; سنڌي شخصيتون: انور حسين وسطڙ- ساجد علي ملاح

06 October, 2014

انور حسين وسطڙ- ساجد علي ملاح

انور حسين وسطڙو
ثقافت کاتي سنڌ کان وسري ويل فنڪار
ساجد علي ملاح/نوابشاهه

موسيقيءَ جي دنيا ۾ استاد منظور علي خان هڪ وڏو نالو آهي، استاد منظور علي خان جي پيارن شاگردن مان انور حسين وسطڙي به موسيقيءَ جي دنيا ۾ پنهنجي استاد وانگر پاڻ مڃرايو آهي، جڏهن ۱۹۸۰ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان استاد منظور علي خان، انور حسين وسطڙو، محمد يوسف، وحيد علي، فيروزگل، عابده پروين ۽ رونا ليليٰ جا ڪلام هلندا هئا، ته ماڻهو گهڙيال جو وقت ڏسي ريڊيو جي ويجهو ٿي اهي ڪلام ٻڌندا هئا، گهرن، اوطاقن ۽ دڪانن، هوٽلن تي انهن فنڪارن کي وڏي شوق ۽ چاهه سان ٻڌو ويندو هو. ڪلاسيڪل ۽ فوڪ موسيقيءَ ۾ انور حسين وسطڙو پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکي ٿو، استاد منظور علي خان جي وفات کانپوءِ جڏهن ڪلاسيڪل فوڪ موسيقيءَ ۾ اسان کي اونداهي نظر اچي رهي هئي، تڏهن هن مٺڙي آواز جي مالڪ انور حسين وسطڙي موسيقيءَ کي بچايو، انور حسين وسطڙي جي ڪلامن مان ڪجهه ڪلام جيئن، ”منهنجي دل اوهان سان الائي ڇو اڙي آ“ ”ڏاڍا ناز سڄڻ ڏيکارين ٿو مون کي ماڻا ڪري ڇو مارين ٿو وغيره تمام گهڻا مقبول ٿيا، بزرگ، جوان، توڙي عورتون به انهن ڪلامن کي فرمائش طور ريڊيو تي انور حسين وسطڙي جي آواز کي پسند ڪنديون هيون ۽ وڏي شوق سان ڪيسٽ تي پڻ هن سنڌ  جي ڪلاسيڪل راڳيءَ کي ٻڌو ويندو هو، انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته اسان زندگيءَ ۾ انهن شخصيتن جو قدر نه ڪندا آهيون پر انهن جي حياتيءَ کانپوءِ وڏا وڏا بيان، سيمينار ۽ سندن ياد ۾ تقريبون ڪوٺائيندا آهيون، پر حياتي ۾ ڪڏهن به انهن ڪردارن کي ياد نه ڪيو ويندو آهي، ته اسان جا فنڪار ڪهڙي حال ۾ آهن، انهن جو گذر سفر هن مهانگائيءَ جي دور ۾ ڪيئن ٿئي ٿو، اگر اسان جي هنن فنڪارن کي ڪا بيماري ٿئي ٿي ته ثقافت کاتو هنن فنڪارن جي علاج ڪرائڻ لاءِ به تيار نه آهي، هِي راڳي مسواڙ جي جڳهه ۾ رهي ٿو، هن هيڏي وڏي ڪردار کي سنڌ ثقافت کاتو، ڪو به وظيفو ڏيڻ لاءِ  تيار نه آهي، انور حسين وسطڙو فالج ۽ دل جي بيماريءَ سبب بستري تي پيل رهيو پر سرڪار طرفان سندن ڪا به سار نه لڌي وئي آهي، ثقافت کاتي سان بار بار رابطو ڪرڻ  جي باوجود سنڌ جي هن ڪلاڪار کي ثقافت کاتي نظرانداز ڪري ڇڏيو، مون جڏهن ساڻس ملاقات ڪئي، ته هن جي اکڙين مان بي اختيار لڙڪ وهي رهيا هئا، ۽ پوءِ جڏهن بيماريءَ ۽ غريبيءَ واري حالت ۾ به پنهنجو مشهور ڪلام ”حال منهنجا ڪير پڇندو ڪير آ، منهنجو هتي“، جهونگاري رهيو هو، انور حسين وسطڙي جي اها حالت ڏسي مون کي سنڌ حڪومت، ثقافت کاتي، ضلعي نوابشاهه جي چونڊيل نمائندن جي رويي تي انتهائي حيرت ٿي ته اسان جا حڪمران سنڌ جي ثقافت بچائڻ، اجاگر ڪرڻ لاءِ وڏيون وڏيون دعوائون ڪن ٿا، تقريرون ڪن ٿا، پر سنڌ جي ثقافت کي دنيا ۾ متعارف ڪرائيندڙ ڪلاڪارن جي سار نٿي لڌي وڃي. اسان جا حڪمران اخبارن ۾ سَکڻا سياسي بيان ڏين ٿا پر سنڌ جي ثقافت ۽ موسيقيءَ کي بچائڻ ۽ انهيءَ سفر کي جاري رکڻ لاءِ انور حسين وسطڙي جهڙن ڪردارن جي سهائتا ڪرڻي پوندي.

No comments:

راءِ ڏيندا