ناشاد سمون
عشق، اداسي ۽ اوجاڳن جو
شاعر
ڀارومل امراڻي سوٽهڙ
ننگرپارڪر تعلقي جي
ڳوٺ مالسريي مير محمد کي نه صرف ٿر جي طبعي ڀاڱن پارڪر ۽ پائر جا دنگ گهيرين ٿا پر
چوٽاڻي ۽ وٽ جون واٽون به ويجهيون لڳن ٿيون.
ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ ۾ ناشاد سمي جا وڏا چوويهو رڻ اڪري گجرات جي گامن ۽ بمبئي
جي بازار کي گهمندي ڀٽ ڌڻي جا بيت جهونگاريندا
هئا ته؛
جهوڪون نه جهڻڪن، وڳ
نه پسان وٽ ۾،
آيل سنگهارن، جيڪس چوٽاڻو
چت ڪيو.
واريءَ جي دڙن تي
فطرت جي ڦلواڙي جو ڏيک ڏيندڙ ڳوٺ مالسريي مير محمد جي ڳوٺاڻن وٽ اڄ به ڀٽائي جي
بيتن واري سنڌ آهي مون هن ڳوٺ جي اوطاق جي اڳڻ تي ڪيئي ڀيرا سگهڙن سياڻن ۽ نواجوانن
سان گڏجي سما قبيلي جي سخين، سورمن، نياز نوڙت وارن ڪردارن جا ڀٽائي جي بيتن جي آڌار
قصا کڻڻ سان گڏ ڌرتي جي نون ڪردارن جي ڪهاڻين تي ڳالهايو آهي. بنا تبصري ناشاد سمي
جي شاعري ٻڌي آهي. جنهن ۾ هوٿل پري جي
داستان ۾ ايندڙ ماڳ چڪاسر جي مٽي تي گڏجڻ جو سڏ
آهي. جنهن ۾ انگزيز سامراج سان وڙهندڙ سورهيه اڌمل سوڍي جي گهوڙي جي وير پنڌ
جو تذڪرو آهي. جنهن ۾ پاري نگر جي پيڙا آهي. جنهن ۾ سارنگا جي جاڳ آهي. جنهن ۾ چوڙيئي
مندر ۽ جهوني ڏونگر جي اندر جي احساسن جا عڪس چٽيل آهن.
اهڙي ڳوٺ جي فطري حسناڪي
۾ موراڙين وٽان جڏهن مور مٽڪو رمندي موٽيندا آهن جڏهن پرڀات جي اجري ٽاڻي پکين جي ٻولي روي شنڪر جي ستار کان به مٺي
لڳندي آهي، تڏهن اسان جو نوجوان تخليقار
ناشاد سمون پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ رگويد جي رشين وانگر اٿي چوندو آهي ته ‘اي انسان
ذات! آئون پنهنجو سمورو پورهيو تنهنجي لاءِ ڪري رهيو آهيان. منهنجي اندر جي آرزو
آهي ته چاهتن جي هن ڌرتي تي پرماريت جو انت اچي، چيٽ جي چانڊوڪين ۾ مظلوم مرڪن. انهي
تمنا جي تڙپ ۾ پريت جي ڪوتا سرجي پنهنجي دور جي تعصب سان وڙهڻ ٿو چاهيان. استحالي
قوتون ۽ برسر اقتدار تعصبي طبقا هٿيارن هوندي به هيڻا آهن. ڪلهه به ڀٽ ڌڻي جي
رسالي، ڪبير ڀڳت جي ڪيرتن، ميران جي واڻي، سچل سرمست جي گهڙولين فتح پاتي هئي، اڄ
به اسين شيخ اياز جي ڳيڙو ويس غزلن، گيتن ۽ نظمن جو تسلسل قائم رکي پر اميد آهيون
ته آخر فتح انسان ذات جي لاءِ پتوڙيندڙ فن ۽ فڪر جي ٿيڻي آهي’.
ناشاد سمي وٽ آرٽ
سان ماڻهو جي دل ۽ دماغ کي متاثر ڪرڻ جي سگهه آهي. ميخائيل شولو خوف جي جوڙيل معيار
مطابق هن کي فنڪار سڏائڻ جو پورو حق حاصل آهي هن سدائين آرٽ ۽ ادب جي تاثر کي انسان ذات جي ڀلائي جي لاءِ ڪتب آڻڻ جي لاءِ
لوچيو آهي. عام ماڻهن جي روح ۾ حسن جي دنيا تخليق ڪرڻ جي جستجو ڪئي آهي.
چلي جي شاعر پبلو
نرودا پرماري قوتن کي مخاطب ٿيندي هڪ هنڌ چيو آهي ته توهان گلن کي هٿن سان مهٽي سگهو
ٿا پر بهار کي اچڻ سان روڪي نٿا سگهو. ناشاد
سمون پنهنجي هڪ نظم ۾ چوي ٿو ته؛
گلابن کي گهائي
سگهين ٿو،
هوائون به منجهائي
سگهين ٿو،
لکين سر اسان جا لڻائي
سگهين ٿو،
نوان پنهنجا منطق ٺاهي
سگهين ٿو،
وري وري اسان تي ڪاهي
سگهين ٿو
مگر ٻڌ اي سفاڪ
وحشي،
اسين ڪڏهن تنهنجي آڏو
جهڪڻا ناهيون،
اسين تنهنجي لاءِ
للڪار آهيون !
هن ڀونءِ جي لاءِ بهار
آهيون !
چون ٿا ته تخليقار
جي لاءِ اهو سوال چڙ ڏياريندڙ هوندو آهي جڏهن
هن کان پڇيو وڃي ته توهان کي هي لکڻ
جي لاءِ ڪهڙي ڳالهه اتساهه ڏنو هو!؟ پر ناشاد
واضع لفظن ۾ چوي ٿو ته ڌرتي ۽ سرتي جي سونهن هن کي شاعر بڻايوآهي. ناشاد ٿر جي ڀٽن تي ڪنهن
جي ڳاڙهن ڳلڙن جيان روهيڙن جي گلن سان جنجهيل ٽارين مان اتساهه وٺي بهار جي آمد جا جيڪي شعر سرجيا آهن انهن مان هڪ شعر هي به آهي.
سيم جي سڳي ۾ لال
روهيڙا،
مڌهوش مڳي ۾ لال
روهيڙا.
ڇا ڪڏهن ڪنهن سيم کي
ائين سڳي وانگر ڳايو آهي.!؟ مون کي خبر نه آهي سنڌي ادب جو نقاد هن شعر جي لاءِ ڪهڙي راءِ رکي پر آئون بي ڌڙڪ داد ڏيندي لکان ٿو ته هن جي
ڏات شفق ڀري ٻوليءَ ۾ نئين آس ۽ امنگ جو نياپو آهي.
ناشاد واريءَ جي ڪڻن
تي ستارن جي سونهن ڇڻندي محسوس ڪئي آهي. هن کي پتو آهي ته چنڊ جا ڪرڻا ريگستان جي وڻن
منجهان ڪيئن واٽ ٺاهيندا آهن. برهه جي باهه هن جي ڪايا کي ڪڏهن آلي ڪاٺي وانگر ڪڏهن
تيز ڪڏهن آهستي جلائيندي رهي آهي. ناشاد پنهنجي
پهرين پيار جي پوئين چمي ڪڏهن
وساري نه سگهيو آهي. پهرين پيار جي وڇوڙي کان پوءِ ناشاد جي سگريٽن سان گهري دوستي
رهي آهي. ڪاغذن جي جهنگ ۾ پکڙيل شعرن کان وڌيڪ هن کي پاڪيٽ ۾ پيل سگريٽن جو الڪو
رهندو آهي ته ڪٿي وڃائجي نه وڃن. سگريٽ جي هر ڪش ۾ هن کي ڪيف چڙهندو آهي.
ناشاد ڪنهن
جي اکين ۾ محبت جو جنون بڻجي ڪڏهن لٿو آهي يا نه، پر هن پنهنجي پيار جي
لاءِ کليل اکين سان سهڻا خواب ڏٺا آهن. پيار هن جي لاءِ ڏينهن رهيو آهي. پيار هن جي لاءِ رات جو روپ ڌاريو
آهي. پيار هن جي لاءِ بدن بڻيو آهي. پيار هن جي لاءِ وطن جهڙو ويساهه آهي. پيار هن
جي زندگي جو وڏي ۾ وڏو سهارو آهي.هن پيار
جي ڪيفيت ۾ ٽٻ ٿي بي اختيار ٿي سماج کان پڇيو آهي ته پيار نه ڪجي ته پوءِ زندگي ۾ ڇا ڪجي!؟ هن پنهنجي پيار جي سهڻي
سرير جي اجهل ڇڪ، هُن جي ويجهڙائپ جي جهيڻي جهيڻي مڌ ڀري آڳ، هُن جي وڇوڙي جي وڍن،
هُن جي نماڻين اکڙين، ڳوڙهن ڳراٽڙين، هُن
جي ويڻن، رسڻ ريجهڻ جي گهڙين کي مجاز جي ٿڌي ٿڌي چانڊوڪي ۾ چڪور بڻجي بيان ڪيون
آهن. هن جو نظم ‘اي محبت تنهنجو هڪ مجاور’ پڙهندي رات جي پوئين پهر ۾ به ننڍ اڏامي
وڃي ٿي. ناشاد جي رومانوي شاعري ‘ڪنواريون ۽ ڪنول، هلو ته پسون ڪاڪ جا’ جي تصور جي گهڻي ويجهو آهي. هن مزاحمتي شاعري ۾ انسان
ذات جي لازوال ڪهاڻين کي اڳيان رکي تعصب ۽ تفرقي بازي کان پرهيز جي پيغام کي عام ڪيو
آهي. حب الوطني ۽ بين القوامي رواداري جي مثالن کي زبان جي سلاست سان شاعري ۾
سرجيو آهي. ناشاد سمي جي ڪوتا ڪهاڻين جي تمثيلن، محاورن، استعارن، علامتن جو جائزو
وٺڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هن جي شاعري لهو ۾ گرمائش پيدا ڪرڻ جي لهر رکي ٿي. هن جي
شاعري ۾ تخليقي توانائي آهي. هن جي شاعري ۾ حقيقي زندگي جا رنگ آهن.
ناشاد سمي ادب جو
سفر شاعري کان شروع ڪيو آهي پر هن نثر به سهڻو لکيو آهي. هن صحافت ۾ به ننگرپارڪر
جي مسئلن کي اجاڳر ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌي ادبي سنگت جو سرگرم ساٿي رهيو آهي.
سنڌي ادبي سنگت جي جاکوڙي ضلعي رابطا سيڪيٽرين ۾ ناشاد سمي جو نالو نروار آهي.
پيارا ناشاد جنم ڏينھن
جون وڌايون
(ڀارومل امراڻي سوٽهڙ
جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲ جون ۲۰۲۱ع تي کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا