; سنڌي شخصيتون: پروفيسر محمد خان ٻرڙو، نور سنڌي،
Showing posts with label پروفيسر محمد خان ٻرڙو، نور سنڌي،. Show all posts
Showing posts with label پروفيسر محمد خان ٻرڙو، نور سنڌي،. Show all posts

01 August, 2021

پروفيسر محمد خان ٻرڙو

پروفيسر محمد خان ٻرڙو

تحقيقي ۽ تخليقي شخصيت

نور سنڌي



تاريخ ۲۵ جون ۲۰۲۱ع تي صبح سوير شھيد بينظير آباد جي سفر تي ويندي ذوالفقار ٻرڙو جو ميسيج پڙهيم ته ڇرڪ نڪري ويو. جنھن ۾ لکيل ھو منھنجو والد پروفيسر محمد خان ٻرڙو ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. پھرين ته يقين نه آيو پر وري فيس بوڪ کوليم ته اتي به سندس فرزند ممتاز ٻرڙو جي پوسٽ پڙھي اکين مان لڙڪ لڙي پيا. سائين پروفيسر محمد خان ٻرڙو نه صرف سانگھڙ ضلعي پر سنڌ جي ساڃاهه وندن لاءِ نئون نالو نه آهي. پاڻ پنهنجي علمي، ادبي تحقيقي تخليقي تعليمي ڪم ۽ انھن شعبن ۾ شاندار خدمتن جي ڪري سڄي سنڌ ۾ نالو ڪڍرايو. علمي ادبي دنيا ۾ سندس وڏو ادب احترام رھيو، جڏھن ته پاڻ لطيف سائينءَ جي رسالي جو پارکو به ھو. نجي ڪچھرين توڙي سگھڙن جي ڪچھرين ۾ جڏھن لطيف سرڪار جي شخصيت، امر ڪردار، سندس سفرن ۽ َشاعريءَ تي ڳالھائيندو ھو ته محفل ۾ خاموشي ڇانئجي ويندي ھئي. اڄ به ساڻس ڪيل پھرين ملاقات ياد آھي، جيڪا ۷۸ع ڌاري ٿي، جڏھن آئون صحافت ۾ نئون آيو ھئس. ان دور ۾ پاڻ شھدادپور جي گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ۾ سنڌي شعبي جو ليڪچرار ھو. انھيءَ دور ۾ سندس ڪوششن سان شھدادپور ۾ سگا قائم ٿي، جنھن جو ڊاڪٽر مير بيگ صدر ۽ پاڻ جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. ان پليٽ فارم سان سماجي علمي ادبي سرگرميون ڪيون. ھڪ صحافيءَ جي حيثيت سان ساڻس وقت به وقت ٿيندڙ ملاقاتون، ھجت ۽ نيازمنديءَ ۾ تبديل ٿي ويون. اڄ جيڪو ادبي ۽ تحقيقي تخليقي شوق آھي، اھو پروفيسر محمد خان ٻرڙو پيدا ڪيو. جڏھن پاڻ سھڻي ميھار تي تحقيق جو ڪم شروع ڪيو ته مونکي گڏ کڻندو ھو. اسان سندس ياماھا بائيڪ تي ميھار جو ڀڙو، سھڻيءَ جا پڊ، پير ڇٽو جي مزار تي به وياسين، جڏھن ته ڪيترائي دفعا برھمڻ آباد رتوڪوٽ سئي قندر جي تاريخي قبرستان ۽ ٻين تاريخي ماڳن تي تحقيقي ڪم تي اسان فقيرن کي به گڏ وٺي ويندو ھو. اسان ملدسي ۾ سندس ھمٿائڻ تي پنھنجي دور جي وڏي سگھڙ فقير محمد موسيٰ ڏيرو، مشھور شاعر فقير سليمان ملاح جون ورسيون به ملھايون.