; سنڌي شخصيتون: ظفر علي خان لغاري

05 August, 2021

ظفر علي خان لغاري

ظفر علي خان لغاري

هڪ عوام دوست سياستدان

مختيار چانڊيو



طبقاتي سماج ۾ وڏيرن ڀوتارن جو ڪم ئي عوام کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ، حڪومت ڪرڻ ۽ وري سندن فيصلا ڪري ڪروڙن رپين جو ڪاروبار ڪرڻ سندن فطرت ۾ شامل آهي. اهي عوام جي ڀلائي جي نالي ۾ عوام جون قبرون کوٽيندا آهن ۽ عوام جي ترقي جي نالي تي ڪروڙين رپيا هڙپ ڪندا آهن ۽ اهي ئي وڏيرا ۽ ڀوتار وري جڏهن ايم پي اي، ايم اين اي ۽ وزير ٿي وڃن ته آسمان تي چڙهي گم ٿي ويندا آهن اهڙي ڪني بدبودار ۽ گهٽيا سماج ۾ جيڪڏهن ڪنهن ايم پي اي، ايم اين اي يا وزير جي اوطاق ۽ دل جا دروازا چويهه ڪلاڪ عوام جي لاءِ لکيل هجن روڊن رستن گهٽين توڙي ڳوٺن ۾ پاڻ وڃي غريب ماڻهن کي سيني سان لڳائي ان جا مسئلا ٻڌي ۽ حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته ته اهڙو عمل ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي.


الحاج ظفر علي خان لغاري انهن عوام دوست ليڊرن ۾ شامل هيو جيڪو  عوام جي دلين تي حڪمراني ڪندو هيو ۽ غريب ماڻهن سان محبت ۽ پيار سندس انگ انگ ۾ شامل هيو هو سڄي عمر غريب عوام جي روزگار تعليم ترقي ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ جاکوڙيندو رهيو

۱۹۶۷ ۾ جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جنرل ايوب خان سان بغاوت ڪري آمرت خلاف پيپلز پارٽي جو بنياد وڌو. تڏهن الحاج ظفر علي خان لغاري سندس دعوت تي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويو جنهن بعد هوءُ شهيد ڀٽي جي ويجهو ساٿين ۾ شمار ڪيو ويندو هيو. هن پيپلز پارٽي جي پليٽ فارم تان پنهنجي سياسي ڪريئر جي شروعات ۱۹۷۰ ۾ بلدياتي اليڪشن ۾ حصو وٺي ڪئي ۽ سيتاروڊ ٽائون ڪاميٽي جو چئيرمين چونڊجي ويو.

