; سنڌي شخصيتون: ڪامريڊ حسن عسڪري، استاد نظاماڻي، حميده گهانگهرو، بخشل ٿلهو،
Showing posts with label ڪامريڊ حسن عسڪري، استاد نظاماڻي، حميده گهانگهرو، بخشل ٿلهو،. Show all posts
Showing posts with label ڪامريڊ حسن عسڪري، استاد نظاماڻي، حميده گهانگهرو، بخشل ٿلهو،. Show all posts

07 August, 2021

ڪامريڊ حسن عسڪري

حسن عسڪري

اڄ دل اُداس آهي

استاد نظاماڻي



اڄ حسن عسڪري صاحب جي پُٽ سندس اسپتال جي بيڊ واري تصوير سوشل ميڊيا تي رکي. جنهن کي ڏسي گهڻو ڏک ٿيو، تصوير ۾ سندس ڏک ۽ پيڙا جو مليل جُليل تاثر مليو، جنهن کي مان ڏسي به نه پئي سگهيس. مٿيان وري دوستن ٻڌايو ته ڊاڪٽرن جواب ڏيئي ڇڏيو آهي، سندس ڦڦڙن ڪم ڇڏي ڏنو آهي، ان ڪري هاڻ وينٽيليٽر به ڪم جو ناهي، ڊاڪٽرن آئي يوسي ۾ رکي آڪسيجن ڏيئي ڇڏي آهي، جتي هو زندگي جا آخري ساه به کڻڻ جي همت نه پيو ڪري سگهي، بيهوشي جي حالت ۾ آهي.مونکي ڏاڍو ڏک ٿيو ڪجهه لمحا ته اکين مان پاڻي وهندو رهيو، ڪنهن به دوست سان فون تي ڳالهائي نه پئي سگهيس. جنهن انسان سان ٽيهه سال رفاقت رهي هجي، هڪ ٻيو ڏينهن ڇڏي ملاقاتون سماجي. سياسي معاملن تي گهريون ڪچهريون ٿينديون رهيون هجن، زندگي جي انيڪ معاملن تي صلاح مشوره ٿيندا رهيا هجن،، اهو انسان جنهن جا پوري پاڪستان جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ دوست هجن، جيڪو ڪڏهن به ڪنهن ڏاڍي اڳيان نه جهڪيو، مزدورن، هارين، غريب طبقي جي ڳالهه ڪندو رهيو، شهر جي مسئلن تي ڪامورن سان احتجاج ڪندو رهيو،اهڙي انسان جو موڪلائي وڃڻ يقينن پورهيت طبقي، سماج جي ان مظلوم طبقي لاءِ جنهن جو ڪو ڌڻي سائين نه هجي ڪامريڊ حسن عسڪري انهن جو ڀرجليو هو.