الطاف پيرزادو
هڪ برجستو ڏات ڌڻي
آصف رضا موريو
اڄ ۱۱ وڳي ۴۱ منٽن تي منهنجي پراڻي ساٿي ۽ گهڻ گهرئي دوست الطاف پيرزادو فون ڪري ٻڌايو ته؛ “تنهنجي شهر ۾ آهيان.” ۽ حڪم ڪيائين ته؛ ”ملاقات ڪرڻي آهي.“ مان کيس بسم الله ڪندي ڀليڪار ڪئي ته؛ “هليو آ! هاڻي ئي جو مان گهر ويٺو آهيان”، پر چيائين؛ “هاڻي نه! جو هن وقت ريڊيو پاڪستان تي سائين عابد ڪاظمي ۽ علي مراد ٽانوري سان ملڻ آيو آهيان. اتان ٿي پريس ڪلب ويندس. نثارکوکر ۽ ڪجهه ٻين دوستن سان به ملڻو آهي. اوکا پوکا لاهي، پوءِ اچان ٿو تو وٽ”. سمورو ڏينهن انتظار ڪيم ۽ يار ساڍي پنجين وڳي ڌاري، منهنجي گهر آيو ته ساڻس کوڙ ساريون نيون پراڻيون ڪچهريون ٿيون.
لاڙڪاڻو جي لکاري لڏي
مان تمام گهڻو مطالعو ۽ سنڌ، پاڪستان توڙي بين الاقوامي سياسي، سماجي توڙي اقتصادي
معاملن تي ڳوڙهو اڀياس رکي ٿو.
سندس جنم ڊوڪري
تعلقي جي ٻلهڙيجي (حاجي لال بخش شيخ ڳوٺ) ۾ ۱۲ آڪٽوبر ۱۹۷۲ع ڌاري ٿيو. سندس والد ڪچي جو چڱيرڙو
زميندار هوندو هيو ۽ سندس گهراڻو ڳوٺاڻي حساب ڪتاب سان مڇي ماني جي لائق هوندو هيو
پرکين رهڻ لاءِ ڳوٺ ۾ هڪ ڇاپرو (منھ) هوندو هين. تنهن جي باوجود هي خاندان راضي
پاضي زندگي گذاريندو هيو. بدقسمتيءَ سان جنرل محمد ضياءُ الحق جي دورِ ۾، ڪچي اندر
ڌاڙيلن منجھ جو اچي ساٽو پيو ته ڪچي ۾ زمين کيڙيندڙ هاري ناري به پنهنجي جان ۽ عزت
بچائيندي، جنهن کي جاڏي وڻيو ٿري ڏاند وانگي، لڏي ويا. نتيجي طور ڪچي جي زميندار
جي گهر ۾، بک ڦٽڻ لڳي. جنهن گهر ۾ جوئر، مڪئي، سارين، ڪڻڪ جون گنديون ڀريون پيون
هونديون هيون ۽ ٽئي ويلا جنڊ تي پيسائي به هلندي هئي، سي پيٽ جي باهه اجهائڻ لاءِ،
ڪيترن سالن تائين، الله نانءَ جي ماني وٺي جيئدان پاليندا رهيا.
هي اهو دور هيو جو ڪچي
۾ آبادي ڪندڙ زميندار توڙي هاري، پڪي تي زمين وٺڻ کي به چڱو ڪو نه ڀائيندا هيا ته؛
“ڪلر ڪير وٺي.” ڇو جو کين يقين هوندو هيو ته؛ “ٻڏيءَ جا ٻيڻان آھن.” پر ڪنهن کي
خبر هئي ته ڪچو ڪمائڻ ڇڏي ڏيندو ۽ کين ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پوندا. زندگي جي گذران لاءِ
الطاف جا ڀائر به محنت مزدوري ڪرڻ لڳا. پر کيس من ۾ پڙهڻ جي اڻ تڻ هوندي هئي. ڇو
جو کيس ڊاڪٽر ٿيڻ جو شوق هوندو هيو. ان لاءِ ٽي چار ڏينهن ته اسڪول پڙهڻ ويندو هيو.
باقي ڏينهن ڳوٺ ۾ ٺهندڙ جاين تي تغاري کڻندو هيو.
الطاف پيرزادو، پڙهاڪو
شاگرد هوندو هيو. ان دور ۾ پري انٽري ٽيسٽ ڪو نه هوندي هئي. جنهن شاگرد جو اي يا
اي ون گريڊ اچي ته ان جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ سليڪشن پڪي ٿي ويندي هئي. فرسٽ ييئر
۾ سندس ۴۰۱ مارڪون آيون ته ايندڙ سال هو پڪو ڊاڪٽر آهي پر بدقسمتيءَ سان اڳئين سال ڪنهن
سبب ڪري سندس بي گريڊ اچڻ ڪري، ڊاڪٽر ڪو نه ٿي سگهيو پر سندس ڳوٺائي گهاٽا يار ۽ گڏ
پڙهندڙ هاڻي به کيس ڊاڪٽر ڪري ڪوٺيندا آهن.
پرائمري تعليم، پنهنجي
ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان، ميٽرڪ گورنمنٽ هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ مان، بي اي سچل سرمست
ڪاليج لاڙڪاڻو مان (پرائيويٽ)، ۽ ايم اي صحافت ۾ (۲۰۰۶ع) ڪئي اٿائون.
ٻلهڙيجي ۾ مدرسن واري
ديني تعليم سان گڏ سرڪاري اسڪول پڻ هوندا هيا. پر جيڪا جديد ٻلهڙيجي کاٻي ڌر جي
سياست، سماجي بيداري، وڏيري جي اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائڻ واري نهڪاري روايتن
جوبنياد انور پيرزادي ۽ ان جي ساٿين جهڙوڪ لطف پيرزادو، قربان پيرزادو، محب پيرزادو
وغيره جي مرهونِ منت آهي جن ڌاڙيلن خلاف به محاذ ڪٺا ڪيا ته ڪارو ڪاري جهڙي مڪروهه
رسم جون پاڙون پٽڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، نياڻين جي تعليم جي فروغ لاءِ به وڙهيا. وقت
سان گڏ انور پيرزادو هر مثبت تبديلي متعلق پنهنجي علائقي جي نوجوانن ۾ هڪ “ٿاٽ” بڻجي ويو. جنهن جي مزاج ۽ طبيعت ۾، ڪميونزم
۽ کاٻي ڌر وارا، ڀلائين جا ڀال پڻ ڪامريڊ سوڀوگيان چنداڻيءَ جي صحبت سبب جڙيا ۽
جنميا.
سنڌ جي ان روايتي ڳوٺ
کي، جتي نه بجلي جي سهولت هجي نه تعليم جي، نه گيس جي، نه روڊ نه ٽرانسپورٽ جي مٿان
وري ڪچي جي ڪپ تي اڏيل ۽ ٻيلي جي پاڙيسري ڳوٺ هئڻ ڪري، ان شهر ۾ چور به هجن ته ڌاڙيل
۽ ساڌ به. تنهن ٻلهڙيجيءَ کي نه رڳو انور پيرزادو ڏيهان ڏيهه لٽل ماسڪو طور مشهور ڪرايو
پر اتان جي نوجوان ٽهي کي به پڙهائي، عملي سياست، لطيفيات، ڪتابيات ۽ علم دوستيءَ
سان روشناس ڪرايو. منجھانئن، الطاف پيرزادو پڻ هڪ آهي.
الطاف پيرزادو، انٽر
ڪري فقيرمحمد کهاوڙ جي دور ۾، ۱۹۹۳ع ڌاري روزاني سنڌي اخبار جاڳو ۾ پروف ريڊر طور نوڪري ڪئي.
جتي ڪجهه مهينا ڪم ڪيائين. جنهن کان پوءِ ۱۹۹۳ع ۾ ئي، روزاني سنڌي اخبار عوامي آواز ۾ڪم ڪرڻ شروع ڪيو.
جتي ٽرانسليٽر، سب ايڊيٽر ۽ ايڊيٽوريئل جو هڪ سلسلو پڻ سنڀاليندو هيو. ۱۹۹۵ع ۾ حيدرآباد جي بابن شاهه ڪالوني مان نڪرندڙ
سنڌي اخبار “سنڌ” نڪتي. عوامي آواز جي اڌ کان وڌيڪ ٽيم هتي هلي آئي جن ۾ اعجاز
منگي، ارشاد گلاباڻي، سهيل پيرزادو، ارشاد کوکر سان گڏ الطاف پيرزادو به ۵ نومبر ۱۹۹۵ع کان سيپٽمبر ۱۹۹۶ع تائين هيڊ آفيس ۾ سب ايڊيٽر طورڪم ڪيو. ۲۰ سيپٽمبر ۱۹۹۶ع ۾ اخبار مالڪان کيس مرتضيٰ ڪلهوڙو ۽ فياض
منگي جي جاءِ تي لاڙڪاڻو ۾ بيورو چيف ڪري موڪليو، جنهن جي آفيس الرحيم هوٽل جي ۲ فلور تي هوندي هئي. لاڙڪاڻو ڊويزن جي بيورو
چيف هوندي، الطاف پيرزادو ڪاوش ڪچهري جي ڪائونٽر ۾ سنڌ عدالت جي نالي تي لاڙڪاڻو
جي مختلف شهرن جهڙوڪ؛ ڊکڻ، مديجي، شهدادڪوٽ، قمبر، جيڪب آباد وغيره ۾ عوامي ڪچهريون
ڪرائيندو هيو. جتي شهر جي ڪامورن کي به سامهون گهرايو ويندو هيو. جيڪي عوام کي درپيش
مسئلن جا جواب ڏيندا هيا.
الطاف پيرزادو سان،
لاڙڪاڻو واري اخباري دور ۾، هر ٻئي ڏينهن منهنجون ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون. ڪڏهن
مهراڻ هوٽل تي، ڪڏهن منهنجي گهر ته ڪڏهن سندس گجڻ پور واري گهر ۾. اسان نه رڳو ڏوڪريءَ
۾ تر جا هياسين پر الطاف کرو، سچو ۽ برجستو صحافي هئڻ ناطي، مون کي وڻندو هيو.
منهنجي ئي اصرار تي، منهنجي ئي پاڙي ۾، ايئرپورٽ روڊ تي، گهر لاءِ پلاٽ پڻ ورتائين.
جيڪو بعد ازان ڪراچي بدلي ٿيڻ کان پوءِ، اتي گهر وٺڻ سبب کپائي ڇڏيائين.
الطاف پيرزادو جي
سموري زندگي، اخباري دنيائن جون ياترائون ڪندي گذري. ۱۹۹۸ع ۾ الطاف، تعميرِ سنڌ ۾ نوڪري ڪئي جيڪا
مرحوم شاهه محمد سکر ۽ ڪراچيءَ مان ڪڍندو هيو. اهڙيءَ طرح آڪٽوبر ۲۰۰۱ع ۾ روزاني ڪاوش اخبار حيدرآباد ۾ سب ايڊيٽر
مقرر ٿيو، جتي اپريل ۲۰۰۲ع ۾ ايڊيٽر نياز پنهور سان اڻ بڻت سبب پرويز مشرف جي حڪومت ۾ نثار ميمڻ طرفان
شروع ڪرايل APP
جي سنڌي سروس ۾ اسپيشل ايڊيٽر مقرر ٿيو.
۲۰۱۰ع واري ٻوڏ دوران، شاندار رپورٽنگ سبب سال جي بهترين رپورٽر جو ايوارڊ ڏيڻ
سان گڏ کيس ريڊيو پاڪستان طرفان چين جي شهر شھنگائي ۾ صحافين لاءِ ۱۳ کان۲۷ سيپٽمبر ۲۰۱۰ع تائين رکيل ڪورس ۾ شرڪت لاءِ موڪليو ويو. الطاف پيرزادو
بهترين ايڊيٽر، ڪالم نگار ۽ تجزيه نگار آهي. سندس ڪالم آئي ڏينهن ملڪ جي بهترين
اخبارن جي زينت بڻبا رهندا آهن. پاڻ سماجي، سياسي، فلاحي ۽ بين الاقوامي مسئلن تي
نه رڳو سٺي دسترس رکي ٿو پر سٺو ڳالهائڻ سان گڏ بهترين ڊاڪيومينٽريون پڻ ٺاهيندو رهندو
آهي.
۷ سيپٽمبر ۲۰۰۶ع ۾ الطاف پيرزادو، ريڊيو پاڪستان ۾ ايڊيٽر
مقرر ٿيو. سندس پهرين پوسٽنگ خيرپور ۾ ٿي. جڏهن ته هاڻي ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ ۾
نيوز ايڊيٽر طور ارڙهين گريڊ ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. ان کان علاوه اڻويهين گريڊ جي ڊپٽي
ڪنٽرولر طور، سندس ترقيءَ جو فائيل پڻ تيار آهي. ان سان گڏ الطاف پيرزادو ڪراچي مان
نڪرندڙ انگريزي اخبار “لاڙڪاڻو ٽائيمز” ۽ “عوامي فورم” سان پڻ سلهاڙيل آهي، جن جا
هو ايڊيٽوريل لکندو آهي.
الطاف پيرزادو زنده دل، کلڻو ملڻو ۽ بهادر قلمڪار آهي. جيڪو پنهنجي خوابن جي آبياري لاءِ بهادري ۽ محنت سان زندگي سان ٻکين ۽ ڪکئين واري صورتحال ۾ سدائين جهيڙيندو رهيو آهي. ڪجهه سال ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير ٿيڻ کان پوءِ الطاف پيرزادو لاڙڪاڻو ۾ موجود پنهنجو پلاٽ کپائي، ڪجهه پگهارون ڪڍرائي ڪراچي ڀٽائي آباد ۾ زرداري چوڪ وٽ، پنهنجو گهر به ورتو هيو. جتي هاڻي پنهنجي خوبصورت ڪڙنب سان گڏ رهي ٿو. سندس وڏو پٽڙو، شرجيل پيرزادو، ماشاءَ الله جوان ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي نائين جماعت ۾ پڙهي رهيو آهي. ٻيو پٽ مبشر پيرزادو ستين ڪلاس ۾ پڙهي ٿو. جڏهن ته ٻه نياڻيون پڻ آهن. جن مان اقصا چوٿين ڪلاس ۾ ۽ سُندس ٽين جماعت ۾ پڙهي پئي. جن جي بهتر تعليم ۽ سماجي تربيت تي سندن قابلِ فخر والد، هڙان وڙان جدوجهد جا انيڪ سلسلا جوڙيندو رهي ٿو.
No comments:
راءِ ڏيندا