; سنڌي شخصيتون: حياتان سيلرو

05 August, 2021

حياتان سيلرو

حياتان سيلرو

سماجي خدمت وارو پاسو

ڪامريڊ عرس سيلرو



هر هڪ انسان کي فطري طور تي موت جو مزو چکڻو آهي ڄمڻ کانپوءِ ننڍ پڻ جو ٽائيم ڏاڍو خوبصورت هوندو آهي ۽ پنهنجي مزاج ۾ هر ڪو بادشاهه هوندو آهي اهڙي طرح منهنجي ڀيڻ اسان کان وڏي حاجاڻي حياتان منهنجي ڀيڻ سان گڏ منهنجي سهيلي به ننڍي هوندي هئي. آئون ۱۹۶۵ع ۾ موهن جي دڙي ڀرسان ٻلهڙيجي ڳوٺ ۾ پرائمري پڙهڻ ويس ڇو ته اسان جو ۽ پيرزادن جو پراڻو وڏن کان تعلق هيو ان ڪري آءُ لطف پيرزادي جي گهر ۾ رهيس اتي منهنجي رهڻ سان منهنجي ڀيڻ به اچي رهندي هئي اهڙي طرح پيرزادن سان هوءَ به هجائتي هوندي هئي هوءَ پڙهيل ته نه هئي پر ذهين بااخلاق هئي جنهن سان به ننڍي لاءِ رشتو جوڙيائين ان سان آخر تائين قائم دائم رکيائين ۽ ۱۹۵۶ع ۾ هن جي پيدائش ٿي ۽ ۱۹۷۲ع ۾ هن جي غريب گهراڻي ۾ شادي ٿي جيڪا ان دور ۾ اسان جا وڏا هارپو ڪندا هئا.


پراڻي وقت ۾ موبائل ۽ ٽيليفون جو سلسلو ڪونه هوندو هيو حاجي واجد علي جيڪو هن جو مڙس هيو هن پنهنجي گهر ۾ ڪاروبار لاءِ ٽيليفون هڻائي ان وقت  اسان جي برادري جا ماڻهو ٻاهرين ملڪ روزگار لاءِ سعودي عرب، دبئي ۽ اردن ۾ رهندا هئا هر هڪ ماڻهون رابطي لاءِ مٽن مائٽن ڏي خط لکي موڪليندا هئا جيڪو ۱۰ کان ۱۲ ڏينهن لڳي ويندا هئا ان کان پوءِ روزانو ٻاهرين ملڪن کان هڪ نه ٻيو مائٽ هن جي گهر واري نمبر تي فون ڪري اطلاع ڪندا هئا ته اسان کي پنهنجي گهر وارن سان ڳالهه ٻولهه ڪرايو ۽ ٽائيم مقرر ڪندا هئا ته هن ٽائيم تي اسان جي گهر سان ڳالهرائيندا ۽ اڪثر اها فون حاجاڻي حياتان کڻندي هئي ۽ هڪ ڪلوميٽر کان ٻه ڪلو ميٽر تائين جي پنڌ تان هنن کي گهرائي پنهنجن مٽن سان ڳالهرائيندي هئي ۽ جيڪي اهي ڳالهائڻ لاءِ ايندا هئا ته انهن جي ماني ٽڪي کانسواءِ انهن کي نه ڇڏيندي هئي پنهنجو هن وٽ جيڪو به مهمان ايندو پنهنجي مرضي سان هيو پر ويندو هن جي مرضي کان سواءِ نه هيو ڀٽائي جي هن شعر وانگر؛

ايندي چوني آءُ، ويندي چوني ويهه،

ڇڏي سارو ڏيهه، اڱڻ اچجي انهن جي.

منهنجو سياسي طور تي ڪميونسٽ پارٽي سان واسطو هيو، ان ڪري منهنجي سمورن دوستن کان واقف هوندي هئي ڪامريڊ ڄام ساقي، شهيد نظير عباسي، صوفي عبدالخالق بلوچ، انور پيرزادو ۽ ٻيون ڪامريڊ عورتون به اسان وٽ اينديون وينديون هيون جن ۾ شاهينا رمضان ۽ ٻيون شامل هيون، لطف پيرزادو ته اسان جي گهر جو ڀاتي هيو ان ڪري هن جي ذهن ۾ غريب ۽ پورهيت طبقي لاءِ وڌيڪ محبت ۽ احساس هوندو هيو هن وٽ جيڪو به سوالي ايندو هيو ته اهو خالي نه ويندو هيو ان ڪري مونکي ڪنهن پارٽي جي ميٽنگ ۾وڃڻو پوندو هيو ته هن کان ڪرايو وٺي ميٽنگ اٽينڊ ڪندو هيس. ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران مان ۱۷.۰۹.۱۹۸۳ تي عيدالعضى جي ڏينهن شهدادڪوٽ ۾ گرفتاري ڏني ۽ سينٽر جيل سکر رهيس جتي هر هفتي منهنجي لاءِ تمام ججهو سامان موڪليندي هئي جنهن جي ڪري جيل ۾ ڪا به تڪليف محسوس نه ٿي.

اهڙي طرح اسانجي ڳوٺ ۾ پيئڻ جو پاڻي کارو آهي جنهن جي ڪري پائيپ جي ذريعي ۲ هزار فٽ پري کان مٺو پاڻي هنن جي گهر ڇڪيل آهي جنهن ۾ اڪثر ڳوٺاڻا هن جي گهرن مان پيئڻ لاءِ پاڻي ڀريندا آهن ۽ هر سال سيارو هجي يا انهارو مارئي جي علائقي مان عمر ڪوٽ جا جوڳي فقير يا لطيف جي علائقي ڀٽ شاهه مان اچي دڻيون هڻندا آهن انهن جون به عورتون هن سان هجت ڪري پاڻي ڀرڻ سان گڏ خيرات به وٺنديون آهن جنهن تي ڪڏهن ڪڏهن جي مرد ناراض ٿيندا ته انهن کي جواب ۾ ايترو چوندي هئي ته اسان کي الله ڏنو آهي تڏهن اسان وٽ اچن ٿيون.

هو ڀلي پڙهيل نه هئي پر ڪچهري ۾ ويهندي هئي ته ماڻهون مرد هجن يا عورتون انهن سان ڏاڍو کليل ڳالهائيندي هئي کل ڀوڳ جي ماهر هوندي هئي سچ منهن تي چئي ڏيندي هئي هٿ جي کليل خير خيرات زڪوات پڻ ڏيندي هئي جيئن ته هن وٽ ۳۲ تولا سون پنهنجو ذاتي هيس جنهن تي هن پنهنجي جيئري پنهنجي اولاد چئن پٽن چئن نياڻين کي ويهاري چيو ته اوهان کي سون مان ڪجھ گهرجي ته ڏيان جنهن تي هنن جواب ۾ چيو ته اسان کي تنهنجون دعائون کپن پوءِ هن پنهنجو ۳۲ تولا سون پاڙي واري جامح مسجد ۾ وقف ڪري ڇڏيو رمضان شريف جو مهينو بيهندو هيو ته ڳوٺ جي ماڻهن کي اطلاع ڪندي هئي ته جيڪو به روزا رکي سو اطلاع ڪري ته مان انهن جي ماني ڪريان ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي روزا رکرائيندي هئي رمضان شريف جي آخري ڏهاڪي ۾ اعتڪاف ۾ ويهندڙ ماڻهن کي به سحري ۽ افطار ڪرائيندي هئي ڳوٺ ۾ شادي غمي هجي ته ان ۾ ضرور پاڻ شريڪ ٿيندي  هئي ۽ خاص ڪري بيمار ماڻهن وٽ ضرور عيادت لاءِ ويندي هئي برادري جي خوني تڪرارن ۾ به ميڙ منٿ جي قافلي ۾ پاڻ اڳ ۾ هوندي هئي نه چاهيندي هئي ته ڳوٺ ۾ اهڙا مسئلا هجن جنهن سان ڳوٺ جي ماڻهن ۾ بيچيني هجي اهو ئي سبب آهي ته هن جي فوت ٿيڻ تي سموري برادري جا ماڻهون جيڪي هڪ ٻئي جي منهن ڏسڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن سي به هن جي فوتگي جو ٻڌي تڏي تي پهتا هن جي پٽن جي دوستن ۽ حاجي واجد علي جي دوستن سان وڏو پيار ڪندڙ هئي ۽ انهن سان ٽيليفون تي بنا حجاب جي ڳالهائيندي هئي هن هميشه پاڻ کي عورت ۽ مرد کي برابر سمجهيو اهڙي طرح هن پنهنجي زندگي هميشه خوشگوار گذاري.

هن رمضان شريف ۾ به هن ۱۹ روزا رکيا ۲۰ روزي تي هن جي اوچتو طبيعت خراب ٿي ۽ ۲۲ رمضان تي هوءَ فوت ٿي ته گهر جي ڀاتين کان سواءِ اوڙي پاڙي ۾ رڙيون پئجي ويون ۽ ڳوٺ کان سواءِ اوري پري جا ماڻهون اوڇنگارون ڏيندا هن جي تڏي تي پهتا جيئن ته ميت عورت جو منهن گهر ڀاتين کان سواءِ نه ڏيکاربو آهي پر هن جي لاءِ ماڻهن ڊمانڊ ڪئي ته اسان جي وڏي هئي ان ڪري اسان کي هن جو آخري ديدار ڪرايو ۽ ايئن ئي ٿيو هن جو عورت کان سواءِ مردن کي به آخري ديدار ڪرايو ويو.

ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج،

ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۷ جون ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا