; سنڌي شخصيتون: بشير کوکر، شفيق استاد، الطاف پيرزادو، زبير ٻگهيو،
Showing posts with label بشير کوکر، شفيق استاد، الطاف پيرزادو، زبير ٻگهيو،. Show all posts
Showing posts with label بشير کوکر، شفيق استاد، الطاف پيرزادو، زبير ٻگهيو،. Show all posts

31 October, 2021

بشير کوکر

سائين بشير کوکر

بھتر انسان کان شفيق استاد تائين جو سفر

الطاف پيرزادو



ٻار کي ڳالھائڻ، ٻاتي ٻوليءَ ۾ ٻولڻ، چيچ کان وٺي ھلڻ امڙ ۽ ابو سيکاريندا آھن، ٻار لاءِ پھرين درسگاھ ۽ تربيت گاھ، ماءُ جي ھنج ئي ھوندي آھي پر اھو ٻار جڏھن اسڪول وڃڻ شروع ڪندو آھي ته ان درگاھ مان کيس پنھنجي ۽ پنھنجن پيارن توڙي اوڙي پاڙي وارن جي زندگي سنوارڻ جا گس ملندا آھن، بري ۽ ڀلي جي پرک جو شعور ملندو آھي ۽ اھو شعور ان کي استاد جي محنت جي ڪري ئي ملندو آھي. اھو ئي سبب آھي جو ھڪ شاگرد وٽ استاد جي ابي امڙ جيتري ئي اھميت به ھوندي آھي ته عزت به. سائين بشير کوکر منھنجو استاد آھي، اسان پنھنجي ڳوٺ جي اسڪول گورنمينٽ پرائمري اسڪول حاجي لعل بخش شيخ، جيڪو بلھڙيجي جي نالي سان مشھور آھي، ۾ جن استادن وٽان پرائمري يا بنيادي تعليم حاصل ڪئيسين تن ۾ سائين بشير کوکر به سر فھرست آھي. ھن جو ڳاڻيٽو بھترين استادن ۾ ٿئي ٿو جن ڪيئي نسل سنواريا.