; سنڌي شخصيتون: نورمحمد سيال - خالد حسين چنا

31 October, 2021

نورمحمد سيال - خالد حسين چنا

نورمحمد سيال

سندس زندگي جو مختصر احوال ۽ ڪارڪردگي...

خالد حسين چنا



سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي سٻاجهي ساٿ ۾ شامل هئڻ ڪري اسان کي سڄي سنڌ جي واهڻ وستين کي بار بار گهمڻ جو نه صرف موقعو مليو پر ڪيترن ئي املھ ۽ پيارن ماڻهن سان اڻٽٽ تعلق جڙيو جيڪي “پسو جيئن پاڻي هر رنگ ۾ رلجي وڃي” وانگر روح جي رشتن سان اهڙا ته سلهاڙجي ويا آھن، جو هاڻي اهو اڻٽٽ رشتو هر ڏينهن اڃا به وڌيڪ مضبوط ٿيندو پيو وڃي.


سنڌ سونهاري ڀاڳن واري ڀونء تي ڪيترائي گمنام ٻيجل پنهنجي فن جو ڪمال رکن ٿا، پر اهي گمنام ٻيجل ان انتظار ۾ آهن ته ڪڏھن ٿو وقت جو راءِ ڏياچ  جديد دور جي مصنوعيت جي موه مان نڪري الستي آواز ڏانهن ڪن ڏئي! جهڙيء طرح ڪي وينجھار ئي اصل هيرو سڃاڻي سگهن ٿا. ڪيمياگر ئي صحيح سون يا نسورو ڦيٽ پڪڙي سگهن ٿا، اهڙيء طرح  مردم شناس ۽ قدردان ماڻھو ئي اصلي، نسلي ۽ بي لوث، محبتي ماڻھن کي سڃاڻي سگهن ٿا جيڪي اڄڪلھ جي مصنوعيت ۽ نفسانفسيء واري دور ۾ ناپيد  ٿي ويا آهن. ان ڪري هن گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ ڪي پرين پيارا محبوب دوست ملي پون ته زندگي ۾ پيدا ٿيندڙ بيچينيء کي ختم ڪري سگهجي ٿو ۽ سورن کي سوغات سمجهي سهي سگهجي ٿو. پوءِ ڀلا ڇونه چئجي ته خوش نصيب آهن اهي ماڻهو جن کي پنهنجي زندگيء ۾ همدرد ۽ محبوب دوستن جو ساٿ نصيب ٿيو آهي!

جڏهن ڪر ٿيام، ساڃاء سپرين سين،

تڏهن ڪر تر جيترو ويل نه وسريام،

اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري

هڪڙا ماڻهو وڏا عالم، اديب، خلوص ۽ بهترين اخلاق جا مالڪ هوندا آهن ته ٻيا وري انهن جي صحبت ۾ رهي علم ادب ۽ اخلاق وارا ٿي ويندا آهن.

صحبت صالحن جي آھي اندر جواوجار،

لاهين ڪٽ قلب جي جيئن لاهي قلعيدار،

تن وٽ گهڙيون چار، لڙي وڃج لطيف چئي.

مڃون ٿا ته اڪثر ڪري شاعرن، اديبن، دانشورن، ليکڪن ۽ فلسفي ماهرن تي لکيو ويو آهي، ڪي دوست اهڙا به هوندا آھن جيڪي نه اديب هوندا آھن نه شاعر، پر اهڙا بهترين، بي لوث ۽ پرخلوص ماڻھو هوندا آھن جن لاء   دل پئي چوندي آھي ته انهن مٺڙن ماڻھن تي ضرور لکجي!. اهڙن ماڻھن مان نور محمد سيال به هڪ آهي.

نور محمد سيال نه ڪو اديب شاعر آهي ۽ نه ئي ڪو برک عالم آهي پر هو خاص خوبين وارو عام انسان آهي. نور محمد سيال جي دوستي جو دسترخوان وسيع آهي، هن جو هٿ کليل آهي، هو سخي آهي ۽ سڄي سنڌ ۾ ٿر بر، وستي واهڻ، لاڙ ڪاڇي، جتي به ڪا آفت ايندي آھي، ياڪو ضرورتمند مدد جي اپيل ڪندو آھي ته هو پيو پنهنجي منهن ۽ پنهنجي حال آهر غريب بي پهچ ۽ مسڪين ماڻهن جي مدد ڪندو آهي. غريب شاگردن کي يونيفارم ۽ ڪتاب وٺي ڏيندو آهي، عيدن تي ڍور ڪهي ۽ راشن وٺي غريب ماڻهن جي مدد ڪندو آهي.  هن جي اجرن ڪپڙن تي ڪڏهن به بدنيتي وارو داغ نه لڳو آهي. هو اڪثر ڪري ڳالهائڻ وقت پيو صاف ڪپڙن کي ڇنڊيندو آهي.

گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سيوهڻ جو پرنسپال پروفيسر علي اڪبر ميمڻ صاحب مونکي چوندو هو ته جيستائين نور محمد سان گڏ آهين ته تون  نور آهين!  ان ڪري مان به جهر جهنگ بي ڌڙڪ نور محمد سان گڏ پيو گهمندو ڦرندو  آهيان.  هو تتي ٿڌي، آڌي مانڌي، سدائين سفر ۾ رهندو آيو آهي.

هو دل جو صاف ۽ طبيعت ۾ فقير منش ماڻهو آهي.

سندس طبيعت ۾ ڪاوڙ ته آھي ئي ڪانه! پر ڪڏھن ڪاوڙ ڪيائين به ته چند منٽن کان پوء وري ساڳئي جو ساڳيو!

هن جي دل قلندري ۾ دم دم ڌمال آهي. هو پنهنجي زندگيءَ جا فيصلا عقل سليم مطابق ۽ دوستن جي صلاح سان ڪندو آهي، ان ڪري سدائين ڪامياب ۽ ڪامران رهيو آھي.

نور محمد سيال ۷ مارچ ۱۹۶۰ عيسوي تي ڳوٺ ٽنڊو شهباز، سيوهڻ ڀرسان پيدا ٿيو. هن پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ۽ ميٽرڪ ڳوٺ ڀرسان گورنمينٽ هاءِ اسڪول آراضي مان حاصل ڪئي. نور محمد سيال سنڌ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪئي آهي جڏهن ته هن شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ مان اڪنامڪس ۾ ماسٽرز جي ڊگري پڻ حاصل ڪئي آهي.

۲۱ مئي ۱۹۸۰ تي جونيئر ڪلارڪ طور سرڪاري ملازمت اختيار ڪيائين ۽ ۲۴ ڊسمبر ۲۰۰۵ کان گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج سيوهڻ ۾ سپرنٽينڊنٽ مقرر ٿيو، جتان ۶ مارچ ۲۰۲۰ تي ۶۰ سالن جي عمر پوري ڪري رٽائرڊ ٿيو.

هن پنج سال گورنمينٽ مهراڻ ڊگري ڪاليج مورو ۾ ۽ ۳۵ سال سيوهڻ ڪاليج ۾ نوڪري ڪئي جيڪو پڻ هڪ رڪارڊ آهي. ان دوران هو ڪاليج ۾ تمام گهڻو ريگيولر هوندو هو. هن کي ڪاليج کان سواءِ ٻئي هنڌ ڪٿي،  مزو گهٽ ايندو هو. مان گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سيوهڻ ۾ چار سال هن سان گڏ رهيم. هن جي آفيس  اڪثر ڪري دوستن، پروفيسرن ۽ ڪاليج جي عملي سان ڀريل ھوندي هئي. هن وٽ چانھ ۽ چاھ واريون ڪچهريون ھر روز روان دوان هونديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن ڀان سيد آباد جي بهن جي پڪوڙن جون گرم گرم ٽڪيون ۽ اگم جو اصلي حلوو هوندو هو. هن جي ڪچهري دوران وقت گذرڻ جو احساس ئي ڪونه ٿيندو هو. مون اڪثر ڪري هن کي ڪاليج جي بهتري لاءِ ۽ دوستن جي ڪم ايندي ڏٺو، ڪاليج جي پلاٽ تي قبضي خلاف ڪورٽ ۾ ڪيس وڙهندي ۽ اتان سچائيء سان سرخرو ٿيندي ڏٺو آهي.

نور محمد سيال سگا سيوهڻ شاخ جو ميمبر ٿي ۱۹۹۲ع ۾ سگا جي ساٿ ۾ شامل ٿيو. ۱۹۹۳ ۾ سگا سيوهڻ شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيء جو ميمبر چونڊيو ويو. هو سگا سيوهڻ شاخ جو ڪيترائي ڀيرا ماليات سيڪريٽري ۽ صدر پڻ ٿيو.

نور محمد سيال صاحب، روشن تارا اسڪول سيوهڻ شريف جو ۲ڀيرا وائيس چيئرمين ۽ ۶ ڀيرا چيئرمين رهيو آهي ۽ سگا مرڪز ۾ ۸ ڀيرا مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽيء جو ميمبر رهيو آهي . پاڻ هن وقت سگا مرڪز ۾ سيڪريٽري ماليات جهڙي اهم ذميواري خوش اصلوبي سان نڀائي رهيو آهي.

هو  پبلڪ اسڪول گڏاپ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر پڻ آهي.

نور محمد سيال صاحب کي سماجي ڪمن ۾ تمام گهڻو سڪون ملندو آھي ۽ اڪثر ڪنهن نه ڪنهن ڪم ۾ مصروف  ڏٺو ويو آهي. سگا سيوهڻ شاخ طرفان مفت اکين جي ڪيمپ هجي يا چمڙي جي بيمارين کان علاج واريون ڪئمپون هجن، هو ڏينهن رات هڪ ڪري، ساٿين سان گڏجي ڪئمپ کي ڪامياب ڪرائڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏيندو آهي.

نور محمد سيال صاحب روشن تارا اسڪول سيوهڻ جي هلائڻ ۾ روح روان ۽ مير ڪاروان رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هر پروگرام ۾ ۽ هر ميدان ۾ روشن تارا اسڪول سيوهڻ جي شاگردن پاڻ ملهايو آهي. روشن تارا اسڪول سيوهڻ جي سالياني تقريب جا فنڪشن هميشه کان بهترين ۽ يادگار رهيا آهن. معياري تعليم جي حصول لاءِ نور محمد سيال ۽ ساٿين جو ڪاوشون ۽ ڪوششون قابل تعريف آهن. هن جون ڪوششون غريب ماڻهو جي ٻارن جي روشن مستقبل جون ضامن  آهن. هتان جا شاگرد دنيا جي يونيورسٽين ۾ پاڻ مڃائي ڪامياب زندگي گذاري رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو روشن تارا اسڪول سيوهڻ ڪيترائي ڀيرا بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي بهترين اسڪول جو ايوارڊ پڻ حاصل ڪري چڪو آهي.

نور محمد سيال کي بي لوث خدمتن جي مڃتا طور ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آهن. سگا طرفان سلور ميڊل، گريجوئيٽ شيلڊ ۽ گولڊ ميڊل مليل آهي. ان کان علاوه ٻين سماجي تنظيمن جي پاران ڪيترائي مڃتا سرٽيفڪيٽ ۽ ايوارڊ پڻ کيس ملي چڪا آهن. پر حقيقت ۾ هن جا اصل ايوارڊ هن جا دوست آهن جيڪي خير جي ڪم ۾ هميشه هن جي ساٿ ۾ هوندا آهن. آئون نور محمد سيال کي مرشد لطيف جو شعر ارپيان ٿو، جنهن ۾ هو پنهنجي پرين ۽ مٺڙي محبوب لاءِ دعا گهرندي چئي ٿو ته منهنجي اڱڻ تي تيز رفتار وارو بهترين تازي گهوڙو هجي جنهن سان سفر سولائي سان ڪري سگهجي ۽ اڳواڙي کان ٻاهر بهترين کير ڏيندڙ ڪنڍيون مينهون هجن جن سان کائڻ پيئڻ جو مسئلو حل هجي. گهر پڪو ۽ مظبوط هجي. پلنگ به سهڻو سجايل هجي ۽ پاسي ۾ محبوب ويٺل هجي پوءِ ڀلي پيا مينھن وسن. دعا آهي اسان ۽ اسان جي محبوب جا هڪ جهڙا خوش حال ۽ خوش گوار ڏينهن گذرن.

اڱڻ تازي، ٻھر ڪنڍيون، پکا پٽ سونھن،

سرهي سيج، پاسي پرين، مر پيا مينھن وسن،

اسان ۽ پرين شال ھون برابر ڏينھڙا!

نور محمد سيال بطور سپرنٽينڊنٽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سيوهڻ جي ۶ مارچ ۲۰۲۰ تي پنهنجي زندگيءَ جون سٺ بهاريون پوريون ڪندي وڏي شان مان محبتن ۽ دعائن سان نوڪري کي الوداع ڪيو.

نور محمد سيال صرف قلندر جي نگريء جو رهاڪو ڪونهي پر هن  ۾ قلندري صفات به آهن.هو جلال ۽ جمال جو مرڪب آهي. هن جي دوستيء جو حلقو سڄي سنڌ ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين وسيع آهي. هو وڏي رهائي ۽ شناس وارو ماڻهو آهي. هن جو ڀاڳ بخت بلند آهي. هو اڻموٽ ۽ هميشه سوڀارو رهيو آهي.

رب پاڪ کان دعا آھي ته نور محمد سيال زندگيء جا ڏينهن پنهنجي اهل عيال سميت صحت ۽ سلامتي سان گذاري. هو هميشه خوش رهي، آباد رهي! آمين

جتي هجو سکيا هجو، اسان جي آ دعا اها.

 

(خالد چنا، سيڪريٽري جنرل سگا جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۹ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا