جلال الدين جمالي
باغي حنيف
مٽياري ويجھو بکر
شھر جي ڳوٺ، شير جمالي جو ھي بزرگ جلال الدين جمالي آھي. سندس ڄمار ۱۲۲ سال آھي.
سندس پٽ ۷۰ سال کان مٿي ڄمار جا آھن. سڄي عمر ۾، ڪجھ پيدل، ڪجھ جھازن ۾، ۳۳ حج ۽
۴۳ عمرا ڪيا اٿس.
پاڻ مولانا عبيد
الله سنڌيءَ جو شاگرد آھي. اڄ به بنا چشمي جو لکندو پڙھندو آھي. ڪنھن پڇيس؛ ”تنھنجي
وڏي ڄمار ۽ سٺي صحت جو راز ڇا آھي؟“
پاڻ چيائون؛ ”آئون
سڄي زندگي حرام جي مال کان ائين پري رھيو آھيان، جيئن شوگر جو مريض مٺاڻ کان ڀڄندو
آھي.“
