ياسر قاضي
گهڻ رُخي شخصيت
طارق عزيز شيخ
سنڌ ۾ نهايت گهٽ
اهڙا ماڻهو هوندا جن کي ”گهڻ رُخي شخصيت“ چئجي ٿو. ياسر قاضي انهن مان هڪ آهي، جيڪو
ريڊيو، ٽي وي ۽ اسٽيج جو ناميارو ميزبان،
شاعر، محقق، ڪالم نويس، مضمون نگار، مصور، گلوڪار، خطاط، آرٽ ڊزائينر ۽ ريڊيو
پروڊيوسر آهي.
ياسر قاضي ڪيترن ئي
ڪتابن جو ليکڪ ۽ سهيڙيندڙ رهيو آهي. ھو سنڌ جي علمي ادبي گھراڻي سان تعلق رکي ٿو.
نامياري شاعر ۽ عالم مقصود گل جي گھر ۾ ۱۷ جنوري ۱۹۷۹ع تي جنم ورتائين.
