خالد سعيد جان سرهندي
اعظم ڀٽي
ٽنڊو محمد خان ضلعي جي انتهائي معتبر سياسي ۽ سماجي شخصيت پير خالد سعيد جان سرهندي ۲۴ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع بروز سومر تي گهڻو عرصو علالت ۾ رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو. پير خالد جان سرهندي، پير سرهندي خاندان جي ناليواري سياسي ۽ سماجي شخصيت پير محمد سعيد جان سرهندي جو فرزند پير عبدالله جان سرهندي عرف شاهه آغا جو پوٽو هو، سندس جنم ٽنڊو محمد خان لڳ قديم وسندي ٽنڊي سائينداد ۾ ٿيو. هۡو فطري طور لاتعداد صلاحيتن جو مالڪ هو ۽ آزادانه عملي سياست جو قائل هو، اهو ئي سبب آهي جو هۡو جنرل ضياءّ جي دور ۾ غير جماعتي بلدياتي چونڊن جي نتيجي ۾ حيدرآباد ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين چونڊيو ويو. ان عرصي دوران هۡو سدائين عوامي خدمت واري جذبي سان نه رڳو سرشار رهيو پر هۡن عملي طور اجتماعي عوامي ڀلائيءّ خاطر لاتعداد ڪم به ڪري ڏيکاريا. سندس سياسي ڪردار هميشه غير تڪراري رهيو، ان جي باوجود به هر پليٽ فارم تي هۡن عوامي مفادن خاطر وڏي جرئتمندي جو مظاهرو ڪيو، سندس سياسي مخالف به سندس مجموعي شريفانه ڪردار جي واکاڻ کانسواء نه رهي سگهندا هئا.
