; سنڌي شخصيتون: ڪرشن کٽواڻي - رکيل مورائي

21 October, 2014

ڪرشن کٽواڻي - رکيل مورائي

ڪرشن کٽواڻي
ناميارو ڪهاڻيڪار - هڪ رومانس جي پڄاڻي
رکيل مورائي
اها منهنجي زندگيءَ جي ڪيترين اجاين گذاريل شامن ۾ هڪ نهايت سجائي گذاريل شام هئي. جيڪا مون انڊور ۾ اجهو اڏي ويٺل، ساهتي پرڳڻي جي هڪ ننڍڙي شهر ٺارو شاھ ۾ ستين جولاءِ اوڻيهه سؤ ستاويهه عيسويءَ تي جنم ورتل، سنڌي ڪهاڻيءَ کي رومانوي/ اشتراڪي رخ ڏيندڙ ڪهاڻيڪار ڪرشن کٽواڻي سان ڪچهري ڪري رهيو هوس.


ٺارو شاھ، ڪرشن کٽواڻي جو جنم هنڌ ته آهي ئي، پر سنڌ جي پهرين ۽ شايد آخري صوفي ڪميونسٽ ۽ ”ناول سمراٽ“ جو اعزاز ماڻيندڙ دادا گوبند مالهي ۽ سنڌين جي دلين تي سدائين راڄ ڪندڙ راڳي/ شاعر ماسٽر چندر جو به جنم هنڌ آهي. ڪرشن کٽواڻي؛ مصور، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ڪوتاڪار، ناٽڪ نگار ۽ ٻيو الائي ڇا ڇا!!
ننڍي کنڊ جي پهرين نوبل ايوارڊ وٺندڙ ناٽڪ نويس، ڪهاڻيڪار ناول نگار، موسيقار ۽ اول توڻي آخر ننڍي کنڊ جي وڏي شاعر رابندر ناٿ ٽئگور جي تخليق ڪيل تعليمي اداري شانتي نڪيتن مان تعليم ورتل سنڌي ليکڪ ڪرشن کٽواڻيءَ سان گهاريل اهي گهڙيون منهنجي لاءِ ڪنهن به اعزاز کان وڌيڪ اهم آهن.
اُهي جون جا پهريان ڏينهن هئا. آڪٽوبر ۾ هن جو ديهانت ٿيو. سنڌ، ساهتي پرڳڻي ۽ پنهنجي جنم هنڌ ٺارو شاھ کان ڪيترا ئي ميل پري، هند جي شهر انڊور ۾!
ڪرشن کٽواڻي، ادب ۾ رومانوي ڌارا جو ليکڪ قبول ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ هو ذهني طور ترقي پسند لکندڙ اديبن جي اثر هيٺ رهيو. ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ هن کي گوبند مالهي ۽ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ئي ادب ڏانهن ۽ ڪميونسٽ نظرئي ڏانهن وٺي آيا ۽ هند ۾ هو گوبند مالهي، ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ اي جي اتم سان ويجهو رهيو.
هند جي سڀني نقادن اها ڳالهه قبول ڪئي آهي ته هو ترقي پسند هجڻ باوجود اديب طور رومانوي ليکڪ آهي ۽ اهو به سچ آهي ته هن ترقي پسند هجڻ باوجود پنهنجي تخليقي ڪم کي نظرئي جي تبليغ کان بنهه پري رکيو. شخصي طور هو نهايت نفيس ۽ سنجيدھ شخص هئو ۽ ليکڪ طور هو نهايت معصوم تخليقڪار هئو. جنهن جي ٻولي آخر تائين ساهتي پرڳڻي واري رهي. جنهن ۾ هندي گهٽ شامل ٿي. جنهن جا ناول، ڪهاڻيون، ڪوتائون سڀ شايع ٿيل آهن. ڏيڍ درجن ڪتابن جو هي ليکڪ، سنڌ مان ڪهڙين حالتن ۾ هند ويو، اهو درد سندس ڪيترين ئي ڪهاڻين ۾ ڏسي سگهجهي ٿو. هو سنڌ توڻي هند ۾ هڪ جيترو ڄاتل سڃاتل ليکڪ هئو. سندس هڪ کان وڌيڪ ڪتاب سنڌ ۾ شايع ٿيا. هن کي سندس لکيل ناول (ياد هڪ پيار جي) تي مرڪزي ساهتيه اڪيڊميءَ جو آبرودار ايوارڊ مليو. ان کان سواءِ اڻ ڳڻيا ايوارڊ، مانَ-پتر ۽ سندون مليون. پر سڀني کان وڌيڪ جيڪو سنڌ ۽ هند جي لکندڙن ۽ پڙهندڙ پاران کيس پيار مليو، اهو وڏو اعزاز آهي، جنهن جو ذڪر هُن لکڻ ۾ ڪيو به آهي ته مونسان ڪيل ڪچهريءَ ۾ پڻ ڪيو.
ڪنهن عظيم مصور جي ٺاهيل لينڊ اسڪيپ جيان جڙيل گهر ۾ رهندڙ، اڇي پهراڻ ۽ پاجامي ۾ حسين چهري ۽ سفيد وارن وارو شخص/ ليکڪ ڪرشن کٽواڻي، پنهنجي جيئري پنهنجي هڪ خواهش به پوري ٿيندي ڏسي ويو. جيڪا آهي، هڪ ڀيرو وري سنڌ ڏسڻ جي، جيڪا خواهش، هند ۾ رهندڙ ڪيترن ئي اديبن ۽ عالمن جي پوري ڪا نه ٿي سگهي. هو اوڻيهه سؤ اڻانوي ۾ سچل سائين بابت سگا پاران سڏايل انٽرنيشنل ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو. ساڻس، سندس نظرياتي استاد، دادا گوبند مالهي، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي، قيمت هريسنگهاڻي ۽ وينا شرنگھي گڏجي آيل هئا. کيس ڪانفرنس ختم ٿيڻ کانپوءِ سڄي سنڌ ڏسڻ جو موقعو مليو. ساڻس پراڻا يار دوست مليا، پراڻا ماڳ مڪان مليا، ٺارو شاھ مليو، ساهتي پرڳڻو مليو ۽ هڪ ڀيرو وري کيس سڀني کان روئي موڪلائي هڪ نئين جلاوطني قبول ڪرڻي پئي.
انڊور ۾ رهندي کيس سنڌ جو سفر ۽ يار دوست ياد ايندا رهيا. هو هڪ نئون گهاءُ کائي جيئندو رهيو. يارهين آڪٽوبر ٻه هزار چوڏهن تائين، سنڌي ادب جي هند توڻي سنڌ جي تاريخ، مٿئين ڏينهن، مهيني ۽ سال کي ڪڏهن به نه وساري سگهندي. اهو ڏينهن اهڙي اديب جي ديهانت جو ڏينهن آهي، جنهن سموري عمر سنڌي اديب کي ارپي ڇڏي.
هن سنڌي ادب کي ڪهاڻيون، ناول، ناٽڪ، ڪويتائون ۽ ڪيتريون ئي حسين تصويرون ڏنيون. دراصل سندس لکڻيون به ڄڻ ته تصويرون آهن ”هڪ ڊگهي سانت“ جنهن پڙهيو هوندو، اهو اهڙي شاهدي به ڏئي سگهندو ۽ قبول به ڪري سگهندو ته هي ترقي پسند مانواري ليکڪ ڪرشن کٽواڻيءَ جي اندر ۾ سنڌ جون ۽ شانتي نڪيتن جون ڪيتريون تصويرون سانڍيل هيون، جن مان ڪي هو اظهاري سگهيو ۽ چئي سگهيو ۽ ڪيتريون سندس ڪلپنا ۾ ئي رهجي ويون، جيڪي سندس شرير سان گڏ چکيا تي چڙهيون.
ڪرشن کٽواڻي جي ڪتابن جو سمورو وچور، شايد ميسر نه ٿي سگهي پوءِ به ڪي ڪتاب هيٺ ڏجن ٿا، جيڪي هن جي هڪ اعليٰ ليکڪ هجڻ جي ساک ڏين ٿا. هن جي رک، گنگا سان ملي، ٿڌي ٿي وئي. انڊور اڄ به اتي ئي آهي، سنڌ به اتي ئي آهي، جيڪو نه آهي، ان شخص/ ليکڪ جو نالو ڪرشن کٽواڻي آهي. ها! هو جسماني طور نه آهي، پر ادب ۾ سندس موجودگي اوس رهڻي آهي. ڇاڪاڻ ته تخليق/ ادب، سدائين رهڻو آهي. ايئن ڪرشن کٽواڻي به سدائين رهڻو آهي. ايستائين جيستائين اها قوم زنده آهي، جنهن ۾ هو پئدا ٿيو، اها ڌرتي زنده آهي، جنهن تي هن جنم ورتو ۽ اها ٻولي زنده آهي، جنهن ۾ هن لکڻ جو عمل سر انجام ڏنو.
ڪرشن کٽواڻي جا ڪتاب
منهنجي مٺڙي سنڌ – ناول
ٽٽل تارون – ڪهاڻيون
مٺڙي تو نه سڃاتو – ڪهاڻيون
هڪ ڇوڪري هئي – ڪهاڻيون
وئرٿ زندگيون –ناول
امر پيار- ناول
ياد هڪ پياري جي – ناول
ست ڏينهن –ناول
هڪ ڊگهي سانت – ڪويتائون
آستانو-ناٽڪ
ترندڙ بادل

اڄ ڪرشن موجود نه آهي، پر  ٺارو شاھ وٽ سندس يادگيريون ۽ سنڌي ادب ۾ سندس ڪتاب سندس يادگيري آهن.

No comments:

راءِ ڏيندا