; سنڌي شخصيتون: پروفيسر محمد خان ٻرڙو

01 August, 2021

پروفيسر محمد خان ٻرڙو

پروفيسر محمد خان ٻرڙو

تحقيقي ۽ تخليقي شخصيت

نور سنڌي



تاريخ ۲۵ جون ۲۰۲۱ع تي صبح سوير شھيد بينظير آباد جي سفر تي ويندي ذوالفقار ٻرڙو جو ميسيج پڙهيم ته ڇرڪ نڪري ويو. جنھن ۾ لکيل ھو منھنجو والد پروفيسر محمد خان ٻرڙو ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. پھرين ته يقين نه آيو پر وري فيس بوڪ کوليم ته اتي به سندس فرزند ممتاز ٻرڙو جي پوسٽ پڙھي اکين مان لڙڪ لڙي پيا. سائين پروفيسر محمد خان ٻرڙو نه صرف سانگھڙ ضلعي پر سنڌ جي ساڃاهه وندن لاءِ نئون نالو نه آهي. پاڻ پنهنجي علمي، ادبي تحقيقي تخليقي تعليمي ڪم ۽ انھن شعبن ۾ شاندار خدمتن جي ڪري سڄي سنڌ ۾ نالو ڪڍرايو. علمي ادبي دنيا ۾ سندس وڏو ادب احترام رھيو، جڏھن ته پاڻ لطيف سائينءَ جي رسالي جو پارکو به ھو. نجي ڪچھرين توڙي سگھڙن جي ڪچھرين ۾ جڏھن لطيف سرڪار جي شخصيت، امر ڪردار، سندس سفرن ۽ َشاعريءَ تي ڳالھائيندو ھو ته محفل ۾ خاموشي ڇانئجي ويندي ھئي. اڄ به ساڻس ڪيل پھرين ملاقات ياد آھي، جيڪا ۷۸ع ڌاري ٿي، جڏھن آئون صحافت ۾ نئون آيو ھئس. ان دور ۾ پاڻ شھدادپور جي گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ۾ سنڌي شعبي جو ليڪچرار ھو. انھيءَ دور ۾ سندس ڪوششن سان شھدادپور ۾ سگا قائم ٿي، جنھن جو ڊاڪٽر مير بيگ صدر ۽ پاڻ جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. ان پليٽ فارم سان سماجي علمي ادبي سرگرميون ڪيون. ھڪ صحافيءَ جي حيثيت سان ساڻس وقت به وقت ٿيندڙ ملاقاتون، ھجت ۽ نيازمنديءَ ۾ تبديل ٿي ويون. اڄ جيڪو ادبي ۽ تحقيقي تخليقي شوق آھي، اھو پروفيسر محمد خان ٻرڙو پيدا ڪيو. جڏھن پاڻ سھڻي ميھار تي تحقيق جو ڪم شروع ڪيو ته مونکي گڏ کڻندو ھو. اسان سندس ياماھا بائيڪ تي ميھار جو ڀڙو، سھڻيءَ جا پڊ، پير ڇٽو جي مزار تي به وياسين، جڏھن ته ڪيترائي دفعا برھمڻ آباد رتوڪوٽ سئي قندر جي تاريخي قبرستان ۽ ٻين تاريخي ماڳن تي تحقيقي ڪم تي اسان فقيرن کي به گڏ وٺي ويندو ھو. اسان ملدسي ۾ سندس ھمٿائڻ تي پنھنجي دور جي وڏي سگھڙ فقير محمد موسيٰ ڏيرو، مشھور شاعر فقير سليمان ملاح جون ورسيون به ملھايون.


پروفيسر محمد خان ٻرڙو ۲ اپريل ۱۹۴۲ع ۾ شهدادپور ٽنڊوآدم روڊ تي ڳوٺ ڪرڙ ٻرڙي ۾ معزز شخصيت احمد خان ٻرڙي جي گھر ۾ جنم ورتو، پرائمري تعليم جلال مري مان، سيڪينڊري شاهه عبدالطيف هاءِ اسڪول ٽنڊو آدم، انٽر نيو علي ڳڙهه ڪاليج ٽنڊوآدم مان، بي اي حيدرآباد مان، ايم اي سنڌي ادب يونيورسٽي مان حاصل ڪئي. مارچ ۱۹۷۳ع ۾ ميرٽ تي سنڌي سبجيڪٽ جو ليڪچرار ٿيو، پهرين پوسٽنگ ڊگري ڪاليج ٽنڊوجان محمد ۾ ٿيس، جتي سال رهڻ بعد کيس گورنمينٽ ڊگري ڪاليج شهدادپور ۾ مقرر ڪيو ويو. سڄي حياتي شهدادپور ڪاليج ۾ تعليمي خدمتون سرانجام ڏنيون. ۱۹۹۳ع ان ئي ڪاليج ۾ پرنسپل مقرر ٿيو ۽ اتان ئي رٽائرڊ ٿيو. لکڻ پڙهڻ سان شاگرديءَ واري دور کان سندس دلچسپي رهي، ليڪن سانگھڙ ۾ ٽريننگ ڪاليج ۾ ٽريننگ دوران استاد سکيو خان چنا جيڪو عربي ۽ فارسيءَ جو وڏو ڄاڻو، بهترين شاعر ۽ ليکڪ هو، ان جي صحبت ۾ رهي ان کان متاثر ٿي هن شاعري شروع ڪئي. شاگرديءَ واري دور ۾ حڪومت سنڌ پاران ان دور ۾ شايع ٿيندڙ رسالو ڳوٺ سڌار، نئين زندگي جي مطالعي جو به مٿس اثر ٿيو. ٽنڊو جان محمد ڪاليج ۾ رهڻ دوران سندس نينهن لڳو، عشق مٿس ايترو ته اثر ڇڏيو جو پاڻ بهترين شاعر طور پاڻ مڃائڻ لڳو. سندس شاعري ”نئين زندگي“ ۳ ماهي مهراڻ، پيغام رسالن کانسواءِ مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيڻ لڳي ۽ ان دور جي هڪ سريلي صوفي فنڪار موتي مينگھواڙ سندس شاعري ڳائي، هن کي مشهور ڪري ڇڏيو. پاڻ ان فنڪار کان راڳ جي سکيا به ورتي ۽ هارمونيم وڄائڻ سکيو. جڏهن عبدالله ورياهه سان گڏ هن جي ملاقات مخدوم طالب الموليٰ سان ٿي ۽ کين سندس چند ڪافيون ٻڌايون ته مخدوم طالب الموليٰ هن جي ڪافي کي پسند ڪيو ۽ ان جي رهيل خامين بابت پڻ آگاهه ڪيو. ان بعد پروفيسر جي خواهش تي ڪافين جي اصلاح مخدوم طالب الموليٰ ڪئي. پاڻ شاعريءَ ۾ ڪافين کان علاوه غزل ۽ بيت به لکيا. نجي محفلن ۾ پنهنجون ڪافيون خوبصورت انداز ۾ ڳايون به. ٽنڊوجان محمد ۾ پروفيسر محمد خان ٻرڙو جي ڪوششن سان باب السلام سوينيئر ۱۹۷۹ع ۾ شهدادپور ڪاليج پاران مهراڻ ميگزين نالي سوينيئر شايع ڪيو، جنھن جو مرتب هو خود ھو، جن ۾ ٻئي مواد کانسواءِ پھريون ڀيرو انھن شھرن جو تاريخي پس منظر ۽ ماضي حال لکت ۾ آيو؛ جنهن جو مقصد شاگردن، استادن ۾ ادب طرف دلچسپي وڌائڻ هيو. پروفيسر محمد خان ٻرڙو، تاريخ، سماجيات، سنڌي ٻولي، سنڌي ادب، سنڌي لوڪ ادب ۽ سانگھڙ ضلعي جي تاريخي ماڳ مڪانن آثار قديمه جي اڻ سڃاتل دڙن تي تحقيق ڪئي. انهن کي نروار ڪيو، پاڻ سانگهڙ ضلعي جي ڪاڪ دڙو لڳ شاهپور چاڪر، سميرو ڀڙو نزد مقصودو رند، جعفر خان لغاري وٽ دڙو، برهمڻ آباد ۽ آسپاس وارا دڙا، سون چڙي دڙو، ميهارڪو دڙو، لاکن وارو دڙو، يگان جا قبا، ٽنڊو مٺا خان روڊ تي پراڻو دڙو، تعلقي کپري ۽ ناري ڍوري جي ڪپ تي وڏو قلعو، مير شهداد خان جا قبا، شهدادپور وارو قلعو، راول فقير جي قبرستان ۾ قديم قبرون ۽ ٻين تاريخي ماڳن کانسواءِ پاڻ سهڻي ميهار تي تحقيق ڪئي ۽ تاريخي حوالن سان ظاهر ڪيو ته سهڻي ميهار جو قصو پنجاب جو الڳ ۽ سنڌ جو الڳ آهي. ان کان اڳ شهدادپور ۾ سهڻي ميهار جون مزارون صدين کان هئڻ باوجود سنڌ ۾ تمام گهٽ ماڻهن کي ڄاڻ هئي، ڇاڪاڻ ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سميت سنڌ جي ڪيترن ئي محققن سهڻي ميهار کي پنجاب جي شهر گجرات سان ملايو هو؛ نه صرف ايترو پر شهدادپور ۾ سهڻي ميهار جو ميلو لڳرائڻ ۾ پروفيسر محمد خان ٻرڙو جو شاندار ڪردار رهيو. اهو ميلو ٽي دفعا لڳو، جنهن ۾ ادبي ڪانفرنس، سگهڙ ڪانفرنس، مشاعرو، راڳ رهاڻ، ايوارڊ، ملاکڙو، ديسي راندين جا مقابلا به ٿيا. پاڻ سهڻي ميهار ميلا ڪميٽيءَ جو بنيادي ميمبر به رهيو ۽ ميلي تي سوينيئر ڇپائڻ ۾ سندس ڪردار رهيو. پروفيسر محمد خان ٻرڙو شهداپور ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وجهندڙ ۾ شامل هو، ان کانسواءِ شهدادپور ۾ سگا قائم ڪري ان پاران ثقافتي ميلو ۽ ميڊيڪل ڪئمپون لڳرائڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڻ سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي جي قيام ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو. سندس علمي، ادبي ۽ تاريخي لکڻين کي سامهون رکندي پاڪستان اڪيڊميءَ تي کيس ميمبر کنيو ويو. سانگھڙ ضلعي جي آثار قديمه تي سندس مقالا مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيا آھن. سانگھڙ جي تاريخ تي کيس وڏو عبور حاصل ھو. مختلف ٽي وي چينل سانگھڙ جي ڪنھن ماڳ مڪان تي ڪا ڊاڪيومينٽري ٺاھيندا ھئا ته پروفيسر محمد خان ٻرڙو کان ان حوالي سان انٽرويو ڪندا ھئا. ڪيترن ئي چئنلن تي برھمڻ آباد، رتو ڪوٽ، سھڻي ميھار، مير شھداد خان جا قبا، سنڌ ۾ بلاولي تحريڪ ۽ ٻين موضوع تي ٺاھيل ڊاڪيومينٽري فلمن ۾ سندس انٽريو تاريخي آھن. سندس اولاد کي اھي گڏ ڪرڻ گھرجن. مرحوم جي لکڻين جو ڪو ڪتاب اچي نه سگهيو آهي، اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ سر سهڻي جو مطالعو، حسن منصور حلاج جي شخصيت ۽ شاعري، محبت جي مراد حقيقت، ”عربي مان ترجمو ٿيل“، سانگهڙ ضلعي جا قديم دڙا شامل آهن. ٻه سال کن اڳ جڏھن کيس اھي ڪتاب ڇپائڻ تي زور ڏنو ته پاڻ اھو ٻڌايائون ته ڪجھ ڪتابن جو ڪم اڃان مڪمل نه آھي، اهو مڪمل ڪري پوءِ ڇپائبا. اسان سندس اولاد کي اھا گذارش ڪنداسين ته پروفيسر جي اھا لائبريري گھر مان ڪڍي سندس اوطاق ۾ سندس نالي سان قائم ڪئي وڃي. پروفيسر محمد خان ٻرڙو ۲۳ جون ۲۰۲۱ع تي رات جو ۹ وڳي ڌاري دل جو دورو پوڻ ڪري ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، کيس پنھنجي اوطاق جي لان ۾ ڌرتيءَ ماءُ جي ھنج حوالي ڪيو ويو. سندس وفات سنڌي ادب لاءِ وڏو نقصان آھي. سانگھڙ ضلعي ۾ پروفيسر محمد خان ٻرڙي جھڙي شخصيت وري پئدا نه ٿيندي. 

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۳۰ جون ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا