; سنڌي شخصيتون: عاجز رحمت الله لاشاري

31 October, 2021

عاجز رحمت الله لاشاري

عاجز رحمت الله لاشاري

جديد دؤر ۾ سنڌي لوڪ ادب جي مالڪي ڪندڙ

جوکيو جسارت الياس سنڌي



راڌڻ اسٽيشن لڳ فقيرپور دادو ۾، ۲ جنوري ۱۹۸۲ع تي، شاهنواز لاشاري جي گھر ۾ اک کوليندڙ عاجز رحمت الله لاشاريءَ، ننڍي عمر ۾ ئي، سنڌ جي انيڪ ڏات ڌڻين ۾، پنھنجي الڳ جڳھ ٺاھي ورتي آھي. موهن جي دڙي ڀرسان، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي ڳوٺ ٻنڊيء ۾، پنھنجو ننڍپڻ گذاريندڙ عاجز رحمت الله، پنھنجي بنيادي تعليم، محمد امين منگي جھڙي پختي استاد وٽ حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ مدرسه مُحمّدي نورالهديٰ ۽ الله آباد ڪنڊيارو مان به تعليم حاصل ڪئي ۽ ھڪ ديني اسڪالر بنجي، عملي زندگيءَ جي شروعات، مدينه مسجد نيو ليبر ڪالوني ڪوٽڙي ۾ خطيب ٿي ڪئي. ھن نه صرف رسمي مولوين جي برعڪس، سنڌ جي صوفي بزرگ سڄڻ سائين جي بيعت ڪري، سندس ئي حڪم تي، ڪارخانن ۾ محنت ۽ مزدوري به ڪئي پر ۱۹۹۸ع ۾، روزاني الک حيدرآباد کان صحافت جي شروعات ڪندي، ھاڪري به ڪئي. ان دؤران ماهوار لاشار لاڙڪاڻه جو ايڊيٽر ٿيو ۽ ۲۰۰۵ع کان سگهڙن جي ترجمان سلسليوار ”سگهڙ سماچار“ جو باني ۽ چيف ايڊيٽر آھي. ڪجھ عرصو نيشنل پريس ڪلب ڄامشورو ۾ جنرل سيڪريٽري به رھيو. سنڌ جي مختلف اخبارن ۾ سندس رپورٽون ۽ ليک ڇپجندا رھن ٿا. ان کان اڳ، سندس شادي، دادوءَ جي مشھور عالم مولانا احمد حسن لاشاري طاهري جي پوٽيءَ سان، ۱۹۹۹ع ۾ ٿي، جنھن مان کيس ٻن نياڻين ۽ هڪ پٽ جو اولاد آھي.


حضرت قلندر لعل شهباز جي ۱۹۹۷ع واري ميلي ۾، سنڌ سگهڙ ڪانفرنس ۾ پهريون ڀيرو سگهڙائپ جو فن پيش ڪندڙ، سگھڙ محمد ملوڪ عباسي جو شاگرد، عاجز لاشاري نه صرف ھڪ سٺو عالم، مقرر، سگھڙ، پورھيت اڳواڻ، صحافي، ليکڪ ۽ شاعر آھي، پر ھڪ سٺي ۽ سريلي آواز جو مالڪ به آھي. ريڊيو ۽ ٽي وي تي به عاجز ٻڌڻ ۾ ايندو آھي. پي ٽي وي تي، سنڌ جي برک ڪردار فتح خان، يعني سيد صالح محمد شاھ سان گڏ، سندس پهريون ڪچهري پروگرام ۱۵ جنوري ۲۰۰۴ع تي سنڌ نامون، لوڪ ادبي محفل (جون ۲۰۰۴ع) دوران ڪيائين ۽ ۲۶ نومبر ۲۰۱۶ع تي پاڻ پي ٽي وي تي، ڪچهري پروگرام جي، ميزبان طور به  فرض نڀايا. ريڊيو تي ۲۰۰۴ع کان مختلف سنڌي لوڪ ادب جي پروگرامن ۾ شرڪت ۽ ميزباني ڪندو رھندو آھي.

عاجز لاشاريءَ جي ڇپيل شاعريءَ جي ڪتابن کي ڏسبو ته انھن ۾، ۱۹۹۹ع کان وٺي مختلف ننڍا توڙي وڏا شعري مجموعا ملندا، جن ۾ مولودن تي مشتمل ستن ڀاڱن ۾ ۱۹۹۹ع کان ۲۰۰۴ع تائين، سندس ڇپيل ڪتاب ”رحمت جا خزانا“، ۲۰۰۳ع ۾ ڇپيل لوڪ ادب جي شاعري جو ڪتاب ”رمزون رحمت الله جون“، لوڪ ادب جي انسائيڪلوپيڊيا جو منظوم ڪتاب ”رنگ رحمت الله جا“ (۲۰۰۵ع) ۽ ”مولود ۽ مداحون“ (۲۰۰۷ع) جھڙا خوبصورت شعري مجموعا شامل آھن. ان کان علاوه لوڪ ادب سميت مختلف موضوعن تي سندس ڇپيل ڪتابن جي لسٽ به وڏي آھي، جن مان ڪجھ؛ ”لوڪ ادب جو منظوم تعارفي مقدمو“ طويل نظم (۲۰۱۷ع)، ”شاھ جي شاعريءَ ۾ سگهڙائپ جو رنگ“ (۲۰۱۶ع)، ”سگهڙن جي جامع ڊائريڪٽري“ (سنڌ بلوچستان جي ۷۸۶ ڏات ڌڻين جي احوال ۽ ڪلام تي مشتمل ڪتاب جو پھريون ڇاپو نومبر ۲۰۱۵ع ۾ ٻيون ڇاپو ڊسمبر ۲۰۱۵ع ۾ ڇپيو)، ”سنڌ سڄاڻ سگهڙ ڊائريڪٽري“ (۲۰۰۵ع)، ”سنڌي لوڪ ادب جو تاريخي جائزو“ (۲۰۱۹ع) کان علاوه تازو ھڪ نئين موضوع تي لکيل ڪتاب "سنڌ، اسلام، سائنس ۽ فلسفو" شامل آھن. پاڻ اڻ ڳڻين نون ليکڪن، شاعرن ۽ لوڪ ادب جي لڪل سگھڙن کي منظر عام تي آڻڻ ۾ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آھي. سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جي سرائيڪي پٽي ۾، ڏينھن رات ھڪ ڪري، پيرسن توڙي نوجوان سگھڙن کي ڳولي، سندن ڪتاب ڇپرائي، کين منظر عام تي آڻڻ عاجز جو وڏو تاريخي ۽ تحقيقي ڪم آھي. کيس سگھڙن جو پبلشر چئجي ته وڌاءُ ڪونه ٿيندو. اھو ئي سبب آھي جو سنڌ جي ھن نوجوان سگھڙ کي ڪيترائي ايوارڊ به ملي چڪا آھن، جن ۾؛ ۱۹۹۶ع ۾ سندس روحاني استاد سڄڻ سائين هٿان مليل ايوارڊ، ۱۹۹۸ع ۽ ۲۰۰۳ع ۾ ٻه ڀيرا دولهه دريا خان ايوارڊ، ۲۸ فيبروي ۲۰۰۰ع تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هٿان استاد محمد ملوڪ عباسي ايوارڊ، تاجل بيوس ھٿان ۲۰۰۲ع ۾ مليل حضرت جلال شاهه ايوارڊ، ۱۳ آڪٽوبر ۲۰۰۳ع تي، ان وقت جي وزير ثقافت ھٿان، شعري مجموعي ”رمزون رحمت الله جون“ جو مڃتا ايوارڊ (جيڪو ڊاڪٽر بلوچ هال سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد ۾ کيس مليو)، ۱۹ نومبر ۲۰۰۵ع تي سنڌالاجي ڄامشورو ۾ اڪادمي ادبيات ڪراچي پاران سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وي.سي مظھرالحق صديقي هٿان مليل لوڪ ادب ايوارڊ، ڊاڪٽرنبي بخش خان بلوچ ۽ حميد سنڌي هٿان ۲۰۰۸ع ۾ بزم روح رهاڻ ايوارڊ (سندس ڪتاب “رنگ رحمت الله جا“ جي مهورت تقريب دوران)، ۲۰۱۵ع ۾ مٽياري شهر ۾ دي روز انٽرنيشنل ايوارڊ، حسن درس اڪيڊمي حيدرآباد طرفان شاھه لطيف ايوارڊ، سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد طرفان ۱۶ ڊسمبر ۲۰۱۶ع تي ڊاڪٽر بلوچ گريجوئيٽ ايوارڊ ، ۲ جنوري ۲۰۱۷ع تي اسٽيشن ڊائريڪٽر محمد علي ٻانڀڻ ھٿان ريڊيو حيدرآباد طرفان ”لوڪ ادب ايوارڊ“، ۲۰ جنوري ۲۰۱۷ع  تي حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول ۾ لوڪ ادب ايوارڊ، ۱۰ مئي ۲۰۱۷ع تي زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سردارعلي شاھه ھٿان اوطاق ڪچهري ايوارڊ، ۲۰۲۰ع ۾ ڳوٺ جمال الدين پتافي ضلعي گهوٽڪيء ۾ صوبائي وزير عبدالباري پتافي هٿان جاکوڙي ايوارڊ، سال ۲۰۱۳ع ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن حڪومت سنڌ پاران درسي نصاب ۾ ”سنڌي ڪتاب چوٿين درجي لاءِ“ ۾ سبق پهريون، “حمد باري تعالىٰ“ ۾ سندس حمديه شاعري کي شامل ڪيو ويو جيڪو سنڌ ۾ پرائمري اسڪولن جي نصاب ۾ پڙھايو پيو وڃي. کيس لعلورائنڪ، ضلعي قمبرشهدادڪوٽ ۾ سلات تنظيم جي اڳوڻي سرپرست اعليٰ نامور محقق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي، سُگھڙ مولا بخش شيدي ۽ سنڌ جي شعور پاران کيس قيمتي هيرن سان جڙيل سونا تاج پارايا ويا، پر پاڻ اهي تاج پائڻ بدران، ان ئي موقعي تي بيمار ڏات ڌڻين جي علاج لاء وقف ڪري ڇڏيا

 لوڪ ادب کي سنڌ ۾ ٿيندڙ مختلف علمي، ادبي، ثقافتي ۽ سماجي ميڙاڪن ۾ جڏھن به وساريو ويو آھي ته عاجز رحمت الله لاشاري، ھميشه پنھنجي سنڌ سگھڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) جي سٿ، (جنھن ۾ سنڌ بلوچستان سميت پنجاب جي سرائيڪي پٽيءَ جا سگھڙ به شامل آھن) سان گڏجي ھر ڀيري ان ناانصافيءَ خلاف آواز بلند ڪيو آھي، جنھن جي نتيجي ۾ وس وارا ادارا، سنڌ جي سگھڙن کي، مختلف ميڙاڪن ۾ ھاڻي ڀرپور موقعا ڏيندا آھن. ان ڏس ۾ ھن ماضيءَ ۾، ”لوڪ ادب بچايو تحريڪ“ ھلائي، جنھن سنڌ جي علمي ادبي، سياسي ۽ سماجي حلقي ۾ وڏي مقبوليت ماڻي. اھو ئي سبب آھي جو عاجز لاشاري کي سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران سٺي موٽ ڏيندي، مختلف شھرن ۾، گذريل سياري ۾ مچ ڪچھريون رکي، انھن ۾ ميزباني جو منصب ڏنو ويو. اھو تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ھو، جو سنڌ حڪومت پاران مچ ڪچھرين ۾، ڳجھارت، پرولي، بيت ۽ لوڪ ادب جي مختلف صنفن کي جديد طريقي سان پيش ڪيو ويو، جنھن مان نوجوان ٽھيءَ وڏو لاڀ حاصل ڪيو. عاجز لاشاريءَ ھڪ ٻيو ڪارائتو ۽ تاريخي ڪم اھو به ڪيو، جو لوڪ ادب کي ڳوٺن مان ڪڍي، انٽرنيٽ ذريعي روزانو ۽ ھفتيوار ”عالمي اوطاق“ پروگرام رکي، سڄي دنيا ۾ آنلائن ھلايو. جنھن کي ھند سنڌ ۾ وڏي مقبوليت ملي.

 

(جسارت الياس جوکيو جي فيبڪ ٽائيم وال تان ۳۱ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)




عاجز رحمت الله لاشاري

منهنجي ڪهاڻي منهنجي زباني

عاجز رحمت الله لاشاري

اصلي نالو: مير رحمت الله

ادبي نالو: عاجز رحمت الله

تخلص: آڪاش عاجز

ولديت : فقير شاهنواز پُٽ جلال خان پُٽ جمال خان پُٽ ڪمال خان پُٽ شھداد خان پُٽ ڌڱاڻو خان پُٽ حُرّا خان پُٽ منگا خان............

ذات/ قبيلو : لاشاري

پاڙو: عهدياڻي.

قوم: سنڌي بلوچ.

ڄم: (اسڪول جي سرٽيفڪيٽ مطابق) ۰۲ جنوري ۱۹۸۲ع بمطابق ۵ ربيع الاول ۱۴۰۲ هجري بروز ڇنڇر. (امڙمطابق ۲۲ ذوالحج)

جاءِ پيدائش:

درگاھ فقيرپورشريف لڳ راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو ( ناناڻن جي گهر ۾ ) ڪن ۾ پهرين آذان وقت جي ڪامل ولي حضرت خواجه الله بخش المعروف سُهڻا سائين رحمة الله عليه جن ڏني ۽ نالو ”رحمت الله“ پڻ انهن رکيو، جڏھن ته مائٽن عزيزن ننڍپڻ ۾ پيار مان ”مِيرُ“ به سڏيو ۽ شاعريء ۾ تخلص ”عاجز“ مون پاڻ پسند ڪيو ۽ صحافت دوران ڪالمن/مضمونن ۾ ڪٿي ڪٿي ڪجھ اخبارن ۾ شروعات واري دور ۾ محترم دوست صالح عباسي پاران تجويز ڪيل تخلص ”آڪاش“ به استعمال ٿيل آھي .

ڄمڻ وقت رهائش:

ڳوٺ حاجي مير محمد لاشاري (ڌامراھ واھ جي ڏاکڻئين پاسي راڌي واھ جي مُنڍ ۾ اُلهندي طرف ) پوسٽ فريد آباد تعلقو ميهڙ ضلعو دادو (هن وقت اتي زرعي زمينون آھن ۽ پراڻي مسجد شريف جي هڪ دڙي کان سواء ڳوٺ جو ڪوبه آثار موجود ناهي جڏھن ته روينيو رڪارڊ ۾ اهو ڳوٺ اڃاتائين لکيل آھي)

هجرت:

چانڊيا برادري سان معمولي ڳالھ تان قبائلي تڪرار سبب اتان سال ۱۹۸۶ع دوران لڏپلاڻ ڪري موهن جو دڙو ڀرسان سنڌ جي مشھور ڏاهي ڪامريڊ سوڀوگيانچنداڻي جي جنم ڀومي ڳوٺ ٻنڊيءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي سين. هن ڳوٺ ۾ اچڻ جو سبب ڳوٺ جي بريراڻي پاڙي سان سُڃاپجندڙ ساريا قبيلي جون مانائتيون محبتون ۽ ڪارائتا قرب هيا، خاص ڪري اسانجن وڏڙن مان منهنجو ڏاڏو جلال خان، ڏاڏو حاجي ميرمحمد خان، چاچو محمد عرس، چاچو ڪمال خان ۽ باباسائين فقيرشاهنواز سان بريراڻين جا وڏڙا محمدايوب ساريو، الاهي بخش ساريو، محمدموسيٰ ساريو، عبدالحليم، عبدالله ،محمد ملوڪ ساريو، محمود ساريو  سان دل گُهري دوستي هُئي ۽ رت جي رشتن جيان سنڌي سماج جي قرابتداري سبب هڪ ٻئي جي ٻچڙن ۾ خانداني اچ وڃ سبب ايترو فرق به ڪير محسوس نه ڪندو هيو ته ڪو اسان ٻي ذات وارا آھيون؟

مٿي ڄاڻايل مامري سبب هن ڳوٺ ۾ لڏي اچڻ بعد مرحوم محمد ايوب سارئي جي ڀاء حاجي الاهي بخش ۽ محمد ايوب جي فرزند مرحوم حاجي غوث بخش ساريو ۽ سندس جي مرحوم چاچي محمد موسيٰ  ۽ ان جي فرزند حاجي غلام محمد ساريو پنهنجا گهر خالي ڪرائي انهن جاين ۾ ويهاريو، (هاڻي اهي سڀئي وڏڙا وفات ڪري ويا آھن) چئن سالن جي عرصي کان بعد ۾ ھڪ دلي خلوص واري انسان مرحوم يار محمد ساريو معمولي رقم عيوض پنهنجو انبن جو باغ ڏنو جنهن جا وڻ وڍي مستقل طور پنهنجا گهر ٺاهي رهائش اختيار ڪئي سين. سندس فرزندن ۽ پوٽن سان اڄ به نينهن جو ناتو ۽ روح جو رشتو قائم آھي پر زماني جي حالتن ۽ روزگار سانگي ڏيھ ۽ پرڏيھ واري وٿيءَ ۽ گهڻي دُوري هجڻ ڪري چئي سگهجي ٿو ته ٻنهي ڌُرين جو ايندڙ نسل وڏڙن واري ويجهڙائپ قائم نه رکي سگهندو .

ياد رهي ته ان ڳوٺ ۾ وقتي طور ڪي اُڻايون پيش اينديون هُيون ته مرحُوم غوث بخش ساريو ھر ڏُک سُک جو ساٿي هوندو هئو ۽ ان جي گذاري وڃڻ کان پوء بريراڻين جو هڪ ٻيو نيڪ مرد مرحوم وڏيرو محمد ڇُٽل ساريو تمام گهڻو ساٿ ڏيندو هو ۽ وري سندس وڏو پُٽ حاجي خدابخش به اها ئي اهميت ڏيندو هو پر هاڻي اهي وڏڙا به وڇڙي ويا آھن ۽ سندن اوطاقون ويران ۽ اڱڻ اوٻاسيون ڏئي رهيا آھن .

ھن موقعي تي جڏھن ڳوٺ ۽ راڄ ڌڻين جي ساٿ ڏيندڙن جو ذڪر ڪبو ته هڪ همدرد ۽ انسان دوست شخصيت مرحُوم امام الدين عرف بخشل ساريو جا ڳُڻ ڳائڻ به تمام ضروري آھن، جيڪو سياسي سماجي ۽ علمي ادبي شخصيت هيو.  هن شخصيت کان پوء ٻِنڊيءَ جو ڳوٺ ڄڻ ته ساڃاھ وندن کان خالي نظر اچي رهيو آھي ۽ سندن برادري پڻ ڇڙوڇڙ ٿي رهي آھي خداپاڪ کين محبتون سلامت رکي.

امام الدين جو شمار انهن ماڻھن ۾ ھيو جيڪي ماڻھپي وارا هئا سندس سياست سان گڏ ادبي ۽ تاريخي ذوق به ڏسڻ وٽان هو هن ۾ ننڍن سان نياز ۽ وڏن جي سڃاڻپ وارو جيڪو گُڻ ھُيو اهو پونيَرن ۾ به شل پيدا ٿي پوي، مون عاجز کي سُگهڙائپ/لوڪ ادب ۾ ان ئي ڳوٺ جي نوجوان ۽ ادي امام الدين جي ويجهي عزيز مرحُوم ڪامريڊ قلندربخش سارئي آندو هو. منهنجي سگهڙ استاد محمد ملوڪ عباسي سان پهرين ملاقات به محمد صالح عباسي جي معرفت، مرحُوم قلندربخش ئي ڪرائي هئي ۽ ان جي شوق ۽ ذوق کي به وساري نٿو سگهجي. ادي امام الدين کان پوء  ان به جلد ئي جوانيءَ ۾ هي ڏيھ ڇڏيو ڇو ته امام الدين کان پوء مونکي ھن جو ادبي ساٿ هيو ۽ ھاڻي ته علم دوست ۽ سُڄاڻ ماڻھو سائين عبدالحق ساريو به نه رهيو آھي ان ڪري ڳوٺ ويندو به آھيان ته ڳوڙھن ڳاڙڻ ۽ يادون سارڻ کان سواء ڪجھ به پلئه نه پوندو آھي ۽ پراڻن دوستن جي مزارن جي حاضري ڀري موٽندو آھيان ڇو ته ان ڳوٺ ۾ باقي ڪجھ دوست رهيا سي به روزگار سانگي پرڏيهي مُلڪن ۾ رهن ٿا ان ڪري مونکي الاء ڇو هاڻي اتي پنهنجائپ واري پيار جي خوشبو گهٽ نظر ايندي آھي.

تعليمي شروعات:

اپريل ۱۹۸۷ع دوران گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ ٻِنڊي، تعلقو ڏوڪري، ضلعو لاڙڪاڻو (اسڪول ۾  مرحوم غلام قادر ساريو کان الف اک واري پَٽي لکرائي ھُئي ۽ بعد ۾ ڪجھ ڪلاسن ۾ سائين محمد امين منگي ۽ ڪامريڊ زبير احمد جکرو پڻ منهنجا استاد رهيا) .

قرآن پاڪ ناظره:

پرائمري تعليم دوران ڳوٺ جي پيش امام مرحوم استاد مولوي محمد صالح لاکي وٽ ناظره قرآن پاڪ پڙھي پورو ڪيم ۽ الحَمد لله ڪلام پاڪ جي تعليم پڙھڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هئو ۽ روزانه فجر ويلي سڀني شاگردن کان اڳ ۾ پهچندو هئس ۽ سبق به پهريان ٻُڌائيندو هئس.

قرآت، تجويد ۽ حِفظ جو شوق :

اسڪول جي شاگرد دوستن سان گُهمڻ بهاني هڪ ڏھاڙي ڀر واري ڳوٺ برادي ساريه ۾ وڃڻ ٿيو ۽ ڳوٺ جي ڪجھ شاگردن سان اتي موجود مدرسه مُحمّدي نورالهديٰ ۾ طالبن سان ڪَيل ڪچهري منهنجي دل ۾ پاڻ مُرادو شوق پيدا ڪيو ۽ والدين جي نه چاهڻ باوجود آخر امان ابي کان زوريءَ موڪلائي حِفظ جي ارادي سان داخلا ورتي پر ذھني/يادداشت جي ڪمزوري سان گڏ ڪجھ اڻ ٽر سببن جي ڪري رڳو قرات ۽ تجويد وارو علم ۽ ڪلام پاڪ جو ڪجھ حصو ياد ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيم.

بعد ۾ هي مدرسو بدامني جي خوف سبب مٿي ذڪر ڪيل نيڪ مرد مرحوم غوث بخش سارئي جي ڀاءُ غلام صديق سارئي جي ڪوششن سان ان ڳوٺ مان بڙدي محلي باڊھ شهر ۾ منتقل ڪيو ويو جتي اڄ به حِفظ جو شعبو هلندڙ آھي منهنجو اتي به ڪجھ سال تعليمي حاصلات لاء رهڻ ٿيو علم جي حاصلات لاء مٿي تي ٿالھ کڻي مختلف درن تان فَڪر جي ماني پڻ وٺڻ جي سعادت حاصل ٿيندي رهندي هئي .

ان مدرسي جو استاد سائين حافظ محمد بخشل چنو آھي جيڪو هزارين حافظن جو استاد ۽ مخلص توڙي ولي صفت انسان آھي جنهن کي ڪلام پاڪ جي حِفظ بابت قائدن قانونن جي ڄاڻ توڙي سندس صدري علم وارو انسان مون پنهنجي هن مختصر زندگيءَ ۾ ڪاٿي به ناهي ڏٺو سندس فرزند پڻ اعلي پائي جا حافظ ۽ عالم آھن جيڪي ان تدريسي عمل کي باڊھ واري مدرسي ۾ جاري رکيون پيا اچن ۽ سندن والد استاد سائين حافظ محمد بخشل صاحب هڪ ڀيرو وري پنهنجي ڳوٺ برادي ساريه جي مدرسي کي آباد ڪري حفظ پڙھائڻ جو سلسلو جاري رکيو آھي، منهنجي دعا آھي ته الله پاڪ کين علمي ميدان ۽ دنيا آخرت جون سڀئي ڪاميابيون عطا فرمائي ۽ اسان شاگردن مٿان سندن شفقت جو سايو تا دير قائم رهي. آمين.

انگريزي تعليم:

مدرسي ۾ پڙھڻ دوران گورنمينٽ ھاء اسڪول موئن جو دڙو تي سيپٽمبر ۱۹۹۴ع ۾ داخلا ورتي .

اهو ئي جواني وارو جوش ۽ عشقِ مجاز جو دور هو جنهن جُنوني شاعر بڻايو ۽ ھڪ هزار کان وڌيڪ مجاز جي موضوع تي شعر توڙي ڪلام لکيا، گرمين جي موڪلن دوران ڪڏھن دادو شهر ۾ ننڍڙو ڪاروبار ڪرڻ ته ڪڏھن لاڙڪاڻي شھر ۾ ماساتن سان گڏ ويگن تي ڪلينري پڻ ڪئي.

ان عرصي دوران امڙ جي اسرار تي سال ۱۹۹۶/۹۷ع  دوران درگاھ الله آباد شريف ڪنڊيارو ضلعي نوشھرو فيروز ۾ مرشدن ڪريمن حضرت قبلا محبوب سڄڻ سائين مدظله العالي جن جي صحبت ۾ روحاني فيض ۽ ضروري ديني تعليم لاء پهتس جتي ڪجھ عرصو رهي ڪيترن ئي نامور عالم ۽ حافظ استادن جي نگرانيءَ ھيٺ ديني ۽ روحاني علم جو فيض حاصل ڪيم . دربار الله آباد شريف ۾ ضروري تعليم بعد ليبرڪالوني ڪوٽڙي ۾ پنهجي مامي مولوي سراج الدين لاشاري جي تربيت هيٺ رهي مدينه مسجد نيو ليبر ڪالوني ۾ خطابت ۽ امامت جا فرض نڀايم، ان ديني خدمت دوران محنت مزدوري سانگي ڪپڙي،ڪپھ، اٽي، چيف بورڊ، آنن جي ڪارٽونن، پلاسٽڪ جي واڻ ٺاهڻ سميت ڪيترن ئي ڪارخانن ۾ مزدوري پڻ ڪيم .

نڪاح:

والدين طرفان پراڻي قبائلي روايت موجب طالب علمي جي زماني ۾ ۲۳ اپريل ۱۹۹۲ع ۾ توفيق ڪالوني دادو ۾ محترم حاجي علي گوهر لاشاريءَ جي نياڻي (جيڪا رشتي ۾ منهنجي سڳي ماسات ٿئي) سان نڪاح ٿيو ۽ اهو نڪاح به الله جي عارف ۽ ڪامل شخصيت مرشد پير فضل علي قريشي رحمةالله عليه حضرت مٺا سائين رحمةالله عليه جي درگاھ جي خاص ثناگر ۽ حضرت سهڻاسائين رحمةالله عليه توڙي مرشد سڄڻ سائين مدظله العالي جن جي پياري خليفي شاعر حضرت حاجي احمد حسن لاشاري رحمةالله عليه جن پڙھيو هو جڏھن ته شادي ڪجھ سالن کان پوء ۲ مئي ۱۹۹۹ع تي ڳوٺ ڪَرَن خان شورو قاسم آباد حيدرآباد ۾ ان ئي ڳوٺ جي جامع نورِ محمدي مسجد ۾ پيش امامي دوران دادو شهر ۾ ساڳئي هنڌ تي ٿي.

شاديءَ جي موقعي تي سگهڙن جي ڪچهري ٿي هئي جنهن ۾ استاد محمد ملوڪ عباسي جو پڳدار پُٽ سُگهڙ ممتاز علي عباسي، موري جو مشھور سگهڙ (مرحُوم) رحمت الله عباسي ۽ (مرحوم) حاجي اقبال احمد جوڻيجو لوڪ ادب جون لاتيون پيش ڪيون هيون.

هن وقت ٻن نياڻين ۽ هڪ فرزند محمد حَسَّان (پيدائش ۲۸ سيپٽمبر ۲۰۱۰ع) جو اولاد آهي. (ان کان اڳ هڪ معصوم فرزند حيدرآباد سول اسپتال ۾ فوت ٿيل ڄائو  جڏھن ته محمد صبغت الله نالي ٻيو فرزند دل ۾ سوراخ واري تڪليف سبب ۶ مهينن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو هو.)

شاعري جي شروعات:

طالب علمي جي زماني کان مامي نثار احمد جي صحبت ۾ سنه ۱۹۹۰ع کان مولودشريف لکڻ سان ٿي پر موئن جي دڙي تي انگريزي تعليم پڙھڻ دوران مجازي موضوع تي سوين ڪلام ۽ شعر لکيا جنهن جُنون جي حد تائين شاعر بڻايو.

سگهڙائپ ۾ پهريون قدم:

مٿي ذڪر ٿي چڪو آھي ته سال ۱۹۹۷ع ۾ ڳوٺ جي شاعر دوست ۽ قومپرست ڪارڪن ڪامريڊ قلندر بخش ساريو سان گڏجي سدا حيات سگهڙ استاد فقير محمد ملوڪ عباسي رحه سان ملڻ کان پوءِ لوڪ ادب جون لاتيون سکڻ ۽ لکڻ جو موقعو مليو، سگهڙائپ ۾ ايندي ئي ڪجھ استاد محمد ملوڪ عباسي جي ويجهن شاگردن ادبي لحاظ کان راھ ۾ رُڪاوٽ بڻجڻ جي ڪوشش ڪئي پر ذاتي ذوق ۽ استاد محمد ملوڪ عباسي جي شفقت لوڪ ادب واري جذبي کي روڪي نه سگهيا.جنهن شوق ۽ ذوق سبب استاد محمد ملوڪ عباسي جي خواهش سان حضرت قلندر لعل شهباز جي ميلي ۾ ۱۹۹۷ ع دوران سنڌ سگهڙ ڪانفرنس ۾ پهريون ڀيرو سگهڙائپ جو فن پيش ڪيو .

صحافت جي ابتدا:

ليبرڪالوني ڪوٽڙي مدينه مسجد ۾ مامي مولوي سراج الدين لاشاري وٽ خطابت، امامت جو فن سکڻ دوران صحافت جو ذوق به پيدا ٿيو ۽ باقائدي شروعات ۱۹۹۸ع ۾ روزانه الک اخبار کان ڪئي. ان شوق ۾ اخبار جي هاڪري پڻ ڪئي ( ڪالم ۽ مضمون لکڻ شروع ڪيا) اخبار ماهوار لاشار جو ايڊيٽر رهڻ کان پوء اڳتي هلي ڪري لوڪ ادب ۽ سگهڙن جي ترجمان سلسليوار ”سگهڙ سماچار“ جو نومبر ۲۰۰۵ع کان باني ۽ چيف ايڊيٽر طور صحافتي ڪم نڀايو ۽ ان سان گڏ اپريل ۲۰۰۵ع تي سنڌي چينل سنڌ ٽي وي جي پروگرام ”اوطاق“ ۾ ڊائريڪٽر غلام رسول چانڊيي جي هدايتن هيٺ  سگهڙ حاجي رحيم بخش قريشي سان گڏ ميزباني جا فرض نڀايا .ان کان بعد مهراڻ ٽي وي تي سگهڙن جي پروگرام ”ڳالهيون ڳوٺاڻن جون “ جي ڊائريڪٽر طور ڪم سنڀاليو ۽ ”ڀلارو رمضان“ سميت کوڙ سارا ديني پروگرام پڻ رڪارڊ ڪرايا، ڪجھ عرصو مهراڻ اخبار ۽  ڌرتي ٽي وي چينل تي ضلعي ڄامشوري جي رپورٽر واري ذميواري دوران نيشنل پريس ڪلب ڄامشورو ۾ جنرل سيڪريٽري طور پڻ صحافتي خدمتون سر انجام ڏنيون. مجموعي طور لکيل ڪالم ۽ مضمون توڙي رپورٽون مختلف اخبارن جهڙوڪ سوال، بختور، الک، ڪاوش، ڪوشش، عبرت، لاشار، سنڌ لائن، سوڀ. جيجل، سُڪار، هلال پاڪستان، عوامي آواز، مهراڻ، ارادو، برکا، پاڪ، فاسٽ ٽائيم، سنڌ ڌرتي، امڪان  سميت ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آھن ۽ اڃان تائين شايع ٿيندا رهن ٿا.

امامت ۽ خطابت:

سال ۱۹۹۷ع دوران مدينه مسجد نيو ليبر ڪالوني ڪوٽڙي ۾ نائب امام  کان پوءِ ۱۹ جولاءِ ۱۹۹۸ع ۾ ڳوٺ ڪرن خان شورو قاسم آباد حيدرآباد ۾ فرض نڀايا. ان دوران مسجد شريف جي نئين تعميراتي ڪم سبب  جنوري ۲۰۰۲ع کان نوراني مسجد ايم سي پي واپڊا ڪالوني ڄامشورو ۾ خطابت ۽ امامت جا فرض نڀايا ۽ مسجد جي بلڊنگ/عمارت تيار ٿيڻ کان پوء وري ۲۳ آگسٽ ۲۰۰۸ع کان هن وقت تائين ڳوٺ ڪرن خان شورو ۾ امامت ۽ خطابت سان گڏ ديني درس و تدريس جو في سبيل الله ڪم جاري آھي.

پي ٽي وي تي پروگرام:

سنڌ جي برک ڪردار فتح خان يعني سيد صالح محمد شاھ سان گڏ پي ٽي وي تي پهريون ڪچهري پروگرام ۱۵ جنوري ۲۰۰۴ع، ان کان پوءِ سنڌ نامون، لوڪ ادبي محفل، جون ۲۰۰۴ع. جا شروعاتي پروگرام هئا جڏھن ته بعد ۾ ۲۶ نومبر ۲۰۱۶ع تي پي ٽي وي تي ڪچهري پروگرام جي ميزباني طور به نڀايو.

ريڊيو تي پروگرام:

ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد تي سيد صالح محمد شاه/فتح خان سان گڏ پهريون پروگرام (سون ورني ڌرتي) ۳ نومبر ۲۰۰۴ع. تي رڪارڊ ڪيو جنهن ۾ سائين سيد صالح محمد شاھ لوڪ ادب جي پهرئين ڪتاب ”رمزون رحمت الله جون“ جو تعارف به ڪرايو هو. جڏھن ته ريڊيو ڪراچي اسٽيشن تي ۱۷ آڪٽوبر ۲۰۱۶ع تي ان وقت اسٽيشن ڊائريڪٽر ڪوثر ٻُرڙي جي حُڪم ۽ خواهش تي هڪ خاص پروگرام  لوڪ ادب ڪچهري نشر ڪيو جنهن ۾ مون عاجز رحمت الله ميزباني جا فرض نڀايا .

شاعريءَ جا شايع ٿيل ننڍا وڏا ڪتاب:

(۱) ”رحمت جا خزانا“ (مولود-ڀاڱو اول) نومبر ۱۹۹۹ع

(۲) ”رحمت جا خزانا“ (مولود-ڀاڱو ٻيو) نومبر ۲۰۰۰ع

(۳) ”رحمت جا خزانا“ (مولود- ڀاڱو ٽيون) اپريل ۲۰۰۱ع

(۴) ”رحمت جا خزانا“ (مولود- ڀاڱوچوٿون)، آڪٽوبر ۲۰۰۲ع

(۵) ”رحمت جا خزانا“ (مولود- ڀاڱو پنجون) فيبروري ۲۰۰۳ع

(۶) ”رمزون رحمت الله جون“ (لوڪ ادب شاعري ) سيپٽمبر ۲۰۰۳ع

(۷) ”رحمت جا خزانا“ (مولود- ڀاڱون ستون) مارچ ۲۰۰۴ع

(۸) ”رنگ رحمت الله جا“ (لوڪ ادب جي انسائيڪلوپيڊيا) ۲۰۰۵ع

(۹) ”مولود ۽ مداحون“، ۲۰۰۷ع

(۱۰) ”لوڪ ادب جو منظوم تعارفي مقدمو“ (طويل نظم“ (۱۶ڊسمبر ۲۰۱۷ع)

(۱۱) ”شاھ جي شاعريءَ ۾ سگهڙائپ جو رنگ“ ۲۰۱۶ع

(۱۲) ”سگهڙن جي جامع ڊائريڪٽري“ (۷۸۶ ڏات ڌڻين جو احوال ۽ ڪلام)، ڇاپو پهريون نومبر ۲۰۱۵ع ڇاپو ٻيو ڊسمبر۲۰۱۵ع.

(۱۳) ”سنڌي لوڪ ادب جو تاريخي جائزو“، ڇاپو پهريون، مارچ ۲۰۱۹ع.

لوڪ ادب سميت مختلف موضوعن تي ترتيب ڏنل ۽ تحقيق جا ڇپيل ڪتاب:

(۱۴) ”ديس وسي ديدار اسان جو“ ۲۰۰۳ع. سگهڙديدارعلي سيال جو احوال ۽ ڪلام

(۱۵)  ”فيصلا انصاف جا“ جولاء ۲۰۰۴ع (رئيس عبدالحميد خان جتوئي جي شخصيت ۽ فيصلا)

(۱۶) ”دلبر جو ديدار“ (ڪنهن کي ڏجي دانهن)، ۲۰۰۸ع. سگهڙديدارعلي سيال جو احوال ۽ ڪلام.

(۱۷) ” آهون احمد حسن جون“، ۲۰۰۴ع لوڪ شاعر خليفه حضرت حاجي احمد حسن لاشاري جو نعتيه ۽ ناصحاڻو ڪلام .

(۱۸)  “السفر” (اردو)، ۱۹ آڪٽوبر۲۰۰۴ع لاشاري تنظيم جي باني، جهوني صحافي ۽ سياسي، سماجي شخصيت محمد صفر لاشاري جون صحافتي، سياسي، سماجي ۽ تنظيمي خدمتون.

(۱۹) سلات جي ۱۱۷ ڏات ڌڻي سگهڙن جي احوال ۽ ڪلام تي ترتيب ڏنل

”سنڌ سڄاڻ سگهڙ ڊائريڪٽري“ ۲۰۰۵ع

(۲۰) ”مٺا ٻول محبوب جا“ مارچ ۲۰۱۰ع سگهڙ محبوب علي ڏيپر جو ڪلام.

(۲۱) ”پنهنجو رنگ پنهنجي شاعري“، ۲۰۱۳ع محبوب علي ڏيپر جي لوڪ شاعري.

(۲۲) ” موتي محبوب جا“، ۲۰۱۵ع محبوب علي ڏيپر جي لوڪ شاعري .

(۲۳) ”محبت جا موتي“ جون ۲۰۱۳ع  سگهڙ شاعر علي گوهر قريشي جو ڪلام.

(۲۴) ”محبت جي منزل“، ۲۰۱۰ع سگهڙ علي گوهر قريشي جي لوڪ شاعري .

(۲۵) ”مٽيءَ جي خوشبوءَ“، ۲۰۱۰ع سگهڙ محمد ايوب جوڻيجي جي لوڪ شاعري.

(۲۶) ”سهڻل جا سينگار“، ۲۰۱۴ع سنڌ ۽ بلوچستان جي سگهڙن جي سينگارشاعري.

(۲۷) ”مداحون ۽ مناقبا“، ڊسمبر ۲۰۱۵ع لسٻيلي جي شاعر سڪندر علي دودي جو ڪلام.

(۲۸) ”سچن جي ساراھ“ ڊسمبر ۲۰۱۶ع لسٻيلي جي شاعر سڪندر علي دودي جو نعتيه ڪلام .

(۲۹) ”سُگهڙ سارو سچ“، سگهڙ آدم سومري جو احوال ۽ ڪلام (ڇپائيءَ هيٺ)

(۳۰) ”شاھي ذوق شيديءَ جو“، جون ۲۰۱۶ع سُگهڙ مولابخش شيدي جو احوال ۽ ڪلام.

(۳۱) ”لوڪ ادب جو سپه سالار“، جون ۲۰۱۷ع .سگهڙ حسين بخش رڏ جي شخصيت ۽ فن.

(۳۲) ”عشق جون آھون“، جولاء ۲۰۱۷ع. لاڙ جي شاعر وسيم احمد ٽالپر جي نعتيه شاعري.

(۳۳) ”سهڻي حبيب جي نماز“، فيبروري ۲۰۱۷ع. مولوي رفيق احمد بروهي جي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترتيب ڏنل فرضي ۽ نفلي نمازن بابت ڪتاب جي سنوار ۽ سُڌار.

(۳۴) ”پرين جي پچار“،۲۰۱۶ع. ميهڙ جي بخاري بزرگن جي سوانح ۽ ڪلام.

(۳۵) ”تحفة العاشقين“، ۱۴ فيبروري ۲۰۱۰ع حافظ عابد خاصخيلي جو نعتيه ڪلام.

(۳۶) ”تحفة الصالحين“، نومبر ۲۰۱۸ع حافظ عابد خاصخيلي جو نعتيه ڪلام.

(۳۷) ”عشق امر ذات“، ۱۶ ڊسمبر ۲۰۱۸ع سگهڙ ارشاد علي عرضائي جو احوال ۽ لوڪ ادب شاعري.

(۳۸) ”ثنائي سِٽُون سڪندر جون“ نومبر ۲۰۱۹ع لسٻيلي جي شاعر سڪندر علي دودي جي لوڪ شاعري.

(۳۹) ”حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جا فيصلا“ ۲۰۱۹ع. سنڌيڪار: ديدار شاد گوپانگ، نظر ثاني ۽ سنوار: عاجز رحمت الله لاشاري.

(۴۰) “مٽيءَ جو هُڳاءُ”، اپريل ۲۰۱۴ع ماسٽر منظور جو فن ۽ شخصيت.

(۴۱) تُحفةالعابدين ؛ آڪٽوبر ۲۰۱۹ع ڪوهستان جي شاعر حافظ عابد خاصخيلي جو نعتيه ڪلام .

(۴۲) مديني جو سائين؛ حافظ عبدالستار سولنگي جو لکيل ”نعتيه ڪلام“.

(۴۳) سوانح حيات فقير محمد قاسم طاهري ڪوهستاني. تصنيف؛ حافظ عابد خاصخيلي. سنوار: عاجز رحمت الله لاشاري.

(۴۴) سنڌ، اسلام، سائنس ۽ فلسفو. (جديد تحقيق ۽ ترتيب).

(۴۵)  سنڌ جي قديم اسلامي تاريخ. (حضرت آدم عليه السلام کان پاڻ سڳورنﷺ تائين)__(تحقيق ۽ تاليف: عاجز رحمت الله لاشاري)

هي ڪتاب ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ آھي.

مولود ڳائڻ جي شروعات:

ننڍپڻ کان سمجھ ۽ شعور ايندي مولود ڳائڻ لڳس ۽ اڳتي هلي مولودن ڳائڻ وارن ۾ ھڪ خاص اهميت ملي.

مولودن جون شايع ٿيل آڊيو ۽ وڊيو سي ڊي:

مولود ۽ مداحون A.A پاران نومبر ۲۰۰۰ع،

منظر پيارو مدينو آ A.A جنوري ۲۰۰۱ع

مٿيان ٻئي آڊيو البم محترم محمد قاسم ماڪا پاران رليز ڪيا ويا آھن.

ناز پروڊڪشن پاران،

ڏسان شهر مدينو آڪٽوبر ۲۰۰۲ع

مديني وارو منظر ڊسمبر ۲۰۰۲ع

هتي رهڻ نٿي دل چاهي اپريل ۲۰۰۳ع

مديني جا گهوٽ سيپٽمبر ۲۰۰۳ع

منقبت سڄڻ سائين آڪٽوبر ۲۰۰۳ع

وڊيو سي ڊي جون ۲۰۰۴ع

منقبت غوث اعظم نومبر ۲۰۰۴ع ۾ رليز ڪيون ويون.

جڏهن ته مهراڻ سينٽر سکر سميت عظيمي پروڊڪشن ڄامشورو ۲ واليم وڊيو سي ڊي ۾ رليز ڪيا.

مليل ايوارڊ ۽ مڃتا جو اعزاز  :

اسڪول پڙھڻ دوران لطيف سائين جي پيغام بابت ٿيل تقريري مقابلي ۾ پوزيشن کڻڻ تي سندس مرشد حضرت محبوب سڄڻ سائين مدظله العالي، جن هٿان زندگي جو پهريون انعام ايوارڊ ”اللہ کے شیر“ ۲۱ مارچ ۱۹۹۶ع ۾ مليو.

دولهه دريا خان ايوارڊ مارچ ۱۹۹۸ع ۾ مليو.

بهترين مُعلم ۽ مُدرس جو ايوارڊ ۲ سيپٽمبر ۱۹۹۹ع ۾ ڪرن خان شورو، حيدرآباد ۾ مليو.

لاشاري تنظيم جي باني طرفان صحافتي مڃتا ايوارڊ ۱۹ آڪٽوبر ۱۹۹۹ع تي مليو.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هٿان استاد محمد ملوڪ عباسي ايوارڊ ۲۸ فيبروي ۲۰۰۰ع تي مليو.

حضرت جلال شاهه ايوارڊ تاجل بيوس هٿان ۱۸ ڊسمبر ۲۰۰۲ع  تي دائود ديري لڳ شاھ پنجوسلطان ۾ مليو.

”رمزون رحمت الله جون“ ڪتاب جو مڃتا ايوارڊ، ان وقت وزير ثقافت شبير احمد قائمي جي هٿان ۱۳ آڪٽوبر ۲۰۰۳ع تي ڊاڪٽر بلوچ هال لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد ۾ مليو.

ٻيو ڀيرو دولھ دريا خان ايوارڊ، مڪلي ٺٽي ۾ ۱۳ اپريل ۲۰۰۳ع تي مليو.

آواز گروپ لاڙڪاڻو طرفان آواز ۽ انداز ايوارڊ ۱۸ جون ۲۰۰۳ع تي مليو.

بهترين ليکڪ ۽ مرتب جو ”لاشار ايوارڊ“ ۱۹ آڪٽوبر ۲۰۰۵ع شاهنواز ڀٽو لئبريري لاڙڪاڻي ۾ مليو.

سلات پاران “سڄاڻ سگهڙ ايوارڊ سرٽيفڪيٽ“ ۳۰ آڪٽوبر ۲۰۰۴ع تي مٺياڻي ۾ مليو.

سلات پاران “لوڪ ادب ايوارڊ سرٽيفڪيٽ“ ۱۹ ڊسمبر ۲۰۰۴ع اڏيرو لعل ۾ مليو.

سلات پاران “استاد محمد ملوڪ عباسي ايوارڊ سرٽيفڪيٽ“ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۴ع ڄامشورو ۾ مليو.

سلات پاران “عزت فقير ايوارڊ سرٽيفڪيٽ“ ۲۹ جنوري ۲۰۰۵ع ڳوٺ بُٺو، سن ۾ مليو.

حضرت قلندر شهباز جي ميلي ۾ سال ۲۰۰۳ع ۾ ڪتاب ” رمزون رحمت الله جون “ جي اعزاز ۾ پهريون “شهباز ايوارڊ“ ان وقت ڊي سي او علم الدين بُلو هٿان مليو.

ميلاد النبي ايوارڊ پهرين مئي ۲۰۰۵ع تي ڄامشوري ۾ مليو.

عشق رسول ايوارڊ ۲۸ مئي ۲۰۰۵ع تي ڄامشورو ۾ مليو.

اڪادمي ادبيات ڪراچي پاران سنڌ يونيورسٽي جي وي سي مظھرالحق صديقي هٿاران لوڪ ادب ايوارڊ ۱۹ نومبر ۲۰۰۵ع تي سنڌالاجي ڄامشورو ۾ مليو.

بزم روح رهاڻ ايوارڊ ڪتاب “رنگ رحمت الله جا “ جي مهورت تقريب دوران ڊاڪٽرنبي بخش خان بلوچ ۽ حميد سنڌي هٿان ۲۰۰۸ع ۾ مليو.

سنڌ بلوچستان سُگھڙ ڪنوينشن جو صدارتي ميڊل ۲۳ مارچ ۲۰۱۳ع تي ميان صاحب ضلعو شڪارپور ۾ مليو.

دي روز انٽرنيشنل ايوارڊ ۲۰۱۵ع ۾ مٽياري شهر ۾ ميلو.

ٻيو “شهباز ايوارڊ “ حضرت قلندر لعل شهباز جي ميلي ۾ ڪتاب

”سُهڻل جا سينگار “ ترتيب ڏيڻ جي اعزاز ۾ ٻيو ڀيرو ۰۶ جون ۲۰۱۵ع تي ميلو.

ٽيون ڀيرو شھباز ايوارڊ:

”سگهڙن جي جامع ڊائريڪٽري“ جي سهيڙڻ جي اعزاز ۾ ۲۰۱۶ع ۾ مليو.

شاھه لطيف ايوارڊ: حسن درس اڪيڊمي حيدرآباد طرفان ڪتاب ”شاھ جي شاعريءَ ۾ سگهڙائپ جو رنگ“ لکڻ جي اعزاز ۾ پهرئين لوڪ ادب ڏھاڙي  ۱۶ ڊسمبر ۲۰۱۶ع تي مليو.

ڊاڪٽر بلوچ گريجوئيٽ ايوارڊ بااختيار اداري ۾  ۱۶ ڊسمبر ۲۰۱۶ع تي مليو.

ريڊيو حيدرآباد طرفان ”لوڪ ادب ايوارڊ“

تاريخ ۲ جنوري ۲۰۱۷ع تي اسٽيشن ڊائريڪٽر محمد علي ٻانڀڻ ھٿان مليو.

حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول ۾ لوڪ ادب ايوارڊ ۲۰ جنوري ۲۰۱۷ع تي مليو.

آل پاڪستان سُگهڙ ڪانفرنس جو مڃتا ايوارڊ ۱۶ ڊسمبر ۲۰۱۷ع تي لعلو رائنڪ ۾ مليو.

اوطاق ڪچهري ايوارڊ ۱۰ مئي ۲۰۱۷ع تي زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد سردارعلي شاھه ھٿان مليو.

سگهڙ بهار علي بهار ٻُرڙو يادگار ايوارڊ، ۱۹ جنوري ۲۰۱۸ع تي مليو .

استاد محمد ملوڪ عباسي مڃتا ايوارڊ ۲۰۱۹ع عباسي ڪلهوڙا تنظيم جي سربراھ حاجي منور علي عباسي هٿان ۷ آڪٽوبر ۲۰۱۹ع تي مليو.

ريڊيو نيٽ ورڪ جهول طرفان ”صوفي جمال الدين فقير مڃتا ايوارڊ “ ۱ نومبر ۲۰۱۹ع تي مليو.

لوڪ ادب بابت ”حُسن ڪارڪردگي ايوارڊ“

جوڳي ڳوٺ گلشن حديد ڪراچي ۾ ۴ جنوري ۲۰۲۰ع تي مليو.

استاد بهار علي بهار ٻُرڙو ساليانو ”مڃتا ايوارڊ“ شاعر سانول ميرالي هٿان ۱۸ جنوري ۲۰۲۰ع تي مليو.

جاکوڙي ايوارڊ صوبائي وزير عبدالباري پتافي هٿان پهرين فيبروري ۲۰۲۰ع تي ڳوٺ جمال الدين پتافي نزد باري اڏو، ضلعي گهوٽڪيء ۾ مليو.

باڪمال سگهڙ ايوارڊ  ۲۰۱۹ع، درمحمد ڪمال جي ورسيءَ جي موقعي تي ٺٺ سولنگي/دليپوٽا ضلعي نوشھروفيروز ۾ سينيئر صحافي منظور سولنگي هٿان مليو.

موهن جو دڙو اڪيڊمي طرفان پيرل مڱريو مڃتا ايوارڊ ۲۰۲۰ع .

۲ فيبروري ۲۰۲۰ع تي پنجاب جي ڏات ڌڻي سگهڙن پاران اوٻاوڙي شھر ۾ سربراه طور اعزازي پڳ پارائي وئي.

۱۳ رجب ۱۴۴۲ھ ۲۰۲۱ع تي ”جشن مولود ڪعبه مڃتا ايوارڊ“ فقير محمد سليم سيال اويسي قادري صدر صلوات ڪاميٽي خيرپور ميرس طرفان مليو.

راجن پور پنجاب ۾ سرائڪي پَٽيءَ جي سُگهڙن طرفان تنظيمي سربراھَ جي اعزاز طور دستاربندي ڪرائي وئي.

سيدنا غوث اعظم دستگير سگهڙ ڪانفرنس ملير ڪراچي ۾ ۲۰ نومبر ۲۰۲۱ع تي ”باڪمال سُگهڙ ايوارڊ“ .

ڀٽائي آباد، ڪراچي ۾ ۱۸ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ”محقق، ڏاهو“ مڃتا ايوارڊ.

سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن حڪومت سنڌ پاران درسي نصاب ۾ “سنڌي ڪتاب چوٿين درجي لاءِ“ جو سبق پهريون ،

“حمد باري تعالىٰ“ سال ۲۰۱۳ع ۾ شايع ڪيو ويو جيڪو پرائمري اسڪولن جي نصاب ۾ پڙھايو پيو وڃي.

تاج پوشي: لوڪ ادب  خدمتن جي مڃتا طور علامه فقير هدايت علي نجفي “تارڪ“ جي درگاهه تي لعلو رائنڪ شهر تعلقو وارهه ضلعي قمبرشهدادڪوٽ ۾ سگهڙ مولابخش شيدي پاران پهريون ڀيرو تاج ۰۸ آگسٽ ۲۰۱۵ع تي پارايو.

جڏھن ته ۱۶ ڊسمبر۲۰۱۷ع تي ساڳئي هنڌ لعلورائنڪ ۾ پنج تولا سونو تاج مليو جيڪو مون بيمار سُگهڙن جي علاج لاء وقف ڪندي پائڻ کان انڪار ڪيو.

۷ رنگي گلن ۾ تورڻ جو اعزاز ۽ ٽيون ڀيرو تاج پوشي:

تاريخ ۲۳ مارچ ۲۰۱۹ع تي منهنجي محبوب مرشد حضرت قبلا سڄڻ سائين مدظله العالي جن جي نالي سان منسوب ڪيل ڪتاب ”سنڌي لوڪ ادب جو تاريخي جائزو“ جي تحقيق ۽ ترتيب واري اعزاز سان گڏ لوڪ ادب جي خدمتن جي مڃتا طور علامه فقير هدايت علي نجفي ”تارڪ“ جي درگاهه تي لعلو رائنڪ شهر تعلقي وارهه ضلعي قمبرشهدادڪوٽ ۾ سُگھڙ مولا بخش شيدي ۽ سلات تنظيم جي مرڪزي سرپرست اعليٰ نامور محقق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي ۽ ٻين عهديدارن قيمتي هيرن سان جڙيل سونو تاج پارائي ست رنگي گلن ۾ توريو هئو، جيڪو اعزاز هڪ سُگهڙ لاءِ پهريون تاريخي اعزاز آهي. اهو تاج پڻ مون ان ئي موقعي تي بيمار ڏات ڌڻين جي علاج لاء وقف ڪري سگهڙ مولابخش شيدي کي واپس ڏئي ڇڏيو.

تاريخ ۲۷ جنوري ۲۰۱۹ع تي منهنجي محبوب مرشد ۽ روحاني قائد حضرت خواجا مُحمد طاهر المعروف محبوب سڄڻ سائين دامت برڪاتهم العاليه جن نقشبندي سلسلي ۾ نيابت سان نوازيندي خلافت جو اعزاز عطا فرمايو.

مون لوڪ ادب جي جدوجهد دوران قانون جي دائري ۾ رهي ڪري لوڪ ادب بچايو تحريڪ به هلائي جنهن سلسلي ۾ ادارن ۽ وس وارن کان موٽ نه ملڻ سبب ۱۵ آگسٽ ۲۰۱۹ع تي پنهنجا لکيل ڪتاب ۽ ڪجھ اڻ ڇپيل مواد انوکي احتجاج طور (علامتي طور) سنڌوءَ جي سيرن حوالي ڪيم پر منهنجي ان احتجاج جو ڪنهن به سرڪاري اداري توڙي لاڳاپيل سنڌ سرڪار جي ثقافت کاتي طرفان ڪو به نوٽيس نه ورتو ويو ته مون پنهنجا باقي هڪ هزار ڪتاب به ٻئي انوکي احتجاج دوران سنڌودرياھ جي سيرن حوالي ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو جنهن بعد ناميارا ديني اسڪالر ۽ عالم سڳورا ميڙ منٿ لاء ھلي آيا جن جو چوڻ مڃيندي مون پنهنجا باقي  ڪتاب لوڙھڻ وارو سڏ واپس وٺندي مليل مڃتا ايوارڊ درياھ ۾ لوڙھڻ جو اعلان ڪيو هو. جنهن بعد وري سنڌ جا ڪجھ اديب ۽ سُگهڙ معصوم نياڻيون ساڻ ڪري ميڙ منٿ قافلي جي صورت ۾ ھلي آيا جن مونکي مڃتا ايوارڊ لوڙھڻ کان منع ڪئي باقي لوڪ ادب جدوجهد جاري رکڻ جو چيو ۽ مون عاجز رحمت الله انهن جي ميڙ کي مانُ ڏيندي اهو سڏ به واپس ورتو.

ان کان بعد به علمي ادبي خدمتن وارو سفر اڃان جاري آھي ۽ لوڪ ادب ادارو قائم ٿيڻ وارو خواب اکين سان سچو ٿيندي ڏسڻ جو خواهشمند آھيان الله ڪريم جي فضل ۽ ڪرم کان نااميد ناهيان هُو ضرور هڪ نه هڪ ڏينهن پنهنجي خاص ڪرم سان نوازيندو ۽ رهجي ويل خاص اميدون به پوريون ٿينديون. آمين ثم آمين.

 

(رحمت الله لااشاريءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲ جنوري ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا