; سنڌي شخصيتون: ڪامريڊ حسن عسڪري

07 August, 2021

ڪامريڊ حسن عسڪري

حسن عسڪري

اڄ دل اُداس آهي

استاد نظاماڻي



اڄ حسن عسڪري صاحب جي پُٽ سندس اسپتال جي بيڊ واري تصوير سوشل ميڊيا تي رکي. جنهن کي ڏسي گهڻو ڏک ٿيو، تصوير ۾ سندس ڏک ۽ پيڙا جو مليل جُليل تاثر مليو، جنهن کي مان ڏسي به نه پئي سگهيس. مٿيان وري دوستن ٻڌايو ته ڊاڪٽرن جواب ڏيئي ڇڏيو آهي، سندس ڦڦڙن ڪم ڇڏي ڏنو آهي، ان ڪري هاڻ وينٽيليٽر به ڪم جو ناهي، ڊاڪٽرن آئي يوسي ۾ رکي آڪسيجن ڏيئي ڇڏي آهي، جتي هو زندگي جا آخري ساه به کڻڻ جي همت نه پيو ڪري سگهي، بيهوشي جي حالت ۾ آهي.مونکي ڏاڍو ڏک ٿيو ڪجهه لمحا ته اکين مان پاڻي وهندو رهيو، ڪنهن به دوست سان فون تي ڳالهائي نه پئي سگهيس. جنهن انسان سان ٽيهه سال رفاقت رهي هجي، هڪ ٻيو ڏينهن ڇڏي ملاقاتون سماجي. سياسي معاملن تي گهريون ڪچهريون ٿينديون رهيون هجن، زندگي جي انيڪ معاملن تي صلاح مشوره ٿيندا رهيا هجن،، اهو انسان جنهن جا پوري پاڪستان جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ دوست هجن، جيڪو ڪڏهن به ڪنهن ڏاڍي اڳيان نه جهڪيو، مزدورن، هارين، غريب طبقي جي ڳالهه ڪندو رهيو، شهر جي مسئلن تي ڪامورن سان احتجاج ڪندو رهيو،اهڙي انسان جو موڪلائي وڃڻ يقينن پورهيت طبقي، سماج جي ان مظلوم طبقي لاءِ جنهن جو ڪو ڌڻي سائين نه هجي ڪامريڊ حسن عسڪري انهن جو ڀرجليو هو.


رات جو اهي اڀاڳا پل به اچي ويا جنهن مهل اها خبر پئي ته ڪامريڊ هن دنيا ۾ نه آهي رهيو.

منهنجي آخري ڪچهري سندس ڳوٺ ۾ ٿي هئي، جتي پاڻ ڪجهه دير مونسان ڪچهري ڪري سگهيو، طبيعت ناساز هوندي به مونکي چيائين ويٺو ره، مون ڏٺو ته ان حالت ۾ به هو پارٽي جون ڳالهيون ڪري رهيو هو، يوم مئي جي حوالي سان پروگرام ڪرڻ لاءِ دوستن کي فون ڪري رهيو هو. سندس همت کي شاباس هجي، ان ڏينهن ملتان مان مهمان پئي آيا، جن جي ماني لاءِ پُٽ کي هدايتون پئي ڏنائين، مون چيو هن حالت ۾ ڪامريڊ تڪليف ڇو پيو ڪرين، چيائين “يار اسان جڏهن به ملتان ويندا آهيون ته دوست وڏي خدمت ڪندا آهن، اسان اهو به نه ڪريون.   ڪامريڊ چاهيو ٿي ته ڪجهه وقت ملي ته رهجي ويل ڪم پورا ڪري سگهان، سندس خواهش هئي ته يادگيرين تي سندس ڪتاب اچڻ گهرجي، ان لاءِ مونکي چيائين ته ڪجهه طبيعت بهتر ٿئي، اوهان آهيو، ميرحسن مري، عبدالقيوم لانڊر اچو گڏجي ويهي ڪم ڪنداسين، ان کان علاوه ڪجهه ٻيا به معامله هئا جيڪي هن تڪميل تي پُهچائڻ ٿي چاهيا. گهڻو وقت اڳ مونسان هن پنهنجي زندگي تي تفصيلي گفتگو به ڪئي هُئي، ان گفتگو جا مون نوٽس به ورتا هئا جيڪي اڃان تائين پنن تي لکا پيا آهن سوچيو هيم انهن کي فيئر ڪري وري ڪامريڊ کي ڏيکاربا رهيل ڳالهيون وري لکبيون، جيئن هڪ ڪتاب تيار ٿي سگهي، پر اسان روايتي سستي جو شڪار اڄ جو ڪم صبحاڻ ڇڏيندڙ ماڻهو...ائين ئي ٿيندو آهي وقت ڪنهن جو انتطار نه ڪندو آهي ڪاهل سست ماڻهو پُٺ تي رهجي ويندا آهن، با همت ماڻهو اڳتي نڪري ويندا آهن. منهنجو پروگرام هو، ته ڪامريڊ جي زندگي تي جيون ڪٿا جو ڪتاب مڪمل ڪندس پر ڪنهن کي ڪهڙي خبر هڪ صحتمند انسان اچانڪ ائين جلد اسان کان موڪلائي ويندو. ذاتي طور ڪامريڊ، منهنجي تمام گهڻي عزت ڪندو هو. هن سان هڪڙي پنهنجائپ به رهي. هن سان اڪيلائي ۾ ڪيئي سنجيده ڪچهريون به ٿيون، خاص طور موضوع سماج، طبقاتي تضاد ئي رهيا. کوڙ ساريون ڳالهيون آهن جيڪي سيني ۾ سانڍيل آهي، ڪمپيوٽر جي ڪي بورڊ تي رڳو ٻٽن کي حرڪت ڏيڻ جي ضرورت آهي.

 سندس وڇوڙي تي اداسي جا ڪڪر ڇائجي ويا آهن ڪجهه مايوسي به ٿي آهي، جنهن جو سبب هڪ اهڙو انسان جيڪو سڀني کي گڏ وٺيو پئي هليو، هر سوچ فڪر واري ماڻهو کي ساڻ وٺي هلڻ، برداشت ڪرڻ، پهنجي انا جي قرباني ڏيڻ، ٻين کي اڳتي ڪرڻ جو جذبو هن دور ۾ تمام گهٽ ماڻهن ۾ هوندو آهي.

اُميد آهي ته دوست ڪجهه مايوسي مان نڪري هڪ نئين جوش جذبي، محبت سان انهي منڊلي کي مچايو ايندا.

سندس گهڻو وقت سانگهڙ ۾ ئي گذريو، گهر به اتي ئي ٺهرايائين، مرڻ کانپوءِ سندس ڪفن دفن ڪراچي ۾ رکيو ويو آهي، ان طرح سانگهڙ ۾ هو صرف پنهنجون يادون، ڇڏي هميشه لاءِ اسان کان هليو ويو.

(استاد نظاماڻيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۶ مئي ۲۰۲۱ع تي رکيل/ کنيل)


ڪامريڊ حسن عسڪري

سندس جدوجهد کي سرخ سلام

حميده گهانگهرو

شيڪسپيئر جو چوڻ آهي ته دنيا هڪ اسٽيج آهي، هر ماڻهو پنهنجو ڪردار ادا ڪري وڃي ٿو. هر ڪردار جي پنهنجي ڪهاڻي آهي ڪنهن کي ڏات ۾ سچ ملي ٿو ته ڪنهن کي ڏيکاءُ. سچ سر جي بازي لڳائيندي به نٿو ڪيٻائي ۽ ڪوڙ ڏيکاءُ ۾ پيو دٻدٻو ۽ واکاڻ ڪندي نه ڍاپبو. پيدائشي انسان پاڪ صاف شفاف امڙ جي جهول ۾ مٺڙيون ٻوليون ٻڌندي وڏو ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو. پر آخر سماج ۾ پنهنجا پير ڄمائڻ ۽ ذميواريون سنڀالڻ سندس فرض ۾ شمار ٿينديون. انهيءَ وقت پيدائشي ڏات جي آزمائش جو امتحان شروع ٿئي ٿو جڏهن سماج پيار، انصاف، سماجي ضرورتن، انساني حقن کان محروميءَ جي ڌٻڻ ۾ پيو ڦيرائيندو ته شعور ۽ سچ جي روشنيءَ ۾ اهڙا هيرا اڀري نروار ٿيندا. جيڪي ذاتي خواهش ۽ زندگيءَ جي انفرادي اصولن کي ڊاهي سماج جي پيڙيل طبقي جا ساٿاري ٿي انقلاب جو علم هٿ ۾ کڻندا ۽ وسري ويندن ته سندن زندگي به عام ماڻهن جيتري آهي، ان مختصر زندگيءَ ۾ صدين جي سفر جي جدوجهد جو تسلسل نه ٽوڙيندي وچن ڪندي پنهنجو پاڻ کي ارپي ڇڏيندا.

اهڙن ماڻهن ۾ چڱو خاصو تعداد نظرياتي سوچ ۽نظرياتي جدوجهد ڪندڙن جو رهيو آهي. جن کي کاٻي ڌر جا اڳواڻ يا ڪارڪن چئي سگهجي ٿو. دنيا جي انقلابي تاريخ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين جدوجهد ڪڏهن تيز ته ڪڏهن ماٺي به رهي آهي. پارٽيون ٽٽي مختلف نالن سان هڪ نئون سنگم ٺاهڻ جي ڪوشش به ڪنديون رهيون آهن پر اهڙا انقلابي سوچ جا هيرا ڪڏهن به سوچ جي سڳي کي ٽٽڻ ناهن ڏيندا جن جي وچن ۾ هوندو ئي ٻين لاءِ جيئڻ آهي.

ماضيءَ کان هن مهل تائين ڪيترا نالا کڻجن؟ اڻ کٽ وڇڙي ويلن جي فهرست ۾ ڊاڪٽر منظور، رشيد احمد شاهه، رڪن الدين قاسمي، چاچا مولا بخش، اسرار خان، چاچا شاهه محمد دراني، محترم باقر شاهه، محمد هاشم گهانگهرو، قاضي فيض محمد، آپا هميرا، ممتاز آپا، نگهت آپا، آپا خورشيد. آصفه رضوي، تنوير اعزاز، منصور سعيد، ڪامريڊ احمد خان لغاري غلام رسول سهتو، ڄام ساقي، ڦوٽو رستماڻي وغيرا جهڙا لاتعداد نالا آهن جيڪي سڀ هن وقت ذهن تي نٿا اچن پر سڀني جو تاريخي جدوجهد جو سنگم مرڻ گهڙي تائين اصولن سان سودي بازي نه ڪرڻ ۽ ڳاڙهي جهنڊي جي ڀر ۾ ساهه سوچ کي ويساهه ڏئي هن دنيا جي حسين منظرن کي انقلاب جي اميد سان الوداع ڪري هليا ويا. اهڙا ماڻهو پل پل جي يادن ۾ سمايل رهندا.

ڪجهه ڏينهن اڳ ڪامريڊ حسن عسڪري جو وڇوڙو به ايترو تڪليف ڏيندڙ آهي. سانگهڙ جتي پيرن، مرشدن جي مرڪزي شهر جي حيثيت هجي اتي هارين جي حقن لاءِ جدوجهد ۽ استحصال جي خلاف آواز اٿارڻ  وڏي جرئت جو ڪم آهي، حسن عسڪري انهن ڪامريڊن مان هو. جيڪي نظريي کي ڪا جماعت يا مذهبي عقيدو نه پر هڪ سائنس سمجهندا هئا، جيڪا سماجي تجربن ۽ مشاهدن کانپوءِ عوام جي نمائندگي ڪندي سندن حقن ماڻڻ  کان الڳ نٿي ٿي سگهي سفر ۾  ڪردار اچن ٿا، وڃن ٿا. وڇڙي وڃن ٿا پر سماج جي مشاهدي تي ٻڌل جدلياتي ماديت پنهنجي جاءِ تي حقيقت کان نٿي منهن موڙي ايئن سچا ۽ کرا انسان به ڪنهن دٻاءَ، لالچ، لوڀ ۽ رنگين خواب ڏسڻ جي لالچ کان تمام مٿانهان هوندا آهن.

ڪامريڊ حسن عسڪريءَ لاءِ آخري گهڙيءَ تائين  سوشلسٽ نظريي تي ذري برابر به  شڪ ڪرڻ جي گنجائش نه هئي. ۽ ڏسجي ته سوشلسٽ نظريو ئي کيس تڪليف ڏيندڙ، موت مار بيماريءَ ۾ به جيئڻ وارن ڏينهن لاءِ بهترين ٽانڪ هو، مايوس ڪندڙ بيماريءَ ۾ به سندس سوچ مايوس نه رهي. هن پهاڙ تي بيهي بيمارين کي بزدل چئي للڪاريو ۽ ڏسجي ته سندس دوستن جي ڪچهرين ۾ ڪٿي به مايوسي نظر نٿي اچي.

مان ڪامريڊ عسڪري کي پنهنجي سياسي سفر کان سڃاڻيان ٿي. کيس اهو ڀروسو به هوندو هو ته مان سندس سوچ جي ساٿياڻي آهيان. پر ڪميونسٽ پارٽيءَ جو پاڪستان ۾ وکرجي وڃڻ. مختلف نالن جي پارٽين ۾ پاڻ کي شامل ڪرڻ لاءِ مونکي چوندو هو ته هن پارٽي ۾ شامل ٿيو ته مان چوندي هئس نه ڪامريڊ نذير عباسي جي ڪميونسٽ پارٽي کان مان پنهنجو نالو ۽ سڃاڻپ الڳ نٿي ڪري سگهان. منهنجي سوچ نذير سان ڪيل وچن “منهنجي پارٽي” آهي. باقي جيترو ٿي سگهندو مان ڪنهن به جدوجهد ۾ الڳ نه هونديس. مونکي ڏاڍي تڪيلف ٿيندي آهي ته وڏي جوش سان پارٽيون ٺهنديون آهن ۽ وري ڌڙابندي جو شڪار ٿي وينديون آهن. مان تنقيد نٿي ڪيان بس هڪ ڏک رهجي ويندو آهي ته آخر منظم ٿي سماج جي استحصال ۽ ظلم خلاف ڇو نٿا بيهن. ۽ پوءِ چوندو هو ته  بس صحيح آهي، توهان پنهجي سوچ ۾ صحيح آهيو.

مون کي انهن سمورن نظرياتي ڪامريڊن جي اڄ جي نفسانفسي واري دور ۾ جدوجهد ڪندڙن تي فخر آهي. پر ڇا انقلاب جي خوبصورت نظام سان طبقاتي سماج جي ڦر لٽ ظلم جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو. بلڪل جيڪي پنهنجي موت کي ڳلي لڳائي به چون انقلاب زنده باد ته، آخر وقت انقلاب جي ساڀيان کي پورو ڪندو پر انهيءَ لاءِ حسن عسڪريءَ جي ڊگهي جدوجهد ۾ نه مايوس ٿيڻ واري حوصلي کي زنده رکي پورو ڪري سگهجي ٿو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچي ۾ ۸ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


حسن عسڪري

ديک قائم رهي اس گواهي په هم

بخشل ٿلهو

ننڍي کنڊ جي ورهاڱي بعد پريم نگر (هريانه، هندستان) منجهان هڪ سيد گهراڻو لڏو کڻي، خانيوال (سرائيڪي وسيب) ۾ اچي لاهي ٿو ۽ ڪجهه سالن اندر (۱۹۵۰ع ۾) سندن گهر ۾ هڪ ٻار جو جنم ٿئي ٿو. توڻي جو ننڍڙي عمر ۾ اُن کي پوليو ٿي وڃي ٿو. پر اُن ٻار ڪُل ڄمار اِن جسماني ڪمزوريءَ کي پنهنجي ڪم سان وچڙڻ نه ڏنو ۽ سائيڪلن تي چڙهي پنهنجي سيڪنڊري تعليم وهاڙي (شهر) منجهان حاصل ڪري ٿو ۽ اُتي کيس هڪ اُستاد (جيڪو کاٻي ڌُر جي خيالن جو هو) ملي ٿو جيڪو سندس ذهن جي ڪچي زمين کيڙي اُن ۾ ترقي پسند خيالن جا ٻج ڇٽي ٿو. هڪ لڱا اُهو نوجوان وهاڙي شهر ۾ پنهنجي سائيڪل جو پنڪچر ٺهرائڻ لاءِ ڪنهن مڪينڪ جي دُڪان تائين رسي ٿو ۽ اُتي ويٺل ڪنهن پڪي عمر واري ماڻهو جي سياسي ڪچهري جڏهن ٻُڌي ٿو، تڏهن اُن جي ڳالهين جي آب ۽ تاب ۾ اُهو نوجوان پنهنجي اندر نون خيالن جي سلن کي زمين چيري اُڀرندي محسوس ڪري ٿو. بعد ۾ ڏس پَتو پُڇندي اُهو نوجوان تنهن ساڳئي ماڻهو جي ڳوٺ تائين رسي ٿو ۽ ايئن حسن عسڪري نالي اُهو نوجوان دنيا کي سمجهڻ ۽ بدلائڻ جي سياسي سبقن کي پڪو ڪري ٿو.

“تنهن ويل ڪيوم، وچن ويڙيچن سان”

بعد ۾ پنجاب جي وڏي هاري اڳواڻ محمد علي ڀارا جهڙي استاد جي صحبت ۾ کيس پاڻ جھڙن ڪامريڊن جو سُنگ ملي وڃي ٿو. حسن عسڪري پنهون پُڇڻ واري پنهنجي اها خاصيت آخر تائين سهنجي نموني سانڍي. سادي سائيڪل جي جڳهه پوءِ ڪاواساڪي موٽر سائيڪل ورتي ۽ ان جي جاءِ پوئين دور ۾ ۸۸ ماڊل ڳاڙهي مهراڻ ڀري. حسن عسڪري جنهن به ماڻهو منجهه سياسي مڻيا ڏسندو هو ته اُن سان جُڙڻ جي ڪوشش ۾ سانگهڙ کان سوات تائين وڃي نڪرندو هو. سموري ملڪ ۾ هر هنڌ ماڻهو کيس پاڻ وٽ اوچتو ڏسي حيران به ٿيندا هئا ته خوش به. سياسي ڪارڪن جيڪي ڀلوڙ وات، ڀلا ڪن ۽ ڀلير پيَر هوندا هيا سي ته سندس فڪري ۽ روحاني جوڙ هيا. ڳولي ساڻن ڪجهه وقت گڏ گذاريندو، کانئن حال احوال وٺندو، موٽ ۾ بنا رک رکاءُ جي کين سِڌيون سمجهاڻيون ۽ پارٽي جو مواد ۽ ميگزين ڏئي وري ڇڪيندو هو پنڌ کي.

کَرڪڻا لاهَي، سُک نَه سُتا ڪڏَهين،

اوسيئَڙَو آهي، کَاهوڙيُن کي پَنڌَ جو.

سرائيڪي وسيب ۾ ئي نوجوان حسن عسڪري جي سياسي سرگرمين نئين ماحول ۾ لڏي ايندڙ سيد خاندان کي ايترو ته ڇرڪايو جو انهن کيس سنڌ موڪلڻ جو فيصلو ڪيو، جتي سنجهوري (سانگهڙ) ۾ کين ڪليم عيوض زمين مليل هئي. پر ڌڻين کي ڪهڙي خبر ته سياسي طور زرخيز سنڌ ۾ نوجوان کي موڪلي درحقيقت هو هاٿي کي هندستان ڏيکاري رهيا هئا. هاري ڪاميٽي ۽ مزدورن جون انيڪ ٽريڊ يونينون جوڙڻ سان گڏو گڏ، ڪامريڊ حسن عسڪري جو سياسي سفر ويسٽ پاڪستان اسٽوڊنٽ آرگنائيزيشن، سوشلسٽ پارٽي، ورڪرز پارٽي، نيشنل ورڪرز پارٽي ۽ آخر ۾ عوامي ورڪرز پارٽي تائين جاري رهي ٿو. ايتريقدر جو مڪمل طور بيهوش ٿيڻ کان ٿورو پهريان به آئي سي يو منجهان هو هڪ انقلابي وانگي ڏور بيٺل ساٿين کي ڏسي آڱوٺو مٿي (ٿمز اپ) ڪري پنهنجي عزم کي ورجائي ٿو. ايئن ۷۱ ورهين جو ڪامريڊ حسن عسڪري، اڌ صدي کان مٿي جي پنهنجي عمر کاٻي ڌُر جي سياست کي استقامت سان ڏئي، معاشي سوڙهه، جيل ۽ روپوشيءَ جون سختيون سهندي، فيض جي انهن سٽن جيان “ديک قائم رهي اس گواهي په هم” سُرخرو رهي ٿو.منهنجو ساڻس سياسي سفر آخري نو سالن جو هو. جڏهن ۲۰۱۲ع جي پڇاڙي ۾ عوامي ورڪرز پارٽي جو قيام عمل ۾ آيو ته سنڌ ۾ تنظيمي ذميواري ڪامريڊ عثمان بلوچ (صدر) ۽ مون (سيڪريٽري) مٿان پئي. پر ڪامريڊ حسن عسڪري اها ذميواري پاڻ مٿان به ساڳي ڪمٽمينٽ سان محسوس ڪندي جهر جهنگ رُليو ۽ نئين پارٽي کي متعارف ۽ متحرڪ ڪيو. ڪامريڊ جو مزاج ئي اهڙو هو ۽ هو پاڻ بنا عهدي جي رسمي عهديدارن کان به وڌيڪ ڪم ڪندو هو. انقلابي سياست منجهه عام طور اڳواڻ ڪارڪن ۽ ڪارڪن اڳواڻ ٿيندا آهن پر اهڙا اڳواڻ يا ڪارڪن گهٽ هوندا آهن، جيڪي پنهنجي ڪم سبب يونٽ کان وٺي وفاقي ڍانچن تائين پارٽي جي هر دائري ۾ هر وقت ايترو اثر رکندا هجن جيترو ڪامريڊ حسن عسڪري رکندو هو. هڪ ٽريڊ يونينسٽ، وفاقي ۽ مقامي هاري اڳواڻ، اين ايس ايف (هاڻ پي آرايس ايف) جو بيج هڻي شاگردن جي وچ ۾ ويهڻ کي پسند ڪندڙ، سنڌ ۾ ناري جمهوري محاذ کي هڪ فرنٽ جي حيثيت ۾ بيهارڻ منجهه به بنيادي ڪردار ادا ڪندي، هو بنيادي طور پارٽي جو سينئر هو جيڪو پارٽي جي هر شعبي اندر پنهنجي ذميواريون نڀائڻ جي اهل هو. پارٽي جي تعمير ۽ سفر ۾ مون هُن کي هرڪا شيءَ پنهنجي آدرشن جي اڏيءَ تي قُربان ڪندي ڏٺو. سياست ئي سندس اوڍڻ ۽ پهرڻ هو. هو پاڻ شيعه سيد هو پر پيري مريدي ۽ فرقيوارڻي مذهبي سياست کي سماج لاءِ هاڃيڪار سمجهندو هو. ڪلاسيڪي ڪميونسٽ سياست جو اهڃاڻ. قومي اڻبرابري خلاف جهيڙيندڙ پر لبرل قومپرستي ۽ انارڪزم جو سخت مخالف، هر ڪنهن جو دوست ٿيڻ وارو پر سياسي ۽ نظرياتي مامرن تي سخت نقطه نظر رکڻ وارو، حيدربخش جتوئي جيان جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جو تشدد پنهنجي جسم تي سهڻ وارو، موقعي شناس پر موقعي پرستي تي لعنت وجهڻ وارو. بي ڊپو ۽ بهادر. هو نظرياتي مخالفن جي ميڙ ۾ اڪيلو ويهي به پنهنجا خيال مظفر وارثي جيان رکندو هو ته

شعله هون بڙهڪني ڪي گذارش نهين ڪرتا

سچ منه سي نڪل جاتا هي ڪوشش نهين ڪرتا

ماٿي ڪي پسيني سي جو نه آئي خوشبو

وه خون ميري جسم ۾ گردش نهين ڪرتا

حسن عسڪري جيترو به ڪنهن ٻئي تي سخت ٿي سگهندو هو موٽ ۾ پاڻ تي اُن کان سخت تنقيد برداشت ڪري ويندو هو. ڌڻي پنهنجي جوهر ۾ هڪ متحرڪ سياسي نقاد هو. متحرڪ هئڻ هڪ ته کيس پورهيت طبقي سان ڳنڍي رکيو ۽ ٻيو ته ان سبب ئي هن پنهنجي سچ سان ايماندار رهڻ سِکي ورتو هو. انهن ٻن گهرجن جي پوراءُ کيس پارٽي ۾ ايترو ته اهم ۽ پاڻڀرو ڪري ڇڏيو هو جو هو پنهنجي اُستاد ۽ پارٽي جي اڳوڻي وفاقي صدر عابد حسن منٽو جا به ڇوڏا سندس سامهون لاهي ڇڏيندو هو. سندس شاگرد ۽ پُراڻي ساٿي اسحاق مڱريي مطابق ته ڪامريڊ سان اڪثر ڪچهريون جهيڙي تي ئي ٽُو بي ڪنٽينيوڊ ٿينديون هيون. ساڻس منهنجو پنهنجو رشتو به احترام سان گڏ سخت تنقيد ۽ اضطرابي ڇڪتاڻ وارو رهيو. هڪ شفيق پيءَ ۽ سينئر ڪامريڊ وانگي، عسڪري پاڻ کي پوئتي رکي هميشه اسان کي اڳيان ڪندو رهيو پر ساڳئي وقت تنظيمي ۽ فڪري مامرن تي ڪامريڊ جي سخت پوزيشن سان ٽڪراءُ اڻٽر ٿي ويندو هو. مون ۾ به شايد حسن عسڪريءَ جي مزاج جو ڪو عنصر هيو جو ساڻس آءُ به اڪثر جذباتي ٿي ويندو هيس. خبر ناهي اهو سندس پيار هو يا سندس شخصيت جي وڏائي پر موٽ ۾ ڪامريڊ ڪڏهن به مون سان جذباتي نه ٿيو. اسان ٻئي پنهنجي پنهنجي خيالن جا قيدي هياسين ۽ ڄڻ ته هڪٻئي جي قيد جا قدردان هياسين. ڪامريڊ حسن جون مون تي سخت تنقيديون هونديون هيون، جيڪي هو اڪثر طور هلندي ۽ کلندي رکي ويندو هو. “او ڀائي! سُڌُر” مون بابت سندس تڪيه ڪلام هو پر تنهن باوجود هو مون بابت مونکان وڌيڪ ڪامريڊ لطيف سان ڳالهائڻ ۾ آساني محسوس ڪندو هو ۽ مونکي انت لهڻ نه ڏيندو هو. عام طور کاٻي ڌُر جا ماڻهو سامراج ۽ رياست تي سخت تنقيدي ٿيندا آهن پر تر جي جاگيردارن ۽ مذهبي مهندارن کان وونءَ ويندا آهن. حسن عسڪري ڪنهن به اهڙي موقعي پرستيءَ کي پنهنجي ويجهو اچڻ نه ڏيندو هو. هو مستقل مزاجيءَ سان سانگهڙ جهڙي سخت ماحول ۾ پنهنجو لال جهنڊو کوڙي ڦڙڪائيندو رهيو. سندس ان انقلابي هٺ پنهنجي خليفن واتان شڪايتن جو ٻڌي ئي اڳوڻو پير پاڳارو ڏانهس گهر لڙي آيو ۽ شيلف ۾ لينن جا ڪتاب ڏسي ساڻس انهن تي بحث ڪيو ۽ کيس ڪامريڊ چئي موڪلائي هليو ويو هو. سانگهڙ ڪامريڊ حسن عسڪري جو ساهه ھو. مرڻ وقت به ھو سانگهڙ ايڪشن ڪاميٽي جو صدر هو.

کاٻي ڌُر جي سياست ۾ ڪارڪنن توڙي اڳواڻن جي گهڻائي مختلف سببن ڪري انقلاب کي پارٽ ٽائيم ڪم ڪري وٺندي آهي. پر حسن بنا ڪنهن پارٽي فنڊ جي سدائين ڪُل وقتي ڪامريڊ هو. ڪامريڊ حسن پيٽ گذر لاءِ ننڍي زمينداري ۽ مال متاع به پاليندو هو پر “جو دم غافل سو دم ڪافر” جيان هو جڏهن ۽ جتي هو، پنهنجي انقلابي مقصد سان ئي جُڙيل هوندو هو. سانگهڙ جي سندس هڪ شاگرد ٻُڌايو پئي ته مون عسڪري وٽ ڏيڍ پوڻا ٻه سو ايڪڙ زمين ڏٺي هُئي، جيڪا خاندان ۾ ورهائبي ۽ سياست جي نذر ٿيندي ٿيندي آخر ۾ صرف اٺ ايڪڙ بچي. جنهن منجهان به چار آباد ته چار غير آباد هيا. معاشي تنگي جي مامري ۾ به ڪامريڊ حسن انتهائي خودار ماڻهو هو. پنهنجي لک پتي شاگردن کان به پنهنجي سِر لاءِ ڪک نه گهرڻ وارو، ذاتي تڪليفون صرف ذات تائين رکڻ وارو ۽ وات تي انقلاب جي وائي کان سواءِ ٻي هر ڳالهه کي اجائي سمجهڻ وارو.

ماڻهو گهرن مال، آءُ سڀ ڏينهن گهران سپرين

دنيا تنهن دوست تان، فدا ڪريان في الحال

ڪيس نام نهال، پسڻ تان پري ٿيو. شاهه

سو هو اشتراڪيت، انصاف ۽ آزادي جي صرف نالي ۾ نهال ٿي سڀ ڪجهه وڃائي ويٺو ته جيئن انسانيت جو ايندڙ نسل اُن نانءَ جي حقيقت کي پنهنجي حال ۾ پسي سگهي. اها اسانجي خوشنصيبي هُئي جو ڀاشاني، امام علي نازش، سي آر اسلم، انيس هاشمي، حبيب جالب، عزيز سلام بُخاري سان گڏ عبدالواحد آريسر ۽ رسول بخش پليجي سان گڏ ڪم ڪندڙ ماڻهو جي سياسي صحبت اسان کي نصيب ٿي. ساٿي امر لغاري جي لفظن ۾ ته “تنهنجي سياست سان عشق کي سلام، تنهنجي ڪُل وقتي جدوجهد کي سلام، تنهنجي عام ماڻهوءَ سان محبت کي سلام”

موجيم که آوسودگي ما عدم ما ست

ما زنده به انيم که آرام نه گيرم.

اسان ڇولين جيان آهيون ۽ اسان جو سڪون، اسانجو عدم (نه هجڻ) آهي. اسان ان ڪري ئي زنده آهيون جو آرام نه ٿا ڪريون. (فارسي شاعر ڪليم ڪاشاني)

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۲ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا