مختصر علالت کانپوءِ، گذريل سال، جمعي، ۱۶ جُولاءِ ۲۰۲۱ع تي، نوابشاهه ۾ پنهنجو دم ڌڻيءَ
حوالي ڪيو. کيس ڇنڇر، ۱۷
جُولاءِ تي قاضي احمد روڊ، نوابشاهه تي واقع شهرِ خموشان ۾ مٽيءَ حوالي ڪيو ويو.
هن عظيم انسان، پنهنجي پيشاوراڻين
توڙي فنّي خدمتن جي ميدان ۾ اهي مخلصاڻيون ۽ معياري خدمتون انجام ڏنيون آهن، جنهن ڪري
کيس سنڌ ئي نه پر پاڪستان جو فنّي توڙي ثقافتي مانڊاڻ آسانيءَ سان وساري ڪونه
سگهندو.
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۱۶ جولاءِ ۲۰۲۲ع تان کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا