ڊاڪٽر اقبال احمد
پيرزاده
جولاء ۲۷/ جنم ڏينهن مبارڪ
اعظم ڀٽي
ڪي ماڻهو تاريخ کان
لِڪندا آهن ته ڪن ماڻهن کي وري تاريخ لِڪائي ڇڏيندي آهي. ائين ئي ڪن فردن کي وري
تاريخ نروار به ڪندي آهي. ان ڪاروهنوار ۾ مثبت ۽ منفي پهلو جو وڏو عمل دخل به
هوندو آهي. پر تاريخ جي تراني جو رڌم اهڙي ته رواني ۽ تسلسل سان هلي ٿو جو مثبت ڪردار،
سوچ ۽ عمل وارا ماڻهو، تاريخ جو روشن باب بڻجي ويندا آهن ۽ منفي ڪردار تاريخ جي ڊسٽ
بِن جو اهو ترو بڻجي ويندا آهن، جتي روشني جو ترورو به نٿو پهچي، جتي تاريخ جي
روشني جو ترورو نه پهچي. سمجهڻ گهرجي ته تاريخ ان ڪردار کي لِڪائي ڇڏيو آهي. جتي
فردن جي ڪردارن جي روشني سڀ پردا چاڪ ڪري نمايان حيثيت ماڻي وٺي ته اها پڪ ڄاڻڻ
گهرجي ته تاريخ پنهنجي ڪنهن باب کي روشن رکيو آهي. اهڙا ڪيترا ئي ڪردار آهن جيڪي
گُم به ناهن، لِڪل به ناهن، بس اهي اسان جي شعور، سمجهه ۽ سوچ جي اکين آڏو ڪيترن
ئي سببن جي ڪري ظاهر نه ٿي سگهيا آهن. پر تاريخ جي اها ذميدراي آهي ته اها انهن ڪردارن
کي پاڻ ئي ظاهر ڪندي رهندي آهي ۽ تيسيتائين ڪندي رهندي جيسيتائين ڪائنات جو هيءُ
چرخو چُرندو رهندو.
