; سنڌي شخصيتون: شاهنواز ڏاهاڻي

02 August, 2021

شاهنواز ڏاهاڻي

شاهنواز ڏاهاڻي

لاڙڪاڻي جي مٽيءَ مان نڪتل ڪرڪيٽ هيرو

نثار کوکر



جنهن نوجوان فاسٽ بالر جي اڄڪلهه هرطرف هاڪ ٿي وئي آهي ان جي نالي ٻڌڻ سان اتر سنڌ جا ماڻهو ڇرڪ ڀري حيران ٿين ٿا ۽ ڳالهه ٻڌائيندڙ کي وري ڳالهه ورجائڻ جي گذارش ڪندي چون ٿا نه. . نه.. يار ڇا چيئي.. ڏاهاڻي ۽ ڪرڪيٽر.. ايئن نه هوندو. پر انهن اياڻن کي شايد اڃان ڪا سڌ نه پئجي سگهي آهي ته لاڙڪاڻي جو اهو نوجوان ڇوڪرو شاهنواز ڏاهاڻي هينئر پي ايس ايل ۾ ملتان سلطان پاران شاندار ڪرڪيٽ کيڏڻ بعد پوري پاڪستان ۾ هيرو ٿي اڀريو آهي ۽ سندس ساراهه ليجنڊ ڪرڪيٽر به پاڻمرادو ڪري رهيا آهن.  شاهنواز ڏاهاڻي ڏسندي ئي ڏسندي پنهنجي مداحن جو حلقو ايترو وسيع ڪري چڪو آهي جو هاڻي سوشل ميڊيا تي سندس اڪثر وڊيوز انهن جملن سان گردش ڪري رهيون آهن ته يار ڇا ته معصوميت اٿس اهو نوجوان تمام گهڻو اڳتي ويندو. پي ايس ايل ميچن دوران ورتل وڪيٽن ۽ بيٽسمينن کي لڳل سندس بائونسرن واريون وڊيوز ته ڪجهه ماڻهو اهي ڪيپشن ڏئي شيئر ڪري رهيا آهن ته شاهين آفريدي کي ڏاهاڻي جي رويي مان سکڻ گهرجي ته سينيئرز جي عزت ڪيئن ڪبي آهي. شاهنواز نه رڳو بهترين فاسٽ بالر ٿي اڀريو آهي پر هن گرائونڊ تي پنهنجي مختلف ۽ دلچسپ انداز سان الڳ سڃاڻپ پيدا ڪئي آهي. سندس مداح اهي وڊيوز به شيئر ڪري رهيا آهن جن ۾ هو وڪيٽ وٺڻ جي خوشي ۾ ڪنهن کي فلائنگ ڪس ڪري ٿو يا وري فون جي علامتي گهنٽي وڄائي خوشي جو اظهار ڪري ٿو. هينئر ڏاهاڻي پاڪستاني ڪرڪيٽر شائقين مٿان ايترو ڇانئجي ويو آهي جو سندس هر انداز کي پسند ڪيو پيو وڃي. سندس ذات جي اصل اسپيلنگ جن ماڻهن کي نه پئي اچي انهن مان ڪي کيس داني لکي رهيا آهن ته ڪي وري دهاني لکي ساڻس محبت جو اظهار ڪري رهيا آهن. خود شاهنواز جو پنهنجو ٽئلينٽ ۽ ڪانفيڊنس ايترو ته بهتر آهي جو هو مداحن جي دلين ۾ پنهنجي لاءِ پاڻ جڳهه پيدا ڪندو پيو وڃي. منجهس ڪنهن به قسم جي وڏائي يا غرورو تڪبر نالي شيءَ ناهي. جنهن به سندس انداز ڏٺو آهي ان ۾ هو کلي مسڪرائي پنهنجي ساٿين سان خوش وقت گذاري رهيو آهي. سندس مداحن جو دائرو ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. پر تمام گهٽ ماڻهن کي معلوم آهي ته شاهنواز ڏاهاڻي ڪهڙي پسمنظر مان نڪري ڪرڪيٽ جي ان دنيا تي ڇانئجي رهيو آهي جتي وڏن شهرن جي وڏن گهراڻن جو راڄ رهيو آهي. جتي ڪنهن نئين ٽئلينٽ کي پنهنجي جڳهه ٺاهڻ ۾ سالن جا سال لڳي ٿا وڃن. ڪرڪيٽ جي پيچيده ۽ رنگ برنگي دنيا ۾ داخل ٿيڻ جا خواهشمند ته لکين نوجوان آهن پر ڏاهاڻي جهڙي قسمت ڪنهن ڪنهن جي نصيب ۾ اچي ٿي. ڪرڪيٽ جي ان ورن وڪڙن واري ڳجهي دنيا جا ايترا ته رستا منجهيل ۽ عوام کان لڪل آهن جو انهن جون دانهون سنڌ جا ٽئلينٽيڊ نوجوان سالن ڏهاڪن کان ڪندا پيا اچن ڇو ته انهن مٿان ڪرڪيٽ جا اهي در مستقل طور بند ڪيا ويا آهن. سنڌ جي هر شهر ۾ اهڙن نوجوانن جون ڪيتريون ئي ٽهيون عمرون کائي ويون پر انهن کي ملڪي سطح تي يا عالمي سطح تي کيڏڻ ۽ پنهنجو ٽئلينٽ ظاهر ڪرڻ جو موقعو نه ملي سگهيو. هينئر جڏهن شاهنواز ڏاهاڻي کي اهي نوجوان ملڪي سطح تي مڃتا ملندي ڏسن ٿا ته اهي ايئن خوش ٿي رهيا آهن جيئن آمريڪا ۾ سالن ڏهاڪن جي غلامي ۽ ڌڪار نفرت برداشت ڪرڻ بعد جڏهن ڪاري رنگ وارو اوباما صدر ٿيو ته اها ڪاميابي هڪ فرد جي نه پر انهن سڀني ڪارن پنهنجي اجتماعي ڪاميابي محسوس ڪئي جيڪي ان نفرت ۽ ڌڪار واري دور مان گذري چڪا ۽ ان اڇي چمڙي واري نفرت کي ڀوڳي چڪا هئا. هينئر شاهنواز ڏاهاڻي جي استقبال لاءِ ان ئي شهر لاڙڪاڻي جي روڊن رستن تي وڏا وڏا پوسٽر پينافليڪس لڳي رهيا آهن جنهن شهر لاڙڪاڻي ۾ شروعاتي ڏينهن دوران راند کيڏڻ لاءِ شاهنواز ڏاهاڻي وٽ گهربل سامان ۽ گهربل جوگر به نه هوندا هئا پر هن پنهنجي همٿ نه هاري ۽ جنون جذبا جوان رکيا. شاهنواز پهريان ته لاڙڪاڻي ڀرسان پنهنجي ننڍڙي ڳوٺ جي ڪچي گرائونڊ تي کيڏندو هو جنهن کي بعد ۾ لاڙڪاڻي جي الشهباز ڪرڪيٽ ڪلب وارن پاڻ سان کيڏايو ۽ سندس همٿ افزائي ڪئي. شاهنواز به نه ڏٺي گرمي نه سردي پنهنجو جذبو برقرار رکيو. سندس ان جذبي جو ئي نتيجو آهي جو هينئر ڏاهاڻي جي پي ايس ايل ۾ شاندار ڪارڪردگي تي اها سنڌ حڪومت به ڪريڊٽ کڻڻ جي چڪر ۾ آهي جنهن لاڙڪاڻي جي نوجوانن کي راندين جي ڪا سهولت فراهم نه ڪئي آهي. ان ڏينهن سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب جي پريس ڪانفرنس ٻڌي مان ته حيران ٿي ويس جنهن ۾ هن دعوا ڪئي ته ڏاهاڻي جي صورت ۾ سنڌ پاڪستان جو نالو روشن ڪندي. سندس اها دعوا ان وقت بلڪل درست قرار ڏيون ها جڏهن شاهنواز ڏاهاڻي جي اباڻي شهر ۽ حڪمران جماعت پيپلزپارٽي جي ڳڙهه لاڙڪاڻي ۾ ڪرڪيٽ جو اعليٰ سطح جو گرائونڊ تعمير ٿيل هجي ها جتان ڏاهاڻي جهڙا فاسٽ بالر پريڪٽس ڪري نڪرن ها ته سندن اها دعوا درست مڃون ها، پر هتي ته حالت اها آهي جو لاڙڪاڻي جي واحد اسٽيڊيم جي حالت ڀڳل ٽٽل روڊ جهڙي ٿي وئي آهي جتي اوڙي پاڙي جي ڊرينيج جو پاڻي به داخل ٿي رهيو آهي ته اوڙي پاڙي جا مالوند ماڻهو ٻڪريون چارڻ به اسٽيڊيم ۾ اچي رهيا آهن.  لاڙڪاڻي اسٽيڊيم جي اهڙي بري حالت ڏسي ڪير چوندو ته اهڙن گرائونڊن تان ڏاهاڻي جهڙا فاسٽ بالر پيدا ٿيندا آهن.


شاهنواز ڏاهاڻي پنهنجي محنت ۽ جذبي سان نه رڳو پي ايس ايل جو ٽاپ وڪيٽ وٺندڙ بالر بڻجي اڀريو آهي پر ڪرڪيٽ جي دنيا جا گرو کيس پاڪستان جو نئون اڀرندڙ ستارو سمجهي رهيا آهن.  ڏاهاڻي پنهنجي محنت سان نه رڳو وڪيٽون ورتيون آهن پر سندس ورتل هڪ هڪ وڪيٽ سنڌي ۽ بلوچ نوجوانن مٿان لڳل نااهلي واري تهمت لاٿي آهي.  ڏاهاڻي پنهنجي ٽئلينٽ سان ثابت ڪيو آهي ته سنڌي ۽ بلوچ نوجوانن ۾ وڏو ٽئلينٽ موجود آهي کين ڪو وڏو پليٽ فارم ڏئي ته ڏسو.  ملتان سلطان جي مالڪ علي ترين پڻ سندس تصوير رکي کيس اڀرندڙ ستارو قرار ڏنو آهي پر ڇا ڏاهاڻي جو ڪرڪيٽ ڪيريئر اتي ئي پي ايس ايل تائين محدود ڪيو ويندو. سوال اهو به اڀري رهيو آهي ته پاڪستان طرفان انگلينڊ جي ٽي ٽوئنٽي لاءِ جيڪا ٽيم سليڪٽ ڪئي وئي آهي ان ۾ شاهنواز ڏاهاڻي جو نالو شامل ناهي.  جنهن پي ايس ايل ۾ سڀني کان وڌيڪ يعني ۱۸ وڪيٽون ورتيون آهن ان جو نالو شامل ناهي پر جن رانديگرن اٺ ڏهه وڪيٽون ورتيون آهن انهن جا نالا شامل ڪيا ويا آهن.  ارشد اقبال ۽ محمد وسيم اٺ اٺ جڏهن ته حارث رئوف ۽ محمد حسنين نو نو وڪيٽون ورتيون آهن پر انهن جا نالا به ٽي ٽوئنٽي ۾ شامل ڪيا ويا آهن. ڏاهاڻي جي مداحن کي اميد آهي ته سندس شاندار ڪارڪردگي کي ڏسي کيس ٽي ٽوئنٽي ٽيم ۾ ضرور شامل ڪيو ويندو.

شاهنواز ڏاهاڻي جي ڪهاڻي تمام متاثر ڪندڙ ضرور آهي پر هاڻي صرف ٻين مٿان ڏوهه ڏيڻ بدران سنڌ حڪومت کي به اڳيان اچڻ گهرجي ۽ سنڌ جي سمورن علائقن ۾ راندين جي ميدانن جي سار سنڀال لهڻ گهرجي. انهن ميدانن کي دادو جي ڪرڪيٽ ميدان جيان اهڙن ماڻهن حوالي نه ڪرڻ گهرجي جيڪي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم کي مليل جنريٽر به گهر کڻي وڃن. سنڌ جي سمورن شهرن ۾ جڏهن راندين جا ميدان آباد ٿيندا ته پوءِ يقينن هڪ شاهنواز نه پر ڪيئي شاهنواز اڀري ايندا جيڪي پنهنجي مٽيءَ جو مان رکندا ۽ پنهنجي ماڻهن جو نالو روشن ڪندا.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۶ جون ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا