; سنڌي شخصيتون: پروفيسر سرور سيف، حسان چانڊيو، واليڏنو مسڪين،
Showing posts with label پروفيسر سرور سيف، حسان چانڊيو، واليڏنو مسڪين،. Show all posts
Showing posts with label پروفيسر سرور سيف، حسان چانڊيو، واليڏنو مسڪين،. Show all posts

03 August, 2021

پروفيسر سرور سيف

پروفيسر سرور سيف

مختصر تعارف



ڳوٺ نوراجا سان تعلق رکندڙ پنوعاقل جي مشھور اديب، دانشور، ليکڪ، تاريخدان، شاعر، تقريباً چاليھ ڪتابن جي مصنف، پروفيسر محترم استاد سرور سيف صاحب جو مختصر تعارف.

*- پروفيسر سرور سيف ڳوٺ نوراجا ۾ واليڏني ”مسڪين“ جي گھر ۰۶ جون ۱۹۵۳ع ۾ پيدا ٿيو، سندس والد تحريڪ ختم نبوت ۾ ايڪسائيز کاتي مان استعيفا ڏئي دائودي پيشو يعني لوھارڪو دنڌو اختيار ڪيو ۽ جفاڪشي ڪري رت پگھر جي پورھيي سان کيس پاليو تاتيو. سرور سيف جو خاندان طرفان نالو غلام سرور ۽ والد جي مرشد سائين حماد الله ھاليجوي سيف الله رکيو. ان ڪري ھن ٻنھي نالن کي گڏي پاڻ لاءِ ادبي دنيا ۾ ”سرور سيف“ متعارف ڪرايو. پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ نوراجا ۾ حاصل ڪيائين، استاد گل حسن ”گل“ سميجو، استاد عبدالرحيم جتوئي، استاد غلام محمد محمدي، ۽ استاد محمد قاسم ڪلھوڙو سندس استاد ھئا. مڊل نيوماڊل ھاءِ اسڪول ۽ مئٽرڪ ڊي سي ھاءِ اسڪول مان پاس ڪيائين. ۱۹۷۱ع ۾ ايس وي جو امتحان پاس ڪري پرائمري استاد ٿيو، سندس پوسٽنگ پرائمري اسڪول ھوت خان جوڻيجو لڳ سلطان پور ۾ ٿي جتي ٻه سال رھيو، بعد ۾ برانچ مڊل اسڪول نوراجا ۾ ۷۳ع کان آگسٽ ۸۹ع ۾ رھيو ۽ پنھنجي ڳوٺ ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين، ان بعد ايڇ ايس ٽي پروموشن وٺي ايڇ ايم خواجہ ھاءِ اسڪول ويو ۽ جلد ئي سنڌي جو ليڪچرار ٿي ميرپور ماٿيلو ڪاليج جوائن ڪيائين، ”اسلاميہ سائنس ڪاليج“ ۾ ڪافي عرصو رھيو، ۲۰۱۳ع ۾ ڊگري ڪاليج پنوعاقل مان اسسٽنٽ پروفيسر طور رٽائر ٿيو ۽ ھن وقت پنوعاقل جي مشھور پرائيويٽ ڪاليج ”دي ايڪسيلنس“ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور خدمتون ڏئي رھيو آھي۔