; سنڌي شخصيتون: پروفيسر فدا احمد سرهيو

05 August, 2021

پروفيسر فدا احمد سرهيو

پروفيسر فدا احمد سرهيو

۸ جون : جنم ڏڻ مبارڪ

اعظم ڀٽي



سنڌي ٻولي جي ناليواري اديب، دانشور ۽ شاعر پروفيسر فدا احمد سرهيو جي والد جو نالو  آخوند حافظ محمد سرهيو آهي، سندس جنم ۸ جون ۱۹۳۲ع تي سعيد پور ٽڪر ضلع ٽنڊو محمد خان ۾ ٿيو، بعد ۾ لڏي اچي ٽنڊو محمد خان شهر ۾ رهائش اختيار ڪيائون، تعليم ايم اي (سنڌي)، بي ايڊ، اديب فاضل، ۽ ڊرائنگ ايليمينٽري فرسٽ ڪلاس اٿس، شاعري، نثر نويسي، ٻاراڻو ادب سندس پسنديده سبجيڪٽ هئڻ ڪري ئي اڪثر طبع آزمائي به انهن تي ڪيائين. سندس تخليقن ۾ شيرين (افسانا) جهومڪ (ناول) اڻ ڇپيل آهن. ان کان علاوه جواهرات (افسانا)، ڪرڻا (افسانا) ۽ عورت (افسانن، مضمونن ۽ مقالن جو مجموعو) مرتب ڪري اداره سنڌي ادب ٽنڊو محمد خان طرفان شايع ڪرايائين. جڏهن ته هيٺ ڄاڻايل ڪتابن کي ترتيب ڏئي اداره سنڌي ادب ٽنڊو محمد خان طرفان شايع ڪرايائين. جن ۾؛ داستانِ غم (ناول)، چلولي (ناول) مصنف: حافظ شاهه حسيني، آئين زندگي نفسيات، مترجم: حافظ شاهه حسيني. نئون سفر(ناول)، نادره (ناول) مصنف: غلام علي کوکر، اديون ڏيوم صلاح (ناول) مصنف: شوق سنڌي، ڏوهاري ڪير؟ (ناولٽ) مصنف: وڪٽر هيوگو/ مترجم ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، چور (افسانا) مصنف: غلام علي الانا، قلوپطره (ڊرامون) مصنف: شيڪسپيئر، سفرنامه ابن بطوطه: مصنف ابن بطوطه ٻنهي جو ترجمو ڪندڙ: حبيب بخاري، سجاڳيءَ جو سڏ (ڊرامون) مصنف: دائود سولنگي، ٻاراڻي ادب ۾ هيٺيون لوڪ ڪهاڻيون لکي اداره گلشن ادب ٽنڊو محمد خان طرفان شايع ڪرايائين، جن ۾ هڪ ڏينهن جو بادشاهه، گامون سچار، غيبي خزانو، ڏهه شهزاديون شامل آهن. ٻاراڻي ادب جي حوالي سان جيڪي ڪتاب مرتب ڪري اداره گلشن ادب ٽنڊو محمد خان طرفان شايع ڪرايائين، انهن ۾. ٽڙيل گل، گلشن جا گل، هٻڪار، پنکڙيون، هيرا موتي، هيرا لعل هزار، روشن تارا، موتئي جون مکڙيون، چمڪندڙ ستارا، کڙيا کٽڻهار، روشن ڏيئا شامل آهن. ان سان گڏوگڏ “ پاڻ وهيڻي پري” مصنف: محمد ابراهيم جويو، حيرت انگيز هيرو، معصوم محموده، مغرور بادشاهه، ڪنول شهزادي، ڪرامتي تختي، ڇٽيهه لکڻو نالي ڪتاب  ترتيب ڏئي، اداره گلشن ادب ٽنڊو محمد خان طرفان شايع ڪرايائين. ٻاراڻي ادب جا ٻه ڪتاب “ هڪ ڏينهن جو بادشاهه” (ٻيو ڇاپو) ۽ “ روشن ڏيئا”، ٻالڪ پبليڪيشن ٽنڊو محمد خان طرفان شايع ڪرايائين. اداره سنڌي ادب ٽنڊو محمد خان طرفان پندرنهن ڪتاب، اداره گلشن ادب طرفان ايڪويهه ڪتاب ۽ ٻالڪ پبليڪيشن ٽنڊو محمد خان طرفان ٻه ڪتاب يعني ڪُل ۳۸ ڪتاب شايع ڪرايائين، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٽنڊو جان محمد، گورنمينٽ ڪاليج سعيد پور  ضلع بدين ۽ گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ٽنڊو محمد خان جي سالياني ميگزينس جي سنڌي سيڪشنز جو انچارج ۽ ايڊيٽر پڻ رهيو، سال ۱۹۴۸ کان ۱۹۹۱ع تائين، اخبار تعليم، ماهنامه بادل، ماهنامه گلستان، گل ڦل حيدرآباد، ماهوار فردوس هالا، ماهوار نئين زندگي ڪراچي، ماهنامه راج فلمستان بامبي، پندره روزه “ميراث”  ۽ “ روشني”  ٽنڊو محمد خان، گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو جان محمد ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان جي ڪاليج ميگزينس، اداره فروغ ادب ڪراچي جي ڪتاب ” جديد شعراءِ  سنڌي“ ۽ سرهاڻ پبليڪيشن ٽنڊو محمد خان جي ڪتاب “ ٽڙندڙ مکڙيون “ ۾ مسلسل سندس مضمون، مقالا، افسانا، گيت، غزل، ڪافيون ۽ ٻاراڻو ادب شايع ٿيندو رهيو. ۱۹۵۴ع ۾ ئي سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو ميمبر ٿيو، سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو ٽي ڀيرا سيڪريٽري پڻ رهيو، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا)  ٽنڊو محمد خان جو جنرل سيڪريٽري، بزم بسمل ٽنڊو محمد خان، انجمن ترقي سنڌي ٽنڊو محمد خان ۽ يونائيٽڊ فورم ٽنڊو محمدخان جو جنرل سيڪريٽري رهيو، پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن ٽنڊو محمد خان جو جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو، انجمن خادم الاسلام ٽنڊو محمد خان (جنهن جي زير اهتمام دارالعلوم هاءِ اسڪول ۽ مخدوم بلاول انٽرميڊئيٽ ڪاليج هلندڙ آهن) جو بنيادي جنرل سيڪريٽري رهيو. اداره سنڌي ادب ٽنڊو محمد خان جو پهريون جنرل سيڪريٽري هو، جنهن جو بنياد حافظ شاهه حسيني سان گڏجي ۱۹۵۴ع ۾ رکيائين، جنهن جو چيئرمين حافظ شاهه حسيني هو، ان بعد ان اداري جو ئي پبليڪيشن سيڪريٽري، ايجوڪيشن سيڪريٽري، لائبريري سيڪريٽري ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر رهيو. ان کان علاوه اداره سنڌي ادب طرفان “ مرڪز تعليم بالغان” قائم ڪرائي، ان ۾ درس ۽ تدريس جون خدمتون سرانجام ڏنائين. بزم گلشن سنڌ ۽ ٻالڪ سنگت سنڌ جو باني صدر رهيو، جن ٻنهي بزمن جون سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ شاخون قائم ٿيون، جن ۾ ٻارڙا هفتيوار ۽ پندرهن روزه ادبي گڏجاڻيون ڪري انهن ۾ پنهنجون لکڻيون پڙهي، اصلاح ڪرائيندا  هئا. انهن ٻارڙن مان ڪيترائي فرد سنڌ جا وڏا نالا ٿي اُڀريا، جن ۾ خاص طور ڊاڪٽر تنوير عباسي، خان محمد پنهور، آڪاش انصاري، پير مظهرالحق ۽ ٻيا شامل آهن. اداره سنڌي ادب ٽنڊو محمد خان طرفان سال ۱۹۵۸ کان ۱۹۷۰ تائين ڪيترائي عظيم الشان آل سنڌ، سنڌي اردو يادگار مشاعره ڪرايا ويا. جن جون صدارتون مخدوم طالب المولى، فيض احمد فيض، غلام محمد گرامي، ابراهيم خليل، جوش مليح آبادي، حمايت علي شاعر، رشيد احمد لاشاري، محسن ڀوپالي ۽ ٻين ناميارن اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن  ڪيون. انهن سرگرمين ۾ فدا سرهيو جو متحرڪ ڪردار رهيو، زندگيءَ جا چاليهه سال تعليم کاتي سان وابستگي رهيس. ۱۹۴۸ع ۾ فائنل پاس ڪرڻ جي ڇهن مهينن بعد پرائمري استاد مقرر ٿيو، ان وقت کان ئي  افسانه نگاري جو شوق جاڳيس، پهريون افسانو ماهنامه ”فردوس“ هالا ۾ شايع ٿيس، ان کان پوءِ ماهوار ”بادل“ حيدرآباد ۾ سندس ٻيو افسانو شايع ٿيو. ۱۹۵۲ ۾ ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ ٽيچنگ ٽريننگ جي سلسلي ۾ داخلا ٿي اتي قابل استادن غلام محمد گرامي، رشيد احمد لاشاري، ع ق شيخ، محمد امين صديقي، پناهه علي شاهه، ابن الياس، غلام حسين جعفري، غلام علي الانا ۽ رحيم بخش ميمڻ ۽ ٻين جي رهنمائي ۾ لکڻ جون صلاحيتون وڌيس ۽ شاعري جو شوق جاڳيس. ۱۹۵۳ع ۾ ٽريننگ اسڪول خيرپور ميرس جي ناز هاءِ اسڪول ۾ آل سنڌ تعليمي ڪانفرنس ۾ ڪاليج طرفان شرڪت ڪري، شاعري جي مقابلي ۾ پهريون ايوارڊ حاصل ڪيائين. ساڳئي سال ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جي يادگار ڊرامي ”مومل راڻو“ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري بهترين اداڪار طور پڻ پاڻ کي مڃرايائين، ٻئي سال ۱۹۵۴ع ۾ “ليلا چنيسر” ڊرامي ۾ پڻ مرڪزي ڪردار ادا ڪري خوب مڃتا ماڻيائين. ان وقت ٽريننگ ڪاليج مان نڪرندڙ اخبار تعليم ۾ پڻ سندس کوڙ ساريون  تخليقون شايع ٿيون. ۱۹۵۴ع ۾ ٽريننگ ڪاليج مان فارغ ٿيڻ کان پوءِ اداره سنڌي ادب جي نالي سان قائم ڪيل ادبي اداري طرفان اشاعتي سلسلو ۽ لائبريري قائم ڪرائڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيائين، جن جو لائبريري سيڪريٽري ۽ پبليڪيشن سيڪريٽري پڻ رهيو ان کان پوءِ ۱۹۵۸ کان ۱۹۶۱ تائين بزم گلشن ادب ۽ ۱۹۶۴ جو ٻالڪ سنگت سنڌ جو صدر رهيو. شاعري ۾ پهرين فدا عامري ۽ بعد ۾ فدا سرهيو جو تخلص ڪتب آندائين. شاعري ۾ پنهنجو شعر هميشه ترنم سان پڙهندو رهيو. گلي ۾ مٺاس ۽ منفرد انداز سندس اهم سڃاڻپ بڻيل رهيا. ۱۹۷۳ع ۾ ليڪچرار بڻيو، ۱۹۹۲ع ۾ پروفيسر طور تعليم کاتي مان رٽائر ڪيائين. هن وقت نظر جي ڪمزوري، معذوري سميت مختلف بيمارين ۾ وڪوڙيل، گهر تائين محدود هئڻ باوجود به سندس حوصلا هماليه جبل جيان مضبوط نظر اچن ٿا، ٿورو ئي سهي پر مطالعي سان چاهه گهٽايو نه اٿس .

 

(اعظم ڀٽي _  پير محلا ٽنڊو محمد خان جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۸ جون ۲۰۲۱ع تي کنيل)


پروفيسر فدا احمد سرهيو

پنھنجو پاڻ تعارف

منهنجو نالو، پروفيسر فدا احمد ولد آخوند حافظ محمد سرهيو آهي، جڏهن ته ادبي دوست مونکي فدا سرهيو ڪري سڏيندا آهن. آئون سعيد پور ٽڪر، ضلع ٽنڊو محمد خان ۾ ۰۸ جون۱۹۳۲ع  ۾پيدا ٿيس. منهنجي تعليم ايم اي، بي ايڊ، اديب فاضل، (سنڌي) ۽ ڊرائنگ اليمينٽري فرسٽ ڪلاس آهي، شاعري، نثر نويسي ۽ ٻاراڻو ادب منهنجا پسنديده سبجيڪٽ آهن، ۽ انهن سبجيڪٽن ۾ ئي  زياده تر طبع آزمائي ڪئي اٿم. مون جيڪي تصنيفون تخليق ڪيون انهن ۾ شيرين (افسانه) جهومڪ (ناول) اڻ ڇپيل. ان کان علاوه هيٺيان ۳ ڪتاب مرتب ڪري اداره سنڌي ادب ٽنڊو محمد خان طرفان شايع ڪيا.

۱. جواهرات (افسانا) ۲. ڪرڻا (افسانا) ۳. عورت (افسانن مضمونن ۽ مقالن جو مجموعو) ان کان علاوه هيٺ ڄاڻايل ڪتابن کي ايڊٽ ڪري اداره سنڌي ادب طرفان شايع ڪيا.

۱.داستانِ غم(ناول) ۲. چلولي(ناول) مصنف حافظ حسيني ۳. آئين زندگي نفسيات مترجم : حافظ حسيني. ۴. نئون سفر(ناول) ۵. نادره(ناول) مصنف : غلام علي کوکر ۶. اديون ڏيوم صلاح(ناول)  مصنف : شوق سنڌي ۷.ڏوهاري ڪير؟ ( ناولٽ) مصنف وڪٽر هيوگو مترجم ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ۸. چور (افسانا) مصنف غلام علي الانا. ۹. قلوپطره (ڊرامون) مصنف: شيڪسپيئر ۱۰.  سفرنامه ابن بطوطه : مصنف ابن بطوطه ٻنهي جو ترجمون ڪندڙ : حبيب بخاري. ۱۱. سجاڳيءَ جو سڏ (ڊرامون) مصنف: دائود سولنگي.

ٻاراڻي ادب ۾ مون هيٺيون لوڪ ڪهاڻيون تحرير ڪري اداره گلشن ادب ٽنڊو محمد خان طرفان شايع ڪيون.

۱. هڪ ڏينهن جو بادشاه .۲. گامون سچار. ۳. غيبي خزانو. ۴. ڏهه شهزاديون.

ان کان علاوه ٻاراڻي ادب جا هيٺيان ڪتاب مرتب ڪري اداره گلشن ادب ٽنڊو محمد خان  طرفان شايع ڪيا.

۱. ٽڙيل گل ۲. گلشن جا گل.۳. هٻڪار. ۴. پنکڙيون. ۵. هيراموتي. ۶. هيرا لعل هزار. ۷ روشن تارا ۸.موتئي جون مکڙيون. ۹. چمڪندڙ ستارا. ۱۰. گڙيا کٽڻهار. ۱۱. روشن ڏيا.ان سان گڏو گڏ پاڻ وهيڻي پري مصنف : محمد ابراهيم  جويو. ۲. حيرت انگيز هيرو. ۳ معصوم محموده ۴. مغرور بادشاهه ۵. ڪنول شهزادي ۶. ڪرامتي تختي. .۷ ڇٽيهه لکڻو ايڊٽ ڪري اداره گلشن ادب ٽنڊو محمد خان طرفان شايع ڪيا. باقي ڇهن ڪتابن جو مصنف اياز پاٽولي هو.

ٻاراڻي ادب جا ٻه ڪتاب هڪ ڏينهن جو بادشاه (ٻيو ڇاپو) ۽ روشن ڏيا ٻالڪ پبليڪيشن ٽنڊو محمد خان طرفان  پڻ مون شايع ڪيا.

ان کان علاوه اداره سنڌي ادب ٽنڊو محمد خان طرفان ۱۵ ڪتاب، اداره گلشن ادب طرفان ۲۱ ڪتاب ۽ ٻالڪ پبليڪيشن ٽنڊو محمد خان طرفان ۲ ڪتاب يعني جملي ۳۸ ڪتاب شايع ڪيا. گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ٽنڊو جان محمد، گورننمنٽ ڪاليج سعيد پور، ضلع بدين ۽ گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ٽنڊو محمد خان جي سالياني ميگزينس جي سنڌي سيڪشن جو انچارج ۽ ايڊيٽر پڻ رهيس.

سال ۱۹۴۸ کان ۱۹۹۱ع تائين، اخبار تعليم، ماهنامه بادل، ماهنامه گلستان ۽ گل ڦل حيدرآباد، ماهنامه فردوس هالا، ماهنامه نئين زندگي ڪراچي، ماهنامه راج فلمستان بامبئي، پندره روزه ميراث ۽ روشني ٽنڊو محمد خان، گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو جان محمد  ۽ گورنمنٽ هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان جو ميگزينس اداره فروغ ادب ڪراچي جو ڪتاب ”جديد شعراءِ ۽ سنڌي“ ۽ سرهاڻ پبليڪيشن ٽنڊو محمد خان جي ڪتاب ”ٽڙندڙ مکڙيون“ ۾ مسلسل منهنجا مضمون، مقالا، افسانا، گيت، غزل، ڪافيون ۽ ٻاراڻو ادب شايع ٿيندو رهيو. گڏو گڏ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو ٻه ڀيرا سيڪريٽري رهيس ۽ هن شاخ جو تاحيات ميمبر پڻ آهيان.

سنڌ گريجويٽ ايسوسي ايشن سگا ٽنڊو محمد خان جو جنرل سيڪريٽري، بزم بسمل ٽنڊو محمد خان، انجمن ترقي سنڌي ٽنڊو محمد خان ۽ يونائيٽڊ فورم ٽنڊو محمدخان جو جنرل سيڪريٽري رهيس. پرائمري ٽيچرس ايسوسي ايشن ٽنڊو محمد خان جو جنرل سيڪريٽري پڻ رهيس. انجمن خادم الاسلام ٽنڊو محمد خان جنهن جي زير اهتمام دارالعلوم هاءِ اسڪول ۽ مخدوم بلاول ڪاليج هلندڙ آهن جو بنيادي جنرل سيڪريٽري رهيس. اداره سنڌي ادب ٽنڊو محمد خان جو ۱۹۸۴ کان پهريائين جنرل سيڪريٽري ان پوءِ پبليڪيشن سيڪريٽري، ايڊيوڪيشن سيڪريٽري لائبريري سيڪريٽري ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر رهيس. ان کان علاوه اداره سنڌي ادب طرفان قائم ڪيل مرڪز تعليم بالغان جو استاد پڻ رهيس.  بزم گلشن سنڌ ۽ ٻالڪ سنگت ٽنڊو محمد خان جو بنيادي صدر رهيس، هنن ٻنهي بزمن جو ن سموري سنڌ جي شهر ۽ ڳوٺن ۾ شاخون قائم ٿيون، جن ۾ ٻارڙا هفتيوار يا پندرهن روزه ادبي گڏجاڻيون ڪري انهن ۾ پنهنجيون لکڻيون پڙهندا هئا ۽ هڪ ٻئي جي اصلاح ڪندا هئا. انهن ٻارڙن مان ڪيترائي اڄ سنڌ جا وڏا اديب، ڊاڪٽر ۽ سياستدان آهن، جهڙوڪ؛ مرحوم ڊاڪٽر تنوير عباسي مرحوم خان محمد پنهور آڪاش انصاري ۽ پير مظهرالحق وغيره. اداره سنڌي ادب ٽنڊو محمد خان طرفان سال ۱۹۵۸ کان ۱۹۷۰ تائين ڪيترائي عظيم الشان آل سنڌ، سنڌي اردو يادگار مشاعره ڪرايا. جن جون صدارتون مخدوم طالب المولى، فيض احمد فيض، غلام محمد گرامي، ابراهيم خليل، جوش مليح آبادي، حمايت علي شاعر، رشيد احمد لاشاري، محسن ڀوپالي ۽ ٻين ناميارين شخصيتن ڪيون.  زندگيءَ جا ۴۴ سال تعليم کاتي سان وابستگي رهي. ۱۹۴۸ع ۾ فائنل پاس ڪرڻ کان پوءِ افسانه نگاري جو شوق جاڳيو، مهنجو پهريون افسانو ماهنامه ”فردوس“ هالا ۾ شايع ٿيو، ان کان پوءِ ماهنامه”بادل“ حيدرآباد ۾ افسانو شايع ٿيو. پوءِ نئين زندگي ڪراچي، راج فلمستان بامبئي ۽ گل ڦل ۾ شايع ٿيا. ۱۹۵۲ ۾ ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ ٽيچنگ ٽريننگ جي سلسلي ۾ داخلا ٿي اتي قابل استادن جهڙوڪ، غلام محمد گرامي، رشيد احمد لاشاري، ع ق شيخ، محمد امين صديقي، پناهه علي شاه، ابن الياس، علام حسين جعفري، غلام علي الانا ۽ رحيم بخش ميمڻ جن جي رهبري ۾ لکڻ جون صلاحيتون وڌيون ۽ شاعري جو شوق جاڳيو. ۱۹۵۳ع ۾ ٽريننگ اسڪول خيرپور ميرس جي ناز هاءِ اسڪول ۾ آل سنڌ تعليمي ڪانفرنس ۾ ڪاليج طرفان شرڪت ڪيم ۽ شاعري جي مقابلي ۾ پهريون انعام حاصل ڪيم. ساڳئي سال ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جي يادگار ڊرامي ” مومل راڻو“ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيم، ٻئي سال ۱۹۵۴ع ليلا چنيسر ڊرامي ۾ پڻ مرڪزي ڪردار ادا ڪري خوب داد حاصل ڪيم. ان کانپوءِ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ وري اهڙا ڊراما نه ٿيا. ان وقت ٽريننگ ڪاليج مان نڪرندڙ اخبار تعليم ۾ منهنجون تخليقون افسانه، مضمون ۽ شاعري شايع ٿيا. ۱۹۵۴ع ۾ ٽريننگ ڪاليج مان فارغ ٿيڻ کان پوءِ ٽنڊو محمد خان اداره سنڌي ادب جي نالي سان هڪ ادبي ادارو قائم ڪيو جنهن جو جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيس ۽ ان اداري جي طرفان اشاعتي سلسلو ۽ لائبريري قائم ٿيا جن جو لائبريري سيڪريٽري ۽ پبليڪيشن سيڪريٽري پڻ رهيس ان کان پوءِ ۱۹۵۸ کان ۱۹۶۱ تائين بزم گلشن ۽ ۱۰۶۴ جو ٻالڪ سنگت جو صدر رهيس.شاعري ۾ پنهنجو شعر هميشه ترنم سان پڙهندو هئس. رب سائين گلي ۾ مٺاس ڏنو هو ان  ڪري خوب داد حاصل ڪندو هئس. پر رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ بيمارين اهڙو اچي وڪوڙيو آهي جو ترنم ته ختم ٿيو پر هاڻي وڏي سر ڳالهائڻ به دشوار ٿي پيو آهي. وري به الله سائين جو شڪر آهي جو نظر جي ڪمزوري هوندي به مطالعو جاري آهي. ڪو به علمي يا ادبي دوست مون سان هن ائڊريس تي خط و ڪتابت ڪري سگهي ٿو.

پروفيسر (ر) فدا احمد سرهيو، هائوس نمبر ۳۷۵/B خواجه محلا ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان

 

(حڪيم يوسف جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۰ جون ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا