نائله گل ”سپنا“ قاضي
شاعره جي وڇوڙي جي پهرين سار
ياسر قاضي
سال گذري ويو...
اسان عام جام خبرن ۾ لفظ ”اوچتو وڇوڙو“ ته روز پيا پڙهندا آهيون، پر هيءَ واقعي
اوچتي وڇوڙي جو وڍُ ڏئي وئي... ڇاڪاڻ ته سندس ايئن اوچتو وڃڻ جو گمان ڪنهن کي به
ڪونه هو... هڪ طرف ايئن ٿو ڀاسي ته اهو سال گذرڻ ۾ ويرم ئي ڪانه لڳي... جو وري اچي
۲۰۲۰ع جي ۲۷ جنوري ڦري بيٺي... ٻئي پاسي ٿو ڏسان ته مُون ڄڻ ان هڪ ورهه ۾ (بنا ڪنهن مُبالغي
جي) پُورو جيون گذاري ڇڏيو ۽ جيون جي ٿڌيُن ڪوسيُن مُندن جا سڀ رنگ پسي ورتا. ڪير وڇڙِي؟؟؟
هڪ پاسي: منهنجي اڪيلي ڀيڻ ۽ دوست ۽ ٻئي پاسي: سنڌيءَ جي سهڻي شاعره، نثر نويس،
استاد ۽ هڪ باصلاحيت وجُود... نائله گل قاضي... جنهن کي ادبي دنيا ”سپنا گل قاضيءَ“
جي نالي سان سُڃاڻي.
سنڌ جي نالي واري
شاعر، عالم ۽ سچل جي شارح، مقصودگل جي وڏ وَر نياڻيءَ ۽ پهريٺي ٻار جي حيثيت سان ۸ ڊسمبر ۱۹۷۷ع تي جنم ورتائين. سندس جنم، ضلعي لاڙڪاڻي جي
شهر نئين ديري ۾ پنهنجي ناناڻي گهر ۾ ٿيو. پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول
نمبر ۲ رتيديري مان ۱۹۸۷ع ۾ مڪمّل ڪري، ميٽرڪ ـ گورنمينٽ گرلس هاءِ
اسڪُول رتيديري مان ۱۹۹۲ع ۾ ۽ انٽرـ گورنمينٽ گرلس هاير سيڪنڊري اسڪُول رتيديري مان ۱۹۹۴ع ۾ نمايان نمبرن ۾ پاس ڪري، شاهه عبداللطيف
يُونيورسٽي خيرپور مان ۱۹۹۷ع ۾ بي. اي. ۽ ۲۰۰۰ع ۾ سنڌي ادب ۾ ايم. اي. جو امتحان فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪري، ”وائيس
چانسيلرس گولڊ ميڊل“ جي حقدار قرار ڏني وئي. پنهنجي لاڏاڻي کان ٻه سال اڳ ساڳئي ئي
مادرِ علميءَ ۾ ايم.فل. ۾ رجسٽر ٿي ڪورس ورڪ ۾ رُڌل هئي. سندس پُورو تعليمي
ڪيريئر، هڪ ذهين ۽ باصلاحيت شاگردياڻيءَ جي حيثيت سان گذريو. ان ئي اعليٰ تعليمي
قابليت سبب ۲۰۰۷ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري، ۲۰۰۸ع ۾ سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي ۾ سنڌيءَ جي
ليڪچرار مقرر ٿي ۽ مستقبل جي معمار ٻارڙين کي پڙهائڻ جو ڪم آخري دم تائين نهايت
خوش اسلُوبيءَ ۽ خوشيءَ سان انجام ڏيندي رهي. سندس گهڻو تڻو عرصو گورنمينٽ گرلس
ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ليڪچرار جي حيثيت سان پڙهائيندي گذريو، جڏهن ته ڪجهه عرصو هُوءَ
لاڙڪاڻي ۾ نئين قائم ٿيل نياڻين جي ڪاليج، بيگم نصرت ڀٽو گورنمينٽ گرلس ڪاليج
لاڙڪاڻي ۾ پڻ تدريسي خدمتُون انجام ڏيندي رهي. ليڪچرار طور تعليم کاتي ۾ داخل ٿيڻ کان
اڳ هُن پنهنجي ڏاڏي سائينءَ، قاضي عبدالحيُّ ”قائل“ جي نالي پٺيان پنهنجي والد پاران
قائم ڪيل اسڪُول ”عبدالحيُّ قاضي ماڊل اسڪُول“ ۾ ڳچ ورهَيه پڙهايو ۽ انتظامي خدمتُون
انجام ڏيندي، پنهنجي پيءُ ـ مقصود گل جو هٿ ونڊايو. ان دؤران هن، ان ئي اسڪُول پاران
جاري ٿيندڙ ٻارن جي رسالي ”گلدستو“ جي سب ايڊيٽر جي حيثيت سان رسالي جي سهيڙ ۽
سٽاءَ ۾ پنهنجو فنڪاراڻو ڀاڱو شامل ڪيو. جيڪو رسالو سڄيءَ سنڌ ۾ مقبول ٿيو.
نائله پنهنجي قلمي سفر
جو آغاز ڪڏهن کان ڪيو! ان جي ڪَٿَ ان ڪري ناممڪن آهي، ڇاڪاڻ ته هن جنهن ماحول ۾ اک
کولي، اهو ڪُل وقتي علمي، ادبي ۽ تعليمي ماحول هو. مقصُود گل جي نياڻي، قاضي عبدالحيّ
”قائل“ جي پوٽِي، قاضي خضر حيات، قاضي اختر حيات ۽ قاضي منظر حيات جي ڀائيٽيءَ، پهرين تحرير ڪڏهن
لکي هُوندي، يا اسٽيج تي پهريون ڀيرو مقرره جي حيثيت سان ڪڏهن جلوي افروز ٿي هوندي،
ان بابت ڪجهه به چئي سگهڻ مشڪل آهي، ڇاڪاڻ ته ننڍا ننڍا مضمُون لکڻ ته مُون ۽ نائله
پرائمري ڪلاسن کان ئي شرُوع ڪري ڇڏيا هئا، جو ٻئين ٽئين ڪلاس ۾ بابا اسان ڀيڻ ڀائرن
کي ڪيڏانهن به گهمائڻ وٺي هلندو هو ته واپسيءَ تي اها اسان جي سڀ کان پهرين ۽ سخت
ترين ڊيُوٽي هوندي هئي ته اسان ان سير جو سفرنامو لکُون، جيڪو بابا تصحيح کان پوءِ
ڪنهن نه ڪنهن ٻاراڻي رسالي يا ڪنهن اخبار جي ٻارن لاءِ شايع ٿيندڙ صفحي ۾ شايع ڪرائي
ڇڏيندو هو، پر نائله جي باضابطه پهرين تحرير هڪ شعري اسم ئي هو، جيڪو ۱۹۸۸ع ڌاري اخبار ۾ ”نائله مقصُود گل“ جي نالي
سان ڇپيو هو، جڏهن سندس عمر ۱۱ سال هئي ۽ هوءَ ڇهين ڪلاس جي شاگردياڻي هئي، پر هن ”سپنا
گل قاضيءَ“ جي قلمي نالي سان باضابطه طور تي ۱۹۹۳ع کان لکڻ شرُوع ڪيو. سپنا، بنيادي طرح شاعره
هئي ۽ پابند توڙي آزاد شاعريءَ جي لڳ ڀڳ هر صنف تي طبع آزمائي ڪرڻ سندس مستقل شعري
مشق جو حصو هو، پر سندس نثر به ڪمال جو هو. ايم. اي. سنڌيءَ لاءِ سسئيءَ جي ڪردار
جي (ڀٽائيءَ ۽ ٻين اساسي شاعرن جي زباني) شاعراڻي اُپٽار جي موضوع تي، نامياري محقق ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر
جي نگرانِيءَ ۾ لکيل سندس تحقيقي مونوگراف، سندس نثري صلاحيت جو شاهڪار آهي، جيڪو
جلد ڇپجي پڙهندڙن تائين پهچندو. سندس شاعريءَ جا به گهٽ ۾ گهٽ ۳ مجمُوعا ترتيب ۽ اشاعت جا منتظر آهن. سپنا
جي شاعريءَ جي ڪائنات، هڪ نهايت خوبصورت تصوّراتي دنيا تي ٻڌل آهي، جنهن جي پسمنظر
۾ حقيقت جي تلخ رنگن جا داغ به نظر اچن ٿا، جن کي پڙهڻ سان درد جو ادراڪ ۽ ٻُڏي
اُڀرڻ جو اتساهه ملي ٿو. سپنا، سهڻي شاعره سان گڏوگڏ، باصلاحيت خطاط ۽ اسڪيچ آرٽسٽ
به هئي. سندس موتيءَ داڻن هٿ ــ اکرن تي ڇپائيءَ جو گمان ٿيندو هو.
ڊبيٽر جي حيثيت سان
به نائله ٽئين ڪلاس کان وٺي اسٽيج ۽ ڊائيس سان اهڙي دوستي رکي، جو ڪنهن به مجمعي
جي سامهُون ڪنهن به موضوع تي ڳالهائڻ، ڪمپيئرنگ توڙي سُريلي ۽ رسيلَي انداز ۾ ڀٽائيءَ
کي جهونگارڻ هن لاءِ ڪوئي مسئلو ڪڏهن به نه رهيو، جنهن جو انداز دلپزير به هو ته عام
فهم پڻ.
صحت جي حوالي سان
بظاهر ڪنهن به وڏيءَ شڪايت نه هجڻ جي باوجُود کيس سال ۲۰۱۸ع جي آخر ۽ ۲۰۱۹ع جي مُهڙ ۾ ساهه ۾ مُونجهه جي شڪايت ٿي، جنهن
جي پيرائتي تپاس کان پوءِ سندس ڦڦڙن ۾ پاڻي ڀرجڻ جي تشخيص ٿي، جنهن سلسلي ۾ کيس
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرن علاج خاطر اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جو مشورو ڏنو. گهر ڀاتين جي صلاح
مُوجب ساڳيو علاج ڪراچيءَ ۾ ڪرائڻ لاءِ صلاح بيٺي. ان ڏس ۾ بظاهر ڪابه ايمرجنسي
نظر نه ٿي آئي، نه ته کيس لاڙڪاڻي ۾ ئي داخل ڪرايو وڃي ها. هڪ سال اڳ اڄوڪي ئي
ڏينهن ــ آچر، ۲۷ جنوري ۲۰۱۹ع تي صبح جو لاڙڪاڻي مان ڪراچيءَ لاءِ روانگي ٿي. دادوءَ پهچڻ شرط کيس
اوچتو ساهه ۾ مُونجهه جي تڪليف ٿي، جيڪا لمحن اندر ايتري وڌي وئي، جو کيس دادوءَ
جي سول اسپتال جي ايمرجنسي شعبي ۾ آندو ويو، پر اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي چند لمحن اندر
هن پنهنجو دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. سندس وفات رڳو سندس ڪٽنب، دوستن ۽ واقفڪارن لاءِ ئي
نه، بلڪه سنڌي ادب سان وابسته هر خاص توڙي عام لاءِ ان حد تائين ناقابلِ يقين هئي،
جو سال گذرڻ باوجُود به هن جوان مرگ مسافر جي روانگيِءَ جي پڪ ڪانه ٿي پوي. لاڏاڻي
جي ٻئي ڏينهن ــ سُومر، ۲۸ جنوري ۲۰۱۹ع تي کيس ڪراچيءَ جي ملير ماڊل ڪالونيءَ ويجهو مهراڻ ڊيپُو روڊ واري قديم
قبرستان ۾ ڌرتيءَ امڙ جي حوالي ڪيو ويو، جتي هُوءَ ابدي آرامي آهي.
ظاهري وجُود جي طبي
عمر جي پورائي کان پوءِ فنا ٿيڻ جي حقيقت کان ڪوبه انڪاري ٿي نه ٿو سگهي ۽ نه ئي
ڪو ان قانُونِ فطرت کان آجو ٿي سگهي ٿو، البته هر جيءُ، پنهنجيءَ ڪيل پورهئي جي بدؤلت
پنهنجي ظاهري وڇوڙي کان پوءِ به زندهه رهي سگهي ٿو. نائله کي جيتوڻيڪ قلمي دنيا ۾
اڃا مڪمل طور تي پاڻ اظهارڻ جو موقعو نه ملي سگهيو هو ۽ اڃا شاهڪار تحريرون سندس
قلم منجهان اظهارجڻيُون هيون، پر تنهن جي باوجُود سپنا جيڪو ڪجهه لکيو، سندس پڙهندڙن
پڙهيو، يا پڙهبو، جيڪي علم جا ڏيئا هن روشن ڪيا، انهن تحريرن توڙي تدريسي خدمتن جو
سوجهرو کيس جلدي مرڻ ڪونه ڏيندو.
ڀٽائيءَ جي بقول،
سندس سامُونڊِي وڻجاري جا ته نه تڙَ رهيا، نه هوڙاڪَ (ٻيڙيءَ ٻڌڻ لاءِ کُتل ڪاٺيُون
يا لوهه جا ٿنڀا) ۽ نه سندن وايُون... پر منهنجِي هن وڻجاريءَ جا تڙَ به اڃا کيس
واجهائين پيا، هوڙاڪ به هن لاءِ آتا آهن ۽ سندس وايُون ته سندس پڙهندڙن، شاگردن،
دوستن، سڄڻن ۽ جي زبان رستي پيُون ڳائبيُون ئي.
سپنا گل قاضي
گُلَ جي خوشبُو
سارَ جي سفر ۾ ڀَٽڪندي،
وڏي اسُرَ ويلَ ڪنهن ڳوٺ نُما شهر جي هڪ وڏي گهٽيءَ ۾ ڀَٽڪي پهتس... جنهن جو هُڳاءُ
مونکي هن پاسي گِهِلي آيو... نگر ته ’غمدل‘، ’سام‘ (جئه سنگهاڻيءَ) ۽ ’قائل‘ جو ٿو
لڳي... پر هن گهٽيءَ ۾ هيءَ ڪيڏي منَ موهيندڙ خوشبوء آ... دل ۽ ذهن کي سرشار ڪري ڇڏيندڙ...
رُوحَ کي رعنائيون بخشيندڙ... هن گهٽيءَ جو هي گهر ايڏو اُجرو ڇو آ؟ جنهن جي ڇت تي
ڪنول گُل جي مهانڊَي تي تعمير ٿيل پاڻيءَ جي ٽانڪِي نظر پئي اچي... ٽن ڏاڪن سان گهر
جي داخلي دروازي جي ڪانن جي چِکَ (پَتَرَ) سان ڍڪيلَ دروازي جي ڀر ۾ تختي لڳل... جنهن
جي پيشانيءَ تي لکيل آ ”المنظر“... هيٺان ٻي به ننڍڙي تختي لڳل آ... روشني گهٽ هجڻ
جي ڪري ان تي درج ٿيل لفظ چٽا نه پئي نظر آيا... ويجهو وڃي ڏٺم... اها تختي منهنجي
قد کان الاهي مٿي هُئي... پَٻن تي بيهي، پڙهڻ جي ڪوشش ڪيم... لکيل هو ”مقصود گل“...اڇا!؟
هي سائين مقصود گل جو گهر آهي!؟ ’قائل‘ جو طلسماتي قصر آهي؟ تڏهن هن سڄيءَ گهٽيءَ
۾ ساهت جي سُرهاڻ ڦهلي پئي آ؟؟؟ هي آهي تخليقڪارن ۽ فنڪارن جو گهر!؟ تڏهن ان جي ڪنول
جي گُلَ جي مُهانڊَي واري ٽانڪي به تخليقي زبان پئي ڳالهائي؟؟؟ اهو سوچي ئي رهي
هيس ته ”المنظر“ جي بلڪل ڀرسان واريءَ ’قاضي مسجد‘ مان فجر جي آذان جي صدا گُونجي...
جنهن (مسجد) جو اڱڻ اڳي هن ئي گهر جي اڱڻ جو حصّو هو...ان درَ تي بيٺي ياد آيُم ته۲۷ جنوريءَ جي تاريخ گذريل ٻن سالن کان سنڌ جي
هڪ اهڙي سٻاجهڙي شاعر، نثرنويس، ليکڪ، استاد، تعليمدان، ڪمپيئر ۽ پنهنجي ذات ۾ اعليٰ
گُڻن جي مالڪ شخصيت جي اسان کان وڇڙڻ جو درد ۽ جهوراڻي جو جِهيرُ کڻي ايندڙ ڏينهن
آهي، جنهن کي سندس تعليمي حلقي سان واڳيل فردَ ”پروفيسر نائله گل قاضيءَ“ جي نالي
سان سُڃاڻن ٿا، جڏهن ته سنڌي ادب، کيس ”سپنا گل قاضيءَ“ جي نالي ۽ حوالي سان سُڃاڻي
ٿو. مٿي جڏهن مون گُڻن جو ذڪر ڪيو ته ان ۾ سندس فنونِ لطيفه سان وابستگيءَ واري تخليقي
لياقتَ به شامل آهن، ته سندس اعليٰ اخلاقي قدرن وارا ذاتي لڇڻ به... جنهن ڪري سندس
وجودَ، هن معاشري کي رُڳو سُڳنڌون ئي ارپيون. لاڙڪاڻي جا تعليمي ۽ تدريسي حلقا هن
باصلاحيت جوان مرگ استاد جي مختصر تدريسي سفر ۾ سندس نمايان خدمتون وڏي عرصي تائين
وساري ڪونه سگهندا، ڇاڪاڻ ته هن ڪلاس رُوم ۾ پنهنجي ابلاغ سان ڀرپور پاڙهڻ جي
منفرد انداز توڙي ٻارن جي صلاحتين کي ڄاڻي ۽ سڃاڻي، انهن مان هر ڪنهن جي وِتَ جي مناسبت
سان ڌار ڌار توجهه ڏيڻ واريءَ ان ڏهاڪا پراڻيءَ ريت کي وري رائج ڪيو، جنهن لاءِ
اسان جا ماضيءَ جا استاد مشهور هئا، جن ۾ هڪ نفسياتي ماهر واريون سموريون صلاحيتون
موجود هونديون هيون. جيڪي ڪنهن به ٻار کي بيڪار سمجهي، ان کي عدم توجهيءَ جو شڪار ڪونه
بڻائيندا هئا، بلڪه هر ڪنهن جا ڳُڻَ ڌار ڌار سُڃاڻي، انهن ۾ اهي اجاڳر ڪرڻ جي ڪوشش
ڪندا هئا. اهو سڀ ڪجهه جي هن دؤر جي عام استاد مان ڀلي ڪو توقّع نه ڪري، پر جيڪا
سنڌ جي ويجهي ماضيءَ جي سرموڙ شاعر ۽ عظيم انسان، مقصود گل جي نياڻي ۽ پهريون ٻار
هجي (جنهن جي شاعراڻِي سڃاڻ سان گڏوگڏ سندس هڪ عظيم استاد جي سڃاڻپ کي به نظر انداز
نٿو ڪري سگهجي)، جيڪا پنهنجن شاگردن ۽
انهن جي اولاد جي دلين تي اڄ ڏينهن تائين رقم ٿيل مثالي استاد، تعليمدان ۽ اخلاق
اُجار معلّم، قاضي عبدالحيّ ”قائل“ جي پوٽِي هجي ۽ جيڪا قاضي عبدالحق ”عبد“ جي پڙَ
پوٽي هجي ۽ وڏي ڳالهه ته گلنار بدر جهڙي عظيم ماءُ جو پهريٺي ٻار هجي... اُن مان
به اوهان اُن يڪتائيءَ جي اميد نه رکندئو ڇا؟ جنهن جي ”ڊِي اين اَي“ ۾ ئي علم ۽
ادب موجُود هجي، جنهن جي رڳن ۾ رت سان گڏ وضعداري ۽ فضيلت گردش ڪندي هجي. اهڙي سُشيل،
سدوري، پنهنجي خانداني روايتن جي پاسدار سهڻي ساهتڪار ۽ تعليمدان اسان کان ٻه ورهه
اڳ ايئن اوچتو هٿ ڇڏائي وئي، جو اڃا تائين پڪ ڪانه ٿي پوي ته هوءَ اسان جي وچان ايئن
اُٿي وئي آهي.بقول استاد بخاريءَ جي ”المنظر ـ رتوديرو“ فقط هڪ عام گهر ناهي، بلڪه
ماڻهو سازيءَ جي هڪ اهڙي فيڪٽري آهي، جنهن مان نه رڳو شرم، حياءَ، علم، حلم، ادب،
تميز جي تربيت ٿيل هن معاشري جا فرد جنم وٺندا آهن، بلڪه هي ڄڻ ته تخليقڪارن جو ڪارخانو
آهي، جتان هر دؤر ۾ سنڌ کي شاعر، مصوّر، صحافي ۽ استاد ميسّر ٿيندا رهيا آهن. سهڻو
مقصود گل چوندو هو ته ”اسان جي گهر ۾ جيڪو پيدا ٿيندو آهي، ان جي هڪ هٿ ۾ قلم
هوندو آهي ته ٻئي هٿ ۾ بُرش!“ سنڌي ساهت جي هنن ٻن هيڏن وڏن تخليقڪارن، ان خانوادي
جي حوالي سان، جيڪي وصفون بيان ڪيون، ان کان پوءِ مون ناچيز جو ڪوبه تبصرو بي جا هوندو.
نائله به پنهنجي هڪ هٿ ۾ قلم ۽ ٻئي هٿ ۾ بُرش کڻي پيدا ٿي. ننڍپڻ کان بيڪار دَٻن،
گُگهين، پيڪنگ جي شين ۽ بلب جي دٻن کي ڪتب آڻي، ان مان دلچسپ ۽ عجب جهڙيون شيون
تخليق ڪندڙ نائله، خطاطيءَ توڙي اسڪيچ ڊرائنگ جي لحاظ کان ايڏي سهڻي ڊزائنر هئي،
جو جيڪڏهن پيشاورانه طور هوءَ فقط فائين آرٽس جو شعبو ئي پنهنجي اظهار لاءِ چونڊي
ها، ته هن وقت سنڌ ۾ سندس معيار جي ٻي ڪا ڪيليگرافر ۽ چترڪار نه هجي ها. هوءَ آرٽ
۾ پنهنجي ٻئي نمبر چاچي ۽ سنڌ جي ناليواري مصوّر، قاضي اختر حيات کي پنهنجو استاد
سمجهي ٿي، جنهن سندس ابتدائي ڪلاسن کان ميٽرڪ تائين جي تعليم ۾ پڻ وڏو اهم ڪردار
ادا ڪيو ۽ نائله جهڙي ذهين ۽ هُوشيار شاگردياڻيءَ کي سماج جو انتهائي ڪارآمد فرد بڻائڻ
۾ هڪ مالهيءَ جو ڪردار ادا ڪيو، جنهن سپنا جي روپ ۾ هڪ سَلو پوکي ان کي مسلسل پيار
۽ وصفن جو پاڻي ڏنو ۽ اسان کي سپنا جهڙي سُهڻي تخليقڪار جي صورت ۾ هڪ سائي دار وڻ ڏنو.
شاعريءَ جي ميدان ۾ غزل کان نظم، وائيءَ کان ترائيل، چؤسٽي کان سانيٽ، پنجڪڙن کان
آزاد نظم تائين، سپنا لڳ ڀڳ هر مُروّج صنف تي لکيو ۽ سهڻو لکيو... منفرد لکيو. ڀٽائيءَ
کان غالب ۽ اقبال جي هن پُرجهيلَ پڙهندڙ جا تحرير ۾ موضوعَ رومان کان وٺي ڌرتيءَ
جي درد تائين لاتعداد هئا. پنهنجي عظيم پيءُ وانگر هن جو رومانوي نظم يا غزل به ڪٿي
نه ڪٿي پنهنجن پنهوارن جي سِڪَ ۽ سنڌ جي سُٻنڌ تي اچي پورو ٿئي ٿو ۽ سندس محبّت جا
سڀ رستا، اچي مٽيءَ سان موهه تي کُٽن ٿا.
شاهه عبداللطيف
يونيورسٽي خيرپور مان سال ۲۰۰۰ع ۾ سنڌي ادب ۾ ماسٽرس جو امتحان ”فرسٽ ڪلاس فرسٽ
پوزيشن“ ۾ پاس ڪرڻ، ”وائيس چانسيلرس ميڊل“ ماڻڻ، مقصود گل جي ادارت ۾ شايع ٿيندڙ ٻارن
جي مقبول رسالي ”گلدستي“ جي نائب ايڊيٽري ڪرڻ، عبدالحيّ قاضي ماڊل اسڪول رتيديري
کان وٺي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۽
بيگم نصرت ڀٽو ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پاڙهڻ، اڪيچار اسٽيج پروگرامن جي ڪمپيئرنگ ۽ ريڊئي
تان لاتعداد سهڻا پروگرام ڪرڻ تائين جا سڀ دنياوي حوالا ۽ خوبيون پنهنجيءَ جاءِ تي
امُلهه، پر سپنا جي ذات جو سُڀاءُ، شائستگي، سٻاجهڙائپَ ۽ گفتار توڙي ڪردار، تحرير
توڙي تقرير جي سُونهن ڪٿي ملندي!! جنهن سان سندس شاگردن ۽ هم مڪتب ساٿياڻين کان وٺي
سندس پاڙي جي ٻارن تائين سڀ ڪيڏو شدّت سان پيار ڪندا هئا... اهو ڪو انهن کان پُڇي!
سارَ جو سفر کُٽو نه
هو... جاري هو...
ويرم لاءِ اک ٻُوٽَي
کوليم ته مورڙي جي شهر جي هڪ شهرِ خموشان ۾ هڪ سهڻي مرقد جي سامهون... ادب مان ڪنڌ
جُهڪائي پاڻ کي بيٺل ڀانيُم...
سُهڻِو...’ڪِريم ڪلر‘
جي ماربل سان سينگاريل مرقدُ... جنهن جي پيشانيءَ تي شعر لکيل آ:
سڀ دريُون درَ ورِي
ورائي ڇڏ
ساهُه ٻُوساٽجي
هوائُن سان
هتي ته سپنا سُتل
آهي... اهو ته سندس شعر آهي... جيڪو سندس ڪتبي تي تحرير ٿيل آهي... اوچتو منهنجو
به ساهُه ٻُوساٽجڻ لڳو... ته ڪيئن ان ئي ساهه ٻُوساٽجڻ جي تڪليف ۾ هن اڄ کان ٻه
سال اڳ پنهنجو آخري ساهه استاد بخاريءَ جي شهر وٽان گذرندي کنيو هوندو...
منهنجا نيڻ لڙڪن
سان ڀرجي ويا... ۽ سُڏڪا مونکي لوڙهڻَ لڳا...
پل ۾ ايئن لڳو، ڄڻ ڪنهن
شفيق وجودَ پنهنجا ٻئي هٿَ منهنجي مٿي تي رکيا.... ۽ منهنجو مٿو پنهنجي سيني سان
لائي، مونکي آٿت ڏيڻ لاءِ، منهنجي ڪن ۾ سُرٻاٽ ڪري پنهنجو شعر پڙهيو:
’گلَ‘ جي خوشبُوء
آهه گهڙي کن جي لئه پر،
پوءِ به ڪيئي جيءَ
جيئاري جيئندي آ (مقصود گل)
ڪيڏو نه سچ آ... ۴۲ سالن جي مختصر ڄمار ۾ سپنا، مون سُوڌا ڪيئي
جيءَ جيئاري وئي، جيڪي کيس پيا ياد ڪندا ۽ سار جي سفر ۾ کيس مرڻ نه ڏيندا.
(ڏيھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۷ جنوري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
کل اور کسی نام سے آ جائیں
گے ہم لوگ
یاسر قاضی
دو برس بیت
گئے۔ ہم خبروں میں عموماً ’’اچانک بچھڑ گئے” کے الفاظ تو روزانہ پڑھتے رہتے ہیں،
مگر یہ تو واقعتاً اچانک ہی بچھڑ گئی اور ایک درد لادوا دے گئی۔ کیونکہ اس کے یوں
اچانک اور ناگہانی جانے کا کسی کو گمان تک بھی نہ تھا۔ ایک طرف ایسا محسوس ہو رہا
ہے کہ جیسے یہ دو برس گزرنے میں کوئی وقت ہی نہیں لگا کہ ایک اور برس 2021ء کا 27
جنوری آن کھڑا ہو گیا۔ دوسری جانب دیکھتا ہوں تو میں نے جیسے ان دو برسوں میں (بلا
مبالغہ) پوری زندگی گزار دی اور جیون کے سرد و گرم موسموں کے تمام تر رنگ اس دوران
محسوس کر لیے۔
کون بچھڑا؟
ایک طرف: میری
واحد بہن اور دوست اور دوسری جانب: سندھی زبان و ادب کی حسن بیاں رکھنے والی
شاعرہ، نثر نویس، استاد، مقرر، کمپیئر اور معاشرے کی ایک باصلاحیت فرد نائلہ گل
قاضی۔ جسے ادبی دنیا، اس کے ادبی نام ”سپنا گل قاضی“ سے جانتی ہے۔
سندھ کے
نامور اور قادرالکلام شاعر، عالم، صحافی اور سچل سائیں کے شارح، مقصود گل کی سب سے
بڑی بیٹی اور پہلوٹھی اولاد کی حیثیت سے 8 دسمبر 1977ء کو پیدا ہوئیں۔ پیدائش، ضلع
لاڑکانے کے نوڈیرو نامی شہر میں اپنے ننہیال میں ہوئی۔ پرائمری تعلیم گورنمنٹ
پرائمری سکول نمبر 2 رتوڈیرو سے 1987ء میں مکمل کر کے، میٹرک گورنمنٹ گرلز ہائی
سکول رتوڈیرو سے 1992ء میں اور انٹرمیڈیٹ گورنمنٹ گرلز ہائیر سیکنڈری سکول رتوڈیرو
سے 1994ء میں نمایاں نمبروں میں پاس کیا، جامعہ شاہ عبداللطیف خیرپور سے 1997ء میں
بی اے اور 2000ء میں سندھی ادب میں ایم اے کا امتحان پاس کیا اور اس میں پہلی پوزیشن
حاصل کر کے ”وائس چانسلرز گولڈ میڈل“ کی حق دار قرار پائیں۔ اپنی رخصت سے دو برس
قبل اسی یونیورسٹی میں ایم فل میں رجسٹرڈ ہو کر کورس ورک میں مصروف تھیں کہ زندگی
نے ان کے ساتھ وفا نہ کی۔
ان کا تمام
تر تعلیمی کرئیر ایک ذہین اور باصلاحیت طالبہ کی حیثیت سے گزرا۔ اسی اعلیٰ تعلیمی
قابلیت کی بدولت 2007ء میں سندھ پبلک سروس کمیشن کا امتحان پاس کر کے، 2008ء میں
وہ حکومت سندھ کے محکمۂ تعلیم میں سندھی کی استاد (لیکچرر) مقرر ہوئیں اور تا دم
آخر نہایت خوش اسلوبی، خوشی، خلوص نیت اور دیانت داری کے ساتھ اپنی ذمہ داریاں
انجام دیتی رہیں۔ ان کی ملازمت کا زیادہ تر عرصہ گورنمنٹ گرلز ڈگری کالج لاڑکانہ میں
لیکچرر کی حیثیت سے پڑھاتے گزرا، جبکہ کچھ عرصہ وہ لاڑکانہ میں مادر جمہوریت کے
نام سے قائم ہونے والے بچیوں کے نئے کالج، ’بیگم نصرت بھٹو گورنمنٹ گرلز ڈگری
کالج‘ میں بھی تدریسی خدمات انجام دیتی رہیں۔
لیکچرر کے
طور پر محکمۂ تعلیم سندھ سے وابستگی سے قبل انہوں نے رتوڈیرو میں اپنے مرحوم دادا
(اور سندھ کے معروف شاعر و استاد) قاضی عبدالحئی ”قائل“ کے نام کی یادگار کے طور
پر قائم سکول ”عبدالحئی قاضی ماڈل سکول“ میں بھی کئی برس تک پڑھایا اور ساتھ ساتھ
وہاں انتظامی خدمات انجام دیتے ہوئے، اپنے والد مقصود گل کا ہاتھ بھی بٹاتی رہیں۔
اسی دوران انہوں نے اسی سکول کی جانب سے جاری ہونے والے بچوں کے سندھی ادبی رسالے
”گلدستو“ کی سب ایڈیٹر کی حیثیت سے رسالے کی تزئین و آرائش میں اپنی فنکارانہ صلاحیتوں
کا حصہ ڈالا۔ نونہالوں کا یہ رسالہ سندھ بھر میں مقبول رہا۔
نائلہ نے
اپنے قلمی سفر کا آغاز کب سے کیا، اس کا اندازہ لگانا اس لئے مشکل ہے کہ انہوں نے
جس ماحول میں آنکھیں کھولیں، وہ ایک کل وقتی علمی، ادبی اور تعلیمی ماحول تھا۔
مقصود گل اور گلنار بدر کی بیٹی قاضی عبدالحئی قائل کی پوتی، قاضی خضرحیات، قاضی
اختر حیات اور قاضی منظر حیات کی بھتیجی نے، اپنی پہلی تحریر کب لکھی ہو گی، یا کسی
بھی اسٹیج پر پہلی مرتبہ مقررہ کی حیثیت سے کب جلوہ افروز ہوئی ہوں گی ، اس بابت
کچھ بھی کہا جانا مشکل ہے، کیونکہ چھوٹے چھوٹے مضامین لکھنا تو میں نے اور نائلہ
نے اپنی پرائمری کلاسوں ہی سے ایک ساتھ شروع کر دیا تھا اور دوسری تیسری کلاس سے ہی
ابو جب ہم بہن بھائیوں کو کہیں بھی گھمانے لے جایا کرتے تھے تو واپسی پر ہماری اولین
ذمہ داری یہ ہوا کرتی تھی کہ ہم اس سیر کا احوال لکھیں جو ابو بعد از تصحیح و ترمیم
بچوں کے کسی رسالے، جریدے یا کسی اخبار میں شائع کرا دیتے تھے اور ہماری ہمت افزائی
ہو جایا کرتی تھی۔
مگر نائلہ کی
باضابطہ پہلی تحریر ایک شعری تخلیق ہی تھی، جو 1988ء کے قریب کسی اخبار میں ”نائلہ
مقصود گل“ کے نام سے شائع ہوئی تھی، جب ان کی عمر محض 11 برس تھی اور وہ چھٹی کلاس
کی طالب علم تھیں، مگر انہوں نے ”سپنا گل قاضی“ کے قلمی نام سے باضابطہ طور پر
1993ء میں لکھنا شروع کیا۔ سپنا بنیادی طور پر ایک شاعرہ تھیں مگر ان کی نثر بھی
کمال تھی۔
سندھی ادب میں
ایم اے کے آخری سال کے دوران سسئی کے لوک رومانوی کردار کے (حضرت شاہ عبداللطیف
بھٹائی اور دیگر اساسی سندھی شعراء کی زبانی) شاعرانہ اظہار کے موضوع پر نامور
محقق اور لطیف شناس اسکالر، ڈاکٹر شاہنواز سوڈھر کی نگرانی میں تحریر شدہ ان کا
تحقیقی مونوگراف (مقالہ) ، ان کی نثری تحریری صلاحیت کا منہ بولتا ثبوت ہے، جو جلد
شائع ہو کر قارئین تک پہنچے گا۔ ان کی شاعری کے بھی کم از کم 3 مجموعے ترتیب و تدوین
و اشاعت کے منتظر ہیں۔
سپنا کی
شاعری کی کائنات، ایک بہت ہی خوبصورت تصوراتی دنیا پر مشتمل ہے، جس کے پس منظر میں
حقیقت کے تلخ رنگوں کے داغ بھی نمایاں طور پر نظر آتے ہیں، جن کو پڑھنے سے درد کا
ادراک اور ڈوب کر ابھرنے کا حوصلہ ملتا ہے۔ اپنے والد کی طرح ان کی شاعری میں بھی
ان کے رومان کے تمام راستے، اپنی دھرتی اور اس سے وابستہ لوگوں کی محبت پر آ کر
اختتام پذیر ہوتے ہیں۔
سپنا، ایک
کامیاب شاعرہ ہونے کے ساتھ ساتھ، باصلاحیت خطاط اور اسکیچ آرٹسٹ بھی تھیں۔ ان کی
موتی کے دانوں کی مانند خوشخطی پر چھپائی کا گمان ہوا کرتا تھا۔
بحیثیت
مباحثہ کار (ڈبیٹر) بھی نائلہ نے تیسری جماعت ہی سے اسٹیج کے ساتھ ایسی دوستی رکھی، کے کسی بھی مجمعے کے
سامنے کسی بھی موضوع پر تقریر کرنا، نظامت کے فرائض انجام دینا یا اپنی سریلی اور
رسیلی آواز میں حضرت شاہ عبداللطیف بھٹائی کے کلام کو گنگنانا، ان کے لئے کوئی مسئلہ رہا۔
زمانۂ طالب
علمی میں اپنے سکول و کالج اور زمانۂ تدریس کے دوران اپنے کالجز میں منعقد ہونے
والے تقریباً تمام جلسوں، سیمینارز، سمپوزیمز اور کانفرنسز کی کمپیئرنگ کے فرائض
سپنا ہی انجام دیا کرتی تھیں۔ اسی ذوق اور لیاقت کے پیش نظر انہوں نے لاڑکانے کے ایک
نجی ریڈیو کے لئے خصوصی عالمی و مذہبی دنوں کی مناسبت سے مختلف ریڈیو پروگراموں کی
میزبانی بھی کی، جو صوبائی نشریاتی رابطے پر سندھ بھر میں نشر ہوتے رہے اور سامعین
میں بے حد مقبول رہے۔
صحت کے
حوالے سے بظاہر کسی بھی بڑی شکایت نہ ہونے کے باوجود انہیں سال 2018ء کے اواخر اور
2019ء کے اوائل میں سانس اکھڑنے کی غیر معمولی شکایت کا سامنا ہوا، جس کے تفصیلی
معائنے کے بعد ان کے پھیپھڑوں میں پانی بھر جانے کی تشخیص ہوئی، اس سلسلے میں انہیں
لاڑکانے کے معالجین نے علاج کی غرض سے مقامی ہسپتال میں داخل ہونے کا مشورہ دیا۔
گھر کے افراد نے وہی علاج کراچی میں کرانے کا ارادہ کیا۔ اس سلسلے میں بظاہر کوئی
بھی ایمرجنسی پیش نظر نہیں تھی، ورنہ انہیں لاڑکانے ہی میں داخل کرا لیا جاتا۔
دو برس قبل،
اتوار، 27 جنوری 2019ء کو صبح لاڑکانo سے بذریعہ روڈ کراچی کے لئے
روانگی ہوئی۔ ابھی دو گھنٹے کا سفر طے کر کے دادو ہی پہنچے تھے کہ ان کی سانس کی
تکلیف اچانک سے بڑھ گئی، جو لمحوں کے اندر اس قدر بڑھ گئی کہ انہیں دادو کے سول
ہسپتال کے شعبۂ ایمرجنسی میں لانا پڑا مگر ہسپتال پہنچنے سے قبل ہی چند لمحوں کے
اندر اندر انہوں نے اپنی سانس کی امانت پروردگار عالم کے سپرد کر دی۔
ان کی وفات
نہ صرف ان کے خاندان، عزیز و اقارب، دوستوں اور جاننے والوں کے لیے بلکہ سندھی ادب
سے متعلق ہر خاص و عام کے لئے اس حد تک ناقابل یقین تھی کہ دو برس گزر جانے کے
باوجود بھی اس جواں مرگ مسافر کی رخصت کا یقین نہیں ہو پا رہا۔ انتقال کے اگلے روز
پیر، 28 جنوری 2019ء کو، بعد از ظہر انہیں کراچی کی ملیر ماڈل کالونی کے قریب
مہران ڈیپو روڈ کے قدیم قبرستان میں دھرتی ماں کے سپرد کیا گیا، جہاں وہ ابدی سو
رہی ہیں۔
ظاہری وجود
کی طبی یا طبعی عمر کی تکمیل کے بعد فنا ہونے کی حقیقت سے کوئی بھی انکار نہیں کر
سکتا البتہ ہر وجود، اپنی زندگی کے دوران انجام دیے جانے والے کار ہائے نمایاں کی
بدولت زندہ رہ سکتا ہے۔ نائلہ کو اگرچہ قلمی دنیا میں ابھی مکمل طور پر اپنی صلاحیتوں
کے اظہار کا موقع میسر نہ ہو سکا تھا۔ ابھی ان کے قلم سے اور کئی شاہکار تحریروں
کا ظہور ہونا تھا، جو ان کہی رہ گئیں، مگر اس کے باوجود سپنا نے جو کچھ لکھا، ان
تحریروں کا اجالہ انہیں اتنی جلدی ہم میں سے رخصت نہیں ہونے دے گا۔
سپنا گل قاضی
کا گو کہ تخلص ”سپنا“ تھا مگر وہ اور ان کی کائنات تخلیق، ایک خوبصورت حقیقت ہے جو
ہمیشہ جہان سندھی ادب میں جگمگاتی رہے گی۔ سپنا جیسے تخلیق کار، روح سفر اور نقیبان
تحریک سخن ہوا کرتے ہیں۔
ہم روح سفر
ہیں، ہمیں ناموں سے نہ پہچان
کل اور کسی
نام سے آ جائیں گے ہم لوگ
(سندھی کی صاحب بیان شاعرہ نائلہ گل ”سپنا“ قاضی کی جدائی کے دوسرے برس کی مناسبت سے)
پروفيسر نائله گل “سپنا”
قاضيءَ
[ نائله مقصُود گل ] (۱۹۷۷ع ـ ۲۰۱۹ع) - گُڏَي کان وڇڙي ويلَ
گُڏِي
ياسر قاضي
چار سال ٿي ويا... کيس وئَي...
اسانکي اڃا عادت نه پئجي سگھي، کيس ‘آهي’ بدران ‘هُئي’ لکڻ توڙي چوڻ جي... ۲۰۱۹ع ۾ اڄوڪيءَ تاريخ تي صبح جو ساڍي ۹:۰۰ لڳي ڌاري لاڙڪاڻي مان پنهنجي
ورَ سان ڪراچيءَ لاءِ نڪرِي، “نِڪتا آهيون... دعائن ۾ ياد...” جو ميسيج ڪرڻ ۽ ساڍي
۱۱ لڳي ڌاري ميهڙ مان مختصر ڳالهه
ٻولهه ڪرڻ کانپوءِ جو گم ٿي آ، ته اڄ سوڌو گم آهي... اُها جيڪا ‘گمنام’ نه هئي...
نيڪ نام هئي... بقول ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر جي “هڪ علمي ادبي خاندان جي چشم و چراغ” هئي،
اها گم ٿي وئي... ‘گُڏَي’ کان ان جي ‘گُڏِي’ وڃائجي وئي...
نائله مقصود گل (پروفيسر نائله
گل “سپنا” قاضيءَ) کي سنڌ ڀلي هڪ ساهتڪار، شاعر، قلمڪار، استاد، مُدير، مقرر ۽ ريڊئي
جِي ميزبان طور ڄاڻي سُڃاڻي، پر هوءَ مون لاءِ جيڪا هئي، اها يقيناً ڪنهن لاءِ به
نٿي ٿي سگھي... ايتريقدر جو منهنجن سڳن ڀائرن ناصر، نادر ۽ زوهيب لاءِ به نه...
هوءَ امي ابُوءَ جو پهريٺي ٻار
هئي ۽ مان ٻيو نمبر... اسانجي جنم ۾ محض ۱۳ مهينن جي وِٿي هئي ۽ چوندا آهن ته هڪٻئي پٺيان ڄمندڙ ٻارن جي پاڻ ۾ لڳندي
به ڏاڍي آهي ۽ اهي هڪٻئي سان وڙهندا به بيحد آهن. اسان سان به ايئن ئي هو...
اسانجي هڪٻئي کانسواءِ ٺُپ ڪانه سرندي هئي، پر اسانجا هڪٻئي سان جھيڙا ۽ ميڙا به
گھر ڀاتين ۾ مشهور آهن. سندس نالو بابا، مشهور فلسطيني انقلابي پائلٽ “ليليٰ خالد”
جي نالي پٺيان “ليليٰ” رکيو هو ۽ منهنجو نالو هڪ ٻئي فلسطيني انقلابي اڳواڻ ۽ ‘پي
ايل او’ جي سربراهه، ياسر عرفات جي نالي پُٺيان... پر ڏاڏا بابا “نائله” جي
‘ليليٰ’ نالي تي ان ڪري خوش نه هو، جو ‘ليليٰ’ نالي جو مفهوم “رات جهڙي (ڪاري)”
آهي ۽ عرب نياڻين ۾ ان ڇوڪريءَ جو نالو ‘ليليٰ’ رکيو ويندو آهي، جيڪا رنگ جي پَڪي
هجي. انڪري ابُوءَ، ڏاڏا بابا جي ان اعتراض جي ڪري ‘ليليٰ’ نالي ۾ ٿورِي ترميم ڪري
‘ليليٰ’ سان ملندڙ جُلندڙ “نائله” نالو رکيو پر سندس عُرفيت (نِڪ نيم) “گُڏي” مِٽن
مائٽن، دوستن احباب توڙي پاڙي اوڙي وارن ۾ وڌيڪ مقبول رهيو. گڏيءَ کان سُتت پوءِ ڄمڻ
سبب منهنجي عرفيت “گُڏو” به سڀني عزيزن قريبن ۾ اوتري ئي مقبول ٿي ۽ اسان ٻنهي جو
جوڙ “گُڏي گُڏيءَ” جي جوڙيءَ طور نه رڳو اسانجي ننڍپڻ ۾ مشهور رهيو، بلڪه اسانجي
ويجھن مٽن مائٽن ۾ اڄ تائين اسان ٻنهي کي ان ئي نالي سان سڏيو ۽ سُڃاتو ويندو آهي.
تڏهن ته نائله جي وڇوڙي جي خبر ٻُڌي، ابُوءَ ۽ منهنجن چاچن جي، ڀائرن جهڙي دوست
چاچا ميجر ڊاڪٽر زاهد سُومري جڏهن رحيم يار خان مان مونکي ڪال ڪئي، ته سندس لڙڪن ۾
ٻُڏل اوڇنگاريل لفظن مان رڳو اهو پئي سمجھه ۾ آيو ته “ڇا ٿيو گُڏيءَ کي...؟ ڇو وڃڻ
ڏنئي گُڏيءَ کي...!؟”
مان نائله سان گھاريل ورهن جي
ننڍين ننڍين يادگيرين کي قلمبند ڪرڻ شروع ڪيان، ته اهي اڻ کٽ دفترَ شايد ڪيترن ئي
پستڪن تي مشتمل يادگيرين جي سهڻي سيريز بڻجي سامهون اچن يا ڪنهن ترتيبوار ناول جي
صورت ۾ سينگارجي ڪو سلوڻو رُوپ وٺن، پر مون ۾ ايتري همّتَ هي ۴ سال گذري وڃڻ جي باوجود به ناهي پيدا ٿي سگھي، جو مان سندس ساروڻين کي لفظن
جو رُوپ ڏئي ان کي شبدن يا آواز جي رُوپ ۾ اظهاري سگھان. اهو ماڻهو، جنهن لاءِ
توهان ڪڏهن به اهو نه سوچيو هجي، ته ان سان گذاريل لمحن جي سفر کي ڪڏهن “فُل اسٽاپ”
به لڳي سگھي ٿو، ان جي يادگيرين کي داستانِ رفته طور لکڻ لاءِ هڪ هڪ سار تحرير ڪرڻ،
نڙيءَ مان ٽانڊو لاهڻ جي برابر آهي، پوءِ به سندس اهڙين حسين يادن کي سموهڻ جو
سعيو ڪرڻ جي گھٽ ۾ گھٽ ڪوشش ضرور ڪري سگھجي ٿي، جيڪي لبن تي مرڪ آڻن ۽ خوشگوار
احساس ڏيارين. هونئن ته ان حقيقت جِي به پڪ آهي، ته اسان ٻنهي جنهن نوع جُون گھڙيون
گڏ گذاريون آهن، يا جنهن سطح جون ڪاميابيون گڏ چکيون آهن، اهي دنيا ۾ گھٽ ڀيڻ ڀاءُ
جي نصيب ۾ آيون هونديون. ڀلا ايئن ڪيترن ڀيڻ ڀاءُ سان ٿيو هوندو، جو هڪ ئي
‘گريجوئيشن سيريمنِي’ (ڪانووڪيشن) ۾ ٻئِي ڀيڻ ڀاءُ ساڳئي مضمون ۾ ماسٽرس جي ڊگري
ماڻي رهيا هجن ۽ ٻنهي جِي ٻن مختلف سالن ۾ (لاڳيتن سالن ۾) “فرسٽ ڪلاس ــ فرسٽ
پوزيشن” آئي هجي؟ اهو ۲۰۰۲ع جو
شايد مارچ جو مهينو هو، جڏهن منهنجي ڀيڻ نائله، سال ۲۰۰۰ع ۾ پنهنجي سنڌي ادب ۾ ڪيل ايم.اي. ۾ “فرسٽ ڪلاس ــ فرسٽ پوزيشن” حاصل ڪرڻ
جي سندَ ۽ “وائيس چانسلرس گولڊ ميڊل” ماڻي رهي هئي، ته مان ان ئي سنڌي ادب ۾ ان جي
ايندڙ سال ۲۰۰۱ع واري امتحان ۾ “فرسٽ ڪلاس ــ
فرسٽ پوزيشن” حاصل ڪرڻ جو ميڊل ۽ ڊگري... سوچيان ٿو ته اهو لمحو اسان ٻنهي لاءِ ته
پُرمسرّت هو ئي، پر ان ئي تقريب ۾ موجود اسانجي پيءُ لاءِ ڪيڏي اطمينان ۽ خوشيءَ
جو باعث هوندو، جڏهن اسان ٻنهي کي ‘اسڪالر ڪيپ’ ۽ گائُون ۾ پنهنجي (هڪجهڙي ۽ هڪجيتري)
ڪاميابي ماڻيندي ڏٺو هوندائين.
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۷ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
نائله گل “سپنا” قاضي
گُوندَرُ ماريندوءِ،
ويچارِي! وِيَنِ جو
ياسر قاضي
چار سال گذري ويا... اسان عام
جام خبرن ۾ لفظ “اوچتو وڇوڙو” ته روز پيا پڙهندا آهيون، پر هيءَ واقعي اوچتي وڇوڙي
جو وڍُ ڏئي وئي... ڇاڪاڻ ته سندس ايئن اوچتو وڃڻ جو گمان ڪنهن کي به ڪونه هو... هڪ
طرف ايئن ٿو ڀاسي ته اهو چار سال گذرڻ ۾ ويرم ئي ڪانه لڳي... جو وري اچي ۲۰۲۱ع جي ۲۷ جنوري ڦري بيٺي... ٻئي پاسي ٿو
ڏسان ته مُون ڄڻ انهن چئن ورهن ۾ (بنا ڪنهن مُبالغي جي) پُورو جيون گذاري ڇڏيو ۽
جيون جي ٿڌيُن ڪوسيُن مُندن جا سڀ رنگ پسي ورتا. ڪير وڇڙِي؟؟؟ هڪ پاسي: منهنجي اڪيلي
ڀيڻ ۽ دوست ۽ ٻئي پاسي: سنڌيءَ جي سهڻي شاعره، نثر نويس، استاد ۽ معاشري جو هڪ
باصلاحيت فرد... نائله گل قاضي... جنهن کي ادبي دنيا “سپنا گل قاضيءَ” جي نالي سان
سُڃاڻي.
سنڌ جي نالي واري شاعر، عالم،
صحافيءَ ۽ سچل جي شارح، مقصودگل جي وڏ وَر نياڻيءَ ۽ پهريٺي ٻار جي حيثيت سان ۸
ڊسمبر ۱۹۷۷ع تي
جنم ورتائين. سندس جنم، ضلعي لاڙڪاڻي جي شهر نئين ديري ۾ پنهنجي ناناڻي گهر ۾ ٿيو.
پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول نمبر ۲ رتيديري مان ۱۹۸۷ع ۾ مڪمّل
ڪري، ميٽرڪ ـ گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪُول رتيديري مان ۱۹۹۲ع ۾ ۽ انٽر ـ گورنمينٽ گرلس هاير سيڪنڊري اسڪُول رتيديري مان ۱۹۹۴ع ۾ نمايان نمبرن ۾ پاس ڪري، شاهه عبداللطيف يُونيورسٽي خيرپور مان ۱۹۹۷ع ۾ بي. اي. ۽ ۲۰۰۰ع ۾ سنڌي
ادب ۾ ايم. اي. جو امتحان فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪري، “وائيس چانسيلرس گولڊ
ميڊل” جي حقدار قرار ڏني وئي. پنهنجي لاڏاڻي کان ٻه سال اڳ ساڳئي ئي مادرِ علميءَ
۾ ايم.فل. ۾ رجسٽر ٿي ڪورس ورڪ ۾ رُڌل هئي. سندس پُورو تعليمي ڪيريئر، هڪ ذهين ۽
باصلاحيت شاگردياڻيءَ جي حيثيت سان گذريو. ان ئي اعليٰ تعليمي قابليت سبب ۲۰۰۷ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري، ۲۰۰۸ع ۾ سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي ۾ سنڌيءَ جي ليڪچرار مقرر ٿي ۽ مستقبل جي
معمار ٻارڙين کي پاڙهڻ جو ڪم آخري دم تائين نهايت خوش اسلُوبيءَ ۽ خوشيءَ سان
انجام ڏيندي رهي. سندس گهڻو تڻو عرصو گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ليڪچرار
جي حيثيت سان پاڙهيندي گذريو، جڏهن ته ڪجهه عرصو هُوءَ لاڙڪاڻي ۾ مادرِ جمهوريت جي
نالي سان نئين قائم ٿيل نياڻين جي ڪاليج، ’بيگم نصرت ڀٽو گورنمينٽ گرلس ڪاليج‘ ۾ پڻ
تدريسي خدمتُون انجام ڏيندي رهي. ليڪچرار طور تعليم کاتي ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ هُن
رتيديري ۾ پنهنجي ڏاڏَي سائينءَ، قاضي عبدالحيُّ “قائل” جي نالي پٺيان پنهنجي والد
پاران قائم ڪيل اسڪُول “عبدالحيُّ قاضي ماڊل اسڪُول” ۾ ڳچ ورهَه پاڙهيو ۽ انتظامي
خدمتُون انجام ڏيندي، پنهنجي پيءُ ـ مقصود گل جو هٿ ونڊايو. ان دؤران هن، ان ئي اسڪُول
پاران جاري ٿيندڙ ٻارن جي رسالي “گلدستو” جي سب ايڊيٽر جي حيثيت سان رسالي جي سهيڙ
۽ سٽاءَ ۾ پنهنجيُون فنڪاراڻو ڀاڱو شامل ڪيو. جيڪو رسالو سڄيءَ سنڌ ۾ مقبول ٿيو.
نائله پنهنجي قلمي سفر جو آغاز ڪڏهن
کان ڪيو! ان جي ڪَٿَ ان ڪري ناممڪن آهي، ڇاڪاڻ ته هن جنهن ماحول ۾ اک کولي، اهو ڪُل
وقتي علمي، ادبي ۽ تعليمي ماحول هو. مقصُود گل جي نياڻي، قاضي عبدالحيّ “قائل” جي
پوٽِي، قاضي خضر حيات، قاضي اختر حيات ۽ قاضي منظر حيات جي ڀائيٽيءَ، پهرين تحرير ڪڏهن
لکي هُوندي، يا اسٽيج تي پهريون ڀيرو مقرره جي حيثيت سان ڪڏهن جلوي افروز ٿي
هوندي، ان بابت ڪجهه به چئي سگهڻ مشڪل آهي، ڇاڪاڻ ته ننڍا ننڍا مضمُون لکڻ ته مُون
۽ نائله پرائمري ڪلاسن کان ئي شرُوع ڪري ڇڏيا هئا، جو ٻئين ٽئين ڪلاس ۾ بابا اسان ڀيڻ
ڀائرن کي ڪيڏانهن به گهمائڻ وٺي هلندو هو ته واپسيءَ تي اها اسان جي سڀ کان پهرين
۽ سخت ترين ڊيُوٽي هوندي هئي، ته اسان ان سير جو سفرنامو لکُون، جيڪو بابا تصحيح
کان پوءِ ڪنهن نه ڪنهن ٻاراڻي رسالي يا ڪنهن اخبار جي ٻارن لاءِ شايع ٿيندڙ صفحي ۾
شايع ڪرائي ڇڏيندو هو، پر نائله جي باضابطه پهرين تحرير هڪ شعري اسم ئي هو، جيڪو ۱۹۸۸ع ڌاري اخبار ۾ “نائله مقصُود گل” جي نالي سان ڇپيو هو، جڏهن سندس عمر ۱۱ سال هئي ۽ هوءَ ڇهين ڪلاس جي شاگردياڻي هئي، پر هن “سپنا گل قاضيءَ” جي
قلمي نالي سان باضابطه طور ۱۹۹۳ع کان
لکڻ شرُوع ڪيو. سپنا، بنيادي طرح شاعره هئي ۽ پابند توڙي آزاد شاعريءَ جي لڳ ڀڳ هر
صنف تي طبع آزمائي ڪرڻ سندس مستقل شعري مشق جو حصو هو، پر سندس نثر به ڪمال جو هو.
ايم. اي. سنڌيءَ لاءِ سسئيءَ جي ڪردار جي (ڀٽائيءَ ۽ ٻين اساسي شاعرن جي زباني)
شاعراڻي اُپٽار جي موضوع تي، نامياري محقق ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر جي نگرانِيءَ ۾ لکيل
سندس تحقيقي مونوگراف، سندس نثري صلاحيت جو شاهڪار آهي، جيڪو جلد ڇپجي پڙهندڙن
تائين پهچندو. سندس شاعريءَ جا به گهٽ ۾ گهٽ ۳ مجمُوعا ترتيب ۽ اشاعت جا منتظر آهن. سپنا جي شاعريءَ جي ڪائنات، هڪ نهايت
خوبصورت تصوّراتي دنيا تي ٻڌل آهي، جنهن جي پسمنظر ۾ حقيقت جي تلخ رنگن جا داغ به
نظر اچن ٿا، جن کي پڙهڻ سان درد جو ادراڪ ۽ ٻُڏي اُڀرڻ جو اتساهه ملي ٿو. سپنا، سهڻي
شاعره سان گڏوگڏ، باصلاحيت خطاط ۽ اسڪيچ آرٽسٽ به هئي. سندس موتيءَ داڻن هٿ ــ
اکرن تي ڇپائيءَ جو گمان ٿيندو هو.
ڊبيٽر جي حيثيت سان به نائله ٽئين
ڪلاس کان وٺي اسٽيج ۽ ڊائيس سان اهڙي دوستي رکي، جو ڪنهن به مجمعي جي سامهُون ڪنهن
به موضوع تي ڳالهائڻ، ڪمپيئرنگ توڙي سُريلي ۽ رسيلَي انداز ۾ ڀٽائيءَ کي جهونگارڻ
هن لاءِ ڪوئي مسئلو ڪڏهن به نه رهيو، جنهن جو انداز دلپزير به هو ته عام فهم پڻ.
صحت جي حوالي سان بظاهر ڪنهن به
وڏيءَ شڪايت نه هجڻ جي باوجُود کيس سال ۲۰۱۸ع جي آخر ۽ ۲۰۱۹ع جي
مُهڙ ۾ ساهه ۾ مُونجهه جي شڪايت ٿي، جنهن جي پيرائتي تپاس کان پوءِ سندس ڦڦڙن ۾ پاڻي
ڀرجڻ جي تشخيص ٿي، جنهن سلسلي ۾ کيس لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرن علاج خاطر اسپتال ۾ داخل ٿيڻ
جو مشورو ڏنو. گهر ڀاتين جي صلاح مُوجب ساڳيو علاج ڪراچيءَ ۾ ڪرائڻ لاءِ صلاح بيٺي.
ان ڏس ۾ بظاهر ڪابه ايمرجنسي نظر نه ٿي آئي، نه ته کيس لاڙڪاڻي ۾ ئي داخل ڪرايو وڃي
ها. ٻه سال اڳ اڄوڪي ئي ڏينهن ــ آچر، ۲۷ جنوري ۲۰۱۹ع تي صبح جو لاڙڪاڻي مان ڪراچيءَ
لاءِ روانگي ٿي. دادوءَ پهچڻ شرط کيس اوچتو ساهه ۾ مُونجهه جي تڪليف ٿي، جيڪا لمحن
اندر ايتري وڌي وئي، جو کيس دادوءَ جي سول اسپتال جي ايمرجنسي شعبي ۾ آندو ويو، پر
اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي چند لمحن اندر هن پنهنجو دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. سندس وفات رڳو
سندس ڪٽنب، دوستن ۽ واقفڪارن لاءِ ئي نه، بلڪه سنڌي ادب سان وابسته هر خاص توڙي
عام لاءِ ان حد تائين ناقابلِ يقين هئي، جو ٻه سال گذرڻ باوجُود به هن جوان مرگ
مسافر جي روانگيِءَ جي پڪ ڪانه ٿي پوي. لاڏاڻي جي ٻئي ڏينهن ــ سُومر، ۲۸ جنوري ۲۰۱۹ع تي کيس ڪراچيءَ جي ملير ماڊل ڪالونيءَ
ويجهو مهراڻ ڊيپُو روڊ واري قديم قبرستان ۾ ڌرتيءَ امڙ جي حوالي ڪيو ويو، جتي
هُوءَ ابدي آرامي آهي.
ظاهري وجُود جي طبي عمر جي
پورائي کان پوءِ فنا ٿيڻ جي حقيقت کان ڪوبه انڪاري ٿي نه ٿو سگهي ۽ نه ئي ڪو ان
قانُونِ فطرت کان آجو ٿي سگهي ٿو، البته هر جيءُ، پنهنجيءَ ڪيل پورهئي جي بدؤلت پنهنجي
ظاهري وڇوڙي کان پوءِ به زندهه رهي سگهي ٿو. نائله کي جيتوڻيڪ قلمي دنيا ۾ اڃا مڪمل
طور تي پاڻ اظهارڻ جو موقعو نه ملي سگهيو هو ۽ اڃا شاهڪار تحريرون سندس قلم منجهان
اظهارجڻيُون هيون، پر تنهن جي باوجُود سپنا جيڪو ڪجهه لکيو، سندس پڙهندڙن پڙهيو،
يا پڙهبو، جيڪي علم جا ڏيئا هن روشن ڪيا، انهن تحريرن توڙي تدريسي خدمتن جو سوجهرو
کيس جلدي مرڻ ڪونه ڏيندو.
ڀٽائيءَ جي بقول، سندس سامُونڊِي،
پنهنجن سيڻن کي اڪيلو ڪري عدم جي اُن ديس اُسهيا، جتان اڄ تائين ڪوئي به ناهي موٽيو.
هاڻي رڳو فراق جو ڦوڙائو ۽ سندن اڻهوند جو گُوندر آهي، جيڪو رهندڙن کي پيو
جهوريندو، پر سپنا جهڙيءَ ’سامونڊڻ‘ جُون وايُون ته سندس پڙهندڙن، شاگردن، دوستن،
سڄڻن ۽ جي زبان رستي تادير پيُون ڳائبيُون.
وِيا اوهِرِي اوءِ، مُونکي ڇڏي
ماڳَهِين
جُڳَنِ جا جُڳَ ٿيا، تِئان نه
موٽيو ڪوءِ!
گُوندَرُ ماريندوءِ، ويچارِي!
وِيَنِ جو
مُنهنجي وڏي ڀيڻ ۽ سنڌيءَ جي سهڻي
شاعر، نثرنويس، استاد، خطاط، مدير، ڪمپئر ۽ مقرر، نائله گل “سپنا” قاضيءَ جي
جدائيءَ جي چوٿين ورهه جي سار جي مناسبت سان، روزاني “سوڀ” ڪراچيءَ ۾، جمعي، ۲۷ جنوري ۲۰۲۳ع بمطابق ۴ رجب المرجب ۱۴۴۴ هجريءَ
تي “گُوندَرُ ماريندوءِ، ويچارِي! وِيَنِ جو” جي عنوان سان شايع ٿيل منهنجو مضمون:
No comments:
راءِ ڏيندا