; سنڌي شخصيتون: شاد ڀيٽوي

06 August, 2021

شاد ڀيٽوي

شاد ڀيٽوي

اعظم ڀٽي



شاد ڀيٽوي، ٽنڊو محمد خان جي حوالي سان اردو شاعري جو اهڙو نانءُ آهي، جنهن جو متحرڪ ڪردار، ٽنڊو محمد خان جي علمي ۽ ادبي تاريخ جو هڪ شاندار ورثو آهي، جنهن ورثي تي اڄ جي نوجوان نسل جي اک جي روشني صفا ڌنڌلي نظر اچي ٿي، شاد ڀيٽوي جو اصل نالو محمد حسين پيرزاده ۽ سندس والد جو نالو تجمل حسين هو.


سندس جنم پھرين مئي ۱۹۱۹ع تي انڊيا جي اترپرديش واري علائقي سهارنپور ۾ ٿيو. هن جيڪا به تعليم حاصل ڪئي، اتان ئي ڪئي, ورهاڱي کانپوءِ، وقت ۽ حالتن جي بيرحمي جو شڪار بڻجي، هو پنهنجي خاندان سميت، انڊيا مان لڏي اچي ٽنڊو محمد خان جي پاٽولي محلي جي پيرزاده گلي ۾ رهائش پذير ٿيو. جتي هن پنهنجي بهترين علمي، ادبي ڪردار کي اجاري اڇو ڪيو.

هو بهترين شاعر سان گڏ، قابل استاد، گهڻ-رخيون خوبيون رکندڙ شفيق انسان ۽ سماج سڌارڪ هو. پنجاهه، سٺ ۽ ستر جي ڏهاڪي ۾ ٽنڊو محمد خان جون علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون سندس نالي سان ائين سلهاڙيل هيون، جيئن قلم جو ڪاغذ سان رشتو هوندو آهي. هن علمي، ادبي دنيا ۾ ڪيترن ئي نوجوانن جي تربيت، رهنمائي ۽ آبياري ڪئي. ان وقت ٽنڊو محمد خان جو ادبي ماحول ۽ مشاعرن جي روايتي زنجير سندس نالي کان سواءِ ڄڻ ته اڻپوري هوندي هئي. کيس مشاعرن جو روح روان سمجهيو ويندو هو. هن جي شاعري جو انگ به ڪو ايڏو وڏو نه آهي پر هن جيڪا به شاعري ڪئي، ان کي قلمي نسخي جي صورت ۾ پنهنجن هٿن اکرن سان محفوظ رکيو. جنهن شاعري جي مسودي جو نالو به هن پاڻ ئي ”لاله و گل“ رکيو. جيڪو مسودو سندس فرزند، نامياري شاعر ڊاڪٽر اقبال احمد پيرزاده وٽ محفوظ آهي. جنهن کي ڊاڪٽر صاحب ڇپائڻ جي نيت سان ڪمپوز به ڪرائي ڇڏيو آهي. بس اهو مسودو هاڻي ڇپائي جي منزل جو محتاج آهي.

شاد ڀيٽوي صاحب جون ڪيتريون ئي ذاتي، علمي، ادبي، سماجي خدمتون ۽ يادون تاريخ جي صفحن کان اوجهل آهن، جن کي منظرعام تي آڻڻ جي سخت ضرورت آهي.

شاد ڀيٽوي صاحب ۲۵ ڊسمبر ۱۹۸۴ع تي وفات ڪئي. کيس ٽنڊو محمد خان جي سخي برهان شاهه قبرستان ۾ سپردخاڪ ڪيو ويو.

کیا فکر ہے گر کوئی ہم آہنگ نہیں ہے,

غم کیا ہے مرا گر کوئی ہم رنگ نہیں ہے,

ہیں اس میں سمائے ہوئے کونین کے جلوے,

صد شکر مرا دامنِ دل تنگ نہیں ہے.

"شاد بھیٹوی"


No comments:

راءِ ڏيندا