جڏهن ۱۹۷۷ ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي چونڊيل ۽ جمهوري حڪومت تي راتاهو ڏئي تختو اونڌو ڪري ضياءُ الحق اقتدار تي قبضو ڪيو تڏهن الحاج ظفر علي سياست ۾ پهريان کان وڌيڪ سرگرم ٿي ويو. اهڙي ڏکي وقت ۾ جڏهن آمر ضياءُ جي داداگيري ظلم ڏاڍ ۽ لالچ ۾ اچي پيپلز پارٽي جا ڪيترائي سرگرم اڳواڻ ۽ ڪارڪن پيپلز پارٽي کي ڇڏي ضياءُ الحق جي هٿ تي بيعت ڪري ان جا ساٿي ٿي هن جي اقتدار جا مزا ماڻي رهيا هئا. اهڙي ڏکئي وقت ۾ الحاج ظفر علي خان لغاري شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ پيپلز پارٽي سان گڏ آمر ضياءُ خلاف بيٺو رهيو ۽ سياست ۾ سرگرم ٿي آمر خلاف ميدان ملهايو ضياءُ الحق جي جبر ڏاڍ توڙي لالچ هن کي جهڪائي نه سگهيا ۽ ضياءُ الحق جي اسٽيبلشمينٽ ۽ ڪامورن پاران کيس ڪيتريون ئي ڌمڪيون ۽ لالچون ڏنيون ويون پر هو انهن جي لالچن ۾ اچڻ بدران  پيپلز پارٽي سان ثابت قدم رهيو, ان وچ ۾ جڏهن شهيد بينظير ڀٽو ضياءُ جي آمرت کي للڪاريو ۽ ميدان تي لٿي ته هي ان جي ويجهي اعتماد وارن ساٿين ۾ شامل ٿي ويو شهيد بينظير کيس چاچا چاچا چئي مخاطب ٿيندي هئي ۽ وڏن ليڊرن جي اڳيان سڀني کي فخر سان چوندي هئي ته هي منهنجي بابا شهيد جو ساٿي آهي.ڪيترائي نام نهاد ۽ مڪار ليڊر وفاداريون تبديل ڪري ويا پر هي اڄ به مونسان گڏ آهي. ۱۹۸۳ ۾ ايم آر ڊي جي تحريڪ شروع ٿي ته هن کي دادو ضلعي جون اهم ذميواريون سونپيون ويون جنهن دوران هن ڪيترن ئي ساٿين سان گڏجي تڪليفون ڏٺيون ۽ جيل ڪاٽيا پر پ پ  جو ساٿ نه ڇڏيو.۱۹۸۵ ۾ شهيد راڻي کيس پيپلز پارٽي دادو ضلعي جو صدر مقرر ڪيو جنهن پ پ جي نئن سري کان صف بندي ڪري زبردست تحرڪ ۾ آندو. ۱۹۸۸ واري اليڪشن ۾ سنڌ قوم اتحاد جي اڳواڻ ۽ نامياري سياستدان عبدالحميد جتوئي کي شڪست ڏئي ايم اين اي ٿي ويو جنهن کي شهيد راڻي ريلوي جو وفاقي وزير مقرر ڪيو ته هن عوام ۽ انسان دوست شخص سنڌ جي عوام لاء عمومن دادو ضلعي جي غريب عوام لا۽ فاص طور تي نوڪرين جا دروازا کولي ڇڏيا هن نه صرف ريلوي ۾ پر سڀني کاتن ۾ هزارين غريب بي پهچ ۽ مسڪين ماڻهن کي نوڪريون ڏئي روزگار ڏنو. دادو ضلعي جا ڪيترائي سياستدان وزير اعلي توڙي وفاقي ۽ صوبائي وزير رهيا پر انهن صرف پنهنجن خاص ماڻهن کي نوازيو پر هي واحد سياستدان هيو جنهن سياسي لالچ ۽ واهه واهه کانسوا۽ غريبن جي درن تي وڃي کين نوڪريون ڏنيون جنهن جو مثال نه ٿو ملي. ۱۹۹۴ ۾ڏهن ورڪس ۽ سروس جو صوبائي وزير ٿيو ته هن دادو ضلعي ۾ روڊن رستن جا ڄار وڇائي ڇڏيا خيرپورناٿن شاهه ۽ ميهڙ تعلقي ۾ ڪوبه اهڙو ڳوٺ رهيل ناهي جتي روڊ پڪو نه هجي ۽ ايترا ترقياتي ڪم ڪرايا جنهن جو ڪاٿو نه ٿو ڪري سگهجي  خيرپورناٿن شاهه ڀرسان ڪڪڙ ۾ ٺهندڙ ڪيڊٽ ڪاليج پڻ الحاج ظفر علي خان جي محنتن جو ثمر آهي.

اهڙي طرح هي خيرپورناٿن شاهه ۽ ميهڙ تعلقي جي لکين ماڻهن جي دلين ۾ رهندڙ محبوب اڳواڻ غريب ۽ مسڪينن جو همدرد ۽  هڏڏوکي عوام ۽ انسان دوست شخصيت جو مالڪ غريب پروور الحاج ظفر علي خان لغاري ڪجهه ڏ ينهن اڳ ۴ جون تي اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۱ جون ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا