لطف پيرزادو
صوفي انقلابي ۽ ارڏو
فقير
هادي بخش پيرزادو
رتون رتن سان جڏهن رانديون رچائينديون آهن ته ڪائنات جهومندي نچندي نظر ايندي آهي، هوائون پنهنجي فطرت مطابق پوري جوڀن سان ٿڌڙا مٺڙا سر آلاپينديون آهن، جي جاڳرتا جا جشن ملهائينديون گهلنديون رهنديون آهن، جيڪي سريرن کي سڪون جي سرگم ۾ کوئي ڇڏينديون آهن. اهڙي ئي هڪ موسم مان اسان جي ٽهيءَ وارن جو به ڪڏهن گذر ٿيو هو.
موهن جي دڙي جي مٽيءَ جي
خوشبوءِ ڪاڪي ستابي مالهيءَ جي هٿان شام جي ٽائيم ۾ گلاب ۽ رابيل جا گل آڇيندي
هئي. اهو محبت جو جهان هو ۽ اسان جو ٻالڪپڻو جنهن ۾ نفرت ۽ ڪيني جو نانءُ نشان به
نه هئو. ڏکن ۽ سکن جي پروڙ ئي ڪو نه هوندي هئي نه اڀرڻ جي چنتا نه لٿي جي ڳڻتي.
انهيءَ وقت اسان ٻارن جي ٽولي
جو اڳواڻ سائين لطف پيرزادو هوندو هو، اهو انهيءَ جي ڪري جو وڏڙن وانگر ڳالهيون
ڪندو هئو، هن جي سمجهه اسان جي سمجهه کان گهڻو مٿي هوندي هئي. اهو انهيءَ جي ڪري
جو هو پنهنجي ڏاڏا جو گهڻو دادلو هوندو هئو، هن جو ڏاڏو منهنجو مامو هوندو هئو، جنهن
جو نالو ميان غلام حسين هئو، جنهن هن جي پرورش پنهنجي سر کنئي هئي، جنهن جي صحبت ۾
هن گهڻو ڪجهه پرايو ۽ پروڙيو،
جئين هن دور ۾ انگريزي پوري
دنيا ۾ پنهنجون پاڙون مضبوط کوڙيون بيٺي آهي اهڙي طرح مامي غلام حسين جن جي دور ۾
فارسي ٻوليءَ جو ايشيا ۾ عروج هو. مامو غلام حسين فارسي ٻوليءَ جو تمام وڏو ڄاڻو
هو، جنهن لطف کي سيهي مان سون ٿي بڻايو. هن کي هن جي پال جتي گهڻو ڪجهه سيکاري
سمجهائي ڇڏيو هئو، خاص ڪري لطيف سرڪار جي رسالي سان واقفيت به هن صاحب ئي ڪرائي
هيس.
جيئن چوندا آهن ته فلاڻو ڄمندي
ڄام هو، مان سمجهان ٿو ته اهو سچ ئي چوندا هئا، اسان واري ٽهي ۾ سائين لطف پيرزادو
ايئن هو جو مٿين چواڻيءَ سان سڌو سنئون ٺهيو پيو هو، جنهن کي خدا پاڪ ڏانءُ ۽ ڏات
بچپن ۾ ئي عطا ڪري ڇڏيو هو، جو پنهنجي هم عمر وارن تي دوستن تي هن جو اثر هو ئي هو
پر ايترو رڳو نه هن کان عمر ۾ وڏا ۽ تعليم ۾ گهڻا به هن وٽان پرائيندا هئا، جي
ساڻس ڪچهري ڪرڻ جا قائل به هئا، هو جڏهن ڀٽائي صاحب جا بيت يا فارسي شعر ٻڌائيندو
هو ته ٻڌندڙ هن کان انهن جي تشريح به ڪرائيندا هئا. حالانڪه هو ان وقت ٽئين درجي
جو شاگرد هو. سائين لطف اسان هڪ جيڏن ۾ هماليا جبل جيڏو دماغ رکندڙ انسان ليکيو
ويندو هو، سندس گفتگوءَ جي رواني سماج تي طنزيه لهجي واري آهي، هو پنهنجي هڏ ڪاٺ ۾
ڪو ملهه پهلوان ڪونهي ۽ نه ئي قد ۾ عالم چنو آهي.
هن جو ظاهري وجود ريشمي ڌاڳي
مثل آهي، پاڻ هڪ لاوو به آهي، کامي پچي پڄري دکي رهيو آهي، ٻاهر ٻاڦ ئي نه ٿو ڪڍي،
ٻاهر ٻاڦ ڪڍڻ ڄڻ هن جي خمير سکيو ئي ڪونهي، جنهن لاءِ شاهه لطيف فرمايو آهي ته
نهائين
کان نينهن، سک منهنجا پرين،
سڙي
سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.
غم، درد، سور، ڏک، ڏاکڙا هميشه
هن جي ميزبانيءَ ۾ رهيا آهن، هن جي چانئٺ کان ٻاهر قدم رکيا ئي ناهن، اهڙي طرح
جهڙي طرح عقل جي سونهن هن کان منهن ناهي مٽيو، جنهن جي روشنيءَ سندس ذات کي چار
چنڊ لائي ڇڏيا آهن.
سائين لطف ڪجهه وقت ڪراچيءَ ۾
لينگويج ٽيچر به رهيو، انهيءَ وقت سندس لاڳاپا پاڪستان ڪميونسٽ پارٽيءَ سان هئا،
جتي هن جون ملاقاتون جناب ڄام ساقي ۽ ڊاڪٽر اعزاز نظير صاحب، جناب ڪامريڊ سوڀي
گيانچنداڻي جن سان ٿينديون رهنديون هيون. اسان گڏ هوندي به هڪ ٻئي جا مخالف هوندا
هئاسين، جڏهن ته مان ڪنهن به پارٽيءَ ۾ ڪو نه هوندو هئس، تنهن هوندي به مان ڪڏهن
جيئي سنڌ ته ڪڏهن پيپلز پارٽي جو ٿي پئي ويس، يا پير پاڳاري جو نعرو هڻي چيڙائڻ جي
ڪوشش ٿي ڪيم. هو هرو ڀرو ڪو نه چڙندو هو پر جي ڪڏهن تپش ۾ اچي به ويندو هو ته
پوليٽيڪل ناليج اهڙي مهيا ڪندو هو جو اسان ويٺل هن کي ٻڌي دنگ رهجي ويندا هئاسين.
مان هن جي ڳالهين مان سياسي
نقطا پرائڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو هئس، جڏهن ته مان سياسي ماڻهو به ڪو نه هئس پر ها
هڪڙي ڳالهه ضرور هئي ته انهيءَ وقت منهنجو ٿورو گهڻو واسطو ادبي دنيا سان هئو. اهو
ڪريڊٽ به سائين لطف ڏانهن ئي وڃي ٿو. جنهن ٻالڪپڻي ۾ اهڙا سبق ڏنا، هو چوندو هو ته
تنهنجي ڇاتيءَ تي جو کٻي پاسي تر آهي اهو مون کي ٻڌائي ٿو ته تون شاعر ٿيندين، مان
سوچيندو رهيس ته شاعر ڇا آهي، ان وقت شاعر لفظ مون هن جي واتان ٻڌو هو، سوچيم ته
شاعر وري الائي ڪهڙي بلا هوندي آهي، بهرحال وقت پنهنجي رفتار سان گذرندو ويو، منهنجو
ذهن شاعري لفظ کي وڍيندو رهيو جڏهن مون پنج درجا پرائمري پاس ڪيا ته مون کي منهنجي
وڏڙن انگريزي پڙهائڻ لاءِ پهريان لاڙڪاڻي ڊي سي هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪرايو، اتي ٻه مهينا
پڙهيس، منهنجي ڀاءُ جي بدلي خيرپور ميرس ٿي، اتان مون کي موٽائي باڊهه هاءِ اسڪول
۾ داخلا وٺي ڏنائين، جتي منهنجو ڀيڻيوو، لطف جو وڏو سئوٽ سائين لعل بخش پيرزادو
ٽيچر هو، آئون اتي هاسٽل ۾ رهندو هئس، ڳوٺ ۽ هڪ جيڏن کان پري رهڻ جي ڪري مون کي
انهن ٻنهي جي ياد ستائڻ لڳي. ٻيو ته آزاد گهمندڙ ڄڻ قيد ٿي پيو، انهيءَ وقت مون تي
شاعريءَ حملو ڪري ڏنو، جتي مان هوم ورڪ گهٽ شاعري گهڻي ڪرڻ لڳس. هتي خاموشيءَ ۾
سائين لطف جا چيل لفظ منهنجي ڪنن ۾ گونجندا رهيا ته تون شاعر ٿيندين. اها سندس پهرين
ڪرامت هئي جا مون محسوس ٿي ڪئي.
سائين لطف پنهنجي طبيعت ۾ صوفي
خيالن جو مزاج رکندڙ برجستو فقير پڻ آهي، پنهنجي نازڪ وجود آهر کاهوڙي به آهي.
اهڙن محبوب ماڻهن جي لطيف سرڪار کي پڻ اُون ۽ تلاش هوندي هئي، هو هميشه هنن جي تلاش ۾ هوندو هئو،
جي لڪا گهمن لوڪ ۾ تن جي پڇا ڳاڇا ڪرڻ نڪري پوندو هو. ماڻهن کي سندن پتا پار ڏئي
پڇندو رهندو هو ته ..
سڪل
سنڍ ڪڇن، پيرين پراڻا کيڙا،
ٽمندي
نيڻن، آن ڪي کاهوڙي گڏيا!
لطف پيرزادي جو روح ۽ نيڻ ڪڏهن
به پنهنجي ذات جي خاطر ناهن ٽميا پر ڦريل لٽيل مظلوم ماڻهن جي طبقي سان ٿيندڙ
انياءَ تي هر دور ۾ ٽميا به آهن ته لڙيا
به آهن، هو سماج مان سماجي براين ۽ ناانصافين کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي.
وقت جي بي رحم قوتن سدائين هن جي راهن ۾ رنڊڪون وڌيون آهن پر هن جي عزم کي جس هجي
جو ڪڏهن به وقت جي ڏاڍ آڏو جهڪيو ناهي توڙي جو زندگيءَ نه برداشت ڪرڻ جهڙيون
مذاقون، قدم، قدم تي ساڻس پئي ڪيون آهن پر هي نٻل نازڪ انسان هر ڳالهه پٺ تي
اڇلائي يگانن جيان ساڳي راهه رمندو رهيو آهي. ڪڏهن پارٽيءَ خاطر جيل ڪاٽي، ڪوڙا کائي
پنهنجي مقصد سان نينهن جو ناتو بهادر ٿي نباهيو آهي. جڏهن ته موت جي پرواهه نه
ڪندي مقتل ڏانهن اُوچي ڳاٽ وڌندو رهيو، ڪميونسٽ بلاڪ ٽٽڻ کان پوءِ هن صوفي ازم جو
رستو اختيار ڪري ورتو، جنهن ۾ هن انسان جي بقا ۽ ڀلائي واري روشني محسوس ڪئي جيڪا
شهيد شاهه عنايت جي ڏسيل واٽ هئي. جنهن تي هو هلي رهيو آهي، اهڙن ماڻهن جا اهڃاڻ
ڏيندي شاهه لطيف سر سامونڊيءَ ۾ وڻجارن جي پڇا ٿو ڪري ته ..
نڪ
سنهين، لڪ سئين، ڪجل پين نيڻ،
مون
سامونڊي سيڻ، ڪي تو ڪالهه لنگهايا.
سائين لطف هڪ ارڏي، اٽل، دلير،
سورهيه پٽ سرويچ جو پيءُ به آهي، جنهن جي شهادت جي سور کان وڌيڪ، هن کي انهيءَ
ڳالهه تي فخر پڻ آهي جو سندس جيئڻ جو ڪارڻ
پڻ آهي. .
جيتري قدر مون کي ياد ٿو اچي،
جڏهن هن کي پهريٺي پٽ ٺائو هو ته ڇٺي گذرڻ کانپوءِ واري صبح تي هو مون کي گهٽيءَ ۾
مليو هو، مون، هن کي پٽ جي ڄمڻ جي مبارڪ ڏئي پڇو هو مانس ته پٽ جو نالو ڇا رکيو
اٿئي، هن کلي ورائيو هو ته شاهه شهيد جو
مون کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، پڇو مانس شاهه شهيد ڇا مطلب، ته وري به ٽهڪ ڏئي چوڻ
لڳو ته عنايت الله ايئن چيون، هو هليو ويو. جڏهن کيس ٻيو پٽ ڄائو ته هنَ هُن جو
نالو سرويچ رکيو. سرويچ هڏ ڪاٺ ۽ رنگ روپ ۾ پيءُ جهڙو هئو. مان سمجهان ٿو ته
سرويچ، عنايت کان شهادت طوريءَ کسي ورتي. اهو انهيءَ ڪري ته هو ئي سرويچ هو. عنايت
ته عنايت هئي. جا هو پيءُ ماءُ تي عنايت ڪري ويو. اهڙي قرباني ڪو ٻيو ماڻي نه
سگهندو.
شهادت جي ساءُ جو ڪو اهڙو مٺو مزو
آهي جو جنهن جي چکڻ لاءِ پير، پيغمبر،
فقير، اولياءَ ۽ بادشاهه به سڪندا ويا، جنهن کي نصيب ٿئي. سرويچ جي شهادت تي سندس
امڙ هڪ ڳوڙهو نه هاريو هئو. چون ٿا ته ڊيٿ باڊي وصول ڪرڻ وقت پٽ جي نرڙ ۾ گوليءَ
جو گهاءُ ڏسي هي ڀٽائي سرڪار جو هي بيت ٿي پڙهيائين ته...
ڪانڌ
منهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سونهان.
تئان
پڻ لڄ مران، جي هونس پٺ ۾.
(شاهه)
سنڌ هڪ تاريخي دور مان گذري رهي
آهي، جتي ماڻهو ڇتڪتاتي جي ور چڙهيل آهن، هڪ ٻئي جون ٻوٽون پٽي هڏيون رڙڪي رهيا
آهن، حياءَ ۽ احساس جون دليون مرجهائجي چڪيون آهن، بي نسلا ماڻهو، نسلي ماڻهن تي
حملا ڪري رهيا آهن، واحيات شرافت تي ڪاوڙي وتي ٿي، اتي سائين لطف جهڙا ماڻهو امن
پيار، محبت جو علم هٿ ۾ کڻي انسانيت کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهن. هو پنهنجي سموري
انرجي انهيءَ تي خرچ ڪري ٿا ڇڏين، جتي سون ۽ سيهي کي پرکڻ وارا جوهري اڻ لڀ آهن،
تنهن هوندي به هو حق، سچ جي جوت جلايون وڌندا رهن ٿا. بغير ڪنهن صلح جي بلڪل ايئن جيئن لطيف
سرڪار فرمايو آهي ته..
ڪن پٽ
ڪاپٽ ڪاپڙي، ڪنوٽيا ڪن ڦاڙ،
هلن جي
هنگلاج ڏي، بابو ڇڏيون ٻار،
جي ڪين
قبولن هار، هلو تڪيه پسون تن جا.!
لطف پيرزادو
شاهه سائينءَ جي کاهوڙيءَ
جو وڇوڙو
حميده گهانگهرو
لٽل ماسڪو ٻلهڙيجي ۾ انور
پيرزادي جي اولڙي ۾ ڪيتريون ئي شخصيتون پيدا ٿيون، جن سنڌ جي تاريخ جو مان مٿانهون
ڪيو آهي، ادب، تاريخ، تحقيق هنر فن هر لحاظ کان هن ننڍڙي ڳوٺ وڏو نالو پيدا ڪيو،
عورت ۽ مرد جي فرق کي مٽائي شعور جي مشعل ٻاري، پڙهائي ۽ نوڪرين ڪري نوجوان اچي
شهرن ۾ آباد ٿيا پر تنهن هوندي به سندن پاڙون ٻلهڙيجي جي سڃاڻپ رهيون، ان ڪري جو
مشعل کي ٻارڻ وارا پنهنجي مٽيءَ جي خوشبو کان الڳ نه پيا ٿي سگهن، انهيءَ مٽيءَ جو
علمي، ادبي، محقق شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو پارکو شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو
شيدائي مخدوم بلاول ۽ شاهه عنايت شهيد جي جدوجهد جو قائل لطف پيرزادو ڪامريڊ،
درويش، صوفي صفت ٻاجهارو ڪڏهن به نه جهڪڻ ۽ پنهنجي مفلسي ۾ به بيباڪيءَ سان ڪنڌ
مٿي ڪري هلڻ وارو اڄ سڀني کان الڳ ٿي وڃي سرويچ کي ڀاڪر پاتو.
سرويچ اهو نوجوان جيڪو نامعلوم
جاءِ تي باندي بڻايل هو ۽ مهينن کان پوءِ چچريل لاش جي صورت ۾ ٿاڻي بولاخان جي
ويجهو هٿ آيو، ان پيءُ ڪيئن اهو لاش پنهنجي ڪلهن تي کڻي پٽ جو آخري سفر پورو ڪيو
هوندو، ڇاڪاڻ جو پٽ جو ڏوليءَ ۾ لاش کڻڻ ڪيترو ڏکيو آهي اهو ته لطف جي دل کان ڪير
پڇي پر هن اڏول انسان جو انقلابي ذهن پاڻ کي ان ڪري ڪمزور نه ٿيڻ ڏنو جو کيس خبر
هئي ته وقت جي ويرين شاهه عنايت شهيد ۽ ان تحريڪ جي ڪيترن شهيدن حق ۽ سچ لاءِ سر
قلم ڪرائڻ کان نه ڪيٻايا، مخدوم بلاول گهاڻي ۾ پيڙجڻ وقت به حق ۽ سچ جا نعرا هنيا،
اهڙي طرح لطف پيرزادي به جڏهن پٽ جي چچريل چهري کي ڏٺو هوندو ته ضرور هن کي سرويچ سچ جو فاتح ۽ ڄڻ سندس چهري تي گلن جي
ورکا هجي انهيءَ حوصلي سان ته هن پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ سر قربان ڪيو اهو لطف جو پٽ
جي آخري سفر م نعرو هو، تاريخ ۾ اهڙن ماڻهن جي تمام گهڻي اڻاٺ رهي آهي، جن شاهه
عنايت جي انهيءَ نعري تي جو کيڙي سو کائي يعني ڪارل مارڪس جي ڪميونسٽ نظريي کان به
اڳ شاهه عنايت برابري ۽ حق سچ جي نعري لاءِ قرباني ڏئي سنڌ جي ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪئي
۽ مارڪس جي نظريي ان کي وڌيڪ ”ريفريش“ ڪري قوم کي سجاڳ ڪيو ۽ مارڪسي نظريي اهڙي
سچائي وارا ڪامريڊ پيدا ڪيا جن مان لطف پيرزادو به هڪ هو.
اڄ جا رجحان اهو ظاهر ڪن ٿا ته
گاڏين، بنگلن ماڻهن جي ذهنن کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي، ڪنهن به وڏي ماڻهوءَ جي موت کي
وڏو سانحو سمجهيو وڃي ٿو، مان انهيءَ سان اختلاف نٿي ڪريان پر لطف پيرزادو جيترو
وڏو انسان هو ايترو وڏو نظرياتي ليڊر هو، هو هميشه ڌرتيءَ جي انهن غريبن مسڪينن جي
لاءِ سوچيندو رهيو ۽ انهن کان مٿانهون ڪري ڪي به ڪلفدار ڪپڙا ۽ چمڪندڙ بوٽ پائي
ڪنهن وڏي گاڏي مان لهي ماڻهن سان ملڻ نه ايندو هو، پر سندس تن تي محنت ۽ مزوري
واري لباس ۾ پيرين پنڌ اچي محفلون سجائيندو هو ان ڪري هيءُ تمام امير ترين نظرياتي
ڪامريڊ هو، هن پنهنجي زندگيءَ ۾ پارٽين جا عروج ۽ زوال به ڏٺا، گهڻا ڏک ڏولا به ڏٺا
پر بهادريءَ سان سندس وچ ۾ هڪ وڏي پارٽي هئي جنهن ڪري باشعور هر ماڻهو لطف پيرزادي
جو نالو شان سان وٺڻ جو قائل هو.
هو ڪميونسٽ پارٽي جو سچو ۽
وفادار ساٿي رهيو، مان شهيد نذير عباسي جي پهرين ورسي لاڙڪاڻي ۾ رٿي هئي ۽ منهنجي
گرفتاري جو خطرو هو ان ڪري ٻلهڙيجي ۾ ترسايو ويو، انور پيرزادي سڀني نوجوانن جي
رهنمائي پئي ڪئي ۽ منهنجي لاءِ هنن نوجوانن کي ذميواري ڏني ته ڪهڙي به نموني سان
گرفتاريءَ کان کيس بچائڻو آهي، مون ڏٺو پئي ته آخر ڪهڙي طاقت آهي جيڪا اسان سڀني
کي اهڙي ڏکي حالت ۾ تمام گهڻو رسڪ کڻي جوڙي ويٺي آهي، يقينن انهيءَ کي نظرياتي سوچ
ئي چئي سگهجي ٿو.
ڪجهه ڏينهن اڳ زرار پيرزادي ٽي
وي پروگرام ”تخليق“ ۾ مهمان طور گهرايو هو، هن درويش صفت انسان ۾ ڪو ٺٺ ٺانگر نه هو
بلڪل سادو ٻاجهارو شخص سڀني کي ڏسي کلي کلي پيو ڪچهري ڪري مان به آفيس ۾ ويٺي هيس
۽ ڪرسي ڀرسان رکي ڪچهري ڪرڻ شروع ڪئي، مون کي ڳالهائڻ ۾ ايئن پيو محسوس ٿئي ته اڄ
کان ۳۸ سال اڳ وارو لطف پيرزادو جنهن
جي ڳالهائڻ ۾ نه ڪو خوف ن خطرو نه مايوسي، اڄ به سوچ جي لحاظ کان هو نوجوان آهي،
ڇاڪاڻ جو سندس سوچ ضعيف نه ٿي هئي. عوامي آواز ٽي وي کي اهو اعزاز آهي ته هن جو
آخري انٽرويو وري به چونديس ته تاريخ ۽ تاريخي ماڻهو حرف آخر ناهن هوندا، هنن کي
جڏهن به پڙهبو جڏهن به ياد ڪبو ته ڄڻ هو اڳيان پيا گهمندا وتندا.
مان ڏاڍو صبر ڪري اهو لکڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهيان ڇاڪاڻ جو سمجهان ٿي
جڏهن منهنجي قلم جي نوڪ هن پني تي ڪجهه گهڙين جون يادون لکي رهي آهي ته ٻئي پاسي
لطف پيرزادي جي ڌرتيءَ ماءُ جي هنج کي ٺاهڻ جون تياريون هونديون، هو اڄ ڌرتي ماءُ
جي جهولي ۾ وڃي آرامي ٿيندو، سندس وڇڙيل پٽ سرويچ اچي کيس ڀاڪر پائيندو، هو ڪيڏو نه
خوش ٿيندو ۽ پوءِ دل کولي سرويچ کي ٻڌائيندو ته ڪيئن جدائي جا سور سٺا، ڪيئن وقت
کي ويرين هٿان شهيد پٽ جي مان کي مٿانهون ڪرڻ لاءِ اکين ۾ ڳوڙها نه آندا. سندس
آخري آرام گاهه مٿان مٽي لٽيندڙ ضرور اکين ۾ لڙڪ آڻي کيس ياد ڪندا ۽ جدائي جي غم ۾
ورتل هوندا پر هو پنهنجي وڇڙيل پٽ سان ملي ڪيڏو نه خوش هوندو. انهيءَ سڄي صورتحال
کي ڏسي مان سندس پونئيرن سان ڪيئن تعزيت ڪيان جيڪي ماڻهو ڏکن جي زندگيءَ ۾ زندهه
لاش جيان جيئن ۽ خوشين جي پالڪين کي کڻڻ بجاءِ ڏکن جي سيج کي سينگاريندي ڏسن اهي
ڪيڏن دردن جو داستان کڻي هن دنيا مان هليا ٿا وڃن، يقينن لطف پيرزادو به ڪيترن ئي
درد جي داستانن سان هن دنيا کي الوداع چيو هوندو پر هو مايوس نه هوندو، هو هليو
وڃڻ کان پوءِ به فاتح آهي، ڇاڪاڻ جو هن جو ضمير زندهه هو، هو ڪامريڊ هو انقلاب ۽
ڌرتيءَ واسين جي خوشحالي تي سندس پختو يقين هو. هو انفرادي خوشين جو قائل نه هو،
اجتماعي خوشي سندس سوچ جو سرمايو هئي، ان ڪري ڪڏهن به تقريب ڪوٺائي اهو ظاهر نه
ڪيو ته سندس هي ذاتي خوشي آهي، خوشين جي اميدن سان مسڪرائيندي مسڪرائيندي سڀني جي
اکين ۾ جدائي جا لڙڪ ڏئي آخر اڄ لطف پيرزادو به اسان وٽان هليو ويو.
لطف پيرزادو
سندس ”وڇوڙو“ نه پر
”وصل“ ٿيو آهي
زرار پيرزادو
لطف پيرزادو حقيقي معنيٰ ۾ اهو
صوفي فقير هو، جنهن لاءِ واقعي به اهو لکڻ مناسب ٿيندو ته هن جو ”وڇوڙو“ نه پر
”وصل“ ٿيو آهي.
هن جا پيارا جيترا هن دنيا ۾
آهن ان کان چئوڻ تي ان ”روحاني دنيا“ ۾ رهندڙ آهن جيڏانهن لطف جو روح (۹
سيپٽمبر ڏينهن آچر ۲۰۱۸ تي) پرواز ڪري چڪو آهي.
ان روحاني دنيا ۾ لطف پنهنجي ان
خوابن جهڙي امڙ جو ديدار ڪيو آهي جنهن کي ڏسڻ جي سڄي ڄمار هن حسرت پئي ڪئي هئي.
سندس والده کيس ڄڻي ڪجهه ڏينهن اندر ئي گذاري وئي هئي. سندس امڙ ته پنهنجي ٻچڙي کي
ڏٺو پر لطف پنهنجي ماءُ کي نه ڏسي سگهيو هو.
جيئن لطف سانڀر وارو ٿيو ته هو
وڏن کان ٻڌندو هو ته سندس ماءُ بيحد حسين هئي، پوءِ هو جيڪي به حسين عورتون ڏسندو هو
ته انهن ۾ کيس پنهنجي امڙ جو چهرو نظر ايندو هو، هُو سنڌي ٽي وي آرٽسٽ غزالا رفيق
جي چهري ۾ به پنهنجي ماءُ جو چهرو پسندو هو.کيس پنهنجي امڙ کي ڏسندي ۽ ملندي ته في
الحال هيءَ دنيا ئي وسري وئي هوندي جيڪا سندس لاڏاڻي پڄاڻان سراپا ماتم آهي.
لطف پيرزادو پنهنجي وڏڙن جهڙوڪ حاجي
لعل بخش شيخ، پنهنجي نانا ملان جمن، ناني امان وڏي، بابي بالي، غلام حسين، فقير
يارمحمد، ادي زبيده، پنهنجي والد در محمد ۽ عالم خاتون سان ملندي ڪيڏو نه باغ بهار
ٿيو هوندو جن جي وڇوڙي جو ڦٽ سندس اندر کي سڄي ڄمار ڪُرائيندو رهيو.
۽ وڏي ڳالهه ته لطف پنهنجي آئيڊيل
ڀٽائي، شاهه عنايت، سوڀي گيانچنداڻي، انور پيرزادي، ڪامريڊ ڄام ساقي ۽ پنهنجي شهيد
پٽ سرويچ سان ملي پاڻ کي ڪيڏو نه عظيم ۽ سرخرو محسوس ڪندو هوندو.
اهو لطف جنهن جي زندگي ڀٽائي
صاحب جي هن شعر مثل هئي ته ”سرجيس تان سور، سامائيس ته سک ويا“ تنهن موت کان پوءِ
جنهن روحاني دنيا ۾ پير رکيو آهي سا ڄڻ ته سندس حقيقي ”منزل“ آهي.. هن دنيا ۾ ته
هن هر ساهه عيوض رڳو اهنج، سور ۽ صدما سَٺِا.
جيڏي هن جي زندگي تڪليفن واري
هئي سندس موت وري اهڙو ئي ”سهنجو“ ٿيو، هن صرف ڪجهه منٽن واري تڪليف سهي پنهنجي
گهر اندر ڌيءُ جي هنج ۾ دم ڏنو. ڄڻ هُو حضرت عزرائيل سان حياتي کسڻ واري موقعي جو
فائدو وٺندي بنا وقت ضايع ڪندي ”مرڻ مون سين آءُ ته پٺيءَ تو پنڌ ڪيان“ جي مصداق
ڊڪندو ڊوڙندو هليو ويو.
لطف، سنڌ جي انهن ماڻهن مان هڪ
هو جن جي املهه حياتيءَ مان مجموعي طور تي اسان گهڻي کان گهڻو فائدو نه ورتو. ڇا
ان المئي تي اسين رڳو ماتم ئي ڪندا رهنداسين.
هي ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ جي تاريخ هو
پر افسوس ته اسان ان کان ئي ڪو ڪتاب لکرائي نه سگهياسين.
لطف ڀٽائيءَ جي موضوع تي اٿارٽي
هو، ڀٽائي بابت هر سوال جو وٽس ”جواب“ هو، جيڪو هو ڀٽائي جي شعرن ۾ ڏيندو هو.
کانئس نوجوان شاعر امر پيرزادي
هڪ ڀيري پڇيو ته اوهان جي نظر ۾ ڀٽائي صاحب جو ”او ڪو ٻيو فهم“ ڪهڙو هو ته هن کيس
ڀٽائي صاحب جو هي شعر ٻڌايو ته ”اتهين ڪي آهي، هي جي جهونا پسين جهوپڙا، ڪر خدمت
خلق جي، پانڌ ڳچيءَ ۾ پائي“ يعني او ڪيو ٻيو فهم ”انسانيت جي خدمت ۾ آهي“.
لطف صوفي هو ۽ هو ڪميونسٽ به
هو، لطف وٽ صوفي ازم جو تصور ”مزاحمت“ وارو ۽ ”تحريڪي“ هو. دنيا ترڪ ڪرڻ ۽ لاتعلقي
وارو نه پر زمين ۽ ماڻهن سان جڙڻ وارو هو.
هو ضياءَ جي ڪاري آمريت واري
دور جي انهن پهرين سياسي ڪارڪنن مان هو جن آمريت خلاف ڦٽڪا کاڌا پر انهيءَ الميي تي
ماتم ئي ڪري سگهجي ٿو ته جنهن ”جمهوريت“ لاءِ هن ڦٽڪا سَٺا تنهن کيس سندس پٽ جو
چچريل لاش ڏنو.
لطف، ”لٽل ماسڪو“ واري ماڊل جي
بانيڪارن مان هڪ هو. ڳوٺ سڌار سنگت ٻلهڙيجي جو روح روان هو، مهين جي دڙي جو مجاور
۽ بيباڪ صحافي هو.
لطف کي بهترين خراج اهو ئي آهي
ته سندس ”آدرشن“ تي هلجي ۽ انهن کي هڪ هڪ ڪري ساڀيان ڪيو وڃي.
لطف ته پنهنجي لاڏاڻي تي خوش
آهي پر پوئتي هو جيڪي پنهنجا سوڳوار ڇڏي ويو آهي تن مان جن سان مان تعزيت ڪرڻ
چاهيان ٿو انهن ۾ سندس دوستن جهڙي جيون ساٿياڻي، سندس ڌيئرون جن کي هن پٽن وانگر
پاليو، پٽ جن سان هو ڀائرن وانگر هليو. سندس فڪري ۽ نظرياتي دوستن جي ڏک ۾ به شامل
آهيون.
پر پهرين تعزيت مان سخي شاهه
جمال، ملوڪ شاهه، ڀرپور جو مڪان، ڀٽائي جي فقيرن ۽ سندس آخري ساٿي اقرار پيرزادي
سان ڪرڻ چاهيندس جيڪو لطف کان پوءِ هاڻي واقعي به اڪيلو ٿي ويو آهي.
عام طور تي سخي شاهه جمال جي قبرستان
۾ تدفين لاءِ ايندڙ مڙهن کي جنازي نماز کان پوءِ ترت ئي قبر ۾ لاهيو ويندو آهي.
لطف جي مڙهه کي جنازي نماز کان پوءِ به وڏو وقت سخي شاهه جمال جي مئخاني وٽ رکيو
ويو... ايئن ئي هن جي مڙهه کي گهر ۾ريڪارڊ وقت يعني صبح، منجهند، شام ۽ رات تائين
رکيو ويو.
سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته
سندس مڙهه شايد ان ڪري دير تائين رکيو ويو ته جيئن ساڻس محبت ڪندڙن کي هر هر سندس
آخري ديدار ڪرائجي ته جيئن هو ڏسن ۽ دلجاءِ ڪن ته هيءَ دنيا ڇڏيندي هو ڪيڏو نه
سڪون ۾ آهي.
لطف پيرزادو
سرجيس تا سور سامايس ته
سک ويا
الطاف پيرزادو
هو ان دور جو آدرشي ۽ نظرياتي
سياسي ڪارڪن هو جيڪو دور ”سياسي رومانس“ جو دور ليکجي ٿو. هڪ آدرشي سياسي ڪارڪن
سان گڏوگڏ هن ڀٽائي جي شاعري سان به اهڙي ته لنهءُ لاتي جو شاهه جي رسالي جو حافظ
بڻجي ويو. ساهه جي تند ٽٽڻ تائين شاهه جي شاعريءَ سان اڻٽٽ ناتو برقرار رکيائين.هن
کي زندگيءَ هر قدم تي ڏک ۽ درد آڇيا، جيل ۽ ڪوڙا به سندس نصيب بڻيا پر نه ته
جهڪيو، نه وڪاميو، نه ئي ڪنهن کان ڪا شڪايت ڪيائين، ڳاٽ اوچو ڪري جيئيندو رهيو ۽
ڳاٽ اوچو ڪيو. هي جهان ڇڏي ويو. هر درد، هر تڪليف ۽ هر پيڙا ڀٽائي جي ڪا نه ڪا سٽ
پڙهي پي ڇڏڻ هن پنهنجو مرڪ بڻائي چڏيو هو.
لطف پيرزادو جنهن کي اسان واري
۽ اسان کان سينيئر ٽهي ڀائو لطف چوندي هئي سو ڀائو لطف، ڪميونسٽ تحريڪ جو انمول ڪرداربه
هو. ستر واري ڏهاڪي ۾ جڏهن سرخن لاءِ ڌرتي تنگ
بڻائي وئي هئي ۽ ٻلهڙيجي انهن ڪامريڊن لاءِ ماءُ جي هنج بڻي هئي تڏهن لطف،
زلف ۽ ان ٽهيءَ جا ٻلهڙيجي جا ٻيا نوجوان انهن ڪامريڊن جي صحبت ۾ رهيا ۽
هم
محنت ڪش جگ والون سي جب اپنا حصا مانگين گين،
اڪ کيت
نهين، اڪ ديس نهين، هم ساري دنيا مانگين گين.
واري نظرئي کي هينئين سان
هنڊائيندي ملڪ اندر انقلاب آڻي، جبر ۽ استحصال جو نطام ختم ڪري پورهيت راڄ قائم
ڪرڻ لاءِ انقلاب زنده باد جا نعرا هڻندي
نتيجن جي پرواهه بنا کاٻي ڌر جي ان آدرشي سياسي راهه تي اڳتي وڌندا رهيا.
ٻلهڙيجي ۾ انهن انقلابي نوجوانن
جو گرو انور پيرزادو هو، لطف جيئن ته انور صاحب جو ڀاڻيجو هو تهنڪري ڪميونسٽ سياست
۾ به ان سان وابستگي جي ڪري آيو ته ڀٽائي ڏانهن سندس لاڙي جو ذريعو به انور صاحب
ئي هو پر لطف ڀٽائيءَ تي ايتري ته دسترس
حاصل ڪري ورتي جو انور صاحب جتي منجهندو
هو يا ڀٽائي جي جيڪا سٽ کانئس وسري ويندي هئي ته اها اڳتي وڌائڻ ۾ لطف سندس مدد
ڪندو هو.
هي اهو سياسي دور هو جڏهن سياسي
ڪارڪنن لاءِ بغير ڪنهن لوڀ ۽ لالچ جي پارٽي پروگرام اڳتي وڌائڻ هڪ مشن هو، راتيون
جاڳي چاڪنگ ڪرڻ، پر ڪشش نعرا ڀتين تي
لکڻ سياسيءَ ڪارڪنن جو محبوب مشغلو هو،
لطف به جڏهن ڳوٺان اچي ڪراچي ۾ ڪراچي
ميونسپل ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) ۾ لينگيويج ٽيچر بڻيو هو تڏهن به پارٽي سان سندس
وابستگي جيئن جو تيئن برقرار هئي.
هي ۱۹۷۸ع ۾ وارو زمانو هو، ڪامريڊ ڄام ساقي گرفتار ٿي چڪو هو، هڪ پاسي ملن جي ڀٽي صاحب
خلاف تحريڪ جاري هئي (پي اين اي واري تحريڪ) ته ٻئي پاسي وري ڪامريڊ ڄام جي آزادي
لاءِ ڪميونسٽن جي تحريڪ به جاري هئي. اهو جنرل ضيا جي ڪاري مارشل لا جو دور هو،
جڏهن صرف ساڄي ڌر خاص ڪري مذهبي جماعتن لاءِ ميدان صاف هو، جڏهن ته کاٻي ڌر جي
سياست خاص ڪري ڪميونسٽ سياست ڪاريهر تي پير رکڻ کان گهٽ نه هئي. پر جيئن چوندا آهن
ته عشق ۽ محبت ۾ سڀ ڪجهه جائز هوندو آهي سو سياست سان رومانس جي ڪري نتيجن جي پرواهه
بنا ٻلهڙيجي جي گهٽين ۾ به ”آمريڪا ڪي يارون ڪو ايڪ ڌڪا اور دو“ جهڙا انقلابي نعرا
گونجي رهيا ته ڪراچي ۾ به انڊر گرائونڊ سياسي ڪارڪن پنهنجي سياسي ڪرت سان لڳل هئا.
لطف به ان ئي دور ۾ زلف ۽ ڪجهه ٻين ساٿين سان ”ڄام ساقيءَ کي آزاد ڪريو“ جي چاڪنگ
ڪندي ملير مان گرفتار ٿيو هو. مٿس ملٽري ڪورٽ ۾ ڪيس هليوهو، کيس ڏهن ڦٽڪن ۽ سال
قيد جي سزا آئي، جيڪا ڪاٽي هو آزاد ٿيو، زلف به سال قيد جي سزا ته ڪاٽي پر ننڍي
عمر هئڻ ڪري ڦٽڪن جي سزا کان بچي ويو.
سنڌ جو هي اهو سياسي نسل هو
جنهن سياست تان پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏيو هو، هڪ نظريو هو، هڪ اصول هو، هڪ
آدرش هو، جنهن ۾ سڀ فنا ٿيل هئا. سوويت يونين
جي ٽٽڻ کانپوءِ ڪيئي راهه ۾ رلي
ويا، ڪن ڪنهن سياسي جماعت ۾ پناهه ورتي ته ڪن ڪنهن ۾، اڪثر سرخا ميڊيا جي شعبي سان
۽ قلم جي پورهئي سان سلهاڙجي ويا. ڀائو لطف به ان کانپوءِ ڪنهن سياسي پارٽي جو حصو
ٿيڻ بدران قلم جي ڪرت سان لڳي ويو، هن صحافت به ڪئي ته ڀٽائي ۽ مهين جي دڙي تي به ڪم
ڪندو رهيو. سور، هونئن ته ان ڪري به ننڍي لاڪون سندس ساٿي هئا جو هو ڄمندي ئي ماءُ
جي سفقت کان محروم ٿي ويو، پڦين ۽ مامن جي هن دادلي ٻار کي زندگيءَ ۾ ڪاپاري ڌڪ پنهنجي
نوجوان پٽ سرويچ جي وڇوڙي جو رسيو.
سرويچ به پيءُ وانگر ارڏو ٻار
هو. لطف قيد ۽ ڦٽڪا سٺا ته شهادت وري الهڙجواني ۾ سرويچ جو مقدر بڻي، جيڪا عمر
گهوٽ بنجڻ جي هوندي آهي، ڀينرن کي ڀائرن کي هٿين ۽ پيرين ميندي لائڻ ۽ سهرا چوڻ جي هوندي آهي ۽ امڙ جي آس وري پٽ کي
موڙن ۾ ڏسڻ جي هوندي آهي، سو جنهن پيءُ کان جوڀن ۾ پٽ وڇڙي وڃي تنهن وٽ جيئڻ لاءِ
باقي ڪهڙو جواز هوندو، هو ڳوٺ ۾ پٽ لاءِ واٽون نهاري رهيو هو ته اجهو ٿي پٽ جي ظاهر ٿيڻ جي ڪٿان نه ڪٿان ڪا خبر اچي ته اوچتو نوري آباد مان سرويچ جو لاش هٿ
اچڻ جي خبر ميڊيائي شهه سرخين جي زينت بڻي.
اسان
جي نگريءَ سندين ڇتين تي لٽيل صبح جا اداس پاڇا،
گلن جي
موسم ڪليون نه آنديون، بهار آندا پٽن جا لاشا.
سو ايڏا سور سهي به، جيءُ
جهوريندڙ جدايون سهي به هو ”ايڏا سور سهي، ننڊ نه ڪجي ناکئا“ واري شاهه جي سٽ جيان،
ڀٽائيءَ کي پنهنجو آٿت بڻائي جيئندو رهيوڇو جو ڀٽائي سندس هر درد جي دوا هو، هن پٽ
جو لاش وصول ڪندي به ڀٽائي جا شعر پڙهيا هئا ته، سندس لاش لحد ۾ لاهڻ وقت به ڀٽائي
ئي سندس ڀرجهلو هو، سرويچ کانپوءِ اڄ تائين جيڪا زندگي گهاريائين تنهن ۾ ڀٽائيءَ
جي شاعريءَ جو قدم قدم تي ساڻس ساٿ رهيو.
ڄمڻ کان وٺي ساهه جو سڳو ٽٽڻ
تائين سور ۽ پور سندس ساٿي رهيا ۽ هو ”سرجيس تا سور سامايس ته سک ويا“ واري سٽ جي
جيئري جاڳندي علامت بڻيل رهيو. سو ڀٽائي جي هن مجاور جي وڇوڙي تي سڄي سنڌ سان ۽
ڀٽائي سان تعزيت ڪجي ٿي.
ڀينر ڀنڀوران،
ڀڄو تا ابهو،
اڳي ان
ماڳان، سرتين سور پرائيا.
لطف پيرزادو
شاهه لطيف جي پارکو جو وڇوڙو
ادل سولنگي
۸ جنوري
۱۹۵۲ع ۾ سنڌوءَ جي ساڄي ڪناري،
مُهين جي دڙي ڀرسان آباد ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ در محمد پيرزادي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ لطف پيرزادو،
شاهه سائين جي هنن سِٽن جي چٽي پٽي تصوير هئو.
”هي جي سور سُڄن، سي مون پينگهي
منجهه پرائيا“.
لطف پيرزادو جيڪو ننڍپڻ ۾ ئي
ماءُ جي مقدس ٿڃ ۽ مامتا جي پيار کان محروم رهندڙ ٻالڪ هئو، جنهن جي پالنا گهر جي
وڏڙين ۽ وڏڙن هٿان ٿي.
جسماني طور تي هيڻو رهندڙ لطف
پيرزادو، روحاني طور تي هڪ سگهارو / مزاحمتي ڪردار بڻجي اُڀريو.
لطف پيرزادو جنهن ۱۹۵۷ع ۾ اسڪول ۾ داخلا ورتي پرائمري جا پنج درجا پنهنجي ڳوٺ ۾ پاس ڪيا، ۱۹۶۲ع ۾ شهداد ڪوٽ هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو ۽ ۱۹۶۵ع ۾ مڊل ڪلاس پاس ڪري ڳوٺ موٽيو، لطف پيرزادو فطري طور تي ننڍپڻ کان ئي
سونهن پرست ۽ عاشق مزاج رهيو ”عشق جي وهنوار ۾“ هن گهڻو ڪجهه وڃايو، جواني، آزادي
۽ ارڏاهيءَ جا ڪيترا ئي ڏينهن راتيون مهينا ۽ سال هي يار هٿن مان وڃائي ويٺو.
لطف پيرزادو گهڻي ڀاڱي پنهنجي
ڏاڏي غلام حسين پيرزادي جي پرورش هيٺ رهيو، سندس ڏاڏو راڳ ويراڳ جو شوقين ۽ وڏو
ڄاڻو هئو، جنهن کي شاهه لطيف، سچل سرمست، بيدل سائين، خليفي نبي بخش ۽ عمل فقير جي
شاعريءَ سان گڏ حافظ، رومي ۽ ٻين فارسي شاعرن جو گهڻو ڪلام ياد هوندو هيو، ” قونيا
جي ڪيف واري سُتي“ لطف پيرزادي کي ڄڻ ته ورثي ۾ مليل هئي.
هن ننڍپڻ کان جواني تائين
اوتارن ۽ مڪانن تي راڳ ويراڳ ۽ شاعري جون محفلون مچندي ڏٺيون ۽ انهن ئي محفلن جي
رنگ ۾ رچي ريٽو ٿيو.
لطف پيرزادو گهڻو عرصو پنهنجي مامي
فقير يار محمد پيرزادي جي خدمت ۾ سندس اوتاري تي به گذاريو ۽ اوتاري تي ايندڙ
مهمانن جي خدمت ڪندو رهيو.
جڏهن به ان کي ڪو ڪافي يا ڪلام وڻندو
هو ته هي ڍنڍ ڪرون ڏئي روئندو هو، هن جي
اندر ۾ ڇوليون هڻندڙ درد جو درياهه سندس نيڻن مان وهي کيس ٻوڙي ڇڏيندو هو، درد جي
درياهه مان پار پوڻ جي لاءِ هن جو ٻيو مامو انور پيرزادو هن جو دوست ۽ ساٿي بڻيو.
لطف پيرزادو ۱۹۷۲ع ۾ ڪراچي بورڊ مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو ۽ انور پيرزادي جي ادبي ۽ سياسي
سنگت ۾ شامل ٿي ويو، مارڪسي نظريي جي ڇانو ۾ هنن جي جدوجهد ۽ جاکوڙ جا ڪيترا ئي مرحلا
هنن کي ڪڏهن جيل ته ڪڏهن ريل ڀيڙو ڪندا رهيا، پر هنن جي اندر ۾ ڪميونزم جي بيچين
روح کين ٿانيڪو ٿي ويهڻ نه ڏنو ۽ هي مسلسل پنهنجي آدرشي منزل ماڻڻ جي عشق ۾ سياسي
رڻ ۽ جبل جهاڳيندا اڳتي وڌندا رهيا.
لطف پيرزادي جي اندر ۾ پلجندڙ
خانه بدوشي، هن جي مائٽن لاءِ ڳڻتي ۽ ڳاراڻو بڻجڻ لڳي، تڏهن کيس گهرو ۽ سماجي
ذميواريون نڀائڻ لاءِ زور ڀريو ويو، تڏهن هي پڙُ ڪڍي بيهي رهيو ته ” ميان ايڏيون
وڏيون ذميواريون نڀائڻ منهنجي وس ۾ ناهي“ نيٺ سنگت ساٿ ۽ مٽن مائٽن جي زور پوڻ کان
پوءِ يار پرڻي لاءِ راضپو ڏيکاريو ۽ پنهنجو گهر وسايائين.
۱۹۷۰ع کان ۸۰ تائين لطف پيرازدي جي رولاڪين جا ڏينهن رهيا ان عرصي ۾ هن ڪيتريون ئي
نوڪريون ورتيون ۽ ڪيتريون ئي نوڪريون ڇڏي ڏنيون، هي ”من موجي“ شخص نوڪرين سان
نڀاءُ نه ڪري سگهڻ کانپوءِ پنهنجي ڳوٺ موٽي اچي، ڳوٺ سڌار سنگت ۽ سنڌي ادبي سنگت ۾
سرگرم ٿيو، هن صحافت ۾ پير پاتو ته ” تر ۽ جوءِ کي ٽانڊا ڏئي ڇڏيائين“ هن جي
جدوجهد جو هڪ حوالو مهين جي دڙي جي تحفظ ۽ بچاءَ ڪرڻ وارو حوالو رهيو آهي، سچ پچ
ته لطف پيرزادو مهين دڙي جو ازلي آواز هئو، جيڪو مهين جي دڙي جي آثارن جي بچاءَ
لاءِ هڪ مزاحمت اُڀاريندو هيو.
۱۹۷۹ع ۾ لطف
پيرزادو ملير هالٽ ڪراچي ۾ چاڪنگ ڪندي پڪڙيو ويو، ضياءُ جي مارشل لا واري ڪاري دور
۾ کيس ۱۵ ڦٽڪن جي سزا ملي هئي هي ٻه ڀيرا جيل به ويو سموري زندگي سورن سان
سينو ساهي هلندڙ لطف پيرزادو سنڌ جي سياسي جدوجهد جو انوکو ڪردار هئو.
۱۹۹۰ع ۾
لطف پيرزادو عوامي آواز اخبار ۾ سب ايڊيٽر ۽ ثقافت کاتي ۾ ڪانٽريڪٽ تي پروف ريڊر ٿيو
جتي به هي گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪري سگهيو، لطف پيرزادو جڏهن مارڪسي فلسفي هيٺ سياسي
جدوجهد ۾ سرگرم هئو تڏهن پيرن فقيرن جي عزت ۽ احترام ڪندو هئو، معجزن ۽ ڪرامتن تي
به يقين رکندو هئو، سوويت يونين ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي ٽٽڻ کانپوءِ پوءِ ڄڻ ته هو
پنهنجي پاڻ ۾ نه رهيو هئو، ان حادثي کيس جلالي بڻائي ڇڏيو هئو، اهو لطف جيڪو ڳوٺ
جي ٻارڙن سان ڀوڳ چرچا ڪري کين وندرائيندو هو سو ڄڻ ته سياسي ڪوما ۾ هليو ويو هئو.
لطف، لاهوت لامڪان جا ڪيترا ئي
پنڌ ڪيا ۽ لاهوت ڪمايو، ڀٽ شاهه، درازا، جهوڪ، سيوهڻ، نوراني جي درگاهن تي پهچندڙ
فقير فقراءَ جي خدمت ڪري کين خوش رکڻ لاءِ پنهنجي هڙان ۽ وڙان کين سهولتون ۽ آسائشون
ڏيڻ ۾ خوشي محسوس ڪندو هئو.
لطف پيرزادو جڏهن پنهنجي نوجوان
پٽ سرويچ جو مڙهه کڻائي ڳوٺ پهتو هئو، تڏي تي ويٺل ماڻهن کي ڪنهن گهريءَ ماٺ منڊي
ڇڏيو هو، هر ماڻهو اندر ۾ هڪ پيڙا ڀوڳيندي چپ جي چادر تاڻي ويٺل هئو ۽ رڳو ٿڌا
ساهه ۽ ڪوسا لڙڪ هڪ ٻئي سان ڳالهائي رهيا هئا. تڏهن ماٺِ کي ٽوڙيندي لطف پيرزادي
چيو هئو ته : ”يار مان ته لطيف سرڪار کان پَستِي پني رهيو هوس پر هن ته مون کي
بُلندي عطا ڪري ڇڏي آهي.
”جيڏيون هن جهونجهارَ، سڀ
اُجاري اَڇا ڪيا“
سرويچ کي غسل ڏيڻ مهل لطف
پيرزادي شهيد جي مٿان شاهه سائين جو هي شعر پڙهيو هئو ته:
”ڏاڙهي رت رتياس، ڏند ته ڏاڙهون
ڪَڻِ جِيئن.“
اصل
عاشقن جو سرُ نه سانڍڻُ ڪمُ،
سئو
سِسئنان اڳرو، سندو دوسان دمُ،
هيءَ
هڏو، هيءَ چَمُ، پِڪَ پريان نه پَڙي.
لطف جو ٻيو سڀ کان وڏو حوالو
شاهه سائين جو پارکو هجڻ وارو آهي، هن لطيف جي رسالي جي مڙني سُرن مان پنهنجي
تحقيق ذريعي ڪيترا ئي نوان موضوع ۽ حوالا شاهه سائين جي شاعري جي پسمنظر ۾ پڙهندڙن
لاءِ پيش ڪيا، هن شاهه سائين جي سورمين ڏاتارن مڱتن، مڱڻهارن، کاهوڙين ۽ آڳڙين جي
رندن ۽ پنڌن جا پيرا کنيا، ۽ لطيف جا اهي ماڳ ۽ مڪان سنڌ جي ماڻهن کي ڏسڻ ۽ واسڻ
لاءِ پنهنجي لکڻين ۾ نروار ۽ چٽا ڪيا، لطف
پيرزادو جنهن پنهنجي سموري ڄمار جُهد ۽ جاکوڙ ۾ گذاري، جيڪو دماغ بدران دل جي چوڻ
تي هلندڙ هڪ آزاد روح هيو، جيڪو جسماني طور تي نازڪ نفيس، شخص هوندي به فطري ۽
روحاني طور تي ڪنهن جبل جيان ارڏو اڏول ۽ سگهارو هيو.
هي صوفي لاڪوفي، کاهوڙڪي ۽
جهونجارڪي روايتن جو پاسدار، سنڌ وطن جو هڪ مثالي ۽ آدرشي ڪردار ادا ڪندڙ، سورهيه،
سياڻو، ساڃاهه وند، ڏاهو ڏات ڌڻي، پنهنجي پريت ۽ پورهيي واري ڪرت عيوض مٿاهون مانُ
ماڻيندڙ، اسان جي ڪڙم ”قلم قبيلي“ جو هڪ ذميوار شخص، دل بيهي وڃڻ سبب اسان کان
پنهنجو پيار جو پاند ڇڏائي، اسان کا جدا ٿي ويو، ۽ پوئتي ڇڏي ويو پنهنجون
ساروڻيون، سڏڪا ۽ اوڇنگارون. لطف پيرزادو تڏهن تڏهن يا ايندو، جڏهن جڏهن سنڌ ڌرتيءَ
مٿان شاهه لطيف جي شاعريءَ جون فڪري اڏارون ٿينديون رهنديون، اسان جي اندر ۾ هن جي
يادگيري دل جيان سدائين دڙڪندي رهندي ۽ اکيون آليون رهنديون ۽ سندس جدوجهد کي مڃتا
۽ قبوليت ڏينديون رهنديون.
جا
ڀُون پيرين مُون، ساڀُون مَٿي سَڄڻين،
ڌڱ
لَٽبي ڌوڙ ۾، اُڀي ڏٺا سَون،
ڏينهن مڙيئي
ڏُون، اُٿي لوچ لطيف چئي.
لطف پيرزادو ٻلهڙيجي جي سخي
شاهه جمال جي درگاهه جي اڱڻ ۾ مٽيءَ ماءُ جي هنج ۾ آهليل پنهنجي شهيد سرويچ پُٽ جي
ڀَر ۾ آرامي ٿيڻ لاءِ دنيا جا سمورا سانگ ڦٽي ڪري اسان کان پنهنجو مهربان هَٿَ
ڇڏائي، سڀني ساٿين سنگتين کان ڏور هليو
ويو. شاهه سائين جون سٽون آهن ته:
عاشق
اَجل سامهون، اُوچي ڳاٽِ اَچن،
مرڻ
مون سين آءُ ته، پٺيءَ توءِ پنڌ ڪيان،
(ڪتاب جُن سِين لنئون، لاڳِي تان
مدد ورتل.)
لطف پيرزادو
عنايت پيرزادو
سموري حياتي لطيفي پيچرن تي پنڌ
ڪندڙ ڀٽائي جي فقير ۽ سنڌ جي کاهوڙي ڪردار لطف پيرزادي جي شاهه لطيف بابت لکيل
تحقيقي مضمونن کي سهيڙي ڪتابي شڪل ۾ پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪري رهيا آهيون، جن ۾
سنڌ جو شاهه، هوءَ جا لات لطيف جي، شاهه لطيف جي شاعريءَ جا محرڪات، شاهه لطيف تي
تحقيق کان رهجي ويل موضوع، گنج شريف ڪيئن ڇپيو، ڀٽائي جا آثار، شاهه لطيف جي وائي
۽ ان جا گائڪ فقير، شاهه جي شاعريءَ ۾ عورت جا ڪردار، ڀٽائيءَ جي شاعري ۾ وطن
پرستي، ڀٽائي صاحب جو مذهبي پهلو، روزي ۽ عيد لاءِ لطيف جي موقف سميت شاهه لطيف جي
فڪر، ماڳن مڪانن ۽ هن عظيم رهبر، مفڪر، انقلابي، لاهوتي، هنگلاجي، تارڪ، تياڳي،
درويش، اولياءَ، صوفي، اويسي ۽ هماليا جيڏي شاعر سان لاڳاپيل شاهڪار لکڻيون شامل
آهن.
محبت
پائي من ۾، رنڍا روڙيا جن،
تن جو
صرافن، اڻ توريو ئي اگهايو.
لطف پيرزادي جي وصال بعد سندس
لکڻين کي سهيڙي شايع ڪرائڻ جي نيت سان وجود ۾ آيل ”لطف پيرزادو اڪيڊمي“ پاران
ڇپايل هن ڪتاب ۾ سندس اهي مضمون شامل آهن، جيڪي گهڻو ڪري ۲۰۰۰ع کان پوءِ جا لکيل آهن. پراڻو مواد ملڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، پوءِ به اسان جي
ڪوشش آهي ته سندس سمورا مضمون ڪتابي صورت ۾ پڙهندڙن تائين پهچايون. ڀٽائيءَ جي هن
عاشق پنهنجي محبوب هستيءَ تي ايترو ته لکيو آهي جو جيڪڏهن سندس سڀ مضمون هٿ اچن ته
اهو چئن پنجن ڪتابن جيترو مواد ٿيندو.
لطف پيرزادي کي ڀٽائيءَ جي
حافظ، پارکو، کاهوڙي ۽ سيلاني طور سڃاتو وڃي ٿو. ان سان گڏوگڏ هو هڪ بهترين صحافي،
ليکڪ، ٽريڊ يونينسٽ، سياسي ڪارڪن، سماج سڌارڪ ۽ خلق جي خدمت تي يقين رکندڙ هڪ
رياضتي فقير هو. هن جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ جدوجهد جي ڏوهه ۾ ۱۵ ڪوڙا به کاڌا ۽ جيل جون سختيون به ڀوڳيون. جڏهن ته عمر جي آخري حصي ۾ سندس
نوجوان ڳڀرو پٽ سرويچ کي سچائي ۽ سرويچيءَ جي ڏوهه ۾ کنڀي گم ڪري وڍي چيري ۽ چچري
شهيد ڪيو ويو. لطف پيرزادي ڪيتريون ئي مزدور تنظيمون ۽ ٽريڊ يونينون ٺاهيون، ڪيترا
ئي ڳوٺ، اسڪول ۽ اسپتالون ۽ روڊ رستا منظور ڪرايا. ڳوٺ جي ڪيترن ئي مريضن جا ڪراچيءَ
جي اسپتالن مان آپريشن ڪرايا، ڳوٺائين ۽ فقيرن سان ڪيتريون ئي مهلون ڪيون، اهو ئي
سبب آهي جو کيس فقراءُ جي ماءُ پڻ ڪوٺيو ويندو هو. ڪنهن کيس ڀٽائيءَ جي بحر جو ٽوٻو
لکيو آهي ته ڪير کيس شاهه لطيف جو تمر پيو ڪوٺي، ڪنهن هن کي شاهه سائينءَ جو
کاهوڙي چيو ته ڪنهن پينگهي ۾ سورن سان پيچ پائيندڙ سڏيو آهي.
چُرن چڻڪن
چت ۾، هُرن منجهه هِنئين،
لطف
ٿيو لطيف چئي، مهر ڪئي ميئين،
ڏکيءَ
کي ڏئين، سرهايون ساڻيهه جون.
(شاهه)
لطف پيرزادي پنهنجي سموري زندگي
ڀٽائي تي تحقيق ۽ سندس فڪر جي پرچار ڪندي گذاري. هن ڀٽائيءَ تي ادارن کان به وڌيڪ
ڪم ڪيو آهي. ان کانسواءِ موهن جي دڙي، سنڌ جي ثقافي ماڳن ۽ شخصيتن تي به سندس
جهجهو ڪم ٿيل آهي. لطف پيرزادي کان ڀٽائيءَ بابت پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان ڪراچي
طرفان ڪيترا ئي پروگرام ڪرايا ويا جن جو هاڻ رڪارڊ به نٿو ملي. هن لطيف سائينءَ تي
۱۹۷۰ کان لکڻ شروع ڪيو ۽ آخري پساهن
يعني ۲۰۱۸ع تائين لکندو رهيو. سندس مضمون
گهڻي ڀاڱي هلال پاڪستان ۽ عوامي آواز ۾ ڇپيا، ڇو ته پاڻ اتي ڊيسڪ تي به ڪم ڪيائون
۽ رپورٽنگ به ڪيائون. ان سان گڏ ماهوار پيغام سميت ٻين رسالن ۾ پڻ سندس مضمون ڇپبا
رهندا هئا. هن فقير اهو ڪم ڪنهن اداري جي اسائنمينٽ طور نه پر ڀٽائي سان عشق جي
بنياد تي هڙان وڙان خرچ ڪري ۽ ڪشالا ڪاٽي ماڻهن کي لطيفي لات سمجهائڻ جي نيت سان
ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ واسي ڀٽائيءَ کي سمجهي ان جي فڪر تي عمل ڪن ته سنڌ جا
مڙوئي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.
لطف پيرزادو چوندو هو ته
”ڀٽائيءَ کي سمجهڻ ۾اسان کي اڃا صديون لڳنديون ۽ لطيفيات بابت ڪا به راءِ آخري نٿي
چئي سگهجي، ڇو ته ڀٽائيءَ جي دور جي مستند تاريخ نٿي ملي. ان ڪري اسان کي قديم
روايتن، سينا به سينا منتقل ٿيل ڄاڻ ۽ جاکوڙي محققن جي ڪيل تحقيق، علمي، عقلي ۽
سائنسي بنيادن تي وسيع سوچ سان شاهه لطيف کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوندي. شاهه کي سمجهڻ
لاءِ سنڌ جي تاريخ ۽ ٻوليءَ جي ڄاڻ تمام ضروري آهي. سنڌ جي تاريخ جي پسمنظر ۾
جيڪڏهن ڀٽائي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته آساني ٿيندي.“
سو شاهه لطيف کي سمجهڻ ۽ سندس
عشق جو صحيح اندازو لڳائڻ ۾ ته اڃا اسان کي صديون لڳنديون پر لطف پيرزادي جي هن
ڪتاب ۾ اُن عشق جا آثار ضرور پسي سگهجن ٿا، جنهن ۾شاهه سائينءَ جي فڪر، شاعري،
ٻولي، آثارن، ماڳن مڪانن ۽ وائي وارن فقيرن کان وٺي رسالي جي ڇپجڻ تائين نه رڳو
سموري تاريخ سهيڙيل آهي پر ڀٽ شاهه شهر جي خوبصورتي، لطيفي پانڌيئڙن کي سهولتون
ڏيارڻ، ڪراڙ ڍنڍ جي بحالي، لطيفي آثارن جي حفاظت ۽ سيوا کان وٺي ڀٽائيءَ جي راڳ
واري روايت کي هٿي وٺرائڻ ۽ عام ڪرڻ سميت سندس پيار، محبت، امن ۽ ڀائيچاري وارو
پيغام پکيڙڻ تي زور ڏنل آهي. ڀٽائيءَ بابت گهڻ رخي مطالعي تي ٻڌل هي ڪتاب لطيفيات
بابت هڪ مڪمل گائيڊ بُڪ آهي.
ڪيو
مطالع مون، هو جو ورق وصال جو،
تنهن
۾تون هين تون، ٻي لات نه لحظي جيتري.
وجود وڃائي پاڻان پاسي ٿيل، خوديءَ
کي کائيندڙ هن فنا ٿيل فقير جي هن ڪتاب مان لطف پيرزادي جي سوچ جي وسعت، سندس گهري
مشاهدي ۽ مطالعي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. لطف پيرزادي جو تعلق هڪ علمي، ادبي ۽
تعليمدان گهراڻي سان هو، هن ۱۹۵۲ ع ۾
استاد در محمد پيرزادي جي گهر ۾جنم ورتو. ٻن مهينن جي عمر ۾سندس والده جي وفات بعد
کيس ٿڃ پنهنجي مامي فقير يار محمد جي گهر واري پياري ۽ سندس پرورش سندس ڏاڏي ميان
غلام حسين پيرزادي ڪئي جيڪو تعليمدان، ڀٽائي جو ڄاڻو، فارسي دان ۽ راڳ جو شوقين
هو، ميان غلام حسين لاءِ اهو مشهور آهي ته ”هو جڏهن سارنگ ڳائيندو هو ته مينهن وسي
پوندو هو.“ جڏهن ته سندس چاچو گل محمد پيرزادو هڪ ڀلوڙ شاعر ۽ مخدوم طالب الموليٰ
جو همعصر پڻ هو جيڪو هُن سان خطوڪتابت پڻ ڪندو هو.اهڙي گهر ۾ پرورش ۽ فقير يار
محمد ۽ انور پيرزادي جهڙن مامن جي صحبت هن جي لطيف ۾ دلچسپي ايتري قدر وڌائي جو هن
چوٿين درجي کان ئي ڀٽائي تي لکڻ شروع ڪيو.
هن جي ڪامريڊ سوڀي سان به سنگت
هئي ته شهيد نذير عباسيءَ جو به ساٿي هو، ڄام ساقيءَ کان شمشيرالحيدري، سراج الحق
ميمڻ ۽ فقير محمد لاشاري کان سيف ٻنويءَ تائين هن جي ڪيترن ئي صحافين، اديبن،
وڪيلن، ڊاڪٽرن، شاگردن، استادن ۽ سياسي سماجي ڪارڪنن، پيرن فقيرن، لاهوتين ۽
سيلانين سان ويجهڙائي رهي. سندس سنگت جو هڪ وڏو حلقو هو ۽ هي هر ننڍي وڏي ماڻهوءَ
مان ڪجهه نه ڪجهه پرائڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو هو. انسانيت جي عزت، سيوا ۽ خدمت ئي هن
جي سڃاڻپ هئي. هن فقير شاهه جي شاعريءَ جي روح ۾لهي، ڀٽائي جي دور جي تاريخ جو
ڳوڙهو مطالعو ۽ لطيفي پيچرن تي پنڌ ڪري شاهه کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، اهو ئي سبب
آهي جو سندس هي لکڻيون اسان کي حقيقتن جي ويجهو لڳن ٿيون. منهنجي خيال ۾لطف
پيرزادي پاران ڀٽائيءَ کي درست رخ ۾سمجهڻ جو هڪ وڏو سبب سندس ذاتي ڏک ۽ درد به
آهن.
شاهه جو هي کاهوڙي پارکو سندس
بيتن جي تشريح هڪ الڳ انداز سان ڪندو هو، ڪنهن بيت ۾ ڀلي ڪنهن واقعي يا ماڳ جو سڌو
ذڪر نه هجي پر هي فقير چوندو هو ته اهو بيت ڀٽائي هن معاملي تي لکيو آهي. اهڙي طرح
سندس دعويٰ هئي ته ڀٽائيءَ جي بيتن ۾ موهن جي دڙي جي آثارن جو پسمنظر به لهي سگهجي
ٿو.
اسين هن ڪتاب جي ڇپائي ۾ سمورن
سهڪاري ساٿين جا بيحد ٿورائتا آهيون. ڪروڙين قرب سائين بدر ابڙي صاحب جا جنهن بيڪ
ٽائيٽل لاءِ ٻه اکر لکي ڏنا ۽ ٽائيٽل لاءِ پنهنجي تصور موجب فقيري ميگهواڙ کان
ڀٽائي جي ٺاهيل نئين تصوراتي مجسمي جي تصوير به ونڊ ڪئي، جيڪا هن وقت تائين ڪٿي به
شايع ناهي ٿي. ٿورائتا آهيون جاکوڙي عالم ۽ اديب تاج جويي صاحب جا جنهن مهاڳ لکي
ڏنو. لک لائق ماما رمضان ساريي جا جنهن لطف پيرزادي جا فائيل جي صورت ۾ سانڍي رکيل
مضمون ونڊ ڪيا. ڪنڊياري جي ڳوٺ چنيهاڻيءَ ۾ ”عثمانيه لائبريري“ نالي ڪتب خانو
سنڀاليندڙ محمد عثمان عباسي صاحب جا به ڪروڙين قرب جنهن سهڻيءَ بابت ماهوار پيغام
۾ شايع ٿيل مضمون سان گڏ ٻيون لکڻيون به ونڊ ڪيون. ٿورائتا آهيون عوامي آواز سٿ جا
جنهن پراڻا فائيل فراهم ڪيا. لک ٿورا اقرار پيرزادي جا جنهن هن ڪتاب ۾ شامل ڀٽائي
جي بيتن جا پروف ڏسي ڏنا. ڪروڙين قرب علي حسن چانڊيي صاحب جا جن ڪتاب جي پروف ريڊنگ،
ايڊيٽنگ ۽ سيٽنگ سميت سمورن معاملن ۾ هر پل ۽ هر موڙ تي ڀرپور مدد ڪئي. ڪمپوزنگ ۾
هٿ ونڊائيندڙ ڪريمداد خشڪ، نعيم سنڌو ۽ گل نواز پيرزادي جون به لک مهربانيون. مرڪ
پبليڪيشن جي سرواڻ، پياري دوست مرتضيٰ لغاري، رکيل مورائي، شاهه محمد پيرزادي،
سومار گهانگهري، زرار پيرزادي، مسرور پيرزادي ۽ عبدالرب پيرزادي سميت سمورن سهڪاري
ساٿين جا لک لائق، ڪروڙين قرب.
ٿورا م
ٿورا، مون تي ماروئڙن جا،
ٿر جي
واري ٿورڙي، ان کان گهڻيرا،
ڀلايون
۽ ڀيرا، ڳڻي ڳڻيا ڪيترا.
سچ جو ساٿاري ٿيڻ ۽ حق سچ جي
ڳالهه ڪرڻ سبب لطف پيرزادو سموري زندگي ظالم قوتن توڙي سيڻن جي ڪيترين ئي
ناانصافين ۽ تڪليفن جو شڪار رهيو. سندس اولاد هئڻ جي ناتي اسان جي زندگي به ڪا پر سڪون
۽ تڪليفن کان آجي ناهي. ڪيترن ئي مسئلن باوجود اسان جي ڪوشش آهي ته لطف پيرزادي جا
شاهه لطيف سميت مختلف موضوعن تي لکيل مضمون هٿ ڪري شايع ڪرايون، اها ئي لطيف سرڪار
۽ ڀٽائيءَ جي هن سچي فقير کي اسان طرفان ڀيٽا هوندي. ساڳي وقت لطيفي فڪر جي ڦهلاءُ
لاءِ ڪنهن به تنظيم ۽ شخصيت پاران ٿيندڙ هر ڪم ۾ لطف پيرزادو اڪيڊمي رضاڪاراڻي
سهڪار ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار آهي.
ڇوري
ندوري، نڪو مائٽ منڌ جو،
هو جي
هلن ساٿ ۾، ڪمي ۽ ڪوري،
آئون
پڻ آهيان انهن ۾، لنگهي ۽ لوري،
هو جي
ٿرن جا ٿوري، مونهان مٿانهون گهڻا.
(شاهه)
لطف پيرزادو اڪيڊمي
لطف پيرزادو
شاهه جي رسالي سان
گذاريل زندگي
امر پيرزادو
لطف پيرزادو، انهن ٿورن ماڻھن
مان هو جن ڀٽائي جي فڪر ۽ ان جي ٻولي جي روح کي سمجهيو هو. اسان وٽ اڪثر ڀٽائي جي
حافظن کي ڀٽائي جو پارکو سمجهيو ويندو آھي پر ڀٽائي جا حقيقي پارکو لطف پيرزادي
جهڙا انسان آھن جيڪي ڀٽائي جي بيتن جي سمجهاڻي ان جي فڪر ۽ پسمنظر سان بيان ڪري
سگهندا آھن، هڪ ڀيري ڪچهري ۾ چيائين ته ڀٽائي صاحب بيت چيو هو ته
روزا
نمازون، اي پڻ چڱو ڪم،
او ڪو
ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرين کي.
مون کي لڳندو آھي ته ”او ڪو ٻيو
فهم“ ڪهڙو آھي ان جو جواب ڀٽائي صاحب هڪ ٻي وائي ۾ ڏنو آھي جنهن ۾ چيو اٿس؛
اتهين
ڪي آھي هي جي جهونا پسين جهوپڙا،
ڪر
خدمت خلق جي، پاند ڳچي ۾ پائي.
سو لطف جو خيال هو ته او ڪو ٻيو
فهم اصل ۾ انسانيت جي خدمت آھي.
لطف جهڙا ماڻھو اسان جي سماج ۾
سدائين مس فٽ ھوندا آھن ان ڪري هن زندگي۾ ڪا به مستقل نوڪري نه ڪئي نه ئي ڪنهن اداري
کيس لطيف يا مهين جي دڙي تي ڪو ڪتاب
لکرايو نه ئي هن جي ٽڙيل پکڙيل مضمونن کي سهيڙي ڪو ڪتاب ڇپرايو.
ڀٽائي جو هي فقير اصل ۾ فقير يار
محمد ۽ انور پيرزادي جي تربيت مان پچي
صوفي ۽ ڪميونسٽ ٿيو هو انهن ٻنهي شخصيتن جو اولڙو لطف جي شخصيت هئي. هو
انور پيرزادي جو پيارو به هو ۽ ھن سان حجت به گهڻي هوندي هيس، انور پيرزادو ڪچهري
۾ چوندو هو نڀاڳو ڏاڍو ٽيلينٽڊ آھي. هڪ ڀيري کلندي پيو چويس اها جيڪا بڪواس اوهان
ڪندا ٿا رهو اها مهرباني ڪري لکندا ويندا ڪريو. انور ابڙي، لطف کي انور پيرزادي جو
تمر فقير ڪوٺيو هو. انور پيرزادو ڪچهري ۾ لطف کي چوندو هو ڀٽائي جي ڦلاڻي سٽ ياد
ڏيار ۽ ھو بنا دير اها سٽ ٻڌائيندو هو، جڏھن لطف کيس ڀٽائي جو ناياب بيت ٻڌائيندو
هو ته انور پيرزادو ”ابول شاباس ۽ ڀيڻي ناهي“ جهڙا لفظ چئي کيس اتساهيندو هو.
لطف ضياءَ جي سخت مارشل لا ۾
گرفتاري دوران ڦٽڪا به کاڌا. لطف مهين جي دڙي جو ڪيس به پنهنجي مضمونن سان وڙھيو .
اسان جو هڪ سوٽ پنهنجي فيملي سان
نوڪري سانگي دبئي شفٽ ٿي ويو هو ۽ پويان هن جي ڪراڙي ماءُ هن کي پڪاريندي رهندي
هئي ڇو ته هو ان جو سڪيلڌو پٽ هو، نيٺ اها ڪراڙي ماء پٽ کي ساريندي ساريندي گذاري
وئي ۽ جڏھن ان جي تدفين تي ان جو پٽ ڳوٺ آيو ته لطف روئڻھارڪي لهجي ۾ چيو (ڄڻ
ڪراڙي هاڻي پنهنجي پٽ کي ڏسي چوندي هجي)
جيڪو
مئي ڪنداهه، سو جانب ڪريو جيئري!
پر لطف جيئري وڏا ڏک ڏٺا. ڄمندي
ئي ماءُ جو گذاري وڃڻ ۽ ان کان به وڏو صدمو کيس پٽ جو چچريل لاش وصول ڪندي رسندو ۽
جڏھن هن اهو لاش وصول ڪيو ته شاهه عنايت جو بيت پڙھيو.
سِرُ
يار جي قدمن تان فدا ٿيو ته بجا ٿيو،
حق عشق
جو ائين جو ادا ٿيو ته بجا ٿيو.
۽ جڏھن سرويچ جو لاش قبر ۾ پيو
لاهي ته ڀٽائي صاحب جي بيت جي سٽ پڙھائين.
ڏاڙهي
رت رتياس ڏند ته ڏاڙهونءَ گل جيئن.
لطف بهادري سان پٽ دفنايو. بي
بي سي وارن کي انٽرويو ڏيندي هن چيو اسان کي لاش پيا ملن پر هن ملڪ کي اهو سوچڻو پوندو
ته هي جي هيترا ماڻھو آھن انهن جو به هڪ فڪر آھي انهن کي ڪاڏي ڪندا انهن کي سمنڊ ۾
ته ڪونه اڇليندا. انهن جي باري ۾ هنن کي ضرور سوچڻو پوندو.
انور پيرزادي ۽ لطف ٻنهي جوان
پٽن جو موت ڏٺو ۽ ان صدمي مان سنڀالڻ وارو ڀٽائي ئي هئو، پر هئو بيحد حساس هئا ٻن
سالن اندر پاڻ به هليا ويا ڇو ته سندن اندر چچرجي چڪو هو. لطف جي تربت، انور پيرزادي
۽ سرويچ جي وچ تي آھي. شايد ان ڪري ئي هو پنهنجي آخري ديدار ۾ بيحد پرسڪون پئي
لڳو. منهنجي چاچي چيو؛ ”فقيرن جو موت به آرام سان ٿي ويندو آھي.“ اقرار پيرزادي
ٻڌايو ته؛ هڪ رات اڳ شاهه جمال واري مڪان تي لطف سڄو ڪيڏارو پڙھيو هئو. هن جي سڄي زندگي
شاهه جي رسالي سان گذري.
لطف پيرزادو
پريم تنهنجا
پار ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان - چاليهي جي حوالي
سان
عنايت لطف پيرزادو
لطف پيرزادو، هن شخصيت لاءِ ڪيترا ئي ماڻهو مونجهاري جو
شڪار آهن ته هن کاهوڙي ڪردار ۽ گهڻ پاسائين شخصيت کي ڇا ڪوٺجي؟ ڪنهن هن کي “پينگھي
۾ سورن سان پيچ پائيندڙ” ته ڪنهن “دردن جو ٺهيل انسان”
ڪنهن هن کي “ماءُ جي پيار لاءِ پياسو” لکيو آهي ته ڪنهن “سرجين تان سور، سامايس تان
سک ويا” وارين ڀٽائي جي سٽن جي جيئري جاڳندي تصوير، ته ڪنهن وري هن کي ڀٽائي جو کاهوڙي
ڪردار لکيو آهي، ڪن هن کي ڀٽائي جو پارکو لکيو آهي ته ڪن ڀٽائي جو فقير ته ڪنهن
وري کيس ڀٽائي جو تمر فقير ڪوٺيو آهي، ڪنهن هن کي فقراءُ جي ماءُ ڪوٺيو آهي ته
ڪنهن عوامي خدمت جو اهڃاڻ، ڪن کيس ارڏو انقلابي سڏيو آهي ته ڪن مسلسل جدوجهد جي علامت،
ڪنهن هن کي سماجي اڳواڻ لکيو آهي ته ڪنهن ٽريڊ يونينسٽ، ڪنهن هن کي سچو صحافي
ڪوٺيو آهي ته ڪنهن مهين جي دڙي جو مالڪ، ڪن هن کي غريبن جو هڏڏوکي چيو آهي ته ڪن
بي سهارن جو سهارو، ڪنهن هن کي معصوم ٻارڙن جو دوست لکيو آهي ته ڪن عورتن جي آزادي
جو علمبردار، ڪنهن هن کي آرڪيالاجسٽ لکيو آهي ته ڪنهن تاريخدان، ڪنهن عالم ته ڪنهن
ڊاڪٽر ته نفسياتي ماهر، ڪنهن اديب ته ڪنهن ليکڪ چيو.
ڪوڙين ڪايائون تنهنجيون لکن لک هزار،
پريم تنهنجا پار ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان،
لطف پيرزادي کي مٿين تعارفن سان سڃاڻيندڙ سڀئي ماڻهو به
پنهنجي جاءِ تي درست آهن، ڇو ته هن کي جنهن جيئن ڏٺو تيئن لکيو آهي، مونکي حيرت ان
ڳالهه جي آهي ته هن ايترن ڏکي زندگي، ڪيترن ئي مسئلن، مالي پريشانين، ڏکن، سورن ۽
تڪليفن باوجود ٿوري عرصي ۾ادب، صحافت، لطيفيات، سياست، سماجيات، تاريخ، آرڪيالاجي،
سوشلاجي ۽ ڊاڪٽري سميت زندگي جي مختلف شعبن ۾ايتري مهارت ڪيئن حاصل ڪئي آهي ۽ انهن
سڀني ڪمن سان سڄي حياتي بيباڪي سان اهڙو ته نڀايو جو اهو ٻڌي ئي ماڻهو دنگ رهجي وڃي
ٿو.
جي لوڻ لڱين لائين، چيري چيري چم،
مون ڪر اڳي نه ڪيو، اهڙو ڪوجهو ڪم،
جان جان دعويٰ دم، تان تان پرت پنهوار سين.
(شاهه)
هن مزدورن جي حقن لاءِ جدوجهد به ڪئي ته، انقلاب، عوامي
خوشحالي ۽ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ جدوجهد ڪندي ۱۵ ڪوڙا به کاڌا ۽
سزائون به ڪاٽيون، هن ڪيترن ئي مريضن جا ڪراچي مان آپريشن ڪرائي ۽ سندن علاج ڪرائي
کين صحتياب به ڪرايو ته ڪيترن ئي مريضن جي پاڻ به دوا ڪئي، هن ڪيتريون ئي پورهيت
تنظيمون به ٺاهيون ته ڪيترا ئي ڳوٺ پڻ آباد ڪرايا ۽ انهن کي
سهولتون به ڏياريون، هن موهن جي دڙي جي حفاظت به ڪئي ته هر دور ۾ان جي بچاءُ جو ڪيس
به وڙهيو، هن ڪيترن ئي ماڻهن کي نوڪريون به وٺي ڏنيون ته ڪيترن ئي شاگرد کي تعليم
به ڏني، ڪي هن کان دوا لکرائڻ ايندا هئا ته ڪي ڪنهن مسئلي جي حل لاءِ درخواست، ڪي
هن کان ڀٽائي جي بيتن جي معنيٰ پڇندا هئا ته ڪي خوابن جو مطلب، ڪي هن کان موهن جي
دڙي بابت ڄاڻ وٺندا هئا ته ڪي سنڌو نديءَ بابت، ڪي هن سان ڪنهن مرض جي علاج بابت
صلاح ڪندا هئا ته ڪي وري ڪا سماجي تنظيم رجسٽرڊ ڪرائڻ بابت، ڪي هن کان ڪتاب ڇپرائڻ
بابت مشورو ڪندا هئا ته ڪي صحافتي ڪيريئر بابت، مطلب ته هي شخص هر فن مولا ماڻهو
هيو جيڪو هر قسم جي ماڻهو سان اهڙو ته رلي ملي ويندو هو جو ڄڻ ورهين جو واسطو هجين:
جي ايندي چون آءُ، ويندين چون ويهه،
ڇڏي سارو ڏيهه، اڱڻ اچجي ان جي.
بابا جيئن ته فقير يار محمد جي گهر ۾پليو هو، ان ڪري هو
ننڍپڻ کان فقير سان گهڻو ويجهو رهيو ۽ ان سان گهڻو وقت گڏ گذاريندو هو، فقير يار محمد
ان وقت سخي شاهه جمال جو ڊيوٽي دار فقير هو ۽ سندس مئخاني تي سڄو ڏينهن ڪچهري متل
۽ راڳ رنگ پيو هلندو هو، فقير جي محبت، قرب سندس دانائي ۽ ڪچهري لاءِ اهو مشهور
آهي ته جيڪو مسافر درگاهه تي دعا گهرڻ ايندو هو ته فقير جي محبت ۽ ڪچهري جو ماحول
ڏسي ٻه ٽي ڏينهن ترسي پوندو هو، فقير وٽ انسانيت جي خدمت وارو اصول ئي سڀ کان اهم هو،
هو خلق جي خدمت کي ئي عين عبادت سمجهندو هو، بابا فقير سان گڏ فقراءُ جي خدمت ۾مصروف
هوندو هو، جيڪو سلسلو لطف پيرزادي سموري حياتي جاري رکيو، لاهوت جو اڙانگو سفر هجي
يا ڀٽائي صاحب توڙي سچل سرمست جو ميلو، هي همراهه فقراءُ جي خدمت ۾ مصروف
هوندو هو ۽ مڙس جا ور کنيل هوندا هئا، ڀٽائي جي ميلي ته تي هفتو کن اڳ ۾وڃبو، اتي
مور فقير جي مڪان تي ڪراچي يا ڳوٺ مان آندل سامان، راشن يا رلهي گودڙي هٿيڪي ڪري
رکبي، ڀٽ شاهه تي گهڻو وڃڻ ڪري سندس ايترا واسطا هئا جو کوٽ واڌ ۾اتان به هنڌ بسترا
هٿ ڪري وٺندو هو ۽ سياري جي ميلن ۾ڪنهن پارڪ ۾ستل پانڌيئڙي کي ڏڪندي ڏسندو يا
سمجهندو ته همراهه کي گودڙي جي ضرور آهي ته پنهنجي رلهي يا پڇاڙيءَ لوئي به ان کي
ڏبي پوءِ پاڻ کي ڀل رات جاڳي گذارڻي پئي، اهو ئي سبب آهي جو کيس ڪيترن ئي ماڻهن
فقراءُ جي ماءُ سڏيو آهي.
هن ۱۹۷۰ع ۾مئٽرڪ جي تياري دوران ئي مضمون
لکڻ جي به شروعات ڪئي، سندس پهريون مضمون اديون رسالي ۾ڇپيو ۽ پوءِ هلال پاڪستان
۾هلال پاڪستان ۾ڪافي مضمون ڇپيا، ان وقت انور صاحب پڻ هلال پاڪستان ۾ڪم ڪندو هو، ۷۴/۱۹۷۳ع ۾ موهن جي دڙي تي ڪم جي شروعات ٿي ته هي همراهه ڪراچي مان
سرڪاري ماستري ڇڏي اچي موهن جي دڙي کان هلال پاڪستان جو نمائندو ٿيو، پوءِ هن موهن
جي دڙي تي ٿيندڙ ڪم بابت رپورٽنگ به ڪئي ته آثارن جي تحفظ ۽ بچاءُ لاءِ ڪيترا ئي
مضمون به لکيا، هن موهن جي دڙي جي آثارن جي حفاظت لاءِ ميڊيا ۾ڀرپور نموني ڪيس
وڙهيو ۽ ڪامورن سان بحث مباحثا ڪري موهن دڙي تي لڳندڙ ٽيوب ويلن جو هنڌ پڻ تبديل
ڪرايو، ان کانسواءِ هن مقامي ماڻهن کي به پنهنجي قديم ثقافت ۽ تهذيب جي بچاءُ جو
قائل ڪيو ۽ کين اهيو سمجهايو ته اسان لاءِ موهن جي دڙي جي هڪ هڪ سر مقدس آهي ۽
انهن آثارن جو بچاءُ اسان جي ذميواري آهي ڇو ته اهي آثار ئي اسان جي مهذب پڻي، ڀائيچاري،
برابري ۽ عظيم قوم هجڻ جو ثبوت آهن، انهيءَ سان گڏوگڏ هن موهن جي دڙي تي مزدوري
ڪندڙ پورهيتن جي مزدور يونين ٺاهي ۽ سندن ڪيترا ئي مسئلا حل ڪري کين حق ڏياريا.
۱۹۷۸ع ۾سنڌي ادبي سنگت پاران ڳوٺ
ٻلهڙيجي ۾ڪرايل ڀٽائي جي ورسي واري پروگرام ۾به سندس اهم ڪردار رهيو، جنهن پروگرام
۾سموري سنڌ جي اديبن شرڪت ڪئي هئي، ان تقريب جي صدارت تاج بلوچ ڪئي هئي ۽ خاص
مهمان شمشيرالحيدري هو، جنهن پنهنجو اهيو مشهور نظم پهريون ڀيرو ان تقريب ۾پڙهيو
هو ته :
ڪنهن شهنشاهه جو فرمان اسان تي نه هليو،
نينهن وارن جي نياپن تي هليا آياسين.
ڪجهه سالن کانپوءِ بعد وري ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي
ورسي جو پروگرام ڪرايو ويو، جنهن ۾وري چئني صوبن جي اديبن ۽ دانشورن سميت ڪامريڊن
وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي، ان پروگرام جي صدارت ڪنڌڪوٽ واري مور ماڇي ڪئي هئي ۽ ڄام ساقي جو
پيغام بابا پڙهيو هو، اهي ٻئي پروگرام ئي هئا جن ٻلهڙيجي کي صوبائي، ملڪي توڙي
عالمي سطح تي مقبوليت ڏياري ۽ ڳوٺ ٻلهڙيجي علم، ادب، سياست، روشن خيالي توڙي
باشعور ماڻهن جي ڳوٺ طور سڃاپجڻ لڳو، انهن ٻنهي پروگرام ۾سڄي سنڌ جي اديبن ۽
ڪامريڊن کي دعوتون ڏيڻ ۽ چندو گڏ ڪرڻ جي ذميواري گهڻي ڀاڱي لطف پيرزادي مٿان هئي ۽
هن همراهه رات ڏينهن هڪ ڪري انهن پروگرامن کي ڪامياب ڪرائڻ ۾ڪا به
ڪسر نه ڇڏي.
هاڻ بابا ڪڏهن ڪراچي ته ڪڏهن ڳوٺ رهڻ لڳو، ڪراچي ۾رهائش
دوران لطف پيرزادي جي سنڌي ادبي سنگت سان وابستگي رهي ۽ هو گهڻو وقت ڪاروباري ڪميٽي
جو ميمبر رهيو، هڪ ڀيرو ته کيس جيل ۾هوندي به پرپٺ کيس ڪاروباري ڪميٽي جو ميمبر
چونڊيو ويو، ان ئي عرصي دوران هن جا ڀٽائي بابت ريڊيو پاڪستان توڙي پي ٽي وي تي پڻ
مختلف پروگرام پڻ ٿيا، لطف پيرزادي جي شهيد نظير عباسي ۽ ڄام ساقي سميت ڪامريڊن سان
پڻ سنگت هئي، هو باضابطا طور ڪميونسٽ پارٽي جي ڪنهن به عهدي ته نه رهيو پر پارٽي
اندر سندس اهميت ڪيترن ئي اڳواڻن کان به وڌيڪ هئي، اهو ئي سبب جو ڪيترا ئي ڪميونسٽ
اڳواڻ پنهنجي جنهن قيادت جي ملڻ لاءِ سڪندا هئا اها پارٽي قيادت هن فقير سان مهيني
ڏيڍ بعد ملاقات ڪندي رهندي هئي.
بابا سائين ٻڌائيندو هو ته شهدادڪوٽ ۾ ٿيل
پارٽي جي هڪ اهم گڏجاڻي ۾موجوده وقت جي هڪ سينيئر ۽ ان وقت جي نوجوان ۽ جونيئر
ڪميونسٽ اڳواڻ اعتراض ڪيو ته پارٽي جي هن اهم گڏجاڻي ۾ لطف پيرزادي کي ڇو
ويهاريو ويو آهي، هي ته پارٽي جو ميمبر به ناهي؟ جنهن تي سينيئر اڳواڻن کيس ٻڌايو
ته بابا هي گڏجاڻي شهدادڪوٽ ۾ رکي ئي لطف جي ڪري وئي آهي.
جيڪڏهن هي شخص ڪراچي هجي ها ته هي گڏجاڻي به اتي ئي ٿئي ها.
لطف پيرزادي کي پهرين جنوري ۱۹۷۹ ع تي ڪراچي ۾ “جمهوريت
بحال ڪرو، ڄام ساقي ڪو رها ڪرو” جي چاڪنگ ڪندي زلف پيرزادي، ڪامريڊ الطاف ۽ زبير
الرحمان سان گڏ گرفتار ڪيو ويو، چار ئي ڄڻا ڊينشن تي هئا ۽ پوءِ کين ۷ مهينن بعد آزاد ڪيو
ويو، وري ۱۹۸۰ع ڌاري سندن ڊرگ روڊ واري گهر تي ڇاپو لڳو جنهن ۾لطف
پيرزادو، ڪاڪو عبدالرحيم، زلف پيرزادو، لاهوتي اعجاز، غلام حسين شر، لياقت شر،
سڪندر جهنجهي “ڪامريڊ ڄام ساقي جو ڀاڻيجو” گرفتار ٿيا، جن مان لطف پيرزادي ۽ ڀائو
زلف کي ڇڏي ٻين سڀني کي آزاد ڪيو ويو، ان ڪيس ۾کين مارشل ڪورٽ ۾پيش ڪيو ويو جتي
لطف پيرزادي کي ۱۰ ڪوڙا ۽ زلف پيرزادي کي ۵ ڪوڙن جي سزا تجويز
ڪئي وئي پر زلف پيرزادي جي عمر ننڍي هجڻ ۽ اين جي وي اسڪول مان اهڙو سرٽيفڪيٽ گهرائڻ
بعد زلف پيرزادي کي صرف قيد جي سزا ڏئي ان لاءِ تجويز ڪيل ۵ ڪوڙا به لطف
پيرزادي کي هنيا ويا.
لطف پيرزادي جي گرفتاري ۽ ۱۵ ڪوڙن جي سزا جو ٻڌي
سڄي ڳوٺ جو ساهه مٺ ۾اچي ويو ته هي سنهڙو سيپڪڙو ماڻهو ۱۵ ڪوڙا ڪيئن برداشت
ڪري سگهندو ۽ پوءِ نيٺ هن کي ڪوڙا لڳل جو ڏينهن آيو ۽ سندس ڪمزور جسم تي ۱۵ ڪوڙا هنيا ويا، اتي
جيل ۾جنهن کي ۱۰ ڪوڙا به لڳن پيا ته ان کي ميڊيڪل عملو اسٽريچر تي کڻي
پيو وڃي پر هي همراهه ۱۵ ڪوڙا کائي به پاڻ پنڌ ڪري آيو ۽ اتي موجود ساٿين
پاران سندس آجيان تاڙيون وڄائي ۽ گلن جا هار پارائي ڪئي وئي. بابا سائين ٻڌائيندو
هو ته ان ڪيس ۾هو ڪراچي، سکر ۽ خيرپور جيل ۾رهيا، جتي سندن ملاقاتون رضا رباني،
راشد رباني، رسول بخش پليجو، مامو يوسف لغاري، نواب يوسف ٽالپر ۽ الطاف حسين سميت
مختلف سياسي اڳواڻن سان پڻ ٿيون ڇو ته ان وقت ايم آر ڊي تحريڪ شروع ٿي چڪي هئي ۽
جيل ڀرجي رهيا هئا، بدر ابڙو به ساڻن گڏ جيل ۾رهيو جنهن پنهنجي جيل ڊائري ۾پڻ لطف
پيرزادي جو ذڪر ڪيو آهي، بابا سائين ٻڌائيندو هو ته بدر ابڙي جيل ۾مونکي چيو ته
يار “ جيڪڏهن منهنجي ڀٽائي جي شاعري پڙهيل نه هجي ها ته مان جيل ۾پيالو ڪري وڃان
ها ” لطف پيرزادي جي گرفتاري ۽ کيس ڪوڙا لڳڻ جو ٻڌي سندس ناني جو کٽ ورتي ته سندس
صحت نه سڌري نيٺ هو لاڏاڻو ڪري وئي، لطف پيرزادي کي ڪوڙا لڳڻ جو ٻڌي ٻلهڙيجي
۾مختلف ڳالهيون شروع ٿي ويون ته وڃي همراهه سان ڪا ملاقات ڪجي ڪوڙن سندس ارادن کي
ضرور ڪمزور ڪيو هوندو، اڃا ٻلهڙيجي وارا هن جي ملاقات تي پهتا ئي ڪو نه ته سندس خط
اچي وٽن پهتو، ته “ موهن جي دڙي تي ڪنهن آمريڪي سامراج جي نمائندي اچي افتتاح جي
تختي هئين آهي ۽ توهان خاموش ٿي ٻلهڙيجي ۾ويٺا آهيو وڃي اها تختي پٽيو موهن دڙي
تان ”. جنهن تي ٻلهڙيجي واسين چيو ته همراهه تي سزا ۽ ڪوڙن ته ڪو اثر ئي ناهي ڪيو.
لطف پيرزادو سزا ڪاٽي ۽ ڪوڙا کائي ۱۹۸۲ع ۾آزاد ٿي ڳوٺ
پهتو، ان وقت ڪاڪي عبدالرحيم ۽ انور صاحب به ڪراچي ڇڏي اچي ڳوٺ وسايو هو، جتي انور
صاحب ڊان جي رپورٽنگ پيو ڪري ۽ ڪاڪي عبدالرحيم هوٽل کوليو هو، ڳوٺ ۾رهڻ ڪري هنن سماجي تنظيم ٺاهي ڳوٺ کي سهولتون
ڏيارڻ جي صلاح ڪئي ۽ ۲ آگسٽ ۱۹۸۲ ع تي ڪاڪي عبدالرحيم
جي هوٽل تي ئي ميٽنگ ڪوٺائي “ڳوٺ سڌار سنگت” جو بنياد رکيو ويو، جنهن جو فائونڊر
جنرل سيڪريٽري لطف پيرزادي کي چونڊيو ويو ڇو ته هن جون اڳ ئي ڪيتريون ئي مزدور
يونينون ۽ پورهيت تنظيمون ٺاهيل هيون ۽ کيس سنڌي ادبي سنگت ۽ هاري ڪاميٽي سميت
جلسا جلوس آرگنائيز ڪرڻ جو گهڻو تجربو هو، پوءِ هنن ڪنهن وزير مشير يا سياسي ڀوتار
جي مدد وٺڻ بنا ڇو ته هو ان جي سخت خلاف هئا ان ڪري پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪم ڪرڻ شروع
ڪيو، جنهن کان پوءِ ڳوٺ لاءِ ۽ “ڊاڪٽر زبيده ميموريل ڊسپينسري” قائم ڪئي وئي، جتي
شروعاتي ڏينهن ۾انور صاحب ۽ لطف پيرزادي پاڻ ويهي مريضن جو علاج شروع ڪيو بعد ۾هڪ
ڊاڪٽر جي پڻ ڊيوٽي لڳرائي وئي، ان ڊسپينسري جي افتتاح وقت ننڍي کنڊ جي عظيم ڏاهي
ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي خطاب ڪندي اهي لفظ چيا ته “ ڪميونسٽ پارٽي سڄي سنڌ ۾اهو ڪم
نه ڪري سگهي جيڪو ڳوٺ سڌار سنگت ٻلهڙيجي ڪري ڏيکاريو آهي، اهو آهي هاري کي وڏيري
جي اوطاق کان پلڻ”. ته اُهي ڳوٺ سڌار سنگت جا اِهي ڪم هئا جن ٻلهڙيجي جي مقبوليت
۾وڌيڪ اضافو ڪيو.
پوءِ جڏهن تنظيم کي فنڊنگ شروع ٿي ته ڪجهه ماڻهن انهن مان
ذاتي فائدا وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ڳالهه تي اختلاف رکي لطف پيرزادو جو تنظيم کان
پاسيرو ٿيو ته پويان تنظيم کي سنڀالي نه سگهيا ۽ آهستي آهستي تنظيم ختم ٿي ان جي
رجسٽريشن ئي رد ٿي وئي، پوءِ وري جڏهن به لطف پيرزادي کي ڳوٺ جي ڪنهن تنظيم لاءِ سرگرم
ٿيڻ جو چيو ويو ته هو چوندو هو جيستائين هي ماڻهو هوندا ڪنهن به نالي سان ٺاهيل ڪا
به تنظيم ڪي به نتيجا نه ڏئي سگهندي.
۱۹۹۰ ع ڌاري هن روزاني عوامي آواز
۾سب ايڊيٽر طور پڻ ڪ ڪيو ۽ عوامي آواز جي موهن جي دڙي کان نمائندگي به ڪئي، ان
دوران سندس ڌاڙيلن، چورن، پوليس ۽ وڏيرن سان صحافتي جهيڙو رهيو، جنهن جي موٽ ۾کيس
ڌاڙيلن پاران سندس پٽ کي اغوا ڪرڻ جون ڌمڪيون به مليون پر هي فقير ماڻهو ڪنهن به
معاملي تي مصلحت نه ڪندو هو. جڏهن هن صحافت ۽ نمائندي ڇڏي ته پوءِ به سندس مضمون
لکڻ جو سلسلو جاري رهيو، هن ڀٽائي ۽ موهن جي دڙي تي تمام گهڻو لکيو، سندس مضمون ۽ مختلف
اخبارن ۽ رسالن ۾ڇپجندا رهندا هئا، سندس اولاد جوان ٿيڻ ۽ روزگار سان لڳڻ بعد هو ۲۰۱۲ ع ڌاري ڪراچي ۾اچي
آباد ٿيو، جتي سندس ڪم صرف لکڻ ئي هو ڇو ته سندس ٻار روزگار سان لڳي ويا هئا، کيس
وري هڪ ٻيو صدمو ۱۱ سيپٽمبر ۲۰۱۴ ع تي رسيو جڏهن سندس نوجوان پٽ
سرويچ کي کنڀي گم ڪيو ويو، هن فقير ماڻهو پنهنجي پٽ جي ڳولا توڙي سندس آزادي لاءِ وس
ڪيو، ٿاڻن، عدالت، احتجاج سميت هر رستو اختيار ڪيو ۽ پنهنجي مرشد ڀٽائي صاحب جي در
وڃي دانهن به ڏني پر سندس هڪ به نه هلي ۽ سندس نوجوان پٽ کي دماغ ۾گولي هڻي وڍي
چيري ۽ چچري سندس لاش روڊ تي اڇلايو ويو.
سرويچ جو شهادت جو گهاءُ به هن دليري سان برداشت ڪيو ۽
سندس لاش به انهن سٽن سان وصول ڪيو ته “هڪ سر هو اهو به يار جي قدم تان فدا ٿيو،
اهو قرض به ادا ٿيو” هن پنهنجي نوجوان پٽ کي ڀٽائي جي بيتن سان ڌرتي ماءُ جي هنج حوالي
ڪيو، تڏي تي ويٺل ماڻهو جڏهن خاموش ويٺا هئا ته هن خاموشي ٽوڙيندي چيو “يار مان ته
ڀٽائي صاحب کان سرويچ جي آزاديءَ جي دعا گهري پستي پئي گهري پر هن مونکي بلندي عطا
ڪئي آهي، توڙي جو نوجوان پٽ جي شهادت سندس جيءُ جهوري وڌو هو پر پوءِ به هن ڪڏهن
ٻاف ٻاهر نه ڪڌي ۽ اندر ئي اندر ۾جهرندو رهيو، نيٺ ان گهاءُ کائس حياتي کسي ورتي ۽
هيءُ ڀٽائي جو فقير ۹ سيپٽمبر ۲۰۱۸ع تي وڃي پنهنجي
مرشد سان مليو.
لطف پيرزادي جون
ساروڻيون
ڪامريڊ عرس سيلرو
آئون
نه گڏي پرين کي مٿان آيو موت،
مون
واجهائيندي ورهه ٿيا، هئي نه گڏيو هوت،
جيڪس ٿينديس
فوت، فنا هن فراق ۾.
۱۹۵۲ع ۾
موهن جي دڙي ڀرسان ڏکڻ طرف مشهور ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ لطف پيرزادي ماستر در محمد پيرزادي
جي گهر ۾ جنم ورتو، جنهن جي ڄمڻ سان ان جي امڙ شفاعت خاتون فوت ٿي وئي.لطف جي والد
زال جي فوت ٿيڻ کانپوءِ ٻي شادي نه ڪئي، لطف کي فقير يار محمد جي گهرواري ۽ سندس
لطف جي پڦيءَ پاليو، هن کي ماءُ جي نه هجڻ جي ڪري مامن، چاچن، سوٽن، ڦڦن ۽ ماسين ۽
مٽن مائٽن جو وڌيڪ پيار مليو ۽ پنهنجي ڏاڏي غلام حسين پيرزادي جو دادلو رهيو. لطف
پيرزادو بغير ڀاءُ ۽ ڀيڻ هجڻ باوجود سڀني
جو ڀائو لطف بڻيو، هن پنج درجا پنهنجي ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ پڙهيو ۽ جڏهن ته سيڪنڊري
اسڪول هن جي ڳوٺ کان پري ستن ڪلوميٽرن تي ڏوڪري شهر ۾ هيو، ان ڪري هن جي وڏن جو
تعلق اسان جي وڏن سان پيري مريدي وارو هيو جيڪو اڳتي هلي سياسي شعور اچڻ سان گڏ
دوستي ۾ تبديل ٿي ويو، جنهن ڪري هن جي والد لطف کي اسان جي گهر ڳوٺ سيلرا ۾ رهايو
۽ شهدادڪوٽ هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪرايو، آئون وري هن جي گهر ٻلهڙيجي ۾ رهي پڙهيس،
اسان جي گهر جا ڀاتي هن سان ڏاڍو پيار ڪندا هئا، هو اسان جي گهر جو به تمام گهڻو
هجائتو هو ۽ ننڍي هوندي کان ٻيڙي ۽ چلم جو پيئندڙ هيو، هڪ ڀيري منهنجي امڙ کي
چيائين ته مون کي حقو ٺاهي ڏي ته توکي حقي
جي خاڪ جهڙو پٽ ڄمندو ۽ واقعي اسان جو ننڍو ڀاءُ امير بخش ڪڻڪ رنگو آهي، منهنجي
ڀاءُ کي امان چيو ته تون لطف جي ڀاڱي جو آهين تون انهيءَ جي خدمت ڪندو ڪر ۽ ڀائو لطف
جڏهن به ايندو هيو ته ان جي ڪمري رهندو ۽
سندس خدمت ڪندو هيو، هو پنهنجي ڳوٺ وڃڻ لاءِ اسان جي گهر ۾ پيو شرارتون ڪندو هيو ۽
هن جيڪي اسان جي ڳوٺ جا هم عمر ٻار جيڪي هن سان اسڪول ويندا هئا اهي به شڪايت ڪندا
هئا اسان سان وڙهي ٿو، اهڙي طرح اٺ جماعت پاس ڪري واپس اچي ڳوٺ ويٺو.
لطف پنهنجي مامي فقير يار محمد
جي صحبت ۾ رهيو جيڪو سخي شاهه جمال جو مجاور هيو، ان جي فقرائن جي خدمت ۾ گهڻو
عرصو رهيو ۽ اتي انور پيرزادو سندس ننڍو مامو به هوندو هو، جيڪو پرائمري ماستر موهن
جي دڙي هيو جنهن جو تعلق ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي سان جڙيو جيڪو لطف کي ساڻ ڪري
ڪامريڊ سوڀي سان ملڻ ان جي ڳوٺ ٻنڊي ويندو هيو، ٻنهي جو لاڙو ڪميونسٽ، مارڪسسٽ
نظريي تي جڙيو ۽ طبقاتي جدوجهد ڪرڻ لاءِ هر اول جو ڪردار ادا ڪيو، ان کان بعد هن
جو ٻيو نمبر مامو ڊاڪٽر محمد حسن پيرزادو ڪراچي ۾ رهندو هيو اتي رهي ڪري هن انٽر
پاس ڪئي ۽ اتي ماستر به ٿي ۽ ڳوٺ ۾ هميشه پنهنجا فقراء پاستر جي نالي سان سڏيندا
هئا ۽ هن ڪنهن به نوڪري سان جٽاءُ نه ڪيو، هن هلال پاڪستان ۽ عوامي آواز ۾ به نوڪريون
ڪيون ۽ ثقافت کاتي ۾ به نوڪري ڪئي، جيڪو سڀ ڇڏي گهر ويٺو.
۱۹۷۸ع ۾ هي
ڪراچي ڊرگ ڪالوني ۾ ڊاڪٽر عبدالرحيم پيرزادي سان گڏ رهندو هيو ۽ اتي ست اٺ ماڻهو
ٻيا به رهندا هئا ۽ سڀ ڊيوٽي ڪندا هئا ۽ ان دوران مان به بيروزگار هجڻ ڪري اتي
ڊرائيوري سکڻ لاءِ ان سان گڏ رهيس، اتي ڪامريڊ لڏو جام ايندو هيو ۽ ان جي گهر ڀرسان
مشهور ڪميونسٽ رهنما ڊاڪٽر اعزاز نظير به رهندو هيو، ڀائو لطف جيڪو به ڪامريڊ
ايندو هيو ته ان کي ڊاڪٽر اعزاز سان ملائڻ ويندو هيو ۽ ان دوران ۾ انور پيرزادو
طارق روڊ تي رهندو هو، اتي وري ڪامريڊ ڄام ساقي سميت ٻيا ڪامريڊ انور پيرزادي سان
ملڻ ايندا هئا جتي هي به انهن وڃي ملندو هيو.
اهڙي طرح هي کرو ۽ سچو سياسي
ڪارڪن طور جڙي تيار ٿيو، ان دور ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي روپوش هوندو هيو ۽ آخر ۱۰ ڊسمبر ۱۹۷۸ع ۾ ڊڪٽيٽر ضياء جي دور ۾
حيدرآباد مان گرفتار ٿيو، ان وقت ڪميونسٽ پارٽي فيصلو ڪيو ته ڄام ساقي جي آزادي
لاءِ وال چاڪنگ ۽ مظاهرا ڪيا وڃن، جنهن دوران ريگل چوڪ ڪراچي ۾ ڪامريڊ رمضان ميمن،
جاويد شڪور ۽ ٻين عورت سياسي ڪارڪنن مظاهرو ڪيو، جنهن جاويد شڪور ۽ رمضان ميمڻ
گرفتار ٿيا، پهرين جنوري ۱۹۷۹ع جي
رات ڊرگ روڊ تان چاڪنگ ڪندي زلف، لطف ۽ زبير رحمان گرفتار ٿيا جن کي سينٽرل جيل
ڪراچي ۾ رکيو ويو ۽ آئون هن سان جيل ۾ ملاقات ڪرڻ ويس ته پهريون ڀيرو ڪامريڊ رمضان
۽ جاويد شڪور سان ملاقات ٿي، هنن کي ۶ مهينا
ڊٽيڪشن لاءِ جيل ۾ رکي آزاد ڪيو ويو، ٻيهر وري ۱۹۸۲ع ۾ ڊرگ ڪالوني ۾ ڇاپو لڳو جنهن ۾ ڪامريڊ غلام حسين سميت گرفتار ٿيا هنن
وٽان وڏي مقدار ۾ سياسي مواد، سرخ پرچم، هلچل ۽ ٻيو مواد جيڪو ڊڪٽيٽر ضياالحق خلاف
هيو، هنن سڀني کي سي آءِ سينٽر صدر ڪراچي کڻي ويا، عبدالرحيم پيرزادي کي ان وقت آزاد
ڪيو ويو هو، غلام حسين شر جيڪو تمام سنگين ڏوهن ۾ حڪومت کي گهربل هو پر هن پاڻ کي
ڊرامائي انداز ۾اڻ پڙهيو سادو سودو پاڻ کي ڳوٺاڻو پيش ڪيو ۽ اتي چيائين ته مان
ڳوٺاڻو آهيان ۽ هتي نوڪري ڪرڻ آيو آهيان، جنهن جي لطف ۽ زلف به تائيد ڪئي، ٽيئن
ڏينهن تي مان هنن جا ڪپڙا کڻي سي آئي سينٽر ويس اتي مان لطف جو ڀاءُ سڏائي ملاقات
ڪئي ۽ ٻئي همراهه لاڪپ هيا، غلام حسين جي ڊرامي جي مون کي به خبر هئي جيڪا مون عبدالرحيم
اڳ ۾ ئي ٻڌائي ڇڏي هئي، ڪامريڊ غلام حسين سان سي آءِ آفيس ۾ ملڻ ويس ته واقعي هو
چرين وانگر مون کي چنبڙي ويو ۽ دانهون ڪيون ته مون کي گهر وٺي هل، ان کانپوءِ هن کي ترت آزاد ڪيو
ويو، لطف ۽ زلف ۽ فوجي ڪورٽ چالان ڪري موڪليو ويو، جنهن ۾ لطف پيرزادي کي پندرهه
ڪوڙا ۽ هڪ سزا ٻڌائي وئي ۽ زلف کي عمر ننڍي هجڻ ڪري هڪ سال جي سزا ٻڌائي وئي، سزا
پوري ڪري واپس آيا ته هن ڪڏهن طبقاتي جدوجهد کان هٿ نه کنيو ۽ ڪڏهن به مايوس نه
ٿيو.
هن بيت وانگر،
هر ڪو
ماڻهو، اگهه اگهاڻو،
جيڪو
ماڻهو، ڪين وڪاڻو،
سو ئي
ماڻهو، موتيءَ داڻو.
هن هميشه صوفي شاهه عنايت جي
پوئيواري ڪئي جيڪو کيڙي سو کائي جي پرچار ڪندو رهيو، هو چوندو هيو ته مارڪس ۽ لينن
کان اڳ جو انقلابي اڳواڻ آهي جيڪو پيرس جي انقلاب کان اول طبقاتي جدوجهد ڪندي
جاگيرداري خلاف ويڙهه ورهيو، لطف، شاهه عنايت کان ايتري متاثر ٿيو جو پنهنجي وڏي
پٽ جو نالو ”عنايت علي“ رکيو، هن سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ به ڪم ڪيو، ڳوٺن ۾ ڪچي ۾ وڃي هاري
يونٽ کوليا، موهن جي دڙي جي اسڪارپ يونين به ٺاهي ۽ هن موهن جي دڙي لاءِ به وڏي
آواز اٿاريو ته هن تاريخي ماڳ کي نقصان کان بچايو وڃي، هو ڀٽائي جو پڻ عاشق هو، هن
کي ڀٽائي جي شاعري تي مڪمل عبور حاصل هو،
ڳوٺ ۾، ڳوٺ سڌار سنگت ٻلهڙيجي
به ٺاهي ۽ جنهن ۾ ڪم ڪيائين، هن پنهنجو ناءُ ڄمايو، شادي کان گسائيندو رهيو پر
آخرڪار مائٽن جي اسرار تي ۸
سپٽمبر ۱۹۸۷ع تي ۳۵ سالن جي عمر ۾ پنهنجي سڳي سوٽ مهرالنساء سان شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويو، جنهن
مان کيس ٽي پٽ ۽ ٽي نياڻيون پيدا ٿيون، جن مان سرويچ پيرزادي قومي سياست سان
سلهاڙجي ويو ۽ شهادت ماڻيائين.
اهڙي طرح جڏهن هن کي ڳڀرو پٽ جو
چچريل لاش مليو ته همراهه ڪمزور ٿي ويو ۽ ان دوران ڀٽائي جو سهارو وٺي پاڻ کي
مضبوط ته ظاهر ڪري رهيو هو پر هو اندران ڳري چڪو هو، ۶ سيپٽمبر ۲۰۱۸ع جي شام جو سخي شاهه جمال تي
اقرار پيرزادي سان ويهي ڪيڏارو پڙهيو ۽ رات جو دير سان موڪلائي مهل فقرائن کي چيائين
ته صبح ملنداسين پر صبح پنهنجي پنهنجي نياڻي سپت جي هنج ۾ ابدي ننڍ سمهي پيو.
واجهائي
وطن کي، هيءَ جي هت مري،
ته
مڙهه تنهن مشتاق جو، پهچائج تري،
هڏ
کيڪارين هڏن کي، جي پاڻان هئا پري،
پسي پانڌ پري، شل فاتح ڪن فقير جي.
لطف پيرزادو
پينگهي ۾ سورن سان پيچ
پائيندڙ - جـن سين لنئون لاڳي
اقرار پيرزادو
ٻلهڙيجيءَ کي ترقي پسندي جي
حوالي سان سڄي سنڌ ۾ جيڪا سڃاڻپ حاصل آهي، ان ۾ لطف جي ڪردار کي ڪنهن به ريت
فراموش نه ٿو ڪري سگهجي. کاٻي ڌر جي سياسي ڪارڪن، صحافي، موهن دڙي جي آواز، لطيف
شناس ۽ ٽريڊ يونينسٽ طور لطف کي سڄي سنڌ ڄاڻي سڃاڻي پرهن جو هڪ پاسو فقراءَ وارو
به آهي جنهن جي ممڪن آهي ته گهڻن ماڻهن کي خبر نه هجي.
هي جي
سور سُڄن، سي مون پينگهي منجهه پرائيا
لطف شاهه سائين جي مٿين سٽ جي
هوبهو تصوير آهي. هن کي پنهنجي امڙ جي ٿڃ ئي نصيب نه ٿي. ۸ جنوري ۱۹۵۲ع تي لطف کي جنم ڏيڻ کان پوءِ
هوءَ بستري تان اٿي ئي نه سگهي ۽ ٽن مهينن اندر وڃي ڀونءَ ڀيڙِي ٿي. لطف کي پنهنجي
نانيءَ ۽ پڦين پاليو جيڪي ساڳي وقت سندس ماميون به ٿين. پنهنجي هڪ پڦيءَ کي امان ۽
ٻين کي ادي چئي مخاطب ٿيندو هو، ڇاڪاڻ جو فقير يار محمد جي گهرواري هن کي ٿڃ پياري
هئي. لطف جو پيءُ سائين در محمد پنهنجي طبعيت وارو ماڻهو هو، هن کي پنهنجي گهرواري
سان وڏي محبت هئي. ان پڄاڻا هن ٻي شاديءَ جو سوچيو ئي نه پر جيئن ته هو سرڪاري
ملازمت سبب ڳوٺ کان ٻاهر رهندو هو، ان ڪري پنهنجي پٽ کي وقت نه ڏئي سگهيو. لطف جي
اها ڪمي سندس ڏاڏي ميان غلام حسين پوري ڪئي، جيڪو راڳ جو نه رڳو شوقين هو پر راڳ
جي باريڪين کان به واقف هو، ان سان گڏ کيس شاهه، سچل، بيدل ، خليفي ۽ حمل فقير جي
شاعري سان گڏ حافظ، رومي ۽ ٻين فارسي شاعرن جو ڪلام به ياد هو.
لطف کي ۱۹۵۷ع ۾ ڳوٺ جي مسلم پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي کيس هوشيار شاگردن ۾ ڳڻيو
ويندو هو پر ان سان گڏ هنجي ويسر ۽ غائب دماغي جا قصا به مشهور هئا. ۱۹۶۲ع ۾ شهدادڪوٽ جي هاءَ اسڪول ۾ڇهين درجي ۾ داخل ٿيو، جتي هو پنهنجي پيءَ جي
قرب وارن ۽ درگاهه سخي شاهه جمال جي مريد سيلرن وٽ رهندو هو. ۱۹۶۵ع ۾ اٺين جماعت پاس ڪري واپس اچي ٻلهڙيجي ۾ ويهي رهيو.
همراهه ننڍي لاڪون عاشق مزاج ۽
حسن پرست هو. توڙي جو پاڻ به خوبرو ۽ ڳاڙهو ڳٽول هو. تنهن هوندي به سهڻن ڇوڪرن کي ڏسي
غيرحاضر دماغيءَ جي آخري حد به اورانگهي ويندو هو. جيئن ته عشق بازيءَ ۾ جان ۽
کيسي جو خيال هرگز به نه رکبو آهي، سو همراهه جا ويا خرچ وڌندا ۽ قرض چڙهندا. قرض
لاهڻ لاءِ پاڙي مان سائيڪل چورايائين، همراهه جي واردات ظاهر ٿي پئي، اهڙي خبر ٻڌڻ
شرط سائين در محمد چوريءَ جي ڪيس ۾ چالان ڪرائڻ سان گڏ پوليس وارن کان کيس ٺاهوڪي
سٽڪي به ڪڍرائي. ۱۵ ڏينهن
کان پوءِ ضمانت تي آزاد ٿيو. چوريءَ کان ته بس ڪيائين پر پئسي کي، جو ازلي ويري
سمجهي ويٺو ته اڄ تائين ڏوڪڙن سان ڪاريهر وارو وير اٿس، جي ڏوڪڙ کيسي ۾ هوندس ته
همراهه کي هٿن ۾ خارش هوندي. فقير فقراءَ تي اڪرامن جي بارش هوندي. هڪڙي چانهه جي ڪٽلي
لهندي ته ٻي چڙهندي. جڏهن ڏوڪڙ ختم ٿي ويندس ته پاڻ کي به آرام اچي ويندس.
ريءَ
لانگوٽيءَ لب، پاڇي کڻن نه پاڻ سين.
(شاهه)
هاڻي لطف جو گهڻو وقت پنهنجي وڏي
مامي فقير يارمحمد جي خدمت ۾ مئخاني اندر گذرندو هو. فقير سائين جي پنهنجي طريقت
هئي، هن وٽ مئي حرام نه هئي. هو لوڪ جي خدمت کي ئي افضل عبادت قرار ڏيندو هو. راڳ
ئي فقير جو دين ڌرم هو، مئخاني ۾ ساز ۽ سرود جي محفل متل هوندي هئي پر لطف ان کان
بي نياز، مهمانن جي خدمت ۾ مصروف هوندو هو جو هڪ ڏينهن سيد مصري شاهه جي ڪافي
”کنيائون کلي نيڻ گهرا گلابي، ڀري ٻاجهه نرگس عجب نيم خوابي“ تي پار ڪڍي روئڻ لڳو.
فقير يار محمد کي ڳالهه سمجھه ۾ اچي وئي ته همراهه عشق جي اري ۾ اچي ويو آهي ۽
حضرت حسن جي حملي جا گهاءَ کيس سک سمهڻ نٿا ڏين. پوءِ فقير هن کي پاڻ سان گڏ نشي
جي اجازت ڏئي ڇڏي. اڄ به لطف جو حال ”روئڻ ۽ راڙو، مون نماڻيءَ جي نجھري“ جيان
آهي. ڪنهن سان ظلم جي ڳالهه ٻڌندو ته به روئي ويهندو پر جي خوشيءَ جو ميڙ ڏسندو ته
به اکين مان لڙڪ لاڙي ويهندو. ان جي ڪري ڪنهن تقريب ۾ به ڳالهائي نه سگھندو آهي.
۱۹۶۸ع ۾ جڏهن
ڪامريد سوڀي گيانچنداڻي جي صحبت جو اثر انور پيرزداري تي پيو ته لطف به ان کان
متاثر ٿيو. لطف شهيد صوفي شاهه عنايت جي ”جو کيڙي سو کائي“ واري نعري کان ته اڳ ئي
آشنا هو ۽ شاهه سائين جي بيت ”نڪا جھل نه پل، نه ڪو رائر ڏيهه ۾“وارو ماحول هن کي
مارڪسي نظرئي ۾ نظر آيو. ايئن هن جا ڪميونسٽ پارٽيءَ سان پيچ پئجي ويا. توڙي جو هو
سي پي يا ان جي ڪنهن به ذيلي جماعت جو ميمبر نه رهيو، پر هن پارٽي ميمبرن کان به وڌيڪ
ڪم ڪيو.
لطف ۱۹۷۰ع ۾ ڪراچي آيو، جتي سندس ٻيو نمبر مامو ڊاڪٽر محمد حسن پيرزادو رهندو هو،
هن ڪراچي بورڊ مان پرائيويٽ ۽ ۱۹۷۲ع ۾ انٽر
پاس ڪئي.
لطف جيئن ته سيلاني طبعيت رکندڙ
آهي، ان ڪري هڪ هنڌ سندس ٽڪاءُ مشڪل آهي. ۱۹۷۰ع کان ۱۹۷۹ع تائين هو ڪڏهن ڪراچي، ڪڏهن
شهدادڪوٽ ته ڪڏهن ٻلهڙيجي رهيو. ان دوران هن ڪيتريون ئي نوڪريون ڪيون، ساڳي وقت هو
پارٽي جي هدايتن تي به هلندو رهيو ته فقراءَ سان به ناتو نڀائيندو آيو. هن سنڌي
اخبارن ۾ لکڻ به شروع ڪيو ته هلال پاڪستان جو مهين دڙي کان عيوضي به ٿيو. ان دور ۾
مهين دڙي بابت سجاڳي پيدا ڪرڻ ۾ لطف اهم ڪردار ادا ڪيو. هن هتان جي لوڪن کي ٻڌايو
ته ”مهين دڙي جي سر سر ڪعبي جي سر وانگر مقدس آهي ۽ مهين جي مٽي خاڪ شفا جيتري اهم
۽ اتم آهي،“ ان جو اهو نتيجو نڪتو جو ماڻهن ۾ ڪجهه سجاڳي پيدا ٿي ۽ مهين دڙي جي ڪجهه
ڀيل گهٽ ٿي. مهين دڙي کان جيترو هي واقف آهي، ايترو آرڪيالاجي وارا شايد هجن. جيڪڏهن
ان دور ۾ لطف صحافي نه هجي ها ته اهي آفيسر مهين دڙي جو وجود ئي وڃائي ڇڏين ها. هي
جڏهن هلال پاڪستان جو نمائندو ٿيو، تڏهن سنڌ جي صحافت جو سج لٿل هو. صحافي ٿاڻي تي
ويهي وڏي منشيءَ جي صلاح سان، صوبيدار کي چنڊ جهڙو پٽ ڄمڻ واريون خبرون فائل ڪندا
هئا. ان دور ۾ لطف اهڙيون خبرون ڏنيون جو وڏيرن، پوليس اهلڪارن توڙي راشي آفيسرن ۾
ڦڦڙي مچي وئي.
لطف سنڌي ادبي سنگت ٻلهڙيجي شاخ
قائم ڪرائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. ان دور ۾ هن شاعري به ڪئي ته ڪهاڻيون ۽ مضمون به
لکيا، جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيا پر افسوس جو اهو سڄو رڪارڊ ضايع ٿي
ويو. لطف ڪراچي سنگت جو به ميمبر ٿي رهيو.
ڪراچيءَ ۾ رهائش دوران لطف جي
جاءِ ڄڻ ته فقير يار محمد جو مئخانو هوندي هئي، جتي ڳوٺ جا فقراءَ، مريض، ڪم ڪار
سان ايندڙ ماڻهو به اچي رهندا هئا ته ڪامريڊن جو آسڻ به اهائي جاءِ هوندي هئي. سڀني
جي ڳڀي ٽڪر ۽ ٻيڙي ماچيس کان وٺي ڀاڙي جو بندوبست به لطف کي ڪرڻو پوندو هو. لطف ڪميونسٽ
پارٽيءَ جو ميمبر نه هوندي به انور پيرزادي جو ڄڻ ته اڻ اعلانيل سيڪريٽري هو. ان ڪري
کيس سمورا ڪميونسٽ اڳواڻ سڃاڻيندا هئا. انور کي مليل پارٽيءَ جو ڪم به لطف کي ڪرڻو
پوندو هو. جيئن ته ڪراچيءَ اندر سي پي ورڪر گهڻو ڪري ڀارت مان آيل هئا، جيڪي سنڌ
جي ڪلچر، شاعري، قصن ڪهاڻين ۽ تاريخ کان اڻ واقف هئا. اهو لطف پيرزادو ئي هو، جنهن
فيض ۽ جالب جي شاعري سان گڏ سرخ پرچم ۽ ٻين پمفليٽن ۾ پورهيت جدوجهد جي حوالي سان ڀٽائيءَ
جا بيت ڏيڻ شروع ڪيا. حقيقت اها آهي ته ڀٽائيءَ جي حوالي سان انور پيرزادي جو وڏو
ذريعو لطف ئي هو.
لطف پيرزادو پهرين جنوري ۱۹۷۹ع تي ملير هالٽ ۾ چاڪنگ ڪندي گرفتار ٿيو. ان وقت ڪراچيءَ واسي نئين سال جو
جشن ملهائي رهيا هئا، لطف هڪ نوجوان سان گڏ ”مارشل لا مرده آباد“ جو نعرو ڀت تي
لکي رهيو هو جو پوليس موبائل پهچي وئي. پوليس اهلڪارن کيس چتاءُ ڏنو ته ”هتان نڪري
وڃو نه ته توهان کي گرفتار ڪنداسين.“ پوليس وارا اهو چئي اڳتي هليا ويا پر هن
همراهه پنهنجو ڪم جاري رکيو. اڌ ڪلاڪ بعد جڏهن موبائل واپس پهتي ته کيس ساڳي ڪم ۾
مشغول ڏسي گرفتار ڪيو ويو. صبح جو کيس هوم سيڪريٽري وٽ پيش ڪين، جنهن کيس نَوَ
مهينا ڊٽينشن جي سزا ٻڌائي، جنهن مان ستين مهيني سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تحت آزاد ٿيو.
جيل مان نڪرڻ کان پوءِ ”چري ڪيئن؟ چي: ويران وير وڌ“ همراهه اڳي کان به سرگرم ٿي
ويو، سندس جاءِ ڪامريڊن جي آماجگاهه هئي. روسي ادب، پارٽي ترجمان سرخ پرچم ۽ ٻيو
مواد هتان ئي تقسيم ٿيندو هو. ان کان علاوه وڏي آواز ۾ بحث مباحثا به ٿيندا رهندا
هئا، سو دير ئي نه ٿي. هن جي ڊرگ ڪالوني واري جاءِ تي فوج ڇاپو هنيو. ان وقت لطف، ڀائو
ذلف، سندس والد ڪاڪو عبدالرحيم، زلف جو ننڍو ڀاءُ اعجاز پيرزادو، ڪامريڊ غلام حسين
شر، ان جو ننڍو ڀاءُ لياقت علي شر وڪيل ۽ ڄام ساقي جو ڀاڻيجو سڪندر
جھنجھي گرفتار ٿيا. لطف جي جاءِ تان اهلڪارن کي ۴۰۰
ڪتاب هٿ آيا، جن ۾ ۱۰۰
ڪاپيون ”سويت روس ڪي مسلمان“ جون به شامل هيون، جيڪو ڪتاب
ان وقت تائين اڃا ڪنهن به نه پڙهيو هو. ان سان گڏ کين ڊي ايس ايف جي روپوش اڳواڻ
نذير عباسي جو ۴ مارچ جي حوالي سان پيغام هٿ
آيو، جنهن جي مٿان ڀٽائي جو هي بيت لکيل هو.
ڪٽ ڪڙهي
لوهه ٻري، ڌوڌا جت ڌڳن،
مترڪن
منهن ڪڍيا، سانداڻيون سهڪن،
اڄ پڻ
آڳڙين، ميڙو آهه مچ تي.
لطف کان انهيءَ بيت جو ترجمو ٻڌي
ميجر جي منهن ۾ ست وڪڙ پئجي ويا. اتي لطف ۽ ذلف جوابداري قبول ڪندي باقي همراهن کي
بي خبر ڳوٺاڻا قرار ڏنو. بهرحال همراهه ۱۵ ڏينهن سي آءِ اي سينٽر ۾ پڇا ڳاڇا هيٺ هئا، پر جس آهي جوانن کي جن پنهنجو
منجهه نه ڏنو. نيٺ لطف ۽ ذلف کان سواءِ ٻيا سمورا ماڻهو آزاد ڪري ڇڏيائون. پوءِ جڏهن
کين خبر پئي ته آزاد ٿيندڙن ۾ روپوش ڪميونسٽ اڳواڻ غلام حسين شر به شامل هو، تڏهن
هنن کي چوچڙي اچي وئي ۽ مارشل لا ڪورٽ جيڪا ايم پي هاسٽل ۾ هلائي ويندي هئي، اتي
ذلف ۽ لطف کي ۱۰ ڪوڙن
سان گڏ هڪ سال سخت پورهئي جي سزا ٻڌائي وئي. جيل گهڻن قيدين کي ذهني مريض بڻائي ڇڏيندو
آهي پر لطف ته جيل کي ساهراڻو گهر ئي سمجھيو. ان دور ۾ وڏا وڏا ليڊر ته اي ڪلاس ۾ ٺٺ
سان هئا پر غريب سياسي ڪارڪنن جي حالت ڏاڍي خراب هئي پر لطف ان حوالي سان خوش قسمت
هو. پي آءِ اي ۽ ايئرپورٽ سڪيورٽي فورس ۾ ڪم ڪندڙ سندس دوست ڊيوٽي فري شاپ مان
امپورٽيڊ سامان خريد ڪري لطف ڏانهن جيل ۾ موڪليندا هئا، جن ۾ سگريٽن ۽ دوائن سميت
کاڌي پيتي جو سامان به شامل هوندو هو، سو هن کي اهڙي ڪابه ڏکيائي پيش نه آئي بلڪ
هُو ڪيترن ئي قيدين جو ڀرجھلو هوندو هو، ڄڻ ساڳيو ئي فقير يار محمد جي مئخاني تي
فقراء جي خدمت ڪري رهيو هجي.
لطف کي ڪوڙن جي سزا جو ٻڌي سندس
ناني شاهه خاتون جو ته صدمي ۾ ئي دم پرواز ڪري ويو. جيل توڙي ڳوٺ ۾ اها پچار هئي
ته ”هي سنهڙو، چهي جهڙو ڪمزور شخص ۱۵ ڦٽڪا ڪيئن سهندو؟ “قيدين کي به هن لاءِ ڳڻتي هئي ۽ ڳوٺاڻا به پيا سور پچار ڪندا
هئا ته لطف ڪڏهن لڱن تي لحم ئي نه چاڙهيو آهي. اهو ظالمن جا اهي درا ڪيئن
جھليندو؟! نيٺ اهو ڏينهن به آيو، جڏهن سندس ڪمزور جسم تي ڦٽڪن جو وسڪارو ٿيڻو هو.
سڄي جيل جو ساهه مٺ ۾ هُو. هن کي باريڪ مان ٻاهر ڪڍي، ضيائي اسلامي قانون تي عمل
جو سرعام نظارو پسايو پئي ويو. ڦٽڪن هڻڻ تي مامور شخص ڊوڙ پائي، گوڏو کوڙي، پوري
طاقت سان مٿس ڦٽڪا وسائڻ شروع ڪيا ۽ ڪجهه پرڀرو بيٺل هڪ اهلڪار وڏي آواز ۾ هڪ هڪ ڦٽڪو
ايئن ڳڻي رهيو هو، جيئن فصل جي بٽئيءَ تي ڇليون ڳڻيون وينديون آهن. پندرهن جو هوڪو
ٻڌڻ کان پوءِ لطف ماٺ ٽوڙيندي چيو:”ڏٺاسين توهان جا ڦٽڪا به، انهيءَ کان ته اسڪول
۾ سائين خليفي جي مار گهڻي هوندي هئي!“ پوءِ هو بنا اسٽريچر جي پيرين پنڌ باريڪ
پهتو هو. ها گهڻو عرصو پوءِ اهڙي سهپ جو راز سليندي لطف مون کي ٻڌايو هو ته ”۲۸ ورهين ۾ ۱۶ سال نشا ڪيا هئم. جسماني طور
تي به ڪڏهن ڳر نه ڪيم. سمجھيم ته ڦٽڪا ماري وجھندا پر اهو مرشد لطيف ئي هو جيڪو ڦٽڪي
ڦٽڪي سان آٿت ڏئي رهيو هو: واجهه مَ وجھه وڍ ڏي... ۽ مان پنهنجو درد وساري ڀٽائيءَ
جي حضور هيءُ بيت پڙهي رهيو هئس،
”جان
جان دعويٰ دم، تان تان پرت پنهوار سين.“
لطف جيل مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ ڳوٺ
سڌار سنگت قائم ڪرڻ لاءِ سرگرم ٿيو. ڳوٺ سڌار سنگت قائم ٿيڻ سان اسان جو ڳوٺ ڪجهه ڏسڻ
جھڙو ٿيو، جو سنگت ڳوٺاڻن جي مدد سان مٽي وجھرائي گهٽيون مٿي ڪري ڇڏيون هيون، جن ۾
اڳ مهينن جا مهينا مينهن جو پاڻي بيٺل هوندو هو. ڳوٺ سڌار سنگت جي ئي ڪوشش سان ٻلهڙيجي
ڳوٺ ۾ بجلي آئي. ڳوٺ سڌار سنگت کوڙ سارا پروجيڪٽ هلايا، عوام جي سهولت لاءِ ڊاڪٽر
زبيده ميموريل ڊسپينسري قائم ڪئي ۽ ڳوٺ جي ڀلائي وارن ڪمن کي جاري رکڻ لاءِ هڪ مڇي
جي کڏ به خريد ڪئي پر ان جي غلط استعمال ۽ خرچ جو حساب ڪتاب نه رکڻ تي لطف ڳوٺ سڌار
سنگت کان ڪنڊائتو ٿي ويهي رهيو. سندس استعيفيٰ کان پوءِ ڳوٺ سڌار سنگت عملي طور
ختم ٿي وئي.
۱۹۸۰ع واري
ڏهاڪي جي شروعات ۾ مهين دڙي کي درياهي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ بچاءَ بند تي پٿر جو
اسپر ڏنو پئي ويو، جنهن لاءِ پنجاب مان پورهيت گهرايا ويا هئا. لطف مقامي پورهيت گڏ
ڪري اهڙي انياءَ خلاف جدوجهد هلائي. مقامي پورهيت سائيٽ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ته
هتي پورهئي ڪرڻ جو پهريون حق مقامي ماڻهن جو آهي. جيڪڏهن انهن کي ڪم نه ڏنو ويو ته
ڪوبه ولايتي هتي ڪم نه ڪري سگهندو. ان وقت ٺيڪيدار لطف سان ڳالهين ۾ چيو؛ ”اوهان
مون کان ڏوڪڙ وٺو، ڇو جو هتان جا ماڻهو پنجاب جي پورهيتن جيان ڪم نه ڪري سگهندا ۽
هي منصوبو ناڪام ٿي ويندو.“ پر لطف پنهنجي موقف تي اٽل رهيو. اهڙي نموني مقامي
پورهيتن ئي اهو منصوبو توڙ تائين رسايو ۽ انتهائي معياري ڪم ڪري ڏيکاريو.
۱۹۸۴ع ۾
مهين جي دڙي جي ايراضيءَ مان زير زمين سم جو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ مهين دڙي ماسٽر
پلان پاران واپڊا اسڪارپ جي سهڪار سان ٽيوب ويل منصوبو جوڙيو، جنهن تحت مهين دڙي
جي چوڌاري ۵۶ ٽيوب
ويل لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، جنهن جي پهرئين فيز ۾ ۲۸
ٽيوب ويل لڳايا ويا. لطف اتي ٽيوب ويل آپريٽر جي نوڪري
ورتي ۽ پورهيت يونين (سي بي اي) قائم ڪرائي پر پنهنجي قلندرانه ۽ رندانه طبعيت جي ڪري
اتي گهڻو وقت ڪم نه ڪري سگهيو ۽ يونين اهڙن ماڻهن جي حوالي ڪري ويهي رهيو جن
پنهنجا مفاد حاصل ڪري يونين کي ڌڙن تخته ڪرائي ڇڏيو. ڪيترائي ملازم معاشي تنگ
دستيءَ ۾ وڪوڙجي ويا. هت اهو ڄاڻائڻ به ضروري آهي ته جڏهن ٽيوب ويل نصب ڪيا پي
ويا، تڏهن اهو ڏٺو به نه پئي ويو ته ڪو مهين دڙي جا آثار متاثر ٿي رهيا هئا. اهو
لطف پيرزادو ئي هو جيڪو آثارن جي نشاندهي ڪندو هو. هن انتظاميه سان جھيڙو ڪري
آثارن کي بچايو. ان لاءِ هن آرڪيالاجي کاتي سان لک پڙهه ڪري ڪيترن ئي ٽيوب ويلن جي
جاءِ تبديل ڪرائي.
استاد در محمد کي پٽ جي
آوارگيءَ جي ڳڻتي ورائي وئي. هن سمجھيو ته جي لطف شادي نه ڪندو ته سندس پيڙهي اتي
ئي پوري ٿي ويندي! ان ڪري سائين کيس سنگت ساٿ ذريعي شادي لاءِ ستائڻ شروع ڪري ڏنو.
يارن دوستن، مائٽن مٽن، رٽائر ڪامريڊن لطف کي شادي ڪرڻ لاءِ متيون ڏيڻ شروع ڪيون
پر هن جي ”نه مان نه مان“ پئي پئي. نيٺ همراهن جي ايلازن ۽ ميڙن منٿن ڪم ڏيکاريو ۽
لطف مشروط طور شاديءَ لاءِ راضي ٿيو. هن سنگت معرفت سائين در محمد اڳيان جيڪي شرط
رکيا انهن ۾ مکيه شرط اهو هو ته هو گهر جي ذميواريءَ کان بنهه آجو هوندو. سندس توڙي
سندس ٻارن ٻچن جو سمورو خرچ سائين در محمد کي ڏيڻو پوندو. سائين در محمد سندس
سمورا شرط قبول ڪري کيس رڳو سوير ڀرو گهر اچڻ جي گذارش ڪئي.
۸۰ع وارو
ڏهاڪو لطف لاءِ انتهائي مهانگو هو. علائقي ۾ ڌاڙيوالي عروج تي هئي. وڏيرن سرڪاري
زمين تي ڌڙا ڌڙ قبضا شروع ڪري ڏنا هئا. پوليس آفيسر ڌاڙيلن ۽ وڏيرن سان سازباز ۾
هئا ۽ دڙي جي آثارن کي سارين جي پوک سبب نقصان پئجي رهيو هو. هن بيباڪ ٿي سمورن
مسئلن تي لکيو. جنهن ڪري ڌاڙيل، پوليس ۽ وڏيرا سندس دشمن ٿي بيٺا پر هن ڪنهن کي
چکي به نه ڪيو ۽ قلم رت ۾ ٻوڙي لکندو رهيو. سارين جي پوک بابت خبرن تي سيڻ به کيس
ويڻ ڏيندا رهيا پر هن جو حال هي هو ته:
ماڻهو ڏيئي
مهڻا، مون کي ڪندا ڪوهه،
جنهن ڇوريءَ
۾ ڇوهه، سا پٿون ٿيندي پير تي.
لطف جي ويسر ۽ غيرحاضر دماغيءَ
جو اندازو هن مان لڳائي سگهجي ٿو ته لفافي بدران پوسٽ جي دٻي ۾ قلم وجھڻ وارو عمل
ته ڏهاڪو ڀيرا ورجائي چڪو آهي. لفظن کي ابتو پڙهڻ واري عادت به اٿس. جيئن پنهنجي
هم عمر فيضل ماڇيءَ کان تڪڙ ۾ پن جي ٻيڙي هيئن گهريائين: ”ٻيڙل او ٻيڙل، اها فيضي
ته ڏئي وڃ! “ اهڙي ئي نموني هڪ تقريب ۾ مشهور صحافي صادق جعفري جو تعارف جعفر
صادقيءَ جي نالي سان ڪرائي ويو. هڪ ڏينهن اليڪشن جي موقعي تي سٺو وڳو پائي، ڪچهريءَ
جو قرب قائم رکڻ وارو ”توشو“ کڻي سنگت سان مليو. لطف کي ڏسندي سندس ننڍپڻ جي دوست
غلام شبير پيرزادي اتي ويٺل ڏاڏي هادن کي ڪن ۾ ڪجهه چيو ۽ پاڻ سگريٽ وٺڻ لاءِ دڪان
تي هليو ويو. ڏاڏي هادن لطف کي پنهنجي منهن سان سڏي آهستي چيو: ”لطف تون ابتي
شلوار پائي آيو آهين، اها ته سبتي پاءِ!“ لطف ٺهه پهه جواب ڏنس: ”ڏاڏا، اهو تنهنجو
عقل ناهي، توکي ڪنهن سپورنج ٻڌايو آهي.“
۱۹۹۰ع واري
ڏهاڪي ۾ لطف ڪراچي ويو. جتي روزاني عوامي آواز ۾ سب ايڊيٽر ۽ ثقافت کاتي ۾ ڪانٽريڪٽ
تي پروف ريڊر ٿيو، پرگهڻو جٽاءُ نه ڪري سگهيو ۽ کيس نوڪريءَ تان جواب ڏنو ويو،
جنهن ڪري هن کاتي کي درخواست ۾ لکيو ته ڦلاڻن ڦلاڻن ڪيسن ۾ ملوث ماڻهو به اوهان جي
کاتي ۾ پڪا ٿي ويا آهن ۽ مون کي اجايو برطرف ڪيو ويو آهي. لطف جي اهڙي درخواست تي
منهنجو پيارو دوست ارشد خشڪ بي گناهه سٽجي رهيو هو. ان وقت انور پيرزادي وچ ۾ پئي
اها درخواست واپس ڪرائي. لطف جي ان عمل مون کي ڏاڍو صدمو رسايو، نه ته همراهه
سراسر سون آهي. ڪجهه سالن کان پوءِ پتو پيو ته ارشد هن کي هڪ اخبار ڏيکاري هئي.
جنهن ۾ پروف جي غلطي سبب هڪ ڏوهاريءَ جو نالو ارشد خشڪ ٿي ويو هو، جنهن کي ڀائو
لطف موقعي تي استعمال ڪيو.
لطف جڏهن سياسي حوالي سان سرگرم
هو، تڏهن به پير فقير جي عزت ۽ احترام سان گڏ ڪرامتن تي به يقين رکندو هو پر ڪميونسٽ
پارٽي ٽٽڻ کان پوءِ ته همراهه جلالي فقير بڻجي ويو آهي. سيد ذات کي باقي ذاتين کان
اتم ۽ اعليٰ سمجھندو آهي. توڙي جو هو ٻين فقيرن وانگر ڏاڙهي، مڇون، ڀرون ۽ پنبڻ ڪوڙائي
ڪنهن جو به طالب نه ٿيو آهي پر اڻ پڙهيل سيدن کي پيرين پئي ملندو رهندو آهي. سندس ڪوشش
هوندي آهي ته سيد جي مخصوص ڪيل بستري تي ٻئي ڪنهن جو پير نه پئي! انهن ڳالهين تي
ساڻس اختلاف رهندو آهي. راڳ ته لطف جي به روح جي غذا آهي پر هُو تبري بازيءَ کي به
سراسر حق پرستي سڏيندو رهندو آهي.
لطف سيوهڻ جي لال باغ کان لاهوت
لامڪان تائين ڪيترائي ڀيرا پنڌ ڪاهيو آهي، ان پنڌ جي چپي چپي تي سندس واقفيت آهي.
اسان سان سدائين شاهه، سچل، قلندر لال شهباز جھوڪ ۽ ٻين ميلن تي هلندو رهيو آهي.
اتي ئي هن جي ڳڻن جي خبر پوندي آهي. همراهه سڄو سڄو ڏينهن فقراءَ جي خدمت ۾ هوندو
آهي. سنگت جي پاڻي ڪانجھي، ماني ٽڪي، نشي پتي ۽ آرام جو انتظام سندس ذمي هوندو
آهي. جيستائين پنهنجي کيسي ۾ ڏوڪڙ هوندس، اول اهي ختم ڪندو. اهڙن موقعن تي جيڪو به
کيس ڏسندو ان کي پڪ پئجي ويندي ته همراهه ماڻهو نه پر ڪو ملائڪ آهي، جيڪو نه ٿڪجي ڪڏهن
پاسو کوڙي ٿو ۽ نه وري بيزاري سندس منهن مان بکي ٿي! سنگت جي ننگر پاڻيءَ سان گڏ ٿڪلن
کي زور به ڏيندو آهي. سندن مساج ڪري کين نوبنو بڻائي ڇڏيندو آهي. کٽل ٽُٽل فقراء
کي ڀاڙا ڪرايا ڏيندو آهي. اهڙي خاطر تواضع جو ناجائز فائدو وٺندي ڪيترائي اڻواقف
ماڻهو به اتي سيد ٿي ويندا آهن.
ڀائو لطف سڄو ڏينهن کشٽ به آهي.
ٻارن پرچائڻ ۾ ته ماهر آهي. هن سان ڪمپني ۾ ٻار ته ڪڏهن به بور نٿو ٿي سگهي. ماچيس
۽ سگريٽن جي پاڪيٽ مان ڪڏهن سهي جا ڪن ٺاهيندو ته ڪڏهن گل. ٻارن سان اهڙا ته گفتا ڪندو
۽ بيت ٻڌائيندو جو اهي کلي کلي کيرا ٿي ويندا. ڳوٺ جا ڪجهه اهڙا به ماڻهو آهن جن
لاءِ لطف پڙي آهي. ساڻن اهڙا ته گفتا ڪڍندو آهي، جو ظرافت جون حدون اورتي رهجي
وينديون آهن.
ها، لطف کي ڪڏهن ڪڏهن ڪاوڙ به
ايندي آهي، ان وقت ٻئي کي ايئن محسوس ٿيندو ته هاڻ ياعمر تعلق ختم ٿي ويندو پر ڪاوڙ
۾ جڏهن هُو ڀلبو آهي ته اتي ئي اتي ٽهڪ گونجي پوندا آهن پر جي لطف ڳالهائڻ ۾ نه ڀُلو
ته اها ئي گهڙي سڀ وساري ويهندو. وڏي سهپ وارو شخص آهي. اهڙن اهڙن ماڻهن سان پلئه
پيل اٿس، جن سان نڀائڻ آدم جي اولاد لاءِ ته انتهائي مشڪل آهي پر لک شابس آهي لطف
کي جو سڀن سان هلائيندو ۽ نڀائيندو ٿو اچي. ڪيڏي به ناجائزي تي پهر ۾ ڪنهن کيس نه
پرچايو ته هي پاڻ ئي ان سان پرچي ويندو:
رٺي
هوند رهان، پر سرتيون سرندم ڪينڪي،
پاڻهي ٿي
پرچان، ڏس نرڄايون نينهن جون.
لطف کي ٽي پٽ ۽ ٽي ڌيئر آهن. ٻارن
سان سندس تعلق دوستيءَ وارو آهي. هن پنهنجي ٻارن کان ڪجهه به نه لڪايو. سائين در
محمد جي وفات کان پوءِ پنهنجي خانداني حصي واري ڪچي جي زمين به صدين کان هارپو ڪندڙن
کي سستي اگهه ۽ قسطن تي وڪڻي ڏنائين. اڄ سندس ٻار جوان ٿي ويا آهن، جيڪي محنت ڪري
پاڻ ڪمائن ٿا ۽ ”ٿوري قوت قراريا“ واري رمز رکندڙ آهن. هاڻ جڏهن لطف جي فضول خرچي
۽ رلڻ تي سندس گهر واري ٽيڪا ٽپڻي ڪندي آهي ته سندس ٻار کيس روڪي چوندا آهن؛ ”مائي
ڀاڳن واري آهين، جو ابوءَ جهڙو ور مليو ٿي!“
ڀائو لطف جي سورن سان سنگت
هونئن ته بنهه پراڻي آهي پر کيس گھٽ وارو گھاءُ ۲۰۱۴ع ۾ ان وقت لڳو جڏهن سندس ٻئي نمبر پٽ سرويچ کي جسمم سان وابستگيءَ جي ڪري ڪراچيءَ
مان کنڀي گم ڪيو ويو. لطف پٽ جي گمشدگيءَ خلاف ڪنهن ٻئي در ٻاڪارڻ بدران ڀٽائي سرڪار
کي دانهن ڏيڻ ويو پر سندس ان عمل کي سياسي نظر سان ڏٺو ويو. سرويچ کي پهرين آگسٽ ۲۰۱۴ع تي کنڀي گم ڪيو ويو هو ۽ ۸۰ ڏينهن کانپوءِ سندس لاش اڇلايو ويو. ان ڏينهن ڄامشوري ۾ ميڊيا وارن جي پڇڻ
تي لطف پنهنجي پٽ جي شهادت تي فخر جو اظهار ڪندي ان کي شاهه عنايت شهيد جي بي مثل
قربانيءَ جو تسلسل قرار ڏنو هو. ڪوتاهه نظر دانشورن لطف جي ان ڳالهه کي سياسي ڪنن
سان ٻڌو هو. پوءِ هو پنهنجي جگر جي ٽڪر جو مڙهه کڻائي ڳوٺ پهتو. ان وقت تڏي تي ويٺل
ماڻهو بنهه خاموش هئا. لطف کي آٿت ڏيڻ لاءِ ڪنهن کي لفظ ئي نٿي سجھيا. جسمم اڳواڻ
حفيظ پيرزادي کان وٺي تر جا سمورا سياسي ڪارڪن ۽ ڳوٺ واسي هڪ اکر به ڳالهائي نه
پئي سگھيا. تڏهن لطف ان ماٺ کي هيئن ٽوڙيو: ”يار مان ته لطيف سرڪار کان پستي پني
رهيو هئس، هُن ته مونکي بُلندي عطا ڪري ڇڏي:
”جيڏيون
هن جھونجھار، سڀ اجاري اڇا ڪيا!“
صبح جو جڏهن شهيد جي مڙهه کي
غسل ڏئي رهيا هئاسين ته ان وقت لطف هن جي پيشانيءَ ڏانهن اشارو ڪندي ڀٽائيءَ جو
بيت پڙهيو:
”ڏاڙهي رت رتياس، ڏند ته ڏاڙهون
گل جيئن.....“
مون ڏٺو ته لوندڙيءَ کان وهيل
رت سرويچ جي ڏاڙهي ۽ ڏندن کي ڳاڙهو ڪري ڇڏيو هو ۽ جڏهن هن جي مڙهه کي لحد ۾ لاهڻ
لاءِ کڻون پيا ته مونکي مخاطب ٿيندي چوڻ لڳو: ”اقرار! هن نظاري تي ڀٽائي سرڪار ڇا ٿو
فرمائي؟
”جھمنديون اچن، جھوليون
جھونجھارن جون.... “
مان انهيءَ سٽ کان اڳتي نه پڙهي سگھيس، پوءِ ڀائو لطف اهو بيت پاڻ مڪمل ڪيو.
لطف پیرزادو
بھٹائی کی بازگشت کا
الستی کردار
آصف رضا
موریو
“مارو منجهه ٿرن،
رهي رهندا ڪيترو”
سائیں لطف پیرزادو
کا نام میں نے سب سے پہلے انورڈنگڑائی کی زبان سے سنا تھا بھٹائی شناسائی کے حوالے
سے جبکہ مینے پہلی مرتبہ اسے دریائے سندھہ کے کنارے تب دیکھا جب ہم لوگ کامریڈ
سوبھو کی خاک کو دریائے سندھہ کے حوالے کرنے گئے تھے۔ علی رند، مسلم شمیم، سلیم میمن، مظہر جمیل بھی
ہمارے ساتھہ تھے۔ وہیں انورڈنگڑائی اور دیگر
بیشمار ادبی دوستوں سے بھی ملاقات ہوئی تھی۔
محمد علی پٹھان کامریڈ کی خاک کا برتن سر پر اٹھائے کامریڈ کے تیس چالیس عزیزوں
قریبوں اور دوستوں کے ساتھہ پرانی مگر بڑی سی کشتی میں چڑھہ گئے جسے ایک ناکھا بڑے
سے لکڑے کے ساتھہ پانی میں دھکیلتے ہوئے کنارے سے دور لے جا رہا تھا۔
میں کامریڈ
کی یادوں میں کھویا ہوا مٹی پر بیٹھہ کر دور ہوتی ہوئی کشتی کو دیکھہ رہا تھا جس
پر دو لال جھنڈے بھی لہرا رہے تھے۔ اپنی نگاہیں کشتی سے ہٹا کر یادوں سے چھڑانے کی کوشش میں دائیں طرف دیکھا
تو ایک خوبصورت چہرے والے جہاں دیدہ شخص کو دیکھا جس کا چہرہ گوکہ میری طرف تھا
مگر اس کی نظریں بھی اس کشتی کی طرف تھیں جس پر کامریڈ کی گیانی مٹی دریا واسنے
گئے تھے۔
بظاہر تو
سادہ سا آدمی لگ رہا تھا پر اس کے چہرے پر
عجیب قسم کی علمی اور تہذیبی کشش تھی جومجھے پہلی نظر میں بہت بھلا لگا۔ جسم دبلے پتلے سے کچھہ بہتر تھا محنت کش لوگوں
جیسا۔ سفیدی مائل بالوں کو اوپر کی طرف
اٹھان تھی، ملکوتی مونچھیں، مہیں جو دڑو کے پروہت کے جیسے وجدانی سوچ میں ڈوبا ہوا
جیسے وہ جاتی ہوئی کشتی کو اٹھا کر کہیں لے جائے گا۔ ہلکے آسمانی رنگ کپڑے پہنے ہوئے تھا شاید، گلے
میں اوڑھا ہوا اجرک اسے بہت اچھا لگ رہا
تھا۔ چہرے کی جھریوں سے علمی تجربوں کے
عکس جھانک رہے تھے جو آنکھوں کے گرد کچھہ زیادہ ہی تھے۔ وہ کبھی آسمان کی طرف دیکھہ رہا تھا کبھی کشتی
کی طرف تو کبھی اپنے ہاتھہ میں پکڑی کاٹھی سے زمیں پر آڑی ترچھی لکیریں ڈال کر انہیں
غور سے دیکھہ رہا تھا۔ وہ سب سے الگ تھلگ
اور بے نیاز بیٹھا تھا، اس کے سنجیدہ پن میں بلا کی گہرائی ، رموزیت اور ایسی کوئی
پرکشش خاصیت تھی جیسے دیکھہ کر میں نے اپنی موبائل سے اس کی دس پندرھہ تصویریں اس
طرح نکال دیں کہ اسے پتہ نہیں چلا حالانکہ مجھے پتہ بھی نہیں تھا کہ وہ ہے
کون۔ اسی وقت انور ڈنگڑائی میرے پاس آکر بیٹھہ
گیا تو مینے پوچھا "وہ سامنے بیٹھا ہوا بندہ کون ہے"۔ تو اس نے بتایا "یہ بھٹائیات میں مرا
استاد لطف پیرزادو ہے مجھے حیرت ہے کہ تمہارے جیسا آدمی اسے نہیں جانتا"۔
وہاں سے
واپسی پر مینے ڈاکٹر علی رند اور ڈاکٹر انصاف مگسی کے ساتھہ بلھڑیجی گائوں جاکر
لطف پیرزادو سے سرویچ کی شہادت کی تعذیت
بھی کی۔ بس یہی ایک ملاقات تھی اس سے میری
حالانکہ کئی بار سوچا کہ لطف پیرزادو جیسے عالم اور دانا شخص سے ملکر نہ صرف اس سے
کچھہ سیکھا جائے بلکہ اس کا ایک تفصیلی انٹرویو بھی کیا جائے مگر افسوس ہزارہا
دوسری خواہشوں کی طرح یہ ارمان بھی دل ہی دل میں دبا رھہ گیا۔ اس کے بعد لطف پیرزادو
پر اس کے کام اور شناسائی کے حوالے سے تحقیقی نقطئہ نظر سے کافی جانکاری حاصل کرتا
رہا۔
ایک ہفتہ
پہلے میرے دوست رحمت پیرزادو کے والد سائیں میر محمدپیرزادو کی وفات پر تعذیت کرنے
گیا۔ وہیں میرے شاندار دوستوں رضوان گل اور ڈاکٹر احسان دانش
سے بھی ملاقات ہوگئی تو ان کے ساتھہ اپنے
پیارے دوست اقرار پیرزادو کی لانڈھی میں اس کے
بھائی انصار پیرزادو کی کچھہ عرصہ پہلے ہونے والی وفات پر دعائے مٖغفرت پڑھی۔ وہاں چائی بھی پی اور رضوان گل کی فرمائش پر
اقرار نے بھٹائی کے کچھہ بیت بھی سنائے۔ کیا کمال
لہجہ ہے اس جوان کا بھٹائی کو پڑہنے میں۔
اقرار کی لانڈھی میں مغربی دیوار پرلطف پیرزادو کی برسی کے حوالے سے ایک
پوسٹر لگا ہوا تھا۔ وہی باتیں کرتا ہوا
صوفیانہ مگر ایسا چہرا جیسے میں اسے صدیوں سے اسے جانتا ہوں یا وہ مجھہ سے کچھہ
کہہ رہا تھا۔ خدا گواھہ ہے یہ باتیں میں
محض ادبی لفاظی نہیں کررہا ہوں مگر یہ سچ ہے ایسے چہرے میں نے زندگی میں کم دیکھے
ہونگے، کچھہ الگ الگ، مختلف، اپنے سے، شناسا سے، بے ضرر سے اور باپ کی شفقت کے جیسے
بھلے بھلے ، وشال اور مشفق۔ جب میں واپس
گھر پہنچا تو کام کاج سے فارغ ہوکر سوچا اس شہکار انسان پہ کچھہ لکھا جائے اور لیپ
ٹاپ کھول کر بیٹھہ گیا لکھنے۔
لطف پیرزادو صرف کہنے کی حد تک نہیں بلکہ حقیقتن اپنے آپ میں
ہزاروں انجمنوں کے برابر اکیلا شخص تھا۔
وہ صحافی، سماجی ورکر، عظیم تخلیق کار، مصلح، مبلغ، مورخ، آثارِ قدیمہ کا
ماہر، مبصر، محقق، صوفی ، حکیم، وید، زبان
کا ماہر، انقلابی، نفسیاتی و سماجی کیمیاگر،
دانشور، تنقید نگار، ایک اچھا دوست، مہذب دیہاتی، شاندار باپ وغیرہ وغیرہ تھا مگر
اس کا سب سے بڑا حوالہ اور پہچان شاھہ عبدالطیف بھٹائی کے حافظ اور شارع کے حوالے
سے تھی کیونکہ بھٹائی نے جو صدا سسئی کے سر سے لگائی تھی اس کی بازگشت لطف پیرزادو کا سریلا اور الستی وجود
تھا۔ وہ پاکستان میں بھٹائی پر چند اتھارٹیوں
میں سے ایک اور فکر کا ایک ایسا سورج تھا جس کی سنہری کرنیں اپنے علاقے کے غریبوں
لاچاروں، ناداروں، کسانوں اور بے پہچ مسکینوں کی زندگی بھر
پروردگار اور واھرو رہیں۔
لطف پیرزادو بھٹائی کا وہ
پیغامبر تھا جو اپنے مرشد کے کلام کی ایک ایک سطر سے محبت، انسان دوستی،
اخلاق، فلاح، دعا اور علم کی شہد چوس چوس کر اپنے دوستوں، ساتھیوں، طالبوں اور
اپنے بچوں کے کانوں میں ساری عمر ٹپکاتے ہوئے شعور کی وہ مشعلیں جلاتا رہا جو آج
خود سورج نما بن دنیا کو روشن کر رہی ہیں۔
اگر لطف پیرزادو بھٹائی کے دور میں پیداہوا ہوتا تو مجھے یقین ہے وہ تمر فقیر
کی طرح بھٹائی کا دوسرا ساتھی ہوتا اور اگر بھٹائی لطف پیرزادو کے بعد جنم لیتا تو
مجھے کوئی شک نہیں کہ وہ اپنے کلام میں لطف پیرزادو کے نام کا راگ ضرور شامل کرتے جو اس کے تمام
کرداروں میں یقینن سب سے قوی اور مزاحمتی کردار ثابت ہوتا۔
لطف پیرزادو
ایک باکمال، نڈر نظریاتی کارکن اور کامریڈ
تھا جس کے ویچار اور اصول ہمیشہ ہمالہ سے بھی قدآور دیکھے گئے جو حالات کی کتنی بھی
آندھیاں چلیؐں یا طوفان آئے انہوں نے جھکنا نہیں سیکھا تھا حالانکہ ایسے لوگوں کی
زندگی میں سولیوں کے سینکڑوں سلسلے گاڑے گئے ہوتے ہیں مگر وہ اپنی ہمت، اورچائی
اور مردانگی سےسولی کو بھی سنگھار بنالیا کرتے ہیں۔ اس کا سبب لطف جیسے لوگوں کا اپنی ذات سے ہمیشہ
آگے کی سوچ ہوتی ہے۔ وہ دوسروں کے لئے جیتے
ہیں دوسروں کے لئے مرتے ہیں۔ انفرادی طور
پر لطف بھی ایسا ہی ایک فقیر طبیعت انسان تھا جو اپنی ذات و صفات سے پہلو تہی
کرکے، اپنے زخم چھپاکر دوسروں کی سنتا اور
ان کی چنتا دور کرنے کے درپے رہا کرتا تھا۔
۸ جنوری ۱۹۵۲ع کو رات کے آخری لمحےاپنا بوریا بستر لپیٹ
کر جب دن کی آغوش میں سونے جارہے تھے تو اس وقت دو سورج طلوع ہورہے تھے ایک دور
آکاش کی وسعتوں پر تو دوسرا مہیں جو دڑو کے خمیر سے جڑے، دریائے سندھہ کے دائیں
کاندھے پر آباد بلھڑیجی نام کے گائوں کی زرخیز مٹی پر لطف پیرزادو کے نام سے۔ بلھڑیجی نامی گائوں دراصل مہیں جو دڑو کے آثاروں پر ہی آباد ایک قدیم وستی ہے جو ہمیشہ
اپنی کوکھہ سے شمس العلما پیدا کرتی رہی ہے۔ لطف کے والد کا نام درمحمد پیرزادو
تھا جو ایک ڈھک منشی اور حکیم تھا۔ لطف کی
والدہ مائی شریف خاتوں جو انور پیرزادو کی بہن تھی اپنے بیٹے کو جنم دینے کے بعد
جلد ہی قضا الاہی فوت ہوگئی۔
علمی دنیا
کا یہ درخشاں ستارہ لطف پیرزادو تعلیمی
پسمنظر میں کچھہ زیادہ پڑھا لکھا نہٰیں تھا۔
رواجی طور پر اس نے ۱۹۵۷ع میں اپنے
گائوں کے پرائمری اسکول میں داخلہ لیا اور پانچویں جماعت پاس کی۔ ۱۹۶۲ع میں اسے شہدادکوٹ میونسپل ھائی اسکول میں
داخل کرایا گیا جہاں سے دو سال بعد اس نے آٹھویں جماعت پاس کی۔ ۱۹۷۰ع میں میٹرک کا امتحان پاس کیا اور ۱۹۷۲ع میں اس نے
کراچی بورڈ سے انٹر میڈئیٹ کی۔ لطف پیرزادو کی شادی ۸ ستمبر ۱۹۸۷ع میں ۳۵ سال کی عمر میں لطف اپنی کزن مہرالنسا کے
ساتھہ ہوئی جس سے اسے تین بیٹوں سگندھہ،
سرویچ، شعور اور سمبل، سپت اور سمن تیں بیٹیوں کی اولاد ہوئی۔
لطف پیرزادو
ایک آدیسی قسم کا مزدور طبیعت اور محنت فطرت کا آدمی تھا مگر انسان کی سماجی، ذہنی
اور تہذیبی آزادی کا بہت بڑا پرچارک تھا جس نے اپنے معاش کے لئے ہر قسم کی محنت
مزدوری کی۔ وہ ایک ایسا انسان تھا جس کے
لئے ہاتھہ پھیلانے کے بجائے کسی بھی قسم کی محنت کرنے کو عار نہیں سمجھتا تھا۔ یہاں
تک کہ اس نے کسان بن کر زمین سینچی اور
جنگل سے لکڑیاں کاٹ کاٹ کر بھی گھر بار چلاتا رہا۔ اس نے اپنے بچوں کا پیٹ پالنے کے لئے اپنی طبیعت
اور مزاج کے خلاف بھی سرکاری اور خانگی نوکریاں کیں جن میں سے زیادہ تر اسے چھوڑنی
پڑیں کیونکہ اسے نہ بکنا پسند تھا نہ جھکنا اور نہ ہی اپنے اصولوں پر سودے بازی
کرنا۔
۱۹۶۶ع میں لطف پیرزادو حصولِ روزگار کے لئے کراچی چلا گیا تھاجہاں اس
کا ماموں محمد حسن پیرزادو ایک وٹرنری
ڈاکٹر تھا جس نے اسے کیٹل فارم کورنگی میں نائب قاصد کی نوکری دلوائی مگر بعد ازان
اسے ۱۹۷۰ع میں اسے لینگویج ٹیچر طور سرکاری
نوکری بھی ملی جو قریبن دس سال تک کرنے کے بعد چھوڑدی۔ اپنے ماموں انورپیرزادو نے بھی کئی مرتبہ اسے
مختلف نوکریاں دلوائیں مگر اپنی آزاد طبعتی کے سبب کہیں پر ٹک کر کام کرنا اس کے
مشکل ہوتا تھا۔ ویسے بھی اسے اپنے ذاتی
معاشی معاملات سے زیادہ دوسروں کی سماجی پریشانیوں کی چنتا مارتی رہتی تھی۔ بعدازاں وہ کراچی چھوڑ کر اپنے گائوں میں رہنے
لگا جہاں اس کا اوڑہنا بچھونا سماجی اور فلاحی کاموں کے علاوہ راگ رنگ کی محفلیں،
بزرگوں کی مزاروں پر میلوں اور برسیوں کے دنوں میں جانا، اپنی اولاد کو اچھی تعلیم
اور مہذب سنسکار دینے کے ساتھہ بھٹائیت کا پرچار ہوا کرتاتھا۔ جب اس کی اولاد جوان ہوئی اور انہیں کراچی میں
روزگار ملتے گئے تو لطف پیرزادو ۱۹۱۲ع میں باقائدہ کراچی جاکر آباد ہوگیا۔
انسان دوست
ہونے کے ناطے لطف پیرزادو کو اپنے سماج میں کیڑوں مکوڑوں کی طرح پھیلے ہوئے
کسانوں، مزدورں اور لاچار انسانوں سے بہت محبت تھی جن جی مدقوق زندگیوں کا وہ وید
ساری عمر اپنے طئین ڈھونڈھہ ڈھونڈھہ کر علاج کرتا رہا۔ اس پسمنظر میں مختلف ادوار
میں لطف نے مزدور تنظیمیں بنائیں۔ اس نے بستیاں بسائیں، گائوں آباد کئے اور
کروائے۔ اپنے علاقے کی پسماندگی دور کرنے
کے لئےمراعات و سہولیات دلوانے کے لئے ساری عمر جہدِ مسلسل کی تصویر بنا رہا۔ ۲۔۸۔ ۱۹۸۲ع میں اس نےاپنے گائوں میں ایک ہوٹل ہم خیال
دوستوں کو جمع کرکے "گائوں سدھار سنگت" کی بنیاد رکھی جس کے پلیٹ فارم
سے گائوں کی ترقی و ترویج، کچے راستوں کو پکے روڈ بنوانے، امن امان قائم کرنے کے
اقدامات کئے، پولیس چوکی لگوائی، اسکول اور ڈسپینسری منظور کروائی مزدوروں کے
حقوق، جمہور یت کی بحالی اور بقا کی جہدِ پیہم کی پاداش میں پابندِ سلاسل بھی
رہا۔
بلھڑیجی کو
جن کمیونسٹ عناصر نے لٹل ماسکو بنایا تھا ان میں اہم ترین کامریڈ سوبھو گیانچندانی
کی شخصیت تھی جس سے ایک استاد انور پیرزادو نے فیض حاصل کرکے اپنے گائوں بلھڑیجی میں
اپنا علمی میخانہ کھول کر منڈل مچایا جہاں پہلا مے کش لطف پیرزادو تھا کیونکہ وہی
سب سے زیادہ انور پیرزادو کے قریب تھا۔
لطف جب گائوں سے ہجرت کراچی گیا تو وہاں جس ماموں ڈاکٹر محمد حسن پیرزادو
کے ہاں رہائش اختیار کی وہ بھی اسی میخانے کا مدہوش تھا۔ اٌپنے علاقے میں طبقاتی جنگ کے بین الاقوامی
سالاروں کے مارکسی اور کمیونسٹی نظریوں نے اسے بہت متاثر کیا مگر وہ کبھی کمیونسٹ
پارٹی کا میمبر نہیں بنا مگر ہر دکھہ سکھہ میں ان کا ساتھاری رہا۔ لطف پیرزادو ساری عمر ایک کل وقتی سماجی ورکر
رہا جس نے بیشمار لوگوں کو بغیر کسی غرض کے نوکریاں دلوائیں، بیشمار نادار بچوں کو
تعلیم دلواتا رہا اور مریضوں کا علاج کرواتا رہا۔
لطف پیرزادو
کا علمی پرچار سقراط کی طرح تھا وہ اپنے علاقے میں ایک چلتی پھرتی انسائیکلوپیڈیا
تھا جس سے ھر طرح اور ھر قسم کے لوگ اپنے اپنے علمی، سماجی، نفسیاتی، مذہبی
معاملات سلجھانے اور سوالات پوچھنے آیا کرتے تھے۔ کوئی بھٹائی، سچل، سامی سے متعلق
پوچھتا، کوئی مہیں جو دڑو سے متعلق اور کوئی سندھہ وادی سے متعلق۔ ھر کوئی اپنے اپنے روگ، بھوگ، سوگ اور جوگ
بتاکر ان کا حل پوچھتا تھا تو کئی تنظیم سازی، سیاست، کمیونزم وغیرہ سے متعلق
جانکاری لینے آیا کرتے تھے۔
کراچی میں
رہنے کے دوران لطف پیرزادو نے سندھی ادبی
سنگت سے تب وابستگی اختیار کی جب اس کا سیکریٹری خادم چمبڑائی تھا جہاں وہ کئی
سالوں تک کاروباری کمیٹی کا میمبر رہا۔
بعد ازاں چمبڑائی کے بعد سیکریٹری کے عہدے پر بالترتیب بدر ابڑو ، انور پیرزادو
اور فقیر محمد لاشاری براجماں ہوئے ہوئے تھے۔
جہاں تک لکھنے کی بات ہے ۱۹۷۰ع میں لطف پیرزادو نے مضمون نگار طور لکھنا
شروع کیا ۔ اس کا پہلا مضمون سندھی میگزین
ادیوں میں چھپا تھا جو دراصل بھٹائی کے کلام میں موجود تشبیحات پر مشتمل تھا۔ جس کے بعد ہلالِ پاکستان اخبار میں پہلا مضمون
"بھٹائی صاحب کا عشق" کے نام سےچھپا تھا۔ اس کے بعد وہ مسلسل لجھتا رہا اور چھپتا رہا
زندگی کی آخری سانس تک۔
۱۹۷۳ع میں مہیں جو دڑو پر کھدائی اور ترقیاتی
کام شروع ہوچکا تھا جہاں پر ہونے والی بے قائدگیاں اور دھاندلیاں اس کا من
جھنجھوڑتی رہتی تھیں کیوں کہ اسے مہیں جو دڑو سے والہانہ عشق تھا اور ہوتا بھی کیوں
نہیں کہ آخر اس کا شریر بھی تو مہیں کی لال لال مٹی سے گوندھا ہوا تھا۔ اسلئے مہیں جو دڑو کے لئے اور وہاں ہوئے والی
غلط کاریوں پر سے پردہ اٹھانے کی دھن میں اپنا کوئی کردار ادا کرنے لو ایسی لگی کہ
انورپیرزادو کے توسط سے مہیں جو دڑو پر ھلالِ پاکستان کا رپورٹر مقرر ہوا اور اسی
پلیٹ فارم سے دس سال تک وہ مہیں جو دڑو کا کیس لڑتا رہا۔ ہلالِ پاکستان چھوڑ کر کچھہ عرصہ مہیں جو دڑو
پر سندھی اخبار عوامی آواز کے رپورٹر طور کام کیا مگر ۱۹۹۰ع میں اسی اخبار کے دفتر میں سب ایڈیٹر کے
طور پر کام کرنا شروع کیا جہاں اسے پانچ سو روپے تنخواھہ ملا کرتی تھی۔ اس اخبار کا ایڈیٹر سہیل سانگی ہوا کرتا
تھا۔ بعد ازاں رپورٹنگ کے اخلاقی معاملات
اور فرائض بھی عجیب و غریب طرح سے بدلتے گئے جو لطف جیسے آدمی کے ذہنی معیار کے
الٹ تھے اس لئے اس نے رپورٹنگ تو چھوڑدی مگر وہ مہیں جو دڑو کا کیس زندگی کی آخری
سانس تک لڑتا رہا۔
زندگی کے
آخری دنوں میں وہ اقرار پیرزادو کے کہنےپر وہ اپنی سوانح عمری بھی لکھہ رہا تھا جو
اس کی وفات پر ادھوری رھہ گئی۔ بھٹائی
اور مہیں جو دڑو کے حوالے سے لکھے گئے اس کے مضمونوں کی دو کتابیں بھی مکمل ہیں۔ اس کے علاوہ بھی لطف پیرزادو کا لکھنے کے حوالے
سے بیشمار کام ہے جیسے اگر سنبھالا جائے تو کئی کتابیں جڑ کر سندھی ادبی دنیا کو
امیر بنا سکتی ہیں۔
لطف پیرزادو
کو مہیں جو دڑو کی طرح شاھہ عبدالطیف
بھٹائی سے بھی جنون کی حد تک عشق تھا۔
بھٹائی سے اس کی شناسائی سب سے پہلے
اپنے گھر کے اندر تب ہوئی جب اس کی
عمر مشکل سے چار پانچ سال تھی جب اپنے نانا ملاں جمن اور دادا غلام حسین وغیرہ سے
بھٹائی کے اشعار اور شرحیں سنتا رہتا تھا اور سنتے سنتے بڑا ہوتا گیا، یوں وقت کے
ساتھہ ساتھہ بھٹائی کے نام میں لطف کے لئے ایک سحر ، کشش اور دلچسپی پیدا ہوتی چلی
گئی۔ اسی دوران ان کے پرائمری اسکول میں
اخبارِ تعلیم آیا کرتی تھی جس میں اللہ بخش قریشی کے بھٹائی کے کلام سے متعلق مضمون
چھپا کرتے تھے جو لطف نے باقائدہ پڑہنے شروع کئے کیونکہ وہ معنی اور شرح کے ساتھہ
چھپتے تھے۔ کچھہ بڑا ہوا تو سخی شاھہ جمال
کے خدمتگار فقیرمنش یار محمد کی علمی قربت بزرگانِ دین اور ان کی فقر تک دسترس کا
باعث بنی۔ لطف کے گھر میں بھٹائی کے رسالے
کا ایک خاندانی قلمی نسخہ ہوا کرتا تھا جسے بھی وہ گاہے بگاہے پڑھا کرتا تھا۔
بلھڑیجی کی
سون ورگی مٹی میں ادبی، سماجی اور تھذیبی اکثیر ہے جس کی کوکھہ سے ہر دور میں صوفی
منش انسان اور جگمگاتے ہیرے کثرت سے جنم لیتے رہے ہیں۔ لطف جیسے جیسے جوانی کی سرحدوں میں داخل ہوتا گیا
اپنے ارد گرد لائق، فائق، مہذب، مورخ قسم کے دانشور لوگوں کی اکثریت اس کے ذہنی
نشوونما پرغالب اثرات چھوڑتی رہی یہاں تک کہ جوان ہوتے ہی نہ صرف خود اس دانشور
طبقوں میں گنا جایا جانے لگا بلکہ ایک دور ایسا بھی آیا کہ شاھہ عبدالطیف بھٹائی
کا سارا کلام اسے نہ صرف زبانی یاد ہوگیا بلکہ موقعے اور مناسبت کے لحاظ سے بھٹائی
کے شعر فی البدیح بھی سنادیاکرتا تھا۔ اس
کے بعد رہتی زندگی تک بھٹائی کا کلام تھا، سورمیاں تھیں، راگنیاں تھیں، محفلیں تھیں،
فقیر تھے، وہ تھا اور لطیفی فکر کی
بلندپروازیاں تھیں جو اسے نروان عطاکرتی رہتی تھیں۔ لطف اپنی اولاد سے بہت پیار
کرتا تھا۔ دنیا بھر میں والدین اپنی اولاد کو لوریاں سنا کر سلاتے ہیں مگر لطف
اپنے بچوں کو بھٹائی کے بیت، وائیاں، گیت وغیرہ سنا کر سلاتا بھی تھا تو جگاتا
تھا۔
۱۹۷۸ع میں سندھی ادبی سنگت کی طرف سے اس کے گائوں بلھڑیجی میں بھٹائی کی
برسی کے پروگرام میں لطف کی اہم شراکتداری
تھی جس میں سندھہ بھر سے بھٹائی کے تمام شارح اور ادیب شریک ہوئے تھے۔ بعد ازان یہاں پر ہونے والی حیدربخش جتوئی کی
برسی میں سندھہ بھر سے چیدا چیدا ادیب و شعرا بھی تشریف لائے جس کے بعد بلھڑیجی
گائوں کانام و مقام ادب کے حوالے سے نہ صرف ملک بھر میں جڑتا چلا گیا بلکہ اس
علاقے کی نوجوان نسل بھی ادب،بھٹائی اور مہیں جو دڑو وغیرہ کے نزدیک ہوتی چلی گئی۔
بھٹائیات میں
لطف پیرزادو کو اتنی دسترس تھی کہ انورپیرزادو
جیسا عالم آدمی بھی کبھی کبھی کسی بیت کی معنی نہ صرف لطف سے پوچھتا تھا
بلکہ بھٹائی کا کوئی مصرعہ یاد نہیں آئے تو وہ بھی لطف سے پوچھہ لیا کرتا
تھا۔ لطف پیرزادو کئی سالوں تک ریڈیو
پاکستان، پاکستان ٹیلی ویزن اور دیگر چینلز کے مختلف پروگراموں میں بھٹائی کے شارح
کے طور پر بلایا جانے لگا۔ لطف پیرزادو کو موسیقی، راگ رنگ کی محفلوں، ریاض سے،
گائکی سے نہ صرف مہوتی عشق تھا بلکہ ان کی پہچان بھی بہت تھی۔ اس کے دوستوں میں گائکوں، بجائکوں، پنڈتوں اور
گنیوں کا ایک بہت بڑا حلقہ ہوا کرتا تھا۔
اس نے اپنے کچھہ دوستوں عبدالواحد آریسر، خادم لاکھیر، قاسم پتھر، ارباب
کھہاوڑ وغیرہ کے ساتھہ مل کر بیدل مسرور وائیسز گروپ بھی تشکیل دیا۔
جنرل ضیا کے
دور میں پہلی جنوری ۱۹۷۹ع میں لطف کو کمیونسٹ پارٹی آف پاکستان کے
کچھہ میمبر وں کے ساتھہ کراچی شہر کی دیواروں پر "جمہوریت بحال کرو، جام ساقی
کو رہا کرو" لکھتے ہوئے اپنے ساتھیوں کامریڈ الطاف، زبیر الرحمان اور زلف پیرزادو کے ساتھہ گرفتار کیا گیا جس کی
پاداش میں اسے سات مہینوں کے لئے قید و بند کی صعوبتیں بھوگنی پڑیں۔ اس کے بعد ۷ مارچ ۱۹۸۰ع میں کراچی
ڈرگ روڈ سے ایک مرتبہ پھر اپنے ساتھیوں (بشمول کامریڈ غلام حسین) کے ساتھہ گرفتار
کیا گیا اور ان کے گھر سے ممنوعہ سیاسی
مواد (ضیا مخالف) بھی ہاتھہ آیا۔ اسے زلف
پیرزادو کے ساتھہ فوجی کورٹ نے چالان کردیا۔
زلف کو ایک سال قید اور پانچ کوڑوں کی سزا جبکہ لطف پیرزادو کو ایک سال دس
کوڑوں کی سزا سنائی گئی۔ بعد ازاں زلف کو
نابالغ ہونے کے سبب اس کے کوڑے معاف کئے گئے اور اس کے پانچ کوڑے بھی لطف کو لگائے
گئے۔ دھان پان سا یہ انقلابی پندرھہ کوڑے
کھانے کے بعد بھی اپنے پیروں پہ چل کے اپنی کھولی تک گیا تھا۔ ایک سال کی پابندِ سلاسل کے دوران اسے کراچی،
سکھر اور خیرپور جیلوں میں یاترائیں کرائیں گئیں جہاں سے وہ ۱۹۸۲ع میں آزاد ہوا۔
۱۱ ستمبر ۲۰۱۴ع کان دن لطف پیرزادو کے لئے بہت ندھوکار ثابت ہوا جب اس کے جواں سال بیٹے سرویچ کو اغوا
کرکے کئی دنوں تک غائب کیا گیا۔ سرویچ کی بازیابی اور آزادی کے لئے یہ فقیر سسئی
اور سوہنی بن گیا مگر ہزارہا کوششوں کے باوجود بازیابی ندارد۔ بدقسمتی کے ساتھہ ۱ دسمبر ۲۰۱۴ع کو
اس کے سوڈھے بیٹے کی سر میں ماری گئی گولی والی لاش ہاتھہ آئی جسے حیدرآباد
کے سردخانے سے لانے والے اس بوڑھے باب کے دل پر کیا کیا نشتر پڑے، دماغ میں کتنی
آندھیاں چلیں اور اس کے دل میں کتنے عذابناک طوفان امڈے یہ تو بس وہی جانتا ہے مگر
ہم نے دیکھا کہ لطف ٹوٹا نہیں۔ یوں وہ
سارے طوفان اور آندھیان جو آہنی حوصلوں کی دیواریں اکھاڑنے کی طاقت رکھتی تھیں مگر
اپنی تمام توانائیوں کے ساتھہ بھی لطف پیرزادو کی کمزور ہڈیوں کو توڑنے تو کیا
گزند پہنچانے میں بھی ناکام رہیں بلکہ دیکھنے والوں نے دیکھا کہ اس کی دلکش سنجیدگی
کے ساتھہ ٹکراکر حوادث و آلام ہمیشہ پسپائی اختیار کرتے رہتے تھے۔
سرویچ کی
شہادت پر اس کا یہ کہنا کہ "میرے بیٹے
نے شہید ہوکر مجھے اور سر بلند کردیا ہے" اور شاھہ عنایت کا یہ شعر پڑھا تھا
کہ "ایک سر تھا وہ بھی یار کے قدموں میں دیا ۔ چلو یہ بھی قرض ادا ہوا"۔ اسی طرح سرویچ کو غسل دیتے وقت اور لہد میں
اتارتے سمے جب دوسرے لوگ الہامی کتاب کا ورد کررہے تھے تو لطف پیرزادو نے شاھہ
عبدلطیف کا یہ بیت پڑھا تھا کہ،
ڏاڙهي رت رتياس، ڏند ته ڏاڙهون ڪڻ جيئن،
اصل عاشقن جو، سر نه سانڍڻ ڪم،
سو سسئنان اڳرو، سندو دوسان دم،
هي هڏو، هي چم، پڪ پريان نه پڙي.
اسی طرح لطف
نے تعزیت کرنے والوں سے بھی کہا تھا کہ " شہیدوں کے باپ عذرخواہی نہیں لیتے
مجھے تو مبارک باد دی جائے"۔ مگر تھا
تو وہ ایک باپ ہی نا جس کے جواں سال بیٹے کی اس طرح موت نے اسے اندر سے جھنجھوڑ کر
رکھہ دیا تھا مگر اس نے اپنے حوصلوں کو کبھی بے لغام ہونے نہیں دیا تھالیکن یہ بھی
سچ تھا کہ اس کے سر میں کافی عرصے سے جو درد ہواکرتا تھا وہ بھی کچھہ بڑھہ گیا
تھا۔ اسے سرویچ سے بہت پیار تھاجس کی
شہادت کے بعد اپنے مرنے تک ہر روز اس کی پاک تربت پر تازہ پھول چڑہاکر کوئی نہ کوئی
بھٹائی کا بیت نذر کرنا نہیں بھولتا تھا کہ ،
اڄ پڻ اکڙين سڄڻ پنهنجا ساريا،
ڳلن تان ڳوڙهن جون، بوندون بس نه ڪن،
سندي سڪ پرين، لوڪ ڏٺي نه لهي.
سر سامونڈی
کا یہ مورڑو جسے ہم لطف پیرزادو کے نام سے جانتے ہیں شاعری میں کریم عبدلکریم بلڑی
والے، شاھہ عبدالطیف، سچل سرمست، سامی سرکار، بیدل فقیر، حمل فقیر، عبدالحسین سانگی،
خلیفو نبی بخش کے ساتھہ حافظ شیرازی، مولانا رومی، عمر خیام پیروکار تھا۔ اسی طرح کامریڈ سوبھوگیان چندانی، کامریڈ جام
ساقی، مخدوم بلاول، کامریڈ حیدربخش جتوئی اور شاھہ عنایت صوفی کی سماجی، سیاسی اور
فکری تحریکوں سے بہت متاثر تھا اس لئے ساری عمر پابندی سے ان کی شرح بنا جیتا رہا
تو مرا بھی شان سے۔
اپنی ساری
رام کلائی زندگی انسانوں کے اہنجوں کا علاج کرنے کے لئے طالب بن کر طنوارنےوالے اس
جھوک شہزادے لطف پیرزادو کی ساری زندگی تکلیفوں، پریشانیوں، اہنجوں، دکھوں اور
دردوں کی المناک داستان بھٹائی کے کیڈارو کا پرتو رہی جسے وہ محبت کی شہد سے مٹھاس
بھربھر کر جینے کے لئے لائق بناتا رہا۔
زندگی سے ہر اس مشکل مرحلے پر جب مرنا بھی آسان نہ ہو مگر لطف پیرزادو سینہ
ٹھونک ٹھونک کے جی کر دکھاتارہا مگر ایک دن زندگی نے موت کے دروازے سے فراریت بھی
کرنی ہوتی ہے سو یہاں بھی ہوا۔
اتوار ۸ ستمبر ۲۰۱۸ع کی شام کو
لطف پیرزادو نے اپنے عزیز ساتھی اور بھٹائی کے عاشق و حافظ اقرار پیرزادو کے ساتھہ
ملکر اپنے گائوں کے شمال میں واقع قبرستان میں سخی شاھہ جمال کی مزار کے احاطے میں
کیڈارو جھونگارا اور گھر جاکر اپنی شہزادی بیٹیوں کے ساتھہ چائی پی کر اپنی بیٹی
سے باتیں کرتے کرتے اس کی آغوش میں آنکھیں موند لیں جب اس کی لاڈلی اس کے بالوں میں
پیار سے ہاتھہ پھیر رہی تھی۔ ایسی جگہ سے اٹھنے کیلئے اس کا من ہی نہیں کیا کیوں
کہ بڑی مشکل سے تو اسے یہ سکون ملا تھا۔
مہیں جو دڑو کے اس مہامنت، بھٹائی کے رمتے جوگی، کلیانی کردار، لاہری، سادھوی اور
لاہوتی من چلے نے اپنے تمام سودے، روگ اور جوگ سنبھال کر زندگی کی گیڑو گودڑی والی امانت اپنے مالک کے
حوالے تو کی ہی پر اس عظیم سرخرو انسان کی زندگی نے کیا خوبصورت انجام پایا تھا کہ
اسے دنیا سے جانے کیلئے اپنی بیٹی کی پاکیزہ گود نصیب ہوئی تھی۔
لطف پيرزادو
ڀٽائي جي صوفي فقيرن
پاران کيس ملندڙ عظيم ڀيٽا
زرار پيرزادو
¨ اڄ لطف پيرزادي
نالي ڀٽائي صاحب جي ان پارکوءَ جي ٽين ورسي آهي جنهن حقيقي معنيٰ ۾ پنهنجي سڄي ڄمار
شاھ لطيف کي ارپي ڇڏي هئي.
¨ هو شايد ساھ به
اوترا نه کڻندو هو جيترا ڀٽائي صاحب جا بيت پئي پڙهندو هو ۽ هر روز انهن بيتن جي
معنائن ۽ پس منظرن تي پئي سوچيندو ۽ لوچيندو هو.
¨ ڀٽائي صاحب سندس
لاءِ محبوبن جيان هو جيستائين هو سندس مزار ۽ درگاھ جو ديدار نه ڪندو، ڀٽ شاھ جي
ياترا نه ڪندو هو، کيس بلڪل به چين نه ايندو هو، هو پاڻ کي ڀٽائي جو فقير ۽ نوڪر سڏائڻ
۾ فخر ڪندو هو.
¨ اهڙي ئي عقيدت کيس
پنهنجي پيءُ جهڙي وڏي مامي فقير يار محمد سان هئي، فقير يار محمد جو سخي شاھ جمال
واري مڪان کي پنهنجي مامي جو ورثو سمجهي جيڪڏهن ان کي پاڻمرادو پنهنجو فرض سمجهي ڪري
نه سنڀالي ها ته شايد سندس مستقل مسڪن ڀٽ شاھ ئي هجي ها.
¨ لطف پيرزادي جي سڃاڻپ
جا ٻيا به ڪيترا ئي حوالا آهن. پاڻ مختلف وقتن ۾ استاد به رهيو ته صحافتي
ذميواريون به ادا ڪندو رهيو، مهين جي دڙي جي سائيٽ جو رپورٽر به رهيو. ايئن مهين
جي دڙي جو ڪيس به هر دور ۾ صحافتي مورچي تان وڙهندو رهيو.
¨ پاڻ کاٻي ڌر جي
سياست سان سلهاڙيل رهيو. ضياءَ جي دور ۾ پندرنهن ڦٽڪن جي سزا ڀوڳيائين، جنهن
جمهوريت جي بحالي لاءِ ڪوڙا کاڌائين تنهن جمهوري حڪومت ۾ سندس نوجوان پٽ شهيد
سرويچ پيرزادي جو چچريل لاش ڏنو ويو.
¨ لطف پيرزادي جو
جينز سندس اولاد ۾ به جا بجا منتقل ٿيل نظر اچي ٿو. سرويچ ۾ سياسي مزاحمت هئي ته
عنايت ۾ صحافتي ورثو، سندس ڌيئرن سنبل، سمن ۽ سپت جي رڳ رڳ ۾ ڀٽائي جا بيت سمايل
آهن ته شعور ڳوٺ ۾ سندس ڇڏيل صوفي آستاني کي سنڀالي رهيو آهي.
¨ لطف پيرزادو، ڳوٺ ٻلهڙيجي
جي انهن پنجن وڏن ٿنڀن مان هڪ هو جن جي بنيادن تي “لٽل ماسڪو” ٺهي جڙي راس ٿيو ۽ ڳوٺ
جي فخر جوڳي سڃاڻپ بڻيو.
¨ لطف پيرزادي جي
ذاتي زندگي ڀٽائي صاحب جي هن شعر مثل هئي ته “ڄايس ته سور، ساماياس ته سُک ويا اهي
ٻئي پور مون نماڻيءَ نصيب ٿيا. ”
¨ هو پنهنجين محرومين
جا درد ڀٽائي صاحب کي سُڻائڻ ويندو هو ۽ اندر جا سور اوري نئون بنو ٿي واپس ورندو
هو.
¨ هاڻي لطف پيرزادي
جا ڀٽ شاھ وارا سفر ته پورا ٿيا پر معجزاڻي طور تي هاڻي ڀٽ شاھ کان لطف پيرزادي جي
مزار تي حاضري ڏيڻ جو نئون سلسلو شروع ٿي ويو آهي.
¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالھ
اها آهي ته هاڻي ڀٽ شاھ جا راڳي، فقير ڀٽائي صاحب پاران پير کڻندي سندس حقيقي عاشق
لطف پيرزادي جي چاليهي وانگر هر ٻارهي تي ڳوٺ ٻلهڙيجي پهچي ان جي مزار تي صوفي راڳ
ڳائي کيس اهڙي ڀيٽا پيش ڪندا آهن جنهن تي رشڪ ئي ڪري سگهجي ٿو.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۰ سيپٽمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
لطف پيرزادو
هنن ڏينهن ۾ ڀائو لطف جي
ياد تمام گهڻي ستائي رهي آهي
تحرير: زرار
پيرزادو
¨ اڄ ڀٽائي صاحب جي عاشق، مهين جي دڙي جي مجاور، انقلابي ۽ صوفي فقير لطف
پيرزادي جي ورسي آهي. چار سال اڳ سال ۲۰۱۸ع جي
صبح جو اوچتو ئي اوچتو پاڻ کان جسماني طور تي وڇڙي ويو هو.
¨ لطف پيرزادي جي هنن ڏينهن ۾ هونئن به تمام گهڻي ياد ستائي رهي هئي. هڪ ته
مهين جي دڙي کي برساتي پاڻي ۽ ٻوڏ جو خطرو آهي، ٻيو ته ٽن ڏينهن کانپوءِ شاهه لطيف
ڀٽائي جو عرس آهي پر برساتن سبب هن ڀيري ميلو به ملتوي ڪيو ويو آهي. ۽ ٽين خراب
خبر اها ته هنن برساتن ۾ سخي شاهه جمال واري مڪان کي به وڏو نقصان پهتو آهي، اهي ٽئي
خبرون ڀائو لطف لاءِ ناقابل برداشت هجن ها.
¨ ڀائو لطف هجي ها ته پڪ ئي پڪ هو مهين جي دڙي کي موجوده برسات کان بچائڻ،
هر لحاظ کان ڀٽائي جو ميلو ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور احتجاج ريڪارڊ ڪرائي ها ۽ ڳوٺ
واري مڪان جي نئين سر مرمت لاءِ ڳوٺ جي سرندي وارن کان سختي توڙي هجت ۾ پيسا وٺي
ان تي پهرين فرصت ۾ ڪم ڪرائي ها.
¨ ۹ سيپٽمبر جي تاريخ به ڀائو لطف
لاءِ سدائين سوڳواريت جي هوندي هئي جو ان تاريخ تي سندس پسند جي ڪلاسيڪل راڳي
استاد منظور علي خان وفات ڪئي هئي ۽ عجب ڳالهه اها ته اڄوڪي تاريخ، ڀائو لطف جي
وفات جي تاريخ بڻي.
¨ ڀائو لطف جي سڄي زندگي کي جيڪڏهن سمجهجي ته اها ڀٽائي صاحب جي ئي هن سٽ ۾
سمائجي ٿي ته ”سرجيس تان سُور، سامايس ته سک ويا“ پر هن بهادر انسان اها زندگي ڀٽائي
صاحب جي ئي ان شعر کي رهنما بڻائي گهاري ته ”ايءُ اهنج اندر ۾ سانڍيج سکائون ڪري“.
¨ ڀائو لطف جي ماءُ کيس پيدا ڪري گذاري وئي هئي ۽ جڏهن هي جوان ٿيو، شادي ڪيائين،
جوان اولاد ٿيس ته جوان شهزادن جهڙي پٽ سرويچ جو چچريل لاش مليس. جيئن لطف پنهنجي ٻارن
تي ڪريل هو، تيئن اولاد به سندس عاشق هئي ۽ آهي.
¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اِها آهي ته ان اولاد پنهنجي والد جي نالي تي هاڻي
لطف پيرزادو اڪيڊمي قائم ڪري کيس ٻيو جنم ڏئي ڇڏيو آهي جيڪو هميشه امر رهڻو آهي.
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۹ سيپٽمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
Best!
ReplyDelete