; سنڌي شخصيتون: عاجز رحمت الله لاشاري، لوڪ ادب، جوکيو جسارت الياس سنڌي،
Showing posts with label عاجز رحمت الله لاشاري، لوڪ ادب، جوکيو جسارت الياس سنڌي،. Show all posts
Showing posts with label عاجز رحمت الله لاشاري، لوڪ ادب، جوکيو جسارت الياس سنڌي،. Show all posts

31 October, 2021

عاجز رحمت الله لاشاري

عاجز رحمت الله لاشاري

جديد دؤر ۾ سنڌي لوڪ ادب جي مالڪي ڪندڙ

جوکيو جسارت الياس سنڌي



راڌڻ اسٽيشن لڳ فقيرپور دادو ۾، ۲ جنوري ۱۹۸۲ع تي، شاهنواز لاشاري جي گھر ۾ اک کوليندڙ عاجز رحمت الله لاشاريءَ، ننڍي عمر ۾ ئي، سنڌ جي انيڪ ڏات ڌڻين ۾، پنھنجي الڳ جڳھ ٺاھي ورتي آھي. موهن جي دڙي ڀرسان، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي ڳوٺ ٻنڊيء ۾، پنھنجو ننڍپڻ گذاريندڙ عاجز رحمت الله، پنھنجي بنيادي تعليم، محمد امين منگي جھڙي پختي استاد وٽ حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ مدرسه مُحمّدي نورالهديٰ ۽ الله آباد ڪنڊيارو مان به تعليم حاصل ڪئي ۽ ھڪ ديني اسڪالر بنجي، عملي زندگيءَ جي شروعات، مدينه مسجد نيو ليبر ڪالوني ڪوٽڙي ۾ خطيب ٿي ڪئي. ھن نه صرف رسمي مولوين جي برعڪس، سنڌ جي صوفي بزرگ سڄڻ سائين جي بيعت ڪري، سندس ئي حڪم تي، ڪارخانن ۾ محنت ۽ مزدوري به ڪئي پر ۱۹۹۸ع ۾، روزاني الک حيدرآباد کان صحافت جي شروعات ڪندي، ھاڪري به ڪئي. ان دؤران ماهوار لاشار لاڙڪاڻه جو ايڊيٽر ٿيو ۽ ۲۰۰۵ع کان سگهڙن جي ترجمان سلسليوار ”سگهڙ سماچار“ جو باني ۽ چيف ايڊيٽر آھي. ڪجھ عرصو نيشنل پريس ڪلب ڄامشورو ۾ جنرل سيڪريٽري به رھيو. سنڌ جي مختلف اخبارن ۾ سندس رپورٽون ۽ ليک ڇپجندا رھن ٿا. ان کان اڳ، سندس شادي، دادوءَ جي مشھور عالم مولانا احمد حسن لاشاري طاهري جي پوٽيءَ سان، ۱۹۹۹ع ۾ ٿي، جنھن مان کيس ٻن نياڻين ۽ هڪ پٽ جو اولاد آھي.