عبدالحق عالماڻي
ملالِ احوالِ دوستان
شوڪت شورو
خوبصورت ڪھاڻيڪار
عبدالحق عالماڻيءَ ھڪ ڏينھن مون کي چيو تہ شھر ۾ ساھ ٿو مُنجھي، ڪٿي ٻاھر نڪري
ھلون. من تہ منھنجو بہ مُنجھيل ھو سو ھڪدم ھا ڪيم. گاڏي کاتي کان ٽانگي ۾ يا شايد ڪوٽڙي
واري بس ۾ چڙھي راڻي باغ اچي لٿاسين. اھو سٺ وارو ڏھاڪو ھو. راڻي باغ اڃا ايترو اجڙيو
ڪونہ ھو. وڏا ويڪرا چھچ ساوا لان ھئا. وچ تي ھڪ ننڍي پر سٺي ريسٽوران ھئي. اسين
لان تي ھڪ ڪنڊائتي نويڪلي ڇانوٌ ۾ وڃي ويٺاسين. ان ڏينھن عبدالحق عالماڻي پھريون ڀيرو
مون سان پنھنجي زندگي جي ڏکن، محرومين ۽ عشق جا حال اوريا ھئا. ھڪ زميندار جي پٽ
ھوندي ڇورو ڇنو ٿي وڃڻ سبب تڙيل ۽ بيروزگار عبدالحق جو عشق تہ ناڪام ٿيڻو ئي ھو پر
گڏوگڏ ساڻس جيڪا وڏي ٽريجڊي ٿي سا سلڻ جھڙي ڪانھي. ان ٽريجڊي ھن کي وڍي ڳڀا ڪري ڇڏيو
ھو. اھو سڀ ٻڌائيندي ھن جو آواز گھُٽجي ويو ۽ سندس وڏين سھڻين اکين ۾ ڳوڙھا ترڻ لڳا
ھئا. تڏھن اوچتو ڪٿان ريل جي ڪوڪ ٻڌڻ ۾ آئي. ڪوڪ شايد آسمان مان آئي ھئي جو
عبدالحق عالماڻي مٿي نھاريو ۽ چيو، ”شوڪت، آئون جڏھن بہ ريل جي ڪوڪ ٻڌندو آھيان تہ
اھا ڪوڪ منھنجي ھانوَ ۾ بڻڇي ٿي لڳندي آھي.“
عبدالحق عالماڻي
جون ڪهاڻيون ۱۹۶۵ع کان ڇپجڻ شروع ٿيون، پر اديبن ۽ شاعرن سان هن جو اٿڻ ويهڻ اڳ ۾
ئي هو. ڪن سان گڏ هن سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي ۾ ايم اي ڪئي هئي. مون جڏهن هن کي ڏٺو
ان وقت سندس دوستي شمشيرالحيدري ۽ نياز همايوني سان هئي. منهنجي ساڻس ويجھڙائپ ٿي
تہ منهنجا دوست هن جا بہ دوست ٿي ويا. اسان جو هڪ الڳ ٽولو ٺهي ويو. اهو زمانو
اسان جي بيروزگاري جو هو. پوءِ شيخ اياز جي مهرباني سان مون کي سنڌي ادبي بورڊ ۾
نوڪري ملي. عبدالحق عالماڻي بہ مسلم سائنس ڪاليج ۾ سنڌي جو ليڪچرر ٿي ويو هو. کيسي
۾ ڪجھ ڏوڪڙ آيا تہ شھيد هوش محمد شيدي روڊ (اڳوڻو رسالا روڊ) ۽ راحٽ سئنيما جي گھٽي
واري ڪنڊ تي مسلم هوٽل جي مٿان ڇت تي اسان جو مستقل ٺڪاڻو ٿي ويو. ڇت تي شام جو
ويھي سگھبو ھو ۽ اسين رات جو اٺين کان دير تائين اتي ويٺا هوندا هئاسين. عبدالحق
عالماڻي، علي بابا، امداد حسيني، ماڻڪ، ۽ آئون اتي روزانو گڏ ٿيندا هئاسين. پوءِ
مشتاق شورو ۽ مدد علي سنڌي بہ اچي شامل ٿيا. عبدالقادر جوڻيجو جڏهن ڳوٺان حيدرآباد
ايندو هو تہ هن جون شامون اسان سان گڌ گذرنديون هيون. ائين غلام نبي مغل ۽ ڪجھ ٻيا
دوست بہ اتي ايندا هئا. اسان سڀني ۾ ڪچهري جو مور عبدالحق عالماڻي هوندو هو. دوستن
سان چرچا گھٻا ڪندي ڊگھا ٽهڪ ڏئي کلي کلي ڱيرو ٿي پوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن سندس چرچا
دوستن کي ڏکيا بہ لڳندا هئا.
ان زماني ۾ امداد
حسيني جو رومانس چوٽ چڙهيل هو. اڪثر شام جو ايندو هو تہ سندس هٿ ۾ گل هوندو هو.
اسين سمجھي ويندا هئاسين تہ گل ڪٿان کڻي آيو آهي. عبدالحق ساڻس هلڪا ڦلڪا چرچا پيو
ڪندو هو ۽ امداد ڪجھ چوڻ بنا رڳو مرڪندو هو. هڪ دفعي امداد آيو تہ سندس هٿ جي ڪرائيءَ
تي ڪو ڳاڙهو ڪپڙو يا رومال ويڙهيل هو. عبدالحق چرچو ڪندي چيس تہ توکي ٻانهن ۾ چاقو
هنيو اٿن ڇا ؟ سڀ کلڻ لڳاسين. امداد کي اها ڳالھ ڏکي لڳي ۽ ڪاوڙجي پيو، پر ٿوري
دير لاءِ. عبدالحق عالماڻيءَ ڪجھ ليکڪ دوستن شمشيرالحيدري، علي بابا، عبدالقادر جوڻيجي
۽ مشتاق شوري جا ڪردار کڻي ٻہ مزاحيہ ڪهاڻيون بہ لکيون هيون.
مون کي حيرت ان ڳالھ
تي لڳندي هئي تہ عبدالحق جھڙو اندر ۾ اڏ ٿيل ماڻھو پنهنجا سمورا ڏک سور ايتري خوش
مزاجي ۾ ڪيئن ٿي لڪائي سگھيو ! انهن سمورن دوستن ۾ سواءِ منهنجي ٻئي ڪنهن کي بہ
لکا پوڻ نہ ڏنائين. هن جا چرچا ۽ ٽھڪ فراريت هئا يا ان ۾ شايد کيس سڪون ملندو هو.
مسلم هوٽل کان پوءِ
اسان جو ٻيو ٺڪاڻو شهيد هوش محمد روڊ جي ڇيڙي تي ڪيفي جارج ٿيو. ان جا ڪڙڪ ۽ وٽيل
کارا بسڪٽ مشهور هئا. ڪيفي جارج ۾ ويهڻ جو هڪ سبب اهو هو ته مدد علي سنڌيءَ ”اڳتي
قدم“ رسالو ڪڍڻ شروع ڪيو هو جنهن ۾ ماڻڪ ۽ آئون به ساڻس گڏ هئاسين. اڳتي قدم سيد
ظفر حسن جي پرفيڪٽ پريس مان ڇپجندو هو جيڪا ڪيفي جارج جي ويجھو ڪئنٽونمينٽ ٿاڻي جي
سامهون هوندي هئي. شام جو اسين پريس ۾ پروف وغيره ڏسي ڪيفي جارج ۾ ايندا هئاسين،
جتي ٻيا دوست به اچي گڏ ٿيندا هئا. عبدالحق عالماڻي، علي بابا، مشتاق شورو روز اچڻ
وارا هئا. مير ٿيٻو، وليرام ولڀ، ظفر حسن، ڪڏهن ڪڏهن ڳوٺان ايندڙ عبدالقادر جوڻيجو،
عزيز ناريجو، امان الله شيخ، نبي بخش کوسو، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جو وڏو پٽ ڪنھيا
لال ۽ ٻيا دوست به ايندا رهندا هئا. مسلم هوٽل تي ايندڙ امداد حسيني جي رومانس جو ڪلائميڪمس
شادي تي پهتو ته هن پوءِ اچڻ ڇڏي ڏنو. پر ڪيفي جارج تي وري هڪ ٻيو رومانس ڪلائيميڪس
تائين اچي رسيو جڏهن عبدالقادر جوڻيجي جي اتي فيصله ڪن ملاقات طئي ٿي جيڪا مدد علي
سنڌي جي مدد سان ٿي ھئي. عبدالقادر جي لڪ ۾ شادي به ٿي وئي. پوءِ ٻئي منهنجي خير
شاھ جي پڙ واري گھر ۾ انڊر گرائونڊ ٿي اچي رھيا، جيستائين ڳالھ ٺري ۽ معاملو
نبريو. ڪيفي جارج جي سامهون مشهور فزيشن ڊاڪٽر ايم اي عالماني جي شام جي ڪلنڪ هئي.
هو عبدالحق عالماڻي جو سئوٽ هئو. عبدالحق ڪڏهن ڪڏهن هوٽل مان اٿي سامهون ڊاڪٽر
عالماڻي کي طبيعت ڏيکارڻ ويندو هو. کيس پيٽ ۾ ڪا تڪليف هئي. ڊاڪٽر کيس ڪلنڪ ۾ مليل
سئمپل واريون دوائون ڏيندو هو.
عبدالحق عالماڻي
پنهنجن ويڳن ڀائرن سان گاڏي کاتي واري جاءِ ۾ رهندو هو پر جڏحن اختلاف وڌي ويا ته
کيس اتان نڪرڻو پيو. هو گڊس ناڪي وٽ هڪ هاسٽل ۾ ڪمرو مسواڙ تي وٺي رهڻ لڳو.
عبدالحئي پليجي جو به ھڪ ڪمرو ورتل هو جيڪو ڳوٺان اچي اتي رهندو هو. عبدالحق جي
لاءِ اهو نهايت ڏکيو وقت هو. سندس روزگار جو ڪو وسيلو ڪونه هو. زمين مان به حصو ڪونه
مليو هوس. الائي ڪيئن ڇڪي تاڻي گذران ڪندو هو. تڏهن سڃائي سبب ڪڏهن مسلم هوٽل تي
اچڻ کان به لهرائيندو هو. آئون شام جو وٽس وچي کيس زوريءِ وٺي ايندو هوس. پوءِ کيس
مسلم سائنس ڪاليج ۾ ليڪچرر ڪري رکيو ويو ته سک جو ساھ کنيائين. ٽنڊي ولي محمد ۾
خوجه جماعت خاني جي پٺيان ٽماڙ روزي ڪارنر هو جنهن ۾ ننڍڙا ڪمرا هئا. عبدالحق اتي
هڪ ڪمرو مسواڙ تي ورتو. روزي ڪارنر به هڪ عجيب جھان هو. ان ۾ رسول بخش پليجو، مير ٿيٻو
پنهنجي ماءٌ بادام ناتوان ۽ ڀيڻ نسيم ٿيٻو سان گڏ، ۽ ظفر اڄڻ سميت ڪيترا ئي ماڻھو
رهندا هئا. رسول بخش پليجي به اتي ئي نسيم ٿيٻو سان نڪاح ڪيو ھو.
روزي ڪارنر کان ٿورو
پرتي خيرالنسا جعفري جو گھر هو. هوءَ ڳالهائڻ جي ڇوٽ پر دل جي نرم ۽ همدرد انسان
هئي. عبدالحق عالماڻي کي ڀانئيدي هئي. شايد هن ئي عبدالحق لاءِ رشتو ڳولي ڪڍيو ۽
کيس پنهنجي ويجھو هڪ سٺو گھر مسواڙ تي وٺي ڏنو. عبدالحق جي شادي ۾ سندس ڀائرن مان ڪو
به شريڪ نه ٿيو هو. آئون، ماڻڪ ۽ ٻه ٽي ٻيا دوست هئاسين. ڪجھ ماڻھو ڪنواريتن جا
هئا. سادي نموني سان شادي ٿي. پر عبدالحق جي زندگي خوشگوار گذرڻ لڳي. ان وچ ۾ هن
جي ڪھاڻين ۾ به پختگي اچي وئي هئي. هن هڪ ناول لکڻ شروع ڪيو هو. ”هي جيون سپنا
سپنا“. ماهوار اڳتي قدم ۾ ان جون ٽي چار قسطون ڇپيون.
۱۹۷۴ ۾ مون کي پي ٽي وي ڪراڇي سينٽر ۾ اسسٽنٽ پروڊيوسر اسڪرپٽ جي نوڪري ملي
وئي. هر هفتي حيدرآباد گھر ايندو هوس ته عبدالحق ۽ ٻين دوستن سان گڏجاڻي ٿيندي
هئي. ان کان اڳ ۱۹۷۳ ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ عبدالحفيظ پيرزادي کي چماٽ لڳي هئي، مدد علي سنڏي جيئي
سنڌ اسٽوڊنٽس جو جنرل سيڪريٽري هو سو هن تي گرفتاري جا وارنٽ نڪتا هئا. کيس
يونيورسٽي مان رسٽيڪيٽ به ڪيو ويو هو. اڳتي قدم رسالي کي مون ۽ مآنڪ سنڀاليو هو پر
گھڻو وقت نه هلي سگھيو. مدد علي سنڌي پنهنجي مامي جي گھر ۱۹۷۷ تائين انڊرگرائونڊ رهيو. آئون جڏهن ڪراچي
مان ايندو هوس ته ساڻس اتي وڃي ملندو هوس.
۱۹۷۵ جي ڳالھ آهي. آئون ڪراچي مان حيدرآباد آيس ته خبر پئي عبدالحق عالماڻي سخت
بيمار آهي سول اسپتال ۾ داخل آهي. آنڊي جي ڪئنسر سبب ٻه ٽي ڏينهن اڳ سندس آپريشن ٿيو
هو. مون کي ڀنواٽيون اچي ويون. ڏک ۽ ڊپ جي هڪ عجيب ڪيفيت من کي وڪوڙي وئي. چئن
سالن جي عمر ۾ جيڪو ماڻھو يتيم ٿي ويو ۽ سندس زندگي جو وڏو عرصو ڏکن سورن ۾ گذريو،
ان ڪجھ ئي سال ٿيا ته سک جو ساھ کنيو هو ۽ کيس پٽڙو به ڄايو هو، سو ۳۴ سالن جي ڀرپور جواني ۾ آخري پساھ کڻي رهيو
هو! تڏهن سول اسپتال ۾ پرائيوٽ وارڊ هوندو هو. آئون ڊڄندو ڊڄندو سندس ڪمري ۾ ويس.
بستري تي هڪ هڏائون پڃرو جنهن تي رڳو کل چڙهيل هئي ليٽيل هو. مون کي اعتبار ڪونه
آيو ته اهو عبدالحق عالماڻي هو. هن جون اکيون جيتوڻيڪ ڏرا ڏيئي ويون هيون، پر پوءِ
به انهن ۾ ڪجھ خوبصورتي اڃا باقي هئي. هن مون ڏانهن بيوسي وچان ڏٺو. مهنجي نڙيءَ
مان گھُٽيل دانهن نڪتي، ”عالماڻي يار، هي ڇا ٿي ويو؟“ هن جھيڻي آواز ۾ چيو هو، ”بس
يار....“ سندس انهن لفظن ۾ الائي ڪيتريون حسرتون ۽ درد سمايل هئا. وڌيڪ ڳلهائڻ جي
لاءِ نه هن وٽ ڪجھ هو، نه مون وٽ هو. منهنجي نڙيءَ ۾ ڪو ڳوڙهو اٽڪي پيو هو. اسپتال
کان گھر ايندي اکين مان لڙڪ لارون ڪندي وهندا رهيا گھر پهتس ته نڙيءَ ۾ ڦاٿل اوڇنگار
ٻاهر نڪري آئي.
چئن پنجن ڏينهن کان
پوءِ آفيس ۾ فون آئي ته عالماڻي گذاري ويو! اها ۲۱ اپريل ۱۹۷۵ جي بد نصيب تاريخ هئي. آئون موڪل وٺي روئندڙ
من سان بس ۾ چڙهي حيدرآباد آيس. بس مان لهي عالماڻي جي گھر ويس. گھر کي تالو لڳل
هو. ڪنهن ٻڌايو ته عبدالحق کي ڳوٺ کڻائي ويا آهن. آئون پوءِ به ڪيتري دير تائين
بند ٿيل دروازي جي اڳيان بيٺو هوس، ته من دروازو کلي پئي ۽ عبدالحق عالماڻي پنهنجي
ملوڪ موهيندڙ مرڪ سان اچي مون سان ملي.
(شوڪت شورو صاحب جي
فيسبڪ ٽائيم وال تان ۵ آگسٽ ۲۰۲۱ع تي کنيل)
عبدالحق عالماڻي
ڪھاڻي ڪاڪ جو راڻو - ۲۴. اپريل ۴۸ھين ورسي جي موقعي تي
خاص ڀيٽا!
جھانگير عباسي
پنھنجي مزاج ۾ ھڪ ئي وقت
البيلائي، رومانيت ۽ ارڏائي رکندڙ ڦوھ جواني ۾ زندگي کان وڇڙندڙ ڪھاڻيڪار ۽ ناول
نگار عبدالحق عالماڻي جي پيدائش ۰۱ جنوري ۱۹۴۱ تي ان وقت
جي حيدرآباد تعلقي ۽ ھاڻ موجودھ ضلعي جي ڳوٺ سونو خان عالماڻي ۾ ٿي. عبدالحق جي
والد جو نالو رئيس الھداد عالماڻي آھي جيڪو پنھنجي تر جو ھڪ مڃيل آسودو ۽ دبنگ
زميندار ٿي گذريو آھي. عبدالحق پيء جي ٽين زال مان پٽ جي صورت ۾ اڪيلو اولاد ھيو
جيڪو پنجن سالن جي عمر کي پھتو ته سندس والد وفات ڪئي جنھن بعد ھن ۽ سندس ماءُ سان
خاندان جي مٽن مائٽن ۽ ويڳن ڀائرن پاران گھر ڀاتين بجاءِ بي رخو ورتاء وارو تعلق رکي
کين ڌڪاريو ويو. جڏھن ڳوٺ جي اسڪول ۾ عبدالحق پنج درجا تعليم پوري ڪئي ته ھن جي ويڳن
ڀائرن سندس سار سنڀال ۽ وڌيڪ تعليمي خرچ جي بار کان صاف لنوائيندي نٽائيندي تعليم پرائڻ
وار ي عمل ۾ رنڊڪون وجھي رستي روڪ ڪئي پر عبدالحق کي جنون جي حد تائين علم پرائڻ
جو شوق ھيو جنھن لئه ھن ناننگ جي مٽن مائٽن جي درن تي ڌڪا ٿاٻا کائي ٽنڊي محمد خان
مان اٺين پاس ڪئي پوءِ دوستن جي صلاح سان نواب شاھ پھچي اتي وڏين ڏکيائين مان گذرندي
محنتون ڪندي ڪشالا ڪڍي مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ۽ پوءِ حيدرآباد اچي ڀائرن سان
پنھنجي گاڏي کاتي واري شاندار گھر ۾ ساڻ رھڻ لڳو. سال ۱۹۶۰
جي منڍ ۾ ئي پيءُ جي ڇڏيل موروثي ملڪيت ۽ ڪن ٻين معاملن
تي ڀائرن سان اختلاف چوٽ چڙھي ويا ته ھو اھو گھر ڇڏي حيدرآباد جي گڊس ناڪي وٽ ھاسٽل
۾ مسواڙ واري ڪمري ۾ پنھنجي منھن اڪيلو رھڻ لڳو، جتي ھن انٽر ۽ بي اي ڪرڻ بعد سنڌي
مضمون ۾ سنڌ يونيورسٽي کان ايم اي سنڌي جي ڊگري حاصل ڪئي.
عبدالحق سان سندس ويڳن ڀائرن ۽
خاندان جي ٻين عزيزن جو ننڊپڻ کان ناروا سلوڪ روا ھيو ان ڪارڻ ڀائرن جي پاڻ ۾ بڻجي
نه سگھي ۽ گذندڙ وقت سان گڏ ھو جئين وڏو ٿيندو ويو ھنن وچ ۾ ويڇا به وڌندا ويا پو.
ھنن درميان پي جي موروثي ملڪيت جي ورھاست انھن ويڇن منجھ غير معمولي اضافو آندو. مسلسل
مايوسي ۽ ڏکن وارين حالتن عبدالحق کي ذھني مونجھارن ۽ ويڳاڻپ جي ور چاڙھي ڇڏيو پر
ھن ھمت نه ھاري ۽ پوءِ رھائش واري ڪمري تي سندس ھمعصر دوست علي بابا، شوڪت شورو، مشتاق
شورو ۽ عزيز ناريجو جي ساٿ واري دوستي ھڪ مضبوط سھارو بڻي جنھن ۾ ولي رام ولڀ، نبي
بخش کوسو، امان الله، ڪنھيا لال، مير ٿيٻو ۽ امداد حسيني جي اضافي کان پوءِ ھر روز
ڪيفي جارج ۽ مسلم ھاسٽل وارين ڪچھرين عبدالحق کي بلند حوصلو عطا ڪيو. جنھن ۾ عبدالقادر
جوڻيجو پوءِ سٿ جو ساٿي بڻيو. ان ئي دور ۾ امداد حسيني جو سحر امداد سان رومانس ھڪ
طرف سندن شاديءَ تي پورو ٿيو ته ٻئي پاسي رسول بخش پليجو جو نسيم ٿيٻو سان عشق به
نڪاح جي صورت ۾ پڄاڻي تي پھتو. ياد رھي ته نسيم ٿيٻو سنڌ جي ماضي واري پئرس شھر
ليکجندڙ شڪارپور سان جڙيل سنڌي ادب جي پھرين عورت ناول نگار ليکڪا سان گڏ ڪھاڻيڪاره
شمار ٿيندڙ بادام ناتوان مغل جي ڌيءَ ۽ مير ٿيٻو جي ڀيڻ آھي ۽ پاڻ به بھترين ڪھاڻيڪاره
ٿي گذري آھي.
عبدالحق جي نوجواني وارو دور سنڌ
جي سماجي، معاشي ۽ سياسي حالتن حوالي سان انتھائي ڀڄ ڊاھ وارين حالت وارو پر آشوب
دور ھيو. ون يونٽ خلاف سنڌ جا اديب ھر پليٽ فارم تي پنھنجا سر تري تي کڻي سنڌ جي
وحدت سلامتي ۽ قومي ثقافت. ٻولي ۽ ادب لاءِ عام ماڻھن کان اڳرا بڻجي جدوجھد واري
تحريڪ جي ميدان ۾ لٿل ھيا جن خلاف وارنٽ بندشون ۽ گرفتاريون عام جام ٿي رھيون ھيون
بغاوت جا ڪيس داخل ڪيا ٿي ويا. انھن حالتن جو ٻين جيان عبدالحق به گھرو اثر قبوليو
۽ عملي طور ان باھ لھي به پيو جو ھو ھڪ سنڌ ڌرتي جو سچو سپوت. قومي درد رکندڙ ۽ نظرياتي
سوچ وارو متحرڪ انسان ۽ ليکڪ ھيو. سچو قوم پرست ھيو جنھن ڪري به کيس پنھنجي ڌرتي
جي آزادي ۽ سلامتي خاطر بي انتھا تڪليفن کي سھڻو پيو ائين ڏھن سالن جي جدوجھد کان
پوءِ ۱۹۷۰ ۾ جڏھن
ون يونٽ ختم ٿيو ۽ سنڌ تان ظلم جو اونداھو ھٽيو. عبدالحق کي ۱۹۷۱
۾ مسلم ڪاليج حيدر آباد سنڌي مضمون طور ليڪچراري ملي جتي
ھن سان گڏ ڪم ڪندڙ عورت ليڪچرار حسينه خاتون به ليڪچرار ھئي. بس پوءِ ھنن جي نيڻن
جا پيچ اٽڪيا ۽ عشق جي دونھي دلين منجھ دکي پئي. ڪجھ ئي مھينن اندر سندن عشق جو
چرچو ھر زبان تي اچي ويو پوءِ ڪھاڻيڪاره خيرالنسا۽ جعفري جنھن عبدالحق کي پنھنجو
ديني ڀاء سڏيو ھو سچ ۾ سڳي ڀيڻ بڻجي سندس لاءِ حسينه جو نه صرف ان جي والدين کان
عبدالحق لاءِ رشتو ورتو پر ھنن جو وھانء به ڪرايو جنھن ۾ عبدالحق جا سڀ دوست اڳڀرا
رھيا خاص ڪري عبدالقادر جوڻيجي ۽ سندس پڳ مٽ يار شوڪت شوري ھر ڪم ۾ پاڻ مڃايو. پر
افسوس جو ويڳن ڀائرن کان وٺي خاندان جي سمورن عزيزن منجھان ھن جي پيار پرڻي ۾ ڪو
به شريڪ نه ٿيو. خيرالنساءِ جي ڪوششن سان ئي ھنن کي پنھنجي گھر ويجھو مسواڙ تي الڳ
رھائش لاءِ گھر به وٺي ڏيارو. ٻن سالن جي وقفي بعد الله پاڪ عبدالحق کي اھڙي ئي
خوبصورت پٽ جي اولاد سان نوازيو جھڙو ھو پاڻ موچاري شڪل وارو خوبصورت نوجوان ھيو. ھن
پٽ جو نالو ”خيام لطيف“ رکيو جو ھو انھن ٻنھي شاعرن لطيف سائين ۽ عمر خيام کان بي
حد متاثر ھوندو ھيو. .
عبدالحق عالماڻي ادبي طور تي لکڻ
جي شروعات ۱۹۶۵ع ڌارا ڪھاڻي سان رسالي روح رھاڻ
۾ ڪئي. انھي دوران ھن جو تعلق حميد سنڌي، سيد ظفر حسن، ماڻڪ ۽ مدد علي سنڌي سان به
گھڻو ويجھو ٿيو. عالماڻي پنھنجين ڪھاڻين ۾ مذھبي مٿڀيد. سنڌ ج قومي سئلن سان ڱڏ سنڌي
سماج ۾ وڏيرا شاھي ۽ پوتاري ڏاڍ کي ننديو جو ھو ترقي پسند ۽ روشن خيالي جي راھ جو
راھي ھيو. گھڻ پڙھيو ۽ غير معمولي سوچيندڙ ذھن وارو ليکڪ ھيو. ھن جي حياتي ۾ ئي
سندس ڪھاڻي ڪتاب ”ڪاروڪارونڀار“ جي نالي سان دوستن معرفت گڏجي پرفيڪيٽ پريس جي مالڪ. پبلشر ۽ ٺاھوڪي ڪھاڻيڪار
ظفر حسن شايع ڪيو. عبدالحق جن رسالن ۾ لکيو تن ۾ اڳتي قدم، تحريڪ، نئين زندگي کان
پوءِ وڌ ۾ وڌ روح رھاڻ آھي جن ۾ ھن جون ڪھاڻيون ٽڙيل پکڙيل موجود آھن. مون کي جتي
سنڌي ادب جي وڏن نالن وارن محققن سان گڏ اڄ جي اڪثريت وارن ڪاپي ڪٽ پيسٽ اسڪالرز ۽
پي ايڇ ڊيز ھولڊرن جي تحقيق تي حيرت ۽ افسوس ٿيندو آھي جن عبدالحق جھڙن نه ڄاڻ
الائجي ڪيترن ڪھاڻيڪارن متعلق ٺوس تحقيق بدران حوالن مٿان حوالا ڏئي گذارو ڪري خانا
پوري ڪئي آھي، اتي شوڪت شوري جھڙي انسان کي جس آھي جنھن پنھنجي يار عبدالحق عالماڻي
جون سموريون ڪھاڻيون سھيڙي ڪتابي صورت ۾ ڪمپوز ڪرائي، بقول شوڪت شوري جي زباني تہ ”ڪويتا
پبليڪشن جي پبلشر موھن مدھوش کي ڪتاب جي اشاعت لاءِ خيام لطيف (عبدالحق جو فرزند) کان
رقم به وٺي حوالي ڪئي آھي، جيڪو ھنئير ٽنڊي محمد خان پنھنجي ڳوٺ ۾ رھي ٿو.“ اھو ذڪر
پنھنجي وفات کان چار مھينا اڳ مون سان ڪندي مرحوم وڌيڪ ٻڌايو ھو ته ”ڪتاب جا ھاڻ
پروف به فائينل ڪيا اٿم ۽ ڪوشش آھي تي عبدالحق جي ورسي تي ان ڪتاب جو مھورت ڪجي“
پر پوءِ شوڪت شورو به اوچتو ئي ڪرونا سبب وفات ڪئي ۽ ھاڻ خدا ڄاڻي پبلشر ڪتاب
الائي ڪڏھن آڻيندو يا آڻيندو ئي ڪا نه. شوڪت شورو جي مھرباني ھئي جنھن منھنجي گذارش
تي سھيڙيل ڪتاب ۾ عبدالحق تي پنھنجي لکيل تاثر جي ڪاپي مون طرف ڏياري موڪلي ھئي.
عبدالحق بنيادي طور تي ڪھاڻيڪار
ھيو جنھن سنڌي ادب کي ”پن ٻوڙين پاتال ۾“، ”بري ھن ڀنڀور ۾“، ”پاڇولا ۽ پڙلاءُ“، ”ڪارو
ڪارونڀار“، ”ماڊرن موالي ان ڪراچي“ جھڙيون يادگار ۽ شاھڪار ڪھاڻيون ڏنيو مذھبي مٿڀيد
تي ھن جي ڪھاڻي ”بري ھن ڀنڀور ۾“ کي مان عالمي ادب واري ڪھاڻي سمجھان ٿو. اھا ڪھاڻي
اردو زبان ۾ ”اس برے جہاں میں“ جي عنوان سان مون ترجمو ڪئي. جيڪا سه ماھي فن زاد سرگودھا سال ۲۰۱۷ ۽ سہ ماھی بیلاگ ڪراچي سال ۲۰۱۸ شايع ٿيڻ پاڻ لاءِ آ به اعزاز سمجھان ٿو. عبدالحق عالماڻي ھڪ ناوليٽ ”جيون
سپنا سپنا“ جي نالي سان لکيو جنھن جون چار قسطون رسالي ”اڳتي قدم“ ۾ شايع ٿيون
جنھن جي ايڊٽوريل بورڊ مدد علي سنڌي، ماڻڪ ۽ شوڪت شورو تي مشتمل ھئي انھي رسالي جي
بند ٿيڻ تي ناوليٽ جون ڪجھ قسطون پوءِ روح رھاڻ ۾ شايع ٿيون پر اھو ناوليٽ ۾ڪمل
طور شايع ٿيل آھي ۽ ڪنھن وٽ موجود آھي سا خبر نه پئجي سگھي آھي. ھي ممڪن آھي ته سينئير
ٽھي جا ليکڪ ئي ان باري ۾ خبر رکندا ھجن جيڪو پڻ انتھائي شاندار لکيل آھي. عالماڻي
جي انھي ناول جون ٽي قسطون ۽ ٽي عدد ڪھاڻيون سال ۲۰۱۶ع ڌارا پروفيسر امتياز عالماڻي جي توسط سان مون تائين سندس مھرباني جو فوٽو
ڪاپي شڪل ۾ پھتيون، جيڪو عبدالحق جو عزيز ۽ سندس پٽ خيام لطيف سان رابطي ۾ آھي ۽
ھن وقت ٽنڊو محمد خان ڊگري ڪاليج ۾ آھي. بقول ان جي ته ناوليٽ مڪمل طور انھن وٽ به
موجود نه آھي.
عبدالحق زندگي جي ڏکن ڏوجھرن ۽
پيڙائن مان گزري شادي بعد فقط ٻه سال خوشي واري سڪون سان مس گذاريا جو کيس اوچتو
پيٽ سور جي شديد تڪليف ٿي ۽ اسپتال نيو ويو. جتي مشھور فزيشن آءِ ايم عالماڻي سندس
تڪليف جي تشخيص آنڊي جي مرض طور ڪئي، جيڪو ھن جو پري جو مائٽ پڻ ھو. ترت آپريشن جي
ڪجھ ڏينھن واري سڪون کان پوءِ عبدالحق کي ھڪ ڀيرو وري سخت درد اھنج اڀريا. جن جو
سبب ڦٽ ۾ انفيڪشن ھيو. ائين ھفتي ڏيڊ اندر ئي آنڊي واري زخم/ مرض، ڪينسر جي موذي شڪل
اختيار ڪئي. ڊاڪٽر ھن جو مائٽ ھئڻ ڪري، سندس علاج ۽ تپاس ۾ ڪا به ڪمي ۽ ڪسر نه ڇڏي
پر عبدالحق انھي تڪليف واري مرض کان جانبر ٿي نه سگھيو ۽ پنھنجي پيار پرڻي واري
جوان ونيءَ کي بي سھارو ۽ ابھم پٽ کي يتيم ڪري دلبر دوستن کان به پري ٿي ۲۴
اپريل ۱۹۷۵ تي ھميشه ھميشه لاءِ وڇڙي ويو. ستم ظريفي آھي جو جن ويڳن ڀائرن ۽ مائٽن عبدالحق
کي سدائين ڏنڀ ڏئي ڏکويو ساڻس ھر تعلق حياتي منجھ ئي ختم ڪري ھن جي شڪل به ڏسڻ
گوارا نه ڪئي ھئي، سي سندس موت تي دنيا آڏو روئيندا ھن جا ڪلھي ڪانڌي بڻجي، مڙھ کي
ڳوٺ سونو خان عالماڻي کڻائي ويا. جتي عبدالحق جي آخري آرام گاھ، اڄ به موجود آھي.
(جھانگير عباسي جي فيسبڪ ٽائيم
وال تان ۲۳ اپريل ۲۰۲۳ع تي رکيل/ کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا