حياتان سيلرو
سماجي خدمت وارو پاسو
ڪامريڊ عرس سيلرو
هر هڪ انسان کي
فطري طور تي موت جو مزو چکڻو آهي ڄمڻ کانپوءِ ننڍ پڻ جو ٽائيم ڏاڍو خوبصورت هوندو
آهي ۽ پنهنجي مزاج ۾ هر ڪو بادشاهه هوندو آهي اهڙي طرح منهنجي ڀيڻ اسان کان وڏي حاجاڻي
حياتان منهنجي ڀيڻ سان گڏ منهنجي سهيلي به ننڍي هوندي هئي. آئون ۱۹۶۵ع ۾ موهن جي دڙي ڀرسان ٻلهڙيجي ڳوٺ ۾
پرائمري پڙهڻ ويس ڇو ته اسان جو ۽ پيرزادن جو پراڻو وڏن کان تعلق هيو ان ڪري آءُ
لطف پيرزادي جي گهر ۾ رهيس اتي منهنجي رهڻ سان منهنجي ڀيڻ به اچي رهندي هئي اهڙي
طرح پيرزادن سان هوءَ به هجائتي هوندي هئي هوءَ پڙهيل ته نه هئي پر ذهين بااخلاق هئي
جنهن سان به ننڍي لاءِ رشتو جوڙيائين ان سان آخر تائين قائم دائم رکيائين ۽ ۱۹۵۶ع ۾ هن جي پيدائش ٿي ۽ ۱۹۷۲ع ۾ هن جي غريب گهراڻي ۾ شادي ٿي جيڪا ان
دور ۾ اسان جا وڏا هارپو ڪندا هئا.
