; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر فرخ ملڪ، رفيعہ ملاح، حفيظ چانڊيو،
Showing posts with label ڊاڪٽر فرخ ملڪ، رفيعہ ملاح، حفيظ چانڊيو،. Show all posts
Showing posts with label ڊاڪٽر فرخ ملڪ، رفيعہ ملاح، حفيظ چانڊيو،. Show all posts

03 August, 2021

ڊاڪٽر فرخ ملڪ

ڊاڪٽر فرخ ملڪ

پوليس ۽ ادب

رفيعہ ملاح



اسان جي معاشري ۾ ماڻهن جي گهڻائي پوليس ۾ نوڪري ڪندڙ ماڻهن کي سخت دل سمجهندي آهي. پوليس وارن جي نوڪري جي نوعيت کي ذهن ۾ رکندي ماڻهن جي ان مشاهدي کي ڪنهن حد تائين صحيح به تسليم ڪري سگهجي ٿو پر پنج ئي آڱريون برابر نه هونديون آهن. اهو چوندي وڌاءُ به ڪونه ٿيندو ته اسان پنهنجي معاشري ۾ پوليس جي ملازمت ۾ اهڙا انيڪ ملازم ڏٺا جن ۾ انسانيت، همدردي ۽ انسانيت جي لاءِ لامحدود عزت هئي. هڪ تاثر اهو به آهي ته ڇاڪاڻ جو پوليس وارا سخت مزاج هوندا آهن، ان ڪري اهي فنون لطيفه ۽ لکڻ پڙهڻ واري عمل کان ڪوهين ڏور هوندا آهن. اهو تاثر به غلط آهي ۽ ها پوليس وارن جي سيني ۾ هڪ عام انسان وانگر دل به هوندي آهي.منهنجي هٿن ۾ جڏهن ادا فرخ ملڪ جو گارسيا مارڪيز جو ترجمو ڪيل ڪتاب “ساروڻيون سدا سهاڳڻين جون” آيو ته مان ڪافي حد تائين حيران ٿي ويس. هڪ ته هڪ پوليس آفيسر جي ملازمت اهڙي نوعيت جي هوندي آهي جو هو چاهيندي به تخليقي عمل لاءِ وقت نه بچا ئي سگهندو آهي. ٻيو ته جيڪڏهن وقت ملي به وڃي ٿو ته ان جي لاءِ ادبي ذوق ۽ قابليت هجڻ گهرجي. ان ڪتاب جي پڙهڻ کان پوءِ مونکي پختو يقين ٿي ويو ته فرخ ملڪ ۾ اهي ٻئي گڻ آهن. هونئن به پوليس وارن جي ادب کان ڪوهين ڏور رهڻ واري تاثر کي پاسائتو ڪرڻ لاءِ مون بين القوامي سطح تي معمولي قسم جي کوجنا ڪئي. ان مان مونکي ڏاڍي ڪارآمد معلومات ملي. مونکي اهو ڄاڻي لامحدود خوشي ٿي ته بين الاقوامي سطح تي پوليس وارا بهترين قسم جا ناول نگار رهيا آهن.منهنجي هڪ لکڻيءَ تي نظر پئي جنهن مان خبر پئي ته بين الاقوامي سطح تي چڱي تعداد ۾ پوليس آفيسرن ناول لکيا. جن ۾ ڪجهه نالا ڊورٿي يوناڪ، جيمبس بائرن هگس، جوسف وامباغ ۽ جاهن ايم ولز آهن. ڊورٿي جي لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن جا ناول هن جي تجربي جي بنياد تي آهن. بائرن هگس جي لاءِ پڻ چيو ٿو وڃي هو پوليس فورس جو بهترين ناول نگار آهي. جوسف وامباغ جي لاءِ وري مشهور آهي ته هو پوليس سان لاڳاپيل جديد ناول جو ابو آهي. هن کي ڪافي انعام اڪرام به سٺا ناول لکڻ تي مليا. سو مون ڳالهه پئي ڪئي فرخ ملڪ جي ترجمو ٿيل ڪتاب “ساروڻيون سدا سهاڳڻين جون” ۽ فرخ ملڪ جي پنهنجي باري ۾، ادا فرخ ملڪ نرم دل رکندڙ سلجهيل ۽ سٻاجهڙو پوليس آفيسر آهي.