; سنڌي شخصيتون: لال چانڊيو - تاج جويو

29 July, 2021

لال چانڊيو - تاج جويو

لال چانڊيو

هڪ قومي خدمتگار

تاج جويو



پوربيا پوري ويا، آسڻ اڄ صبوح

کستوري خوشبوءَ آهي آديسين ۾! (شاهه)

اڄ اکيون ان شخص لاءِ اداس، آتيون ۽ اٻاڻڪيون آهن جيڪو جڳ جي نظر ۾ هڪ عام، سادو ۽ ننڍڙو ماڻهو هو پر هن جو ڪردار ۽ ڪم ايڏو اتانهون هو جنهن آڏو اڄ جا پجيرو، پراڊو ۽ ويگو گاڏين ۾ سوار سياسي ٻانگا، ڄامڙا لڳن ٿا. هو بدين ضلعي جي هڪ ڳوٺڙي عمر چانڊيي (اسٽيشن پيرو لاشاري) جو هڪ عام ڳوٺاڻو هو، جيڪو مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج ڄامشورو ۾ ڪلارڪ هو ۽ سندس ملازمت دوران ئي ۷۴-۱۹۷۳ع ڌاري ان ڪاليج انجنيئرنگ يونيورسٽي جو درجو حاصل ڪيو هو. هو سنڌ يونيورسٽي ڪالوني جي پهرين پاڙيسري عابد مظهر، اياز عالم، ماٺيڻو اوٺو، طارق ابڙو، محمود مغل ۽ ٻيا ڪيترائي ان دور جا اڀرندڙ ۽ متحرڪ نوجوان اديب، ڪهاڻيڪار ۽ شاعر هئا جيڪي به ساڳي ڪالوني ۾ اورتي پرتي رهندا هئا. پر لعل بخش چانڊيي جو ڪوارٽر، ادبي ۽ قومي اوطاق هوندو هو. جتي سنڌ جي قومي تحريڪ جا متحرڪ ڪردار عبدالواحد آريسر، محمد جمن دربدر، شڪور ڦلڪارو، سرور سهتو، آئون ۽ ٻيا ڪيترائي اچي ٿڪ ڀڃندا هئاسون. ان وقت جي سرگرم شاگرد اڳواڻن، مولابخش لغاري، گل محمد جکراڻي، فقير داد کوسو، شفيع ڪرناڻي، روشن ٻرڙي، قادر مگسي، لطف ڪلهوڙو ۽ ٻين ڪيترن ئي جو هاسٽلن کان ٻاهر ٺڪاڻو لال چانڊيي جو ڪوارٽر ئي هوندو هو. هن سٻاجهي شخص جي سڀاءُ، ورتاءُ، پيار ۽ ٻاٻوهه جا اسان سڀ اسير هئاسون. سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون به لال جي ڪوارٽر تي ٿينديو هيون جن ۾ امداد حسيني، شوڪت سورو، اياز عالم، ماٺيڻو اوٺو، طارق عالم، محمود مغل، عبدالرحمان سيال، عابد مظهر، راهي چنا ۽ آئون اچي شريڪ ٿيندا هئاسون. ٻئي طرف عبدالواحد آريسر، جمن دربدر ۽ مولابخش لغاري سان قومي ڪچهريون به هن ئي ڪوارٽر ۾ ٿينديو هيون. ڪي سرند ساٿي ڪجهه نه ڪجهه هن فقير جي ڪشتي ۾ وجهندا به هئا ۽ هروقت قومي سفر جي ٿڪلن کي هتي اجهاپ سان گڏ چانهه ۽مانيءَ ڳڀو به ملي ويندو هو. ڪيترائي وارداتي ليڊر به هن سٻاجهي ۽ سادي شخص جي آستاني تي اچي ٽڪندا هئا جن جي عملن ۽ پرڪارن جي ڄاڻ کيس نه هوندي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهي هن غريب لاءِ ڏچو به پيدا ڪري وجهندا هئا. ان وقت جي شاگرد سياست جي ليڊرن ۽ اڄوڪن سياستڪارن فقيرداد کوسو، قادر مگسي، روشن ٻرڙي ۽ ٻين هڪ ڏينهن مذاق ۽ مذاق ۾ هڪٻئي کي کينهون پئي جهپايا جنهن جي نتيجي ۾ هن فقير شخص جي ڪوارٽر جو رڌڻو تباهه ٿي ويو ۽ پوء لال نوڪري وڃائي ويٺو. پوءِ به هن يونيورسٽي ڪالوني جا وڻ نه ڇڏيا ۽ قومي تحريڪ جو هڪ متحرڪ ڪردار ٿي رهيو. ان وقت عبدالواحد آريسر جي قيادت ۾ جيئي سنڌ محاذ، سنڌ جي مقبول قومي پارٽي بنجي چڪي هئي. لال چانڊيو پارٽي جي جيل ڪميٽي جو اڳوڻ هو ۽ هو جيلن ۾ واڙيل قومي اڳواڻن، شاگرد ليڊرن ۽ قومي ڪارڪنن جي سار لهندو هو. جيلن ۾ ڪارڪنن کي ضرورت جو سامان پهچائڻ، سندن حاضرين تي عدالتن ۾ پهچڻ ۽ حال احوال وٺي قيادت کي آگاهي ڏيڻ جون ذميواريون لال چانڊيو احسن طرقي سان نڀائيندو هو. رئيس علڻ خان ٿيٻو ۽ لال چانڊيو اهڙا متحرڪ قومي ڪردار هئا جن کي زمانو ڀلي وساري ڇڏي پر کين سچا قومي ڪارڪن ڪڏهن به وساري نه سگهندا. هي خاموش خدمتگار بنا ڪنهن نانءُ ۽ نمود جي سنڌ جي سائين جي ايم سيد جي ڪارڪنن جي خدمت ڪندا هئا. علڻ خان ته هڙان وڙان خرچ ڪندو هو. ڪڏهن سائين جي ايم سيد به کيس ڪجهه موڪليندو هو پر لال وٽ ڪو به ذاتي سورس نه هو. جيئي سنڌ محاذ جي جيل ڪميٽي کي مرڪز وٽان جيڪي ڪجهه ملندو هو، اهو مختلف جيلن تي ضرورت جي سامان جي صورت ۾ ڪارڪن کي پهچائڻ سندس ذمو هو. هو پارٽي جو هڪ بااعتماد ڪارڪن ۽ اڳواڻ هو جيڪو فرض جي نڀاءُ ۾ ڪڏهن به گٿو ڪو نه. لال چانڊيي جو ننڍو ڀاءُ روپ جهولائي عوامي تحريڪ سان لاڳاپيل هوندو هو. ان جي شادي تي مزيدار واقعو ٿيو. ساڏين ۾ جيئي سنڌ محاذ ۽ عوامي تحريڪ جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن موجود هئا. ڇنو ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو ۽ هر ڌر ڌار ڌار لائوڊ اسپيڪر لڳايو ۽ شادي سياسي بحث مباحثي جو شڪار ٿي وئي. عوامي تحريڪ وارا سوال ڪن ته آريسر ۽ اسان کين جواب ڏيون، ائين عجيب سياسي چهچٽو مچي ويو. اسر ويل سالو ڀيل نالي فنڪار هڪل ڪري چيو يارو! اها سياست ٻياست بند ڪريو ته اسان ڪو ڳائڻ جو وارو وٺون. ٻه روپيا گهور ملي ته وڃي ٻچن جي پيٽ جي پورت ڪريون. تڏهن وڃي سياسي ملاکڙو ختم ٿيو. اهڙي ريت لال چانڊيي سان وابسته ڪيترا واقعا ۽ قصا آهن جن جي بيان سان دفتر ڀرجي ويندا. بهرحال لال جو ڳوٺ سائين جي ايم سيد جي فڪر جو ڳڙهه هوندو هو ۽ هو سيد جو سچو عاشق ۽ پيروڪار هو. قومي تحريڪ ۾ لال چانڊيي جهڙا مخلص ۽ مسڪين ڪارڪن، اسان جو اتساهه ۽ ويساهه هوندا هئا. انهن جي وجود سان ئي قومپرستي جو فڪر سنڌ جي واهڻ واهڻ وستي وستي پکڙيو. اڄ سنڌ ۾ جيڪا قومي شعور جي چڻنگ روشن آهي ان ۾ اڳواڻن سان گڏ هنن فقير ڪارڪنن ۽ خاموش خدمتگارن جو وڏو ڪردار آهي.


نور محمد چانڊيي نالي ڳوٺاڻي جو هي لائق فرزند لال چانڊيو، هڪ ننڍڙو ملازم هو پر هن جي دل ڪشادي ۽ ظرف وسيع هو. هو محبت جي مٽيءَ مان جڙيل هڪ پيارو شخص هو جيڪواڄ اسان کان وڇڙي ضرور ويو آهي پر اسان کيس وسارڻ جو ڏوهه نه ٿا ڪري سگهون. جن شاگرد اڳواڻن جي ڪارستاني سبب هن شخص جي نوڪري تيل ٿي وئي هئي تن سندس ڪا سار به لڌي يا نه، اها هڪ لال کي خبر، ٻي ڄاڻ سندس پوٽي مخدوم بلاول کي هجي ته هجي! بهرحال قومي تحريڪ جي هن متحرڪ ڪردار جن ليڊرن لاءِ پوليس ۽ ايجنسين جا ڏنڊا برداشت ڪيا پيرن جا هڏا ڀڃرايا ۽ مستقل بيماريون پلئه پاتيون، سي جيڪڏهن سندس ڪلهي ڪانڌي نه ٿيا ته ڇا ٿيو! لال کي ڪهڙي خبر ته سندس وئي پڄاڻان ڪنهن کيس ڪلهو ڏنو، ڪنهن کيس ياد ڪيو ۽ ڪير سندس تڏي تي آيو؟ هو ته پنهنجو ڪردار ادا ڪري ويو، اهو ڪردار ئي کيس زنده رکندو، سندس ڳاڙهي جهنڊي ۾ لپيٽيل جسد خاڪي پاڻ سان ڪو به ضمير جو پڇتاءُ کڻي نه ويو هوندو ۽ رهبر سنڌ جي حضور ۾ مون کي پڪ آهي ته سندس ڳاٽ اوچو هوندو!

هيءَ جا ٻري هير، ڪاڇي ڏونگر ڪنڌئين،

ٻيو ٻاريندو ڪير، کاهوڙڪي کير ري! (شاهه)

No comments:

راءِ ڏيندا