; سنڌي شخصيتون: عنايت بلوچ

05 October, 2014

عنايت بلوچ

عنايت بلوچ

هڪڙو سهڻو ماڻهو - ساروڻين ۾ تـُنهنجو عڪس

زيب سنڌي



عنايت بلوچ سان منهنجو پهريون تعارف سندس هڪ نظم وسيلي ٿيو هو. تڏهن اڃان مون نئون نئون لکڻ شروع ڪيو هو. لکندو به ڪهاڻيون هئس ته پڙهندو به ڪهاڻيون ۽ ڪجهه ٻيو نثر هئس، باقي شاعري مونکي سمجهه ۾ اچڻ بدران منهنجي مٿي تان گذري هلي ويندي هئي. انڪري ڪو به رسالو پڙهندي مان شاعري جا صفحا بنا پڙهڻ جي فقط سرسري طور تي ڏسي ورقَ اٿلائي ڇڏيندو هئس. ائين ئي ۱۹۷۵ع ۾ ماهوار ”سوجهرو“ جي ڪنهن شماري ۾ ڇپيل شاعري جا ورقَ پئي ورايم جو عنايت بلوچ جي هڪ نظم تي نظر بيهي رهي. اهو نظم پڙهيم ته نه فقط ڏاڍو وڻيو، پر انهيءَ نظم جون ٻه سٽون، منهنجي شاعريءَ کان ڪورِي دل جي ڪاغذ تي لکجي ويون.


مون ريءَ ڪيئن گذاريو هوندئي،

آب اکين مان هاريو هوندئي

ڪافي ٽيبل تي پئي هوندي،

سوچَ ۾ تنهن کي ٺاريو هوندئي !

اهي سٽون پڙهي مون سوچيو هو ته آخر اهو ڪهڙو شاعر آهي، جيڪو محبوب جي ياد ۾ پِٽِڪو ڪرڻ بدران محبوب کان ٿو پُڇي ته مون کان سواءِ تو ڪيئن گذاريو ۽ رُنوهوندو! ايڏو اعتماد، ايڏو ڀروسو پنهنجي شخصيت ۽ سوچَ تي!! اُن کان ڪجهه عرصو پوءِ جڏهن مون ڪنهن رسالي ۾ عنايت بلوچ جو فوٽو ڏٺو ته سوچيم، واقعي... اهڙي سهڻي ماڻهوءَ لاءِ ته ڪا به حسينا هنجون هاري سگهي ٿي ۽ سندس سوچن ۾ گم سُم ٿي پنهنجي اڳيان ٽيبل تي رکيل گرم گرم ڪافيءَ جو مگ به ٺاري سگهي ٿي! سو انهيءَ سهڻي ماڻهوءَ سان سندس شاعري وسيلي منهنجو اهو پهريون تعارف ٿيو هو، پر جڏهن هن سان پهرين روبرو ملاقات ٿي ته منهنجو هُن سان تعارف ئي نه ٿي سگهيو هو! ۱۹۸۳ع ۾ مان سليم قريشيءَ سان سندس ادبيات ڪتاب گهر تي ڪچهري ڪري رهيو هئس ته ڪتاب گهر ٻاهران ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي گاڏي اچي بيٺي ۽ عنايت بلوچ گاڏي مان لهي اندر آيو. سليم قريشي ۽ مون اٿي عنايت بلوچ سان هٿ ملايو. عنايت صاحب بيٺي بيٺي فقط ڪو هڪڙو ئي منٽ سليم سان ڪجهه ڪتابن بابت ڳالهايو ۽ ساڳئي پير تي واپس هليو ويو.

ڪجهه مهينن کان پوءِ نصير مرزا ريڊيو حيدرآباد تي پروڊيسر ٿي آيو. نصير سان ننڍپڻ جي دوستي هئي، انڪري جڏهن به لاڙڪاڻي کان حيدرآباد وڃڻ ٿيندو هو ته نصير وٽ وڃڻ لازم ٿي پوندو هو. عنايت بلوچ ريڊو پاڪستان حيدرآباد جو ئي اسٽيشن ڊائريڪٽر هوِ، پر اتفاق سان ڪڏهن به ساڻس ملاقات نه ٿي سگهي.

۱۹۸۸ع ۾ پاڪستان براڊڪاسٽنگ ڪارپوريشن، ريڊيو پروڊيوسر لاءِ سنڌ جي اميدوارن کانِ لکت واري ٽيسٽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ورتي هئي، جنهن ۾ هڪ اميدوار مان به هئس. انهيءَ امتحاني مرڪز جو انچارج عنايت بلوچ هو، جنهن اسلام آباد کان آيل سواليه پيپرن وارو سيل ٿيل لفافو اميدوارن جي سامهون اچي کوليو ۽ هر اميدوار اڳيان سواليه پيپر رکي، گڊ وشز چئي هليو ويو. انويليجيٽر جي ڊيوٽي نامياري ليکڪ ۽ ان وقت جي پروگرام مئنيجر سائين ممتاز مرزا ڪئي هئي. خير... حيدرآباد ۾ لکت واري ٽيسٽ ۽ ڪراچيءَ ۾ ٿيل انٽرويو مان پاس ٿي، ٽريننگ لاءِ مان وڃي پاڪستان براڊڪاسٽنگ اڪيڊمي اسلام آباد پهتس ته اُتي جي فضائن ۾ به مون عنايت بوچ جو نالو گونجندي ٻڌو! اڪيڊميءَ ۾ اسان جا استاد ۽ ناميارا براڊڪاسٽر عنايت بلوڇ جو اڪثر ذڪر ڪندا هئا، تڏهن مونکي اندازو ٿيو ته عنايت بلوچ فقط شاعريءَ ۾ نالو ناهي ڪمايو، پر پنهنجي پروفيشن ۾ به هُن جي ڌاڪ آهي.

اڪيڊميءَ ۾ منهنجي ڇهن مهينن جي ٽريننگ پوري ٿي ته ڪجهه هٿ پير هڻڻ کان پوءِ مون کي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پوستنگ ملي وئي ۽ مان وڃي اتي پهتس. جوائننگ ڏيڻ لاءِ اسٽيشن ڊائريڪٽر عنايت بلوچ جي آفيس جي ڪمري جو در کولڻ لاءِ هٿ وڌم ته در کولڻ کان اڳ ۾ آفيس جي در تي ويٺل پٽيوالي کڻي مون کي ٻانهن کان جهليو! پٽيوالي کي ٻڌايم ته مان پروڊيوسر آهيان ۽ جوائننگ ڏيڻ آيو آهيان، تڏهن پٽيوالي منهنجي ٻانهن ڇڏي ڏاڍي معزرت سان چيو، ”توهان اسٽيشن ڊائريڪٽر صاحب جي پي اي سان وڃي ملو، اُهو بلوچ صاحب کي توهان جي اچڻ جو اطلاع ڏيندو!“ مار... اهڙو پروٽوڪول ته مون اسلام آباد هيڊ ڪوارٽرس ۾ ڊائريڪٽر جنرل جو به نه ڏٺو هو...!! پي اي سان وڃي مليس، جنهن بلوچ صاحب کي انٽرڪام تي اطلاع ڏنو ته هُن مونکي هڪدم سڏائي ورتو. ڪمري ۾ داخل ٿيس ته بلوچ صاحب اٿي ڀاڪر پاتو، ”ويلڪم زيب“ هن ويهڻ جو اشارو ڪي بيل وڄائي. پٽيوالو آيو ته کيس چانهن آڻڻ لاءِ چئي مرڪي مون ڏانهن ڏسي چيائين، ”زيب صاحب، مونکي اسلام آباد مان لکيل توهان جو خط مليو هو، پر مان ڪوڙ نه ڳالهائيندس، مون توهان جي هتي پوسٽنگ لاءِ ڪنهن کي نه چيو هو. توهان جي پنهنجي خوشقسمتي آهي جو توهان کي حيدرآباد ۾ پوسٽنگ ملي وئي.“ مرڪي وراڻيم، ”سائين، منهنجي انهيءَ خوشقسمتيءَ پٺيان منهنجي ٻن مهربانن مخدوم امين فهيم ۽ سائين غلام مصطفي شاه جو هٿ آهي، نه ته خيرپور ۾ خواجا امداد جي انڊر ۾ ڪم ڪرڻ بجاءِ مان اسڪردو هليو وڃان ها.“ عنايت صاحب هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو، تيسين چانهن به اچي وئي.

انهن ڏينهن نئين آيل پروڊيوسر کان ڊيوٽي آفيسر جو ڪم ورتو ويندو ته ويٺو ڪاغذ ۽ ٽيپس سنڀالي، پر بلوچ صاحب مون تي اعتماد ڪندي اُٿندي ئي ڊرامي جهڙو اهم سيڪشن ڏئي ڇڏيو جو پي ٽي وِي لاءِ ته مان اڳي ئي ڊراما لکندو هئس. مون به ڪوشش ڪئي ته بلوچ صاحب جي ڀروسي تي پورو لهان ۽ پوءِ جڏهن جڏهن به منهنجو پروڊيوس ڪيل ڊرامو نشر ٿيو ته نه فقط بلوچ صاحب خوشيءَ جو اظهار ڪيو، پر ڊرامي تي مون سان تفصيلي گفتگو به ڪئي.

حيدرآباد ريڊيو تي مون ڪي نَوَ مهينا ئي ڊيوٽي ڪئي ۽ هڪ ڏينهن پنهنجي استعيفي لکي وڃي عنايت بلوچ جي ٽيبل تي رکي. هن استعيفي وارو ڪاغذ پڙهي حيرت منجهان مون ڏانهن ڏسي پڇيو؛ ”ڇو پيا ڏيو استعيفا!؟“ وراڻيم، ”ڪميشن ڪئي اٿم، ليڪچرر ٿيڻ ٿو چاهيان.“ هن چيو، ”مان ڪسٽم آفيسر جي نوڪري ڇڏي ريڊيو ۾ آيو هئس ۽ توهان ريڊيو ڇڏي وڃي ليڪچرر ٿيندا؟“ منهنجي هاڪار کان پوءِ هن مونکي ڏاڍو روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چيو، ”توهان ليکڪ آهيو، ريڊيو جهڙي نوڪري توهان کي نه ڇڏڻ گـُهرجي.“ پر منهنجي لڳاتار معذرت کان پوءِ هن منهنجي استعيفا تي نوٽ هڻن لاءِ پين کنئي ته مون هڪدو چيو، ”سر هڪڙو منٽ ترسو.“ بلوچ صاحب مرڪي چيو، پڇيو، ”ڇو، ارادو بدلجي ويو ڇا؟“ وراڻيم، ”نه سر، ارادو ناهي بدليو پر منهنجي استعيفا کان پهرين هنن ڪاغذن تي صحيح ڪيو.“ ۽ مون هڪ فائيل بلوچ صاحب ڏانهن وڌايو. هن فائيل کولي ڏسي چيو، ”ويندي ويندي ديڳ چاڙهڻ ٿا چاهيو ڇا..!“ مرڪي چيم، ”سر منهنجي استعيفا جي ڪاغذ تي توهان اڄ صحيح ناهي ڪئي، انڪري پروڊيوسر جي حيثيت سان اها منهنجي توهان کي آخري گذارش آهي.“ هن ٿڌو ساه کنيو ۽ مُرڪي انهن تيرهن ڊراما آرٽسٽن جي ڪاغذن تي صحيون ڪيائين، جن جا آڊيشن وٺي مون ايپروو ڪيا هئا.

مان ريديو پروڊيوسر جي نوڪريءَ تان استعيفا ڏئي هليو ويس. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ وري استعيفا واپس وٺڻ لاء بلوچ صاحب وٽ پهتس! (اچ وڃ جو اهو هڪ الڳ قصو آهي، جنهن کي فقير ڪنهن ٻئي ڀيري بيان ڪندو.) عنايت بلوچ صاحب اسلام آباد هيڊ ڪوارٽرس فون ڪري پنجابيءَ ۾ ڳالهايو، ”يه مُنڊا بڙي ڪم دا اي ... رائيٽر آدمي اي ...“ هن ٻن منٽن جي ڪال کان پوءِ مونکي چيو، ”اڄ ئي جوائن ڪيو ۽ وڃي پروگرام ڪيو.“ اها هئي ريڊيو پاڪستان ۾ عنايت بلوچ صاحب جي پي آر ... پر جيڪي وڃان وڃان ڪَن سي رهي رهندا ڪيترو... سو مان به وري ريڊيو جي نوڪري ڇڏي هليو ويس. بلوچ صاحب منهنجي اهڙي عمل تي ٿورو ناراض به ٿيو، پر مون کي چيائين، ”ريڊيو جي نوڪري ڇڏي ٿو وڃين، پر ريڊيو کي نه ڇڏجانءِ. ريڊيو لاءِ ڊراما به لکجانءِ ۽ ڪمپيئرنگ به ڪجانءِ.“ سو اڄ منهنجي ريڊيو ڪمپيئر جي حيثيت سان جيڪا به سڃاڻپ آهي، انهيءَ جي پٺيان عنايت بلوچ جي محبت جو هٿ آهي.

ريڊيو تي هيس ته عنايت بلوچ منهنجو باس هيو. اهڙو باس، جنهن جي سامهون سندس هٿ جي اشاري کان سواءِ ويهي نه سگهجي، پر جڏهن ريڊيو جي نوڪريءَ کي سدائين لاءِ الوداع ڪيم ته هو منهنجو دوست بڻجي پيو. بنهه ويجهو ۽ حجائتو دوست. هڪ دفعي ڪنهن دوست جي ڳالهين سبب منهنجي دل ۾ عنايت بلوچ لاءِ غلط فهمي پيدا ٿي پيئي. عنايت بلوچ کي اهڙي خبر پئي ته هو مونکي پرچائڻ لاءِ اچي منهنجي گهر تي پهتو. پيار سان ڏاڍا ڀاڪر پاتائين. سندس پيار سان منهنجي دل ڌوپجي وئي ۽ اهڙي ڌوپجي وئي جو وري ڪڏهن هيءَ دل هُن لاءِ ميري نه ٿي سگهي. عنايت بلوچ سان ويجهڙائپ سبب ئي، هدايت بلوچ جهڙي دلبر سان به منهنجي ٻٽيهن دلين واري دوستي ٿي وئي.

عنايت بلوچ ڊپٽي ڪنٽرولر جي حيثيت سان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي اسٽيشن ڊائريڪٽر ٿي آيو هو، پر هن جي پي آر ايتري هئي جو جڏهن سندس ڪنٽرولر جي حيثيت سان پروموشن ٿيو ته هن بدلي ٿي ڪنهن ٻي وڏي اسٽيشن تي وڃڻ بجاءِ، حيدرآباد جي ريڊيو اسٽيشن کي اپ گريڊ ڪرائي ڇڏيو ۽ اتي ئي ويٺو رهيو! ريڊيو حيدرآباد تي سندس تيرهن سالن جو ڊگهو عرصو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو سونهري دور رهيو، جيڪو هڪ ڌار ڊگهو داستان آهي. نيٺ هڪ ڏينهن هو حيدرآباد کان بدلي ٿي ريڊيو پاڪستان اسلام آباد جو ڊائريڪٽر وڃي ٿيو، جنهن کان پوءِ هو ترقي ڪري ڊائريڪٽر پروگرامز جهڙي عهدي تي به پهتو. مان ۱۹۸۸ع ۾ جڏهن پاڪستان براڊڪاسٽنگ اڪيڊمي اسلام آباد ۾ ٽريني پروديوسر هي ته اڪيڊميءَ جو پروگرام مئنيجر اڪثر مونکي چوندو هو، ”ديکنا زيب، عنايت بلوچ ايڪ دن ريڊيو پاڪستان ڪا ڊائريڪٽر جنرل بني گا!“ ۽ ظهير صاحب جي انهيءَ پيشنگوئيءَ کان ڏهه سال پوءِ عنايت بلوچ جو ريڊيو پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل جو آرڊر به ٿيو. هڪ رات هن اسلام آباد کان فون ڪري مونکي اها خوشخبري ٻڌائي ۽ تاڪيد ڪيائين ته مان تيسين اها خبر ٻين دوستن کي نه ٻڌايان، جيسين هو صبح جو وڃي جوائن ڪري. اهو مشرف جي آمريت جو دور هو ۽ شايد بلوچ صاحب کي شڪ هو ته متان ميرٽ جي لتاڙ ٿئي. سو ائين ئي ٿيو، راتو رات ميرٽ لانگ بوٽ هيٺان لتاڙجي ويئي ۽ ڊڪٽيٽر مشرف جو ويجهو ساٿي انور محمود صبح جو ريڊيو پاڪستان جو ڊائريڪتر جنرل بڻجي ويو!

ڪيترا ئي ڊائريڪتر جنرل آيا ۽ هليا ويا. انهن سڀني جو نالو آفيس جي ديوار تي ٽـَنگيل ڪاٺ جي تختي تي ئي لکيل رهندو، پر پطرس بخاري، آغا ناصر ۽ عنايت بلوچ جهڙين شخصيتن جو نالو بيشمار دلين تي به نقش رهندو ته براڊڪاسٽنگ، علم، ادب ۽ شاعريءَ جي تاريخ ۾ به سدا سلامت رهندو.


 

عنايت بلوچ

ناميارو اديب ۽ براڊ ڪاسٽر

آغا نور محمد پٺاڻ

بلوچ، عنايت: نامياري اديب، شاعر ۽ براڊ ڪاسٽر عنايت بلوچ جو پورو نالو عنايت الله ولد غلام نبي ’اُداسي‘ کوسو بلوچ آهي. سندس والد پڻ پنهنجي دؤر جو اهم شاعر هو. سندس جنم ۳ آڪٽوبر ۱۹۴۱ع تي ڳوٺ حاجي يار محمد کوسي لڳ احمد پور، ضلعي خيرپور ميرس ۾ ٿيو. سندس تعليم ايم اي (اسلامڪ هسٽري) آهي.

عنايت بلوچ شاعر هئڻ سان گڏ سٺو نثرنگار، نقاد ۽ لطيف جو پارکو پڻ آهي. ڪسٽمس کاتي ڪراچيءَ ۾ اگزئمننگ آفيسر جي نوڪريءَ کي خيرباد چئي، ۱۹۷۰ع ۾ براڊ ڪاسٽنگ جي دنيا ۾ داخل ٿيو، جتي هو مختلف هنڌن تي مختلف عهدن تي رهيو، جهڙوڪ: اسسٽنٽ ريجنل ڊائريڪٽر ريڊيو –پاڪستان ڪراچي ۽ حيدرآباد، (جولاءِ ۱۹۷۰ع کان فيبروري ۱۹۷۴ع)، پروگرام مئنيجر ريڊيو اسٽيشن ڪوئيٽا ۽ ڪراچي (فيبروري ۱۹۷۴ع کان آگسٽ ۱۹۸۴ع)، اسٽيشن ڊائريڪٽر تربت، حيدرآباد ۽ اسلام آباد (ڊسمبر ۱۹۸۲ع کان سيپٽبر ۱۹۹۵ع)، ڪنٽرولر هوم (ڊسمبر ۱۹۹۵ع کان نومبر ۱۹۹۶ع) ۽ ڊائريڪٽر پروگرامس پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن اسلام آباد (نومبر ۱۹۹۶ع کان ۲۰۰۱ع)، ان کان سواءِ پنهنجي قابليت جي بنياد تي ڪنسلٽنٽ پيمرا (PEMRA:  پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي آگسٽ ۲۰۰۲ع کان جنوري ۲۰۰۳ع) به رهيو آهي. هي مختلف خانگي ريڊيو چئنلن تي پڻ مختلف عهدن تي رهيو آهي. جهڙوڪ: جنرل مئنيجر سچل. ايف. ايم ۱۰۵ (سيپٽمبر ۲۰۰۳ع کان ڊسمبر ۲۰۰۴ع ۽ جنرل مئنيجر، جوش ايف. ايم۹۹ مارچ ۲۰۰۵ع کان جنوري ۲۰۰۸ع)

عنايت بلوچ دنيا جي ڪيترن ملڪن مان ريڊيو سان لاڳاپيل ڪورسن، ورڪشاپن ۽ سيمينارن ۾ به شرڪت ڪئي، جن ۾ ريڊيو پراڊڪشن بي. بي. سي لنڊن (۷۵۱۹۷۴ع)، پاپوليشن ڪميونيڪيشن ايشيا پئسيفڪ انسٽيٽيوٽ فار براڊ ڪاسٽنگ ڊولپمينٽ ڪوالالمپور، ملائيشيا (۱۹۸۰ع)، اسٽڊي ٽوئر وائيس آف  آمريڪا ريڊيو/ ٽي. وي نيٽ ورڪ وغيره (۱۹۸۶ع)، براڊ ڪاسٽ مئنيجمينٽD. W، جرمني (۱۹۹۷ع)، مئنيجمينٽ آف چينج فار براڊ ڪاسٽرس D. WA. M. I. C (ايشين ميڊيا انفرميشن سينٽر)، سينگاپور (۱۹۹۸ع)، براڊ ڪاسٽنگ ايگزيڪيوٽوز سيمينار، جپان انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي جاپان (۲۰۰۰ع).

عنايت بلوچ کي ريڊيو پاڪستان جي نمائندي جي حيثيت سان ٻه دفعا محترمه بينظير ڀٽو شهيد سان گڏجي ٻاهرين ملڪن جي سفر ڪرڻ جو اعزاز مليو. پهريون ڀيرو ۱۹۸۹ع ۾ جڏهن محترمه بينظير ڀٽو وزيراعظم جي حيثيت سان ترڪيءَ ۽ عراق جو دؤرو ڪيو ۽ ٻئي دفعي ۱۹۹۴ع ۾ جڏهن محترمه ٻيهر وزيراعظم ٿي ته هن ۱۹۹۴ع ۾ برطانيه جو سرڪاري دورو ڪيو. عنايت بلوچ طرفان، محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي دؤري تي مشتمل ريڊيو رپورٽن کي تمام گهڻو ساراهيو ويو هو.

ان کان سواءِ عنايت بلوچ، ريڊيو پاڪستان جو واحد براڊڪاسٽر آهي، جنهن کي ٻه دفعا ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي ڪوَريج جي سلسلي ۾ ٻاهر موڪليو ويو. پهريون ڀيرو ۱۹۸۳ع ۾ ٽئين پروڊينشل ورلڊ ڪپ جي ڪمينٽريءَ جي انتظامن ڪرڻ لاءِ کيس انگلينڊ ۽ ويلز موڪليو ويو. ٻئي دفعي ۱۹۹۲ع ۾ پنجين بينسن ۽ هيجز ورلڊ ڪرڪيٽ ڪپ جي سلسلي ۾ عنايت بلوچ آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ويو، جتي خوش قسمتيءَ سان ڪپتان عمران خان جي سربراهيءَ ۾ پاڪستان پنجون ورلڊ ڪپ کٽي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو. عنايت بلوچ کي اهو اعزاز به حاصل آهي ته سندس نالو World’s Who’s Who of Poetry ۾ آيل آهي. اهو ايڊيشن انٽرنيشنل بايوگرافيڪل سينٽر، ڪئمبرج انگلنڊمان ۱۹۷۸ع ۾ شايع ٿيو هو. ان جرنل ۾ سنڌي اديبن مان ٻيو نالو فهميده ميمڻ (حسين) جو هو. عنايت بلوچ کي مڃتا طور ڪيترا ئي ايوارڊ ۽ ميڊل پڻ مليا آهن، ۱۹۸۷ع ۾ کيس وزيراعظم هٿان “شهباز گولڊ ميڊل” مليو ۽ پاڪستانرائٽرس گلڊ طرفان سندس شاعريءَ جي ڪتاب ’تند ڪٽارو ڪنڌ‘ ۽ سندس سفرنامي ’پرين جي پرديس‘ تي کيس انعام ڏنا ويا. سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم طرفان سندس خدمتن تي تاج پوشي ڪئي وئي.

پاڻ ’بزم تعمير ادب‘ جو صدر رهيو آهي. ان کان علاوه ٻين ڪيترن اعزازي عهدن تي پڻ فائز رهيو آهي، جن ۾ اردو سنڌي لٽرري فورم جو سيڪريٽري (۱۹۸۰۱۹۷۳ع)، سنڌ ڪلچر ۽ لٽريچر ڊولپمينٽ جو ميمبر ۽ حيدرآباد جيمخاني جو تاحيات ميمبر پڻ آهي. سندس تصنيفن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن:

( ۱). “تند ڪٽارو ڪنڌ” (شاعري: ۱۹۸۱ع)، (۲). “پرين جي پرديس” (سفرنامو: ۱۹۸۴ع)، (۳). “پرديسي ڪهڙا پرين” (سفرنامو: ۱۹۸۷ع)، (۴). “سهسين ٿيا سارنگ” (سفرنامو: ۱۹۹۵ع) مٿي ڄاڻايل سندس ذاتي تصنيفن کان سواءِ عنايت بلوچ سنڌ جي مشهور ادبي شخصيتن جا ڪتاب پڻ ترتيب ڏنا آهن، جهڙوڪ: (۱) “سڀ ۾ پنهون پاڻ”، (مير سڪندر خان کوسي جو ڪلام: ۱۹۷۴ع ۾ ڇپيل)، (۲) “ڪي پڙاڏا، ڪي سَڏ” (جي. الانا جي سنڌي شاعري: ۱۹۸۱ع ۾ ڇپيل)، (۳) “پيارن جا پيغام” (ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي خطن جي ترتيب ۲۰۰۸ع ۾ ڇپيل). عنايت بلوچ، سرڪاري ڪمن ڪارين، سيمينارن ورڪشاپن وغيره جي سانگي سيهي سان هيٺ ڄاڻايل ملڪن جو دؤرو ڪري چڪو آهي: آمريڪا، ڪئناڊا، برطانيا (جتي هو ڪيترا ڀيرا ويو آهي ۽ پنهنجن پسنديده شاعرن شيڪسپيئر ۽ ورڊس ورٿ جي مزارن تي به ويو ۽ اتي ويهي نظم تخليق ڪيائين). جرمني، جپان، سينگاپور، سعودي عرب، مليشيا، ايران، عراق، ترڪي، آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ. عنايت بلوچ هن وقت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر آهي ۽ قاسم آباد، حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي. 

No comments:

راءِ ڏيندا