محمد بخش ”جوهر“
سنڌي ٻوليءَ جو گمنام
اديب، جنهن جي نالي سان ”چيئر“ هئڻ گهرجي ها!
مختيار ملاح
سنڌي ادب جي تاريخ
۾ ڪيترائي منفرد ۽ تمام وڏو يوگدان رکندڙ اديب ٿي گذريا آهن، جن کي ڪنهن به تاريخ
لکندڙن ڪڏهن ياد ئي نه ڪيو آهي، انهن مان هڪ محمد بخش ”جوهر“ به آهي. سندس سڃاڻن
افسانوي ادب ۾ انتهائي منفرد آهي. هن جاسوسي ادب، سائنسي ادب، فئنٽيسي ادب،
فوجداري افسانيت، ٻاراڻي ادب ۾ ۱۲۰ کان مٿي ڪتاب لکيا ۽ سڄي عمر صحافت ۾ گذاريا. هن ڪيئي
ادبي سلسلا، رسالا، اشاعتي ادارا قائم ڪيا. ۱۹۳۵ع کان ۲۰۰۸ع تائين بغير ڪنهن وقفي جي لکندو رهيو.
محمد بخش ”جوهر“
ولد وريام جتوئي جو جنم ۲۹ اپريل ۱۹۱۹ع ۾ حيدرآباد ۾ ٿيو. اين ايڇ ايڪڊميءَ حيدرآباد مان تعليم حاصل ڪيائين. هن
ورهاڱي کان اڳ جاسوسي ناول ۽ ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيا هئا ۽ ورهاڱي کان پوءِ هي واحد
ليکڪ هو، جنهن جاسوسي ادب جي صنف کي جيئرو رکيو. ڪيترائي طبعزاد ۽ ترجما، جاسوسي
قصا، ڪهاڻيون ۽ ناول ترجمو ڪري سنڌي ادب کي شاهوڪار ڪيو. محمد بخش سڪايل جو پهرين
تخلص ’سڪايل‘ هو. پر آزاديءَ کان پوءِ هن ”جوهر“ تخلص اختيار ڪيو.
انگريزن جي دور ۾
جاسوسي ادب ۾ مسلمان اديب تمام گهٽ هوندا هئا، پر ماستر هاسومل ناٿاڻي کان پوءِ ٻئي
نمبر تي محمد بخش جوهر جو نالو اچي ٿو، هن جا ناول نه صرف حيدرآباد مان شايع ٿيندا
هئا، پر شڪارپور، سکر ۽ ڪراچيءَ مان به شايع ٿيندا هئا. آزاديءَ کان پوءِ آر ايڇ احمد
اينڊ برادرس ۽ سندس ذاتي ادارن پاران هن جا بيشمار ناول ۽ ڪهاڻين جا ڪتاب شايع ٿيا.
جاسوسي ۽ سائنسي
ادب کان علاوه ”ڪاليجي ڪڪي“، ”گناهن جون راتيون“، ”راج محل جا راز“ جهڙا سماجي ناول
به ھن لکيا جن ۾ سماجي عڪاسي ملي ٿي. آخري وقت ۾ شيخ علي محمد جي روزانه آفتاب ۾
صحافتي فرائض سرانجام ڏنائين. لکڻ سندس زندگي جو مشغلو هو. نهايت غريب ۽ ساده طبع جو
هي نالي وارو اديب صحافي گمنامي جي زندگي جا ڪيترا سال ڪراچي ۾ گذاريندي نيٺ وڃي ۶ جون ۲۰۱۰ع ۾ گذاري ويو. ابن صفيءَ تي ڪيترا ئي ڪتاب
لکجي ۽ پي.ايڇ ڊي ٿي چڪيون آهن. جڏهن ته محمد بخش جوهر ادبي ڪٿ ڪاٺ ايترو ته وڏو
آهي، جو ان تي پي.ايڇ.ڊي ٿيڻ گهرجي ها، ڪا ادبي چيئر هجڻ گهرجي ها. پر افسوس سنڌي ٻوليءَ
کي جاسوسي، سائنسي ۽ فئنٽيسي ادب ڏيندڙ هڪ اديب کي وساريو ويو آهي.
(مختيار ملاح جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۸ جون ۲۰۲۱ع تي کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا