سائين بشير کوکر
بھتر انسان کان شفيق
استاد تائين جو سفر
الطاف پيرزادو
ٻار کي ڳالھائڻ، ٻاتي
ٻوليءَ ۾ ٻولڻ، چيچ کان وٺي ھلڻ امڙ ۽ ابو سيکاريندا آھن، ٻار لاءِ پھرين درسگاھ ۽
تربيت گاھ، ماءُ جي ھنج ئي ھوندي آھي پر اھو ٻار جڏھن اسڪول وڃڻ شروع ڪندو آھي ته
ان درگاھ مان کيس پنھنجي ۽ پنھنجن پيارن توڙي اوڙي پاڙي وارن جي زندگي سنوارڻ جا
گس ملندا آھن، بري ۽ ڀلي جي پرک جو شعور ملندو آھي ۽ اھو شعور ان کي استاد جي محنت
جي ڪري ئي ملندو آھي. اھو ئي سبب آھي جو ھڪ شاگرد وٽ استاد جي ابي امڙ جيتري ئي
اھميت به ھوندي آھي ته عزت به. سائين بشير کوکر منھنجو استاد آھي، اسان
پنھنجي ڳوٺ جي اسڪول گورنمينٽ پرائمري اسڪول
حاجي لعل بخش شيخ، جيڪو بلھڙيجي جي نالي سان مشھور آھي، ۾ جن استادن وٽان پرائمري
يا بنيادي تعليم حاصل ڪئيسين تن ۾ سائين بشير کوکر به سر فھرست آھي. ھن جو ڳاڻيٽو بھترين استادن ۾
ٿئي ٿو جن ڪيئي نسل سنواريا.
سائين بشير کوکر
اصل رھاڪو ته ٻلھڙيجي جي ڏکڻ ۾ ڪجھ ڪلوميٽرن جي فاصلي تي قائم گوٺ گاجيديرو جو آھي
پر ھن جو اسان جي گوٺ سان ڄڻ رت جو رشتو ھجي، پنهنجائپ جا اھڙا پيچ جيڪي وقت گذرڻ
سان مضبوط ئي ٿيندا رھيا آھن. اسان جي ڳوٺ ۾ وڏيري امن جي اوطاق ھر مسافر جو ٿاڪ
به رھي آھي ته ڪچھرين جو مرڪز به، نئين نسل جي تربيت گاھ به ته راتين جون راتيون
سياسي بحثن جي آماجگاھ به، اکين جي خمار جي ٿاڌل کان ويندي تاش راند تائين ھي
اوطاق وندر جو سامان به مھيا ڪندي رھي آھي. ان وڏيري امن جي ننڍي ڀاءُ سائين ڪمال
خان، جيڪو به استاد ھو تنھن جو پڳ مٽ يار ھئو سائين بشير کوکر جو والد سائين لقمان
کوکر، جيڪو به ٻار پڙھائڻ واري عظيم شعبي سان لاڳاپيل ھو، سو ان حوالي سان ٻلھڙيجي
سائين بشير کوکر جو ٻيو گھر آھي، ھن جو ٻلھڙيجي سان تعلق اھڙو ته گھرو آھي جو اڪثر
ماڻھو کيس سمجهندا ئي ٻلھڙيجي جو رھواسي آھن.
سائين بشير جو ڳاڻيٽو
انھن استادن ۾ ٿيندو رھيو آھي جيڪي پيار سان ڪيئن نسل سنواريندا رھيا آھن ۽ مار کي
سنوار جو ذريعو به سمجھندا رھيا آھن. اسان اڄ جنھن ھنڌ جنھن منزل تي پھتا آھيون
تنھن ۾ سائين. بشير جھڙن استادن جو ئي مک ڪردار آھي. اھي استاد ئي ھئا جن نصابي تعليم
سان گڏ زندگي جو علم يعني ننڍي وڏي جي عزت ڪرڻ، وڏن جو احترام، نوڙت ۽ عاجزي به
سيکاري. سائين بشير جن جو گھر جيئن ته پنھنجي ڳوٺ جو علمي گھراڻو رھيو آھي تنھنڪري
اڄ سوڌو پنھنجو اھو فرض نڀائيندو پيو اچي.
سائين بشير ۲۲ نومبر ۱۹۸۱ع تي پرائمري استاد مقرر ٿيو. سڀ کان پھريون
گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ سيد بچل شاھ تعلقي وارھ ۾ مقرر ٿيو جتي ڇهھ مھينا سندس
پوسٽنگ رھي ان کانپوءِ بدلي ٿي اسان جي ڳوٺ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول حاجي لعل
بخش شيخ ۾ مقرر ٿيو جتي ۲۰۰۰ع تائين رھيو، جنھن بعد پنھنجي ڳوٺ گاجيديري ۾ مقرر ٿيو ۽ اڄ سروس جا ۳۹ سال پورا ڪري ريٽاير ٿي رھيو آھي ڇاڪاڻ جو
نوڪري لاءِ عمر جي مقرر سٺ سالن واري حد پوري ٿي وئي اٿس، ٻين لفظن
۾ سائين بشير اڄ سٺ سالن جو ٿي ويو آھي، اڄ کانپوءِ ھن جي زندگي جي نئين روٽين شروع
ٿي رھي آھي، ھو جيئن تي تتئ ٿڌي ڪاھ جي
اصول تي ھلندو رھيو آھي تنھنڪري ماٺ ڪري ويھڻ وارو ناھي.
سائين بشير منھنجو، منھنجي سينيئر ۽ جونيئر ٽھي جو استاد
رھيو آھي، تنھنڪري ھن سان استاد وارو رشتو ته تاقيامت قائم رھڻو آھي پر ھو استاد
کان وڌيڪ دوست لڳندو آھي. اھڙو دوست جنھن سان حجتون آھن، ڀوڳ ٺڪاءَ رھندا آھن،
جنھن سان ملي دل کي راحت ملندي آھي، دل وڏي ٿي ويندي آھي.
سائين بشير اڄ
توھان ريٽائر ٿي رھيا آھيو، اڄ کان اوھان جي زندگي جو ھڪ نئون سج اڀري رھيو آھي، سڀاڻڪو
سج نئون نياپو کڻي اوھان جي اڱڻ تي اڀرندو، جيڪو نئين عزم ۽ ولولي جو نياپو ھوندو،
جيڪو اڳتي جي پرسڪون زندگي جو نياپو ھوندو
جيڪو سرڪاري نوڪري جي قيد مان آزادي جو نياپو ھوندو. ھاڻي اوھان رات ڏينھن ھڪ ڪري
پنھنجي ڳوٺ ۽ تر ۾ علمي انقلاب آڻڻ لا۽ پتوڙيو، نياڻين جي سو سيڪڙو تعليم يقيني بنائڻ لاءِ پتوڙجو، ڇو جو اھا تعليم
ئي آھي جيڪا انسان کي شعور ڏئي ٿي. اھڙو شعور جيڪو پنھنجا حق طاقتور کان ڇني
وٺڻ جي سگهھ ڏئي ٿو، جلا بخشي. ھڪ شاگرد جي حيثيت ۾ اڄ اوھان کي جھڪي سلام ٿو پيش ڪيان
۽ اوھان جي نئين زندگي لاءِ نيڪ تمنائون.
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪرچيءَ ۾ ۲۸ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
بشير کوکر
انقلاب جي راهه جو گمنام
مسافر
زبير ٻگهيو
انسان جي سڃاڻپ جا
مختلف حوالا هوندا آهن پر هن جي سڃاڻپ جا به ڪيترا ئي حوالا آهن. سندس پهريون
حوالو ڳوٺ ۽ تر ۾ غير معمولي قد جي ڪري مليل مشهوري آهي، جڏهن ته ٻيو حوالو هن جو
استاد هجڻ آهي، جنهن شعبي ۾ هي پنهنجي پيءُ کانپوءِ ٻي پيڙهي طور ان ڪرت سان لاڳاپيل
آهي، جڏهن ته هن جو ٽيون حوالو سندس ڪامريڊ هجڻ آهي جنهن جي شايد اسان جهڙن
نوجوانن کي گهٽ خبر آهي.
روس جڏهن اکين ۾
انقلاب جا سرخ خواب سجائي افغانستان جي پٿريلي سرزمين کي فتح ڪرڻ لاءِ انقلاب ثور
جو معاونت بڻيو هو، جڏهن ڪامريڊ نذير عباسي نالو بدلائي ”مشتاق شاھ“ بڻجي ٻلهڙيجي
جي گهٽين ۾ گهمندو هو، جڏهن انور پيرزادو ۽ گلاب ٻلهڙيجي ۾ شاھ لطيف جو ڏهاڙو ۽ ڪامريڊ
حيدر بخش جتوئي جي ورسي جا ڏهاڙا ملهائڻ لاءِ ڳوٺ ڳوٺ، گلي گلي انقلاب جا نعرا هڻندا
۽ گيت ڳائيندا چوندا اچن
انقلاب انقلاب
ڌوڏ هن سماج کي
لوڏ سامراج کي
جيئن چڱو چئي عوام
هي نظام آ خراب
انقلاب انقلاب
جا نعرا لڳندا هجن
ته اهڙي ڪيفيت ۾ انسان پاڻ کي ڪيئن ٿو روڪي سگهي. ڪيئن ٿو غير جانبدار بڻائي سگهي.
اهو دور سنڌ ۾ انقلاب سان عشق ۽ رومانس وارو دور هو، هن به اهو عشق ڪيو جيڪو هڪ
آدرشي ۽ انقلاب جا خواب ڏسندڙ ساٿي ڪندا آهن، هو ترقي پسند تحريڪ جي سٿ جو ساٿي بڻجي
ويو
هو ڄائو ته ڳوٺ
گاجيديرو ۾، سائين لقمان کوکر جي گهر ۾ هو پر هن جي سڃاڻپ ٻلهڙيجي بڻي.
جتي هو ڪاڪي قربان
پيرزادو جي گهر ۾ رهي ستون ۽ اٺون درجو مڊل اسڪول موئن جو دڙو ۾ پڙهيو. هن جي
خاندان جي پيرزادن جي اڳئين ويڙهي يعني ڪاڪي قربان وارن سان رفاقت ۽ محبت جو سلسلو
۽ هڪ ٻئي ڏي اچڻ وڃڻ جو رستو پاڪستان جي ٺهڻ کان به اڳ جو آهي. جڏهن ڪاڪو قربان ٽي
درجا ڪاراڻي اسڪول ۾ پڙهيو هو ته ان وقت هو سائين لقمان کوکر وارن جي گهر رهندو هو
جتان جڏهن واپس گهر موٽيو ته پڪو نمازي ٿي وريو. جڏهن سائين لقمان جو فرزند تعليم
جي لاءِ ڪاڪي قربان وارن وٽ رهڻ لڳو جتي انهن هن کي پنهنجي نمازي ٿيڻ جي پلاند ۾ ڪامريڊ
بڻائي ڇڏيو.
ٻلهڙيجي، پنهنجي
پسگردائي ۾ اهڙي پروڻ وانگر آهي جيڪا پنهنجي تر جون چڱيون شيون چونڊي پاڻ وٽ رکي ڇڏيندي
آهي، جنهن جي جهولي ۾ ڪيترائي لال اچي پيا آهن جن مان هڪ موتين جهڙو سائينءَ بشير
کوکر به هڪ آهي جنھن کي ٻلهڙيجي جي ماڻهن ڪڏهن به ٻيو نه سمجهيو آهي. هو پنهنجي
مزاج ۾ کلڻو ملڻو ۽ موڊائي به نظر ايندو آهي . ٻلهڙيجي جن ماڻهن کي پنهنجي جيءَ ۾
جاءِ ڏني آهي. جن کي هميشه پنهنجو سمجهيو آهي ان ۾ سائين بشير جي حيثيت نمايان آهي
هو ٻلهڙيجي جي خوشين ۾ ڪاڄ سنڀاليندڙ جي حيثيت ۾ نظر ايندو آهي ته غمين ۾ به هو
اسان کي ڪنهن پنهنجي جو غم ڪندي نظر ايندو آهي.
سائين بشير، ٻلهڙيجي
جي تمام ٿورن انهن استادن ۾ ليکيو ويندو آهي جن کي سياست جي به ڀلي پروڙ پوندي
آهي. سندس سوچ جو هڪ پاسو مارڪسي فڪر، سياست سان به سرشار آهي. هن جي سياسي سفر جو
آغاز ۱۹۸۰ع ۾ سنڌ هاري ڪميٽي ۾ شموليت سان ٿيو. سندس شموليت جي هڪ سال بعد ٻلهڙيجي
۾ سنڌ هاري ڪميٽي ڪنوينشن ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ورسي پڻ ملهائي وئي جنهن ۾
سنڌ ترقي پسند تحريڪ جا اڳواڻ ۽ ليکڪ پهتا جن هن جي سياسي وابستگي تي گهرو اثر ڇڏيو.
روس جي تعاون سان افغانستان ۾ آيل انقلاب ثور کي روڪڻ جي لاءِ هتي به وڏي پيماني
تي ڪوششون ورتيون ويون. سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر خلاف آپريشن جو هٿ ڪنڊو اصل ۾ انقلاب ثور
کي روڪڻ جي سازش هئي. ان دور ۾ آرمي آپريشن ڌاڙيلن خلاف هو جنهن ۾ هن کي به اهو
چئي کڻي کڻي ويا هئا ته عام ماڻهو اسان جي ڳالھه نه ٿا سمجهن توهان هلي هنن کي
اسان جي ڳالهه سمجهايو ۽ اسان کي هنن جي سمجهايو، جنهن جي ڳالهه ڪندي هن اهو واضع ٿي
ڪيو ته سندن اصل مقصد سنڌ ۾ موجود روس حمايت ۽ افغانستان انقلاب حمايت ڪامريڊن کي
روڪجي، جنهن جي پسمنظر ۾ هن کي به تشدد سهڻو پيو.
ضيائي آمريت جي ڪاري
دور ۾ جڏهن رسالن اخبارن تي پابنديون هيون ان دور ۾ طارق اشرف جو سهڻي رسالو ۽
مهراڻ، نئين زندگي وڏي ذوق ۽ شوق سان پڙهندو هو.
ان دور ۾ هن ڪيترن
ئي ترقي پسند ادب جي لکارين کي پڙهيو جنهن ۾ هن سرخ انقلاب جي علامت سمجهيا ويندڙ
تقريبن سڀ ڪتاب پڙهيا ٽالسٽاءِ، دوستو وسڪي، ۽ گورڪي سندس محبوب ليکڪ هئا، جڏهن ته
پاڪستان ۽ هندستان جي گڏيل پسنديده ليکڪن ۾ امرتا پريتم ۽ قرت العين حيدر ۽ سبط حسن
جا مشھور ڪتاب پنجر، آگ ڪا دريا ۽ نويد فڪر سندس مطالعي ۾ شامل رهيا آهن.
ٻهراڙي جي ماحول ۾
رهندي هن جتي پنهنجو پاڻ کي ڳوٺاڻي ۽ شهري زندگيءَ سان آراسته ته ڪيو آهي پر سندس
انمول ڪتابن جو خزانو، اخبارون ۽ رسالا ڳوٺ جي ڪچي واري گهر ۾ اڏوهي کائي وئي اٿس
جنهن تي هو ڏکارو به تمام گهڻو آهي.
سائين بشير هن وقت
پي ٽي الف لاڙڪاڻي جي ضلعي عهديدارن ۾ شامل آهي ۽ تمام متحرڪ آهي. هن ان پليٽ فارم
تان اين ٽي ايس ۽ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس استادن جي مستقلي جي لاءِ تمام گهڻي
جدوجهد پڻ ڪئي آهي.
سائين خوبين جو ته ڀنڊار
آهي ئي آهي پر جيڪا نمايان خوبي سائين ۾ دوستن سان ڳنڍي رکڻ لاءِ اهم آهي سا سندس
هر روز سڀني دوستن کي صبح سوير جو ميسيج پڻ اهم آهي جنهن سان هو پنهنجي دوستن،
يارن، پيارن ۽ شاگردن سان تعلق ۾ جڙيل هوندو آهي.
(ڏھاڙي عوامي
آوز ڪراچيءَ ۾ ۸ نومبر ۲۰۱۹ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا