لطف پيرزادو
صوفي انقلابي ۽ ارڏو
فقير
هادي بخش پيرزادو
رتون رتن سان جڏهن رانديون رچائينديون آهن ته ڪائنات جهومندي نچندي نظر ايندي آهي، هوائون پنهنجي فطرت مطابق پوري جوڀن سان ٿڌڙا مٺڙا سر آلاپينديون آهن، جي جاڳرتا جا جشن ملهائينديون گهلنديون رهنديون آهن، جيڪي سريرن کي سڪون جي سرگم ۾ کوئي ڇڏينديون آهن. اهڙي ئي هڪ موسم مان اسان جي ٽهيءَ وارن جو به ڪڏهن گذر ٿيو هو.
موهن جي دڙي جي مٽيءَ جي
خوشبوءِ ڪاڪي ستابي مالهيءَ جي هٿان شام جي ٽائيم ۾ گلاب ۽ رابيل جا گل آڇيندي
هئي. اهو محبت جو جهان هو ۽ اسان جو ٻالڪپڻو جنهن ۾ نفرت ۽ ڪيني جو نانءُ نشان به
نه هئو. ڏکن ۽ سکن جي پروڙ ئي ڪو نه هوندي هئي نه اڀرڻ جي چنتا نه لٿي جي ڳڻتي.
