; سنڌي شخصيتون: خالد سعيد جان سرهندي

31 October, 2021

خالد سعيد جان سرهندي

خالد سعيد جان سرهندي

اعظم ڀٽي



ٽنڊو محمد خان ضلعي جي انتهائي معتبر سياسي ۽ سماجي شخصيت پير خالد سعيد جان سرهندي ۲۴ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع بروز سومر تي گهڻو عرصو علالت ۾ رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو. پير خالد جان سرهندي، پير  سرهندي خاندان جي ناليواري سياسي ۽ سماجي شخصيت پير محمد سعيد جان سرهندي جو فرزند پير عبدالله جان سرهندي عرف شاهه آغا جو پوٽو هو، سندس جنم ٽنڊو محمد خان لڳ قديم وسندي ٽنڊي سائينداد ۾ ٿيو. هۡو فطري طور لاتعداد صلاحيتن جو مالڪ هو ۽ آزادانه عملي سياست جو قائل هو، اهو ئي سبب آهي جو هۡو جنرل ضياءّ جي دور ۾ غير جماعتي بلدياتي چونڊن جي نتيجي ۾ حيدرآباد ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين چونڊيو ويو. ان عرصي دوران هۡو سدائين عوامي خدمت واري جذبي سان نه رڳو سرشار رهيو پر هۡن عملي طور اجتماعي عوامي ڀلائيءّ خاطر لاتعداد ڪم به ڪري ڏيکاريا. سندس سياسي ڪردار هميشه غير تڪراري رهيو، ان جي باوجود به هر پليٽ فارم تي هۡن عوامي مفادن خاطر وڏي جرئتمندي جو مظاهرو ڪيو، سندس سياسي مخالف به سندس مجموعي شريفانه ڪردار جي واکاڻ کانسواء نه رهي سگهندا هئا. 


هۡو پنهنجي خانداني روايتن جو امين شخص، خوش لباس ۽ خوش اخلاق شخصيت جو مالڪ،  هڪ وڏو مهمان نواز هو. راڄن ڀاڳن جو هميشه ڀرجهلو، ڏڍ ۽ حوصلو بڻيل رهيو. ضلعي ڪائونسل حيدرآباد جي چيئرمين جي حيثيت ۾ هۡن ضلعي حيدرآباد ۾ لاتعداد ترقياتي ڪم ڪرايا، انهن تاريخي ڪمن ۽ عوام جي خدمتن عيوض سندس نالو اڄ به عوام جي دلين ۾ زنده آهي. سياسي، سماجي، ذاتي حوالي سان سندس دوستيءّ، واسطن ۽ ناتن جو سلسلو به تمام گهڻو وسيع رهيو. ھۡو سچ جو  سالڪ به هو ته وري آزادانه سياسي، سماجي ۽ ذاتي فيصلا ڪرڻ واري سگهاري جذبي جو مالڪ به هو. ان صۡورت هۡن صوبائي سطح تي ٿيندڙ چونڊن ۾ به آزادانه طور چونڊ وڙهڻ واري روايت مان رستا ڳولڻ جي ڀرپور ڪوشش به ڪئي. توڙي جو انهن ڪوششن ۾ کيس ڪي خاطر خواهه نتيجا نه ملي سگهيا پر هۡو همت هاري، مايوس ٿي ويهڻ بجاء نوجوانن جي رهنمائي ۽ حوصلا افزائي ڪندو رهيو. سندس انهيءّ ئي حوصلا افزائي واري جوهر جو ثمر ئي هو جو سندس فرزند پير احمد سعيد جان سرهندي، سندس جانشين بڻجي ۲۰۱۵ع جي بلدياتي چونڊن ۾ آزاد حيثيت ۾ يونين ڪائونسل ٽنڊو سائينداد جو چيئرمين چونڊيو. پير خالد سعيد جان سرهندي هڪ طويل عرصو ڪرنگهي جي هڏي جي بيماري سبب انيڪ يادون، قصا ۽ ڪهاڻيون ڇڏي ۲۴ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع بروز سومر تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.

 

(اعظم ڀٽي، ٽنڊو محمد خان جي فيسبڪ ٽائيم وال تي ۲۴ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع بروز سومر تي رکيل/کنيل)


پير خالد سعيد جان سرهندي

هڪ بهترين انسان جي موڪلاڻي!

عبدالوهاب منشي

سرهندي خاندان ۽ منهنجي منشي فيملي جو سالن کان پراڻو تعلق رهيو آهي، ان کي اسان جي وڏن جا نالا به ياد هئا، جڏهن ته ان ڪڏهن به منشي هائوس ۾ پنهنجي جواني جا قدم نه رکيا هئا. پر هو پنهنجي وڏن کان ڳالهيون ٻڌيون هوندائين، ان گهراڻي وٽ  منهنجي پڙ ڏاڏي  جي هٿ جي ٺاهيل کٽاڻ  جي خوشبو ۽  آچار برياني اڄ تائين محفوظ آهي، ان کي حاجي امين دين منشي جو جلال به سٺي طرح ياد هو، ان کي پنهنجي والد ۽ منهنجي ڏاڏي محمد اسماعيل منشي جي دوستي جي به ڄاڻ هئي.  گول پارڪ، گول بلڊنگ جي جڳهه هئي ۽ شهري سياست ۾ اسان جي گهراڻي جو ڪردار به ڄاڻيندو هو.

سال ۲۰۰۷ ۾ ان سان منهنجي پهرين ملاقات منشي هائوس تي اسان جي بهترين دوست عبدالله حسين هارون ڪرائي هئي. پير صاحب  هي وهاب منشي اسان جو دوست آهي پوءِ پير صاحب ٻن پهرن جي ماني تي رسول بخش پليجو، ڄام ساقي، سليم شيخ، دودو مهري، رئيس رفيق راهو،  پروفيسر احمد شيخ ۽ ٻين دوستن جي سامهون هڪ ڊگهو داستان ٻڌايو ته منشي خاندان ۽ ٽنڊو سائين داد جي پير سرهندي خاندان جي پراڻي نياز بندي آهي، پوءِ هلندي هلندي دوست مان وڏو ڀاءُ ٿي ويو.

ها اهو هيو ٽنڊو محمد خان جي روحاني خاندان جو چشمه و چراغ پير خالد سعيد جان سرهندي ڇا ته ڪمال جو انسان هو، اڄ ان تاريخ  جو هڪ باب به هليو ويو، ڀائي جان خالد جان پنهنجي ذات ۾ هڪ فقير، سادو ۽ بي غرض انسان هو، جيڪو پنهنجي تڏي جو سخي ۽ ڪچهري جو مور هو. حسين هارون جڏهن اقوام متحده ۾ پاڪستان جو مستقل سفير بڻيو، ان وقت هو صرف حيدرآباد ۾ ٽن گهرن کي پنهنجو ٺڪاڻو بڻائيندو هو، هڪ  لطيف آباد ۾ سرهندي  هائوس، ٻيو آفتاب شاهه ڄاموٽ جو گهر ۽ ٽيون  منشي هائوس،  هي ٽئي گهر هئا. جتي حسين هارون پنهنجا معاملا اڳتي وڌائيندو هو، غير سياسي سيرگرمين جو مرڪز ڄاموٽ هائوس، جيڪڏهن پريس ڪانفرنس ڪرڻي هوندي هئي ته سرهندي هائوس ۽ جيڪڏهن وڏن سياستدانن سان گڏجاڻي ڪندو هو ته  منشي هائوس  تي ڪندو هو، ڇا ته دور هو.

منهنجو والد مرحوم شهاب الدين منشي، مرحوم آفتاب شاهه ڄاموٽ ۽ مرحوم پير خالد جان جون ڪچهريون هڪ فڪري  ويهڪ کان گهٽ نه هيون،  آفتاب شاهه ڄاموٽ  به ڪير سڏائي، هو سچو ۽ کرو انسان هو، بابا فقير صفت قابل انسان ۽ پير صاحب  ٿڌي طبيت جو شريف انسان، جنهن پنهنجي زندگي جي شروعات  لوڪل گورنمنٽ جي سياست کان ڪئي. پوءِ سنڌ جي سياست ۾ ان پنهنجو شاندار ڪردار ادا ڪيو، هڪ ايماندار انسان هو، ڪرپشن ۽ ٻه نمبري سياست کان سخت نفرت ڪندو هو، جيڪا ڳالهه هوندي هئي، منهن تي چئي ڏيندو هو.

پير خالد جان سرهندي هڪ بهترين شخصيت جو مالڪ هو، ان تي جيترو لکجي اهو گهٽ آهي، سندس اوچتو موت تي تمام گهڻو صدمو رسيو، هو گهڻي وقت کان بيمار هو، واقعي پير صاحب جو موت منهنجي دوستن لاءِ هڪ فڪر جو لمحو ۽ ڏک جي خبر آهي، پير خالد سعيد جان سرهندي تي هڪ تفصيلي مضمون لکندس،  اڄ بس جلدي ۾ مختصر لکي پير خالد سعيد جان سرهندي جي خاندان سان دلي همدردي ۽ ڏک ۾ برابر جا شريڪ ٿيا آهيون، الله پاڪ مرحوم کي مغفرت عطا ڪري ۽ سندس پوئنيرن کي صبر  عطا فرمائي آمين.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۶ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا