; سنڌي شخصيتون: روشن علي تنيو، ڪھاڻيڪار، ناول نگار، نواز علي تنيو،
Showing posts with label روشن علي تنيو، ڪھاڻيڪار، ناول نگار، نواز علي تنيو،. Show all posts
Showing posts with label روشن علي تنيو، ڪھاڻيڪار، ناول نگار، نواز علي تنيو،. Show all posts

31 October, 2021

روشن علي تنيو - نواز علي تنيو

روشن علي تنيو

عوامي ليکڪ ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار

نواز علي تنيو



جھڙو نانءُ روشن ھيس تھڙو ئي روشن ٿي جڳ مشھور ٿيو. يار جو ديرو مطلب ته يار محمد تنيو جي اڏيل وستي يارو ديرو جيڪا ھن وقت ھڪ ننڍڙي شھر جو ڏيک ڏئي رهي آهي، تنھن جي خوشبو ڀري مٽيءَ ۾ مدفون نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار روشن علي تنيو جو جنم موھن جي دڙي جي مقدس مٽيءَ ڀرسان ڳوٺ ٺلاھ ۾ پهرين اپريل ۱۹۳۶ع تي ٿيو. بعد ۾ سندن خاندان ٺلاھ کي الوداع ڪري ڳوٺ يارو ديرو ۾ مستقل طور سڪونت اختيار ڪئي.