ساقي ابڙو
حفيظ چانڊيو
جديد سنڌي شاعريءَ
۾ وطن پرستي، قومي گيت ۽ لاڏا لکڻ، انقلابي راه تي هلي انقلابي شاعري ڪرڻ قومي فڪر
جي مضبوط بنيادن جو ڏس پتي سان گڏ مظلوم قومن جي اها روئداد آهي، جنهن تي لکڻ لاءِ
قومي فڪر سان سلهاڙيل هجڻ لازمي هوندو آهي. اياز کان سرويچ سجاولي تائين، نياز همايوني
کان راشد مورائيءَ تائين، جمن دربدر کان حليم باغي تائين، سرڪش سنڌي کان زخمي چانڊئي
تائين انقلابي شاعرن جو نه کٽندڙ سلسلو آهي، سندن هڪ ڊگهي قطار آهي جن پنهنجي خون
مان ڪِلڪُون ٻوڙي ڌرتيءَ جا ترانا لکيا آهن.
ساقي ابڙو پڻ ان
قومي مالها جو ئي تسلسل آهي، هُو هڪ مڻيادار ماڻهو آهي، جنهن ديس ڌرتيءَ جي نيم
غلاميءَ واري تاريخ کي قلم جي اک سان ڀرپور ايمانداريءَ سان لکيو آهي. "وڏي“
بشير خان قريشي جي ڀر ۾ رهندي هُن جو سنگ سياپو سنڌ جي مزاحمتي شاعر سرڪش سنڌي سان
ٿيو، هُو سرڪش سنڌي جي گيتن جو حافظ آهي، سندس شعرن ھن کي متاثر ڪيو، ان لاءِ هِن
انقلابي شاعريءَ لاءِ سائين سرڪش سنڌيءَ کان فيض ورتو. هُو دودي جو دوست آهي ۽ هلاڪو
جهڙن هڙني حملي آورن خلاف وٽس مزاحمت جو دڳ آهي.
هُو لوڪ لاءِ لوچيندو
رهي ٿو، ان باوجود لوڌيل ۽ لوٺي قسم جا ماڻهو هن جي روح تي رهڙون ڏيندا رهن ٿا، هن
تي الزام بازي ۽ بهتان لڳائيندا رهن ٿا، پر هُو شاهه سائينءَ جي سٽ کي
"جيها
سي تيها، مون سي مارو مڃيا“ جو ورد ڪندي هنن جي ڇسائپ کي نظرانداز ڪري منزل طرف
رمندو رهي ٿو. هُو ماروئڙن تان ساهه گهور ڪندڙ شاعر آهي، ساڻن ڏکي وقت ۾ ٻانهن ٻيلي
به ٿيندڙ شاعر آهي، هُو هنن کي ڪٿي به مايوس ڏسي ناهي سگهندو، نه ئي کين ناڪام ٿيندي
ڏسي سگهندو آهي.
رتيديرو هونئن به
مزاحمت جو مرڪز رهيو آهي. ان مرڪز ۾ رهندي ساقي ابڙو ڌرتيءَ سان عشق ڪيو ۽ عشق جي
آويءَ ۾ پچي رسي راس ٿيو آهي. هن جي اکين ۾ محبوبه ماڻڻ سان گڏ ديس جو آجپو به
آهي. ديس ڌرتيءَ لاءِ هن جا گيت، غزل، نظم ۽ وايون سندس ان قومي فڪر جو عڪس ۽ اولڙا
آهن. هُو ديس جي دکن تي دکندو ۽ مسلسل لکندو آهي. هُو چاهي ها ته ڪنهن سياسي ڀوتار
جي بنگلي جو وڃي در جهلي ها، هِن جاگيردارن ۽ ڀوتارن سان ملي ڀونءِ جي ڀيل ڪرڻ يا ڪرائڻ
کي قومي ڏوهه سمجهيو. ڀلا هُو انهن نام نهاد سياستدانن ۽ ڀوتارن جي شان ۾ ڊگھا ڊگھا
قصيدا لکي پئي سگهيو، پر ھن قومي لڏي سان سلهاڙجڻ ڪري ان کي ڪچي گار سمجهيو ۽ ان
جاگيردارن خلاف مزاحمتي شاعر طور سنڌ ۽ سنڌين کان عزتون وصول ڪيائين.
ساقي ابڙو، آزاديءَ
واري تحريڪ جو هڪ سجاڳ شاعر آهي، جنهن اونڌاهي جي دڳن تان گذري روشنائي لاءِ پتوڙيو
آهي. هُو انهن ڏکن پيچرن تان هلي جيتوڻيڪ گهائجي پيو آهي،سندس پير ڦٽجي پيا آهن،
هن جي پيرن رتُ جا ريڳاڙا وهي رهيا آهن، پر منزلن جي آرزوئن ۽ جستجو ۾ ڪٿي هُو مايوسيءَ
جي ڪُن ۾ ڦاٿل نه ٿو ڏسجي.
هُو سرڪاري ملازم
هجڻ باوجود ڪشمور کان ڪراچي تائين قومي سفر ۾ پيرين اگهاڙو پنڌ ڪندو رهيو آهي. هُو
ڌرتيءَ سان دل جي اٿاه گهراين سان پيار ڪندڙ ڪوي آهي، هن جي سموري شاعري سندس اندر
جي آرسي ئي آهي، جنهن ۾ هن زندگيءَ جي تلخين، فڪري اڏام، نظرئي جو بخوبي اندازو لڳائي
سگهجي ٿو.
هُو زندگيءَ جي
گونج ٿيڻ چاهي ٿو، ان لاءِ هن کي آزاديءَ واري جيون سان بي انتها محبت آهي. هن
لاءِ آزاديءَ جو هڪڙو پل غلاميءَ جي هزارها سالن کان بهتر ۽ مانائتو آهي. هن جي
شاعريءَ ۾ حسناڪي جو بنيادي محرڪ قومي غيرت آهي، جنهن ۾ هن سموري سنڌ کي پرين ڀانيو
آهي. هن جي فڪر جون ميخون ڌرتيءَ ۾ کتل آهن، ان ڪري هن جي شعرن کي جڏهن پڙهبو ته
زندگيءَ گونجندي پئي نظر ايندي، زندگي رقص ڪندي جهومندي نظر ايندي. هو سنڌ جو سچيت
شاعر آهي. جنهن لئي ڌارين جي استحصال تي استعماري قوتن سان اکين ۾ اکيون ملائي سچ
چئي ڏيڻ قومي فرضن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن لئي غلامي ڪچيءَ گار جهڙي آهي.
هُو فطري شاعر آهي،
جنهن جي تخليقي صلاحيتن آڏو مصنوعيت بي معني ۽ ڇسي لڳندي آهي. هُو شاعر سان گڏ هڪ
استاد ۽ سماجي اڳواڻ به آهي. پيغمبري پيشي سان سلهاڙيل ھيءُ شاعر سماج جي سجاڳيءَ
لئي ڀرپور نموني جاکوڙيندو آهي. هُن جو اهو خيال هوندو آهي ته ٻارڙا معياري تعليم حاصل
ڪندا ته هي بدبودار سماج خوشبوءِ سان معطر ٿي ويندو ۽ جاگيردارن جي بدبودار سماج
جو انت ايندو ۽ آزاديءَ جو سج اڀرندو ۽ غلاميءَ جي هڪ ڊگهي رات جو خاتمو ايندو.
(حفيظ چانڊيو جي فيسبڪ ٽائيم وال جي املھ انسان سلسلو تان ۲۳ جون ۲۰۲۱ع تي کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا