; سنڌي شخصيتون: پير بھاءُالدين ’بھا‘ سرھندي

31 October, 2021

پير بھاءُالدين ’بھا‘ سرھندي

پير بھاءُالدين ’بھا‘ سرھندي

محبوب مٺڙو

مٺل جسڪاڻي



اھو طئه آھي، ته پير بھاءُالدين ’بھا‘ سرھندي موجوده وقت ۾ موسيقيءَ جو مھندار ڄاڻو آھي ۽ لفظن جي جنھن ترتيب جي طابع، سازن جي جوڙ نڀائيندڙ ترتيب سان، جيڪو رس ڀريو سر ڇيڙي، آوازن جي وڻندڙ آلاپن جي مدد سان، روح جي غذا تيار ڪئي ويندي آھي، ان شاعريءَ تي به ايتري گرفت رکي ٿو، جيتري موسيقيءَ ۾ مڃرائي چڪو آھي.


طبيعت ۾ اھڙو مٺڙو، جنھن جو مثال به پاڻ آھي، ته محبتن ۾ به اھڙو منفرد، جو مفاصلي جا ميل نه ڳڻيندو آھي. ڪير ڪٿان ٻه پير ڀري آيو آھي يا کيس ڪيترا ميل سفر ڪري پھچڻو پيو، آيل سڀني جي آجيان ھڪ جھڙي! مھل ۽ موقعي جي تاڙ ته ممڪن آھي، پر اھو ممڪن ئي ڪونھي، ته ڪنھن آيل کي مانُ نه ملي. جنھن وٽ وڃي، ته ان کي پري جي پنڌ جو ڪو ڏوراپو به نه ڏي.

ماڻھن سان ملندو رھڻ ۽ عمر جي ان ڏاڪي ۾ ھجڻ، جنھن ۾ کيس خبر به پئجي ويندي آھي، ته اڳيون صرف سندس حدف سان ملڻ آيو آھي، پر مانُ ان کي به ايترو، پنھنجي ڪنھن پرين پياري کي جيترو...

ڪنھن جي دل رنجائڻ، پاڻ ته پيريءَ ۾ به سکي نه سگهيو آھي، پر برداشت ايتري، جو ڪير اندر ساڙ ورتاءُ ڪندو، اندازو ٿي ويندو، پر پاڻ پيو پچندو پڄرندو، ٻئي ڪنھن کي دانھن ته نه ڏيندو، پر دل جو بار ھلڪو ڪرڻ لاءِ به، ڪوشش ڪري، ٻئي کي کڙڪ پوڻ به نه ڏيندو آھي.

وٽس ايندڙ ويندڙ، ڪنھن مخصوص سوچ وارا نه ھوندا آھن، پر پير بھا، سڀني سان ساڳي ريت پريت سان نڀائڻ جي ڪوشش ڪندڙ، اھو راڄائتو شخص آھي، جنھن جھڙو ڪو ٻيو شاعر، ڳولئي به شل ملي.

پير بھا جي شخصيت، اٿڻ ويھڻ، ڳالھائڻ ٻولھائڻ، مرڪڻ کلڻ، ملڻ موڪلائڻ جي حوالي سان، جيترو به لکبو، اھو اڻ پورو ئي رھندو.

پير بھا ڪھنه مشق شاعر آھي. توڙي جو مختلف صنفن ۾ طبع آزمائي ڪندو رھيو آھي، پر پاڻ بھترين غزل گو شاعر آھي. پير بھا، عام غزل گو شاعرن وانگر، چار يا پنج شعر لکي، غزل لکڻ جو دعويدار ٿيڻ بدران، صرف قافيو ۽ رديف ملائي، ڊگها غزل لکندڙ چوائڻ بدران، ڀرپور تاثر ڇڏيندڙ، غزل جي تمام سٺن شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. سندس مجموعي شاعري ۾، منھنجي اندازي مطابق، پير بھا جا طويل غزل، ڳاڻيٽي ۾ وڌيڪ ملندا. سندس غزل، ڪلاسيڪل رنگ ۾ به رڱيل آھن، ته جديد غزل جي معيار ۾ به مٿاھين سطح تي بيٺل آھن. سندس غزل پڙھڻ سان ئي، سندس اوليت ۽ دلچسپي جا موضوع، پڙھندڙ جي علم ۾ اچي سگهن ٿا.

پير بھا ھڪ غزل جي ھڪ شعر ۾، شاعر جي وصف ھن ريت لکي آھي:

مارن جا جو درد نه ڄاڻي،

خالي آھي شاعر ناھي.

ماحول جي گهڻ پاسائين جائزي ۽ صورتحال جي پيش نظر، ھڪ غزل ۾ خيال آرائي ھيٺين ريت ڪئي اٿائين:

غير تي ھاڻي ميارون ڪين بلڪل اي بھا،

دشمـنيءَ ۾ پاڻ اڳتي پنھنجا دلبر ٿا لڳن.

سندس ھڪ غزل جا لاڳيتا (ھڪ ٻئي پٺيان) ٻه منفرد شعر آھن:

نڀائڻ جو مٺا سائين وچن وسري نه ٿو بلڪل،

ملو گر ڪين ٿا پو ڀي اوھان جو انتظار آھي.

وري بس بيقراريءَ ۾ تصور ٿو ڪيان جڏھين،

ته ٿورو يا گهڻو بلڪل ملي ويندو قرار آھي.

پيار ۽ محبت جي حوالي سان، پير بھا جي سرجيل ھڪ غزل جي لاجواب علامتي مطلع آھي:

ذرو حال دل جو سلڻ ھت منع آ،

حقيقت به ھاڻي پڇڻ ھت منع آ.

پير بھا ڊگهي وزن ۾ به بھترين غزل لکيا آھن، ته ننڍي بحر ۾ پڻ مثالي غزل تخليق ڪيا آھن. انھن مان ھڪ غزل جي ھيٺئين مقطع، غزل جي اڏام ڏسڻ ۽ سمجهڻ لاءِ ڪافي آھي، اوھان به پڙھو:

قيد ھاڻي ڇو ڪجي،

ڪو ’بھا‘ آواز کي.

سچ اھو به آھي، ته دنيا تمام تيزي سان تبديلي جا ڏاڪا اڪرندي، الئه ته ڪٿان کان ڪٿي وڃي پھتي آھي، پر ھي به ته ھڪ حقيقت ئي آھي، جيڪا پير بھا سندس ھڪ غزل جي شعر جي صورت ۾، تاريخ ۾ داخلا طور رقم ڪئي آھي:

وجهايا ته ڍارا کڻي روز منتر،

مگر ڪين ھٿ ۾ اچن ٿا خزانا.

پير بھا جي لاجواب تخيل جو اندازو، ھيٺئين شعر مان به لڳائي سگهجي ٿو، پر ان لاءِ گهربل مطالعي ھجڻ جو شرط به پنھنجي جاءِ تي اھم آھي. پاڻ چئي ٿو:

ٿي رنو مون ڏٺو بارھا،

ڪو ته ھو درد آڪاس کي.

ٻيا شاعر نظم ڪھاڻيون لکن ٿا يا وري ڪي گيتن ڀريون ڪھاڻيون لکندا، ريڊيو تان نشر ڪندا رھيا، پر پير بھا، غزل ۾ به ڪھاڻي لکي آھي. جنھن ۾ نچڻي جي سڄي ماحول جي عڪس بندي ڪيل آھي. توڙي جو ان غزل جو بحر به مختصر استعمال ڪيل آھي، پر نڀاءُ به مثالي آھي. منھنجي خيال ۾، ھي غزل ڪھاڻي، اوھان کي مڪمل پڙھائي، پنھنجي خيال ونڊ جي پڄاڻي ڪجي. ان ڪري اوھان پھرين اھو غزل پڙھو، پوءِ ان غزل جي گھرائي جو حض حاصل ڪري، اھو سحر ماڻيو، جنھن سحر ۾ پير بھا اھو غزل لکيو، مون اوھان جي مطالعي لاءِ ونڊ ڪرڻ ضروري سمجهيو. غزل آھي:

واعظ پيو فرمائي ـ

 نچڻي گھونگھٽ پائي!

شرط مگر ھي آھي ـ

 ڇير نه ھو ڇمڪائي!

بلڪل ھو ٿو چاھي،

ڪين وڄائي ڳائي.

شادي خاطر بلڪل،

 نچڻي ٿي واجھائي.

ڪير نه ھن جو آھي،

ويچاري ورسائي.

ٿاٻن دڙڪن اندر،

ھر ھر نيس نمائي.

ڪونه وري ڪو ماڻھو،

لائون ھن سان لائي.

مجبوري ۾ يارو،

اوبارو ٿي کائي.

اجڙيل کي ڇو آخر؟

لوڪ سڄو ڌمڪائي!

چرخو ڪوڙو اھڙو،

تن کي ٿو تڙپائي.

ھاڻي ’بھا‘ ھو بلڪل،

ڪاري ٿي سڏرائي.

 

(مڊ ويڪ اسپيشل، روزاني عبرت حيدرآباد، اربع ۲۷ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع)

No comments:

راءِ ڏيندا