; سنڌي شخصيتون: ثريا مخدوم، حميده گهانگهرو، زرار پيرزادو،
Showing posts with label ثريا مخدوم، حميده گهانگهرو، زرار پيرزادو،. Show all posts
Showing posts with label ثريا مخدوم، حميده گهانگهرو، زرار پيرزادو،. Show all posts

03 August, 2021

ثريا مخدوم

ثريا مخدوم

سندس شخصيت جا سگهارا ۽ اتساهيندڙ پاسا

حميده گهانگهرو



مان جڏهن ماڊل اسڪول حيدرآباد ۾ پڙهندي هيس ته ادي ثريا مخدوم سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندي هئي. سندس تعلق جيئي سنڌ سان هو ۽ منهنجو سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن سان هوندو هو. ادا زاهد مخدوم اسان جي تنظيم جو مرڪزي اڳواڻ هو. ثريا ڪتابن جو تمام گهڻو مطالعو ڪندي هئي تنهن ڪري سندس سوچ ۾ ليفٽ موومينٽ جي هاڪاري جهلڪ به نظر ايندي هئي. انهيءَ ڪري منهنجي سٺي دوست رهي آهي.