; سنڌي شخصيتون: استاد مٺل ميراثي - ارباب ڇڄڙو

08 October, 2014

استاد مٺل ميراثي - ارباب ڇڄڙو

استاد مٺل ميراثي
منفرد انٽرويو
ارباب ڇڄڙو
مون مٿي ذڪر ڪيو آهي ته مصري فقير وارن جي ڳائڻ جو هڪ الڳ اسٽائيل هيو. اهو اسٽائيل دراصل مشهور استاد راڳي مٺل ميراثيءَ جو هو. ۱۹۹۴ع ۾ دولتپور ۾ هڪ اسٽيج شو ڪيو هوم. ان شو ۾ استاد مٺل ميراثي ۽ سندس شاگرد غلام حسين زرداري پڻ موجود هئا. استاد مٺل کي راڳ جو وارو ڏنم ٻه ڪلام ڳايائين ڪمال جو راڳي هيو. پر ڏک اهو ٿيو جو فقط ٻه رپيه انعام مليس. جڏهن ته سندس شاگرد غلام حسين زرداري جو ۲۰ سالن جو ٻار هيو ان تي نوٽن جي مينهن وسي ويو هو. ان ئي ڏنهن استاد مٺل کان انٽرويو ڪيو هوم اهو پڙهندڙن جي اڳيان جئين جو تيئن پيش ڪريان ٿو.
سوال: توهان جي پيدائش ڪڏهن ٿي؟
جواب: ۱۹۱۰ع ڌاري قاضي احمد شهر کان اولهه طرف  ڳوٺ ” ديوان جي دڙي“ ۾ ڌمالي فقير ميراثيءَ جي گهر ۾ ٿي. ان زماني ۾ اسڪول هئا ئي ڪين ان ڪري پڙهي ڪو نه سگهيس بلڪه اسڪول جو منهن به ڪو نه ڏٺم.


سوال: توهان کي راڳ جو شوق ڪيئن ٿيو؟
جواب: پٽ اسان جي گهر ۾ ساز ۽ راڳ جو سلسلو هلندڙ هيو. آئون هوشيار هوس. ۱۶ سالن جي عمر ۾ استاد بيبي خان وٽ راڳ سکڻ شروع ڪيم ۶ سال اهو سلسلو هليو. بعد ۾ وڌيڪ استاد عاشق علي خان وٽ راڳ جي تعليم جاري رکيم. جتي مون سان گڏ ان زماني جون ٻه وڏيون ڳائڻيون به راڳ سکنديون هيون. مائي نوابي ۽ مائي گولي، گولي مون کي وڻندي به هئي. آواز به ڪمال جاهين. ڏاڍا ڏوڪڙ ڪمايائون هت به ۵ سال راڳ سکيس پوءِ استاد دعا ڪئي ۽ موڪل به ڏنائين ته هاڻي ڀلي وڃي راڳ ڳاءِ.
سوال: توهان جا رڪارڊ به ٿيا يا نه؟
جواب: ها ۱۹۳۹ع ۾ ڪراچيءَ ۾ منهنجا ٻه رڪارڊ ٿيا هئا. هڪ رڪارڊ جو نمبر هيو ۵۰۳۶ ۽ شاعر هيو امام بخش انڙ ٻول هئا.
ٻولئون ٻڌي ويا، ڇوري ڇڏي ويا،
ٻئي رڪارڊ جو نمبر هيو ۵۰۴۰ هن جو شاعر هيو علي بخش مري ٻول هن ريت هئا.
ڀلي ماريو مون کي جاني،
في رڪارڊ جي رائلٽي چار آنا ملندي هئي.
سوال: ڀلا استاد راڳ ڳائڻ لاءِ ڪڏهن سنڌ کان ٻاهر به ويا آهيو؟
جواب: ها ابا آئون پنجاب ويو آهيان. هاڻي ڪجهه سال ٿيا آهن. لاهور ۽ بهاول پور ويو هئس. سنڌ مان فقط هڪ ئي گويو مان ويو هوس. اتي مون کان ٺمري ۽ خيال ٻڌو هئائون. تمام وڏو ميلو متل هئو، پنجاهه گويا هڪ جاءِ تي هئاسين. هن کان اڳ هندستان جي شهر دهليءَ ۾ راڳ منڊل مچايو ٿي ويو، اتي به مون هڪ کي سنڌ مان گهرايو هئائون. جڏهن ڪراچي پهتس ته ٻي عالمي جنگ شروع ٿي وئي ۽ آئون رهجي ويس.
سوال: پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ڪي اهڙا ماڻهو به هئا جيڪي راڳين جي سار سنڀال لهندا هئا؟
جواب: (ٿڌو ساهه کڻندي) جي قدردان نه هجن ها ته اڄ راڳ جو نالو به نه هجي ها. ان معاملي ۾ سنڌ جا ماڻهو پنهنجو مٽ پاڻ آهن. جهڙوڪ مرحوم رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، سائين محمد زمان شاهه ڄاموٽ، سائين بهاو الدين سرهندي، پير غلام رسول شاهه جيلاني، هيءَ ته پاڻ به گويو هو. ڊٺڙي وارا پير، ميان امام بخش انڙ، حضور بخش سيد، مير علي نواز ناز، ڄام نبن خان، ڄام ڪانڀون خان، هي سخي سردا پنهنجو مٽ پاڻ هو. ڀٽائيءَ جي راڳين کي خرچ پکو به ڏيندو هو. ڀٽ ڌڻيءَ جي مزار جي مرمت به ڪرائيندو هو. ان کان سواءِ وڏو امين مڙس هو راڳيندڙن جو وارث هوندو هو. اڄ اهڙا ماڻهو ڪٿي آهن. ڄامن وٽ اوطاق تي هڪ وڏي منجي رکيل هوندي هئي ان تي ڄامن جي دائي ويهندي هئي، راڳ جي وڏي پارکو ۽ ڏاهي عورت هوندي هئي ڪنهن ڄام ڪو غلط ڪم ڪيو ته ان کي ڇڙٻون به ڏيندي هئي. مجال جو ڄام دل ۾ ڪن يا ڪو منهن ۾ گهنج پوين.
سوال: ان عورت جو نالو ڇا هئو؟
جواب: گهڻي ياد ڪرڻ کان پوءِ به ان جو نالو ياد ڪو نه آيس. ڳالهه جاري رکندي، سلسلي کي ڳنڍيندي چيائين. پير شير موري وارو، ملڪ صالو خان ٿاڻي بولا خان وارو مير محمد منڇي ٻگهيو ۽ ٻين ڪيترن کان سواءِ سائين جي ايم سيد سن وارو. سائين جي ايم سيد پڪي راڳ ڏانهن ڌيان ڪو نه ڏيندو هو بلڪ شاعريءَ ڏانهن خيال هوندو هوس. سائين جي ايم سيد جي پٽن امير حيدر شاهه ۽ سائين امدا محمد شاهه جا سنت (طهر) هئا. مون اتي راڳ ڳايو هو. اتي سيد هڪ اصول قائم ڪيو هو. پنهنجي طرفان راڳين جي ڪپڙا پارائي پوءِ پيو اسٽيج تي ويهاري. سائين جي ايم سيد جو دوست شاهه محمد نانينا نڙائي نڙو ڄائڻ جو ڪمال هئس. ان کان سواءِ مهراج مولو واڻيون سن شهر وارو، اسحاق بلاولي ۽ ٻيا به ڪيترائي فنڪار هئا. مون کي ٻه سئو رپيه مليا هئا. جيڪي تمام گهڻا ڏوڪڙ هئا ان دور جي حساب سان.
سوال: ڀلا هاڻي ڪي سنڌ ۾ راڳ جا پارکون ماڻهو آهن يا ڪاريءَ جا ڪک؟
جواب: سنڌ جا ماڻهو هڪ ڳالهه ۾ تمام هوشيار آهن. ڀلي جو ڌنار ٻڪريون پيو چاