مولانا عبدالله چانڊيو
سنڌ جو مشهور ناميارو ديني عالم
مولانا عبدالله ولد غلام حيدر چانڊيو ۱۹
فيبروري ۱۹۰۲ع تي ڳوٺ ملان چانڊيي (جواب پور
چانڊيي)، ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو. سنڌي فائنل جو امتحان ۱۹۱۹ع ۾ پاس ڪيائين. فارسي تعليم لاءِ ڳوٺ واصل جي مدرسي ۾ داخل ٿيو. ڪن ٻين
مدرسن مان پڙهڻ کان پوءِ وڌيڪ ديني علم حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ ۱۹۲۱ع ۾ ’ديوبند‘ دهليءَ ويو، جتي مولانا حسين احمد مدني، مولانا غلام رسول
پشاوري، مولانا اعزاز علي کان تحصيل علم ڪيائين. ان بعد واپس موٽي اچي ۱۹۳۳ع ۾ مولانا ڪوهاٽي صاحب وٽ دستاربند ٿيو. ان کانپوءِ تعلقي ڳڙهي ياسين جي هڪ
مدرسي ۾ پڙهائڻ لڳو. مولانا عبدالله چانڊيو پنهنجي وقت جو جيد عالم ٿي گذريو آهي،
کيس زبان ۽ بيان جي حوالي سان ’سنڌ جو شاهه ولي الله‘ سڏيو ويندو هو. قرآن، حديث،
فقه، فلسفي ۽ منطق تي عبور رکندو هو. وڏا وڏا عالم سندس احترام ڪندا هئا. ديني
عالم هئڻ سان گڏ وڏو دور انديش شخص هو. هو دين ۽ سياست جي ميلاپ جو مخالف هو.
مولانا عبدالله چانڊيي پنهنجي ڳوٺ ملان چانڊيي ۾ مدرسو کولي تعليم ڏيڻ شروع ڪئي. ٻير
شريف جو بزرگ مولانا عبدالڪريم قريشي سندس شاگرد هو ۽ ان مدرسي ۾ پڙهيو هو. ڳوٺ جي
وڏيري جي مخالفت سبب اڳتي هلي پير جهنڊي ڳوٺ ۾ مدرسه راشديه ۾ پڙهائڻ لڳو. مولانا
صاحب پير جهنڊي، ملان جي ڳوٺ (شڪارپور)، ٺيڙهي، گوري پهوڙ، شڪارپور، امروٽ، گٽهڙ، وارهه،
کرڙاهه ۽ ٻين مدرسن ۾ پڙهايو.
