; سنڌي شخصيتون: مولانا عبدالله چانڊيو، حفيظ چانڊيو،
Showing posts with label مولانا عبدالله چانڊيو، حفيظ چانڊيو،. Show all posts
Showing posts with label مولانا عبدالله چانڊيو، حفيظ چانڊيو،. Show all posts

15 November, 2021

مولانا عبدالله چانڊيو

مولانا عبدالله چانڊيو



سنڌ جو مشهور ناميارو ديني عالم مولانا عبدالله ولد غلام حيدر چانڊيو ۱۹ فيبروري ۱۹۰۲ع تي ڳوٺ ملان چانڊيي (جواب پور چانڊيي)، ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو. سنڌي فائنل جو امتحان ۱۹۱۹ع ۾ پاس ڪيائين. فارسي تعليم لاءِ ڳوٺ واصل جي مدرسي ۾ داخل ٿيو. ڪن ٻين مدرسن مان پڙهڻ کان پوءِ وڌيڪ ديني علم حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ ۱۹۲۱ع ۾ ’ديوبند‘ دهليءَ ويو، جتي مولانا حسين احمد مدني، مولانا غلام رسول پشاوري، مولانا اعزاز علي کان تحصيل علم ڪيائين. ان بعد واپس موٽي اچي ۱۹۳۳ع ۾ مولانا ڪوهاٽي صاحب وٽ دستاربند ٿيو. ان کانپوءِ تعلقي ڳڙهي ياسين جي هڪ مدرسي ۾ پڙهائڻ لڳو. مولانا عبدالله چانڊيو پنهنجي وقت جو جيد عالم ٿي گذريو آهي، کيس زبان ۽ بيان جي حوالي سان ’سنڌ جو شاهه ولي الله‘ سڏيو ويندو هو. قرآن، حديث، فقه، فلسفي ۽ منطق تي عبور رکندو هو. وڏا وڏا عالم سندس احترام ڪندا هئا. ديني عالم هئڻ سان گڏ وڏو دور انديش شخص هو. هو دين ۽ سياست جي ميلاپ جو مخالف هو. مولانا عبدالله چانڊيي پنهنجي ڳوٺ ملان چانڊيي ۾ مدرسو کولي تعليم ڏيڻ شروع ڪئي. ٻير شريف جو بزرگ مولانا عبدالڪريم قريشي سندس شاگرد هو ۽ ان مدرسي ۾ پڙهيو هو. ڳوٺ جي وڏيري جي مخالفت سبب اڳتي هلي پير جهنڊي ڳوٺ ۾ مدرسه راشديه ۾ پڙهائڻ لڳو. مولانا صاحب پير جهنڊي، ملان جي ڳوٺ (شڪارپور)، ٺيڙهي، گوري پهوڙ، شڪارپور، امروٽ، گٽهڙ، وارهه، کرڙاهه ۽ ٻين مدرسن ۾ پڙهايو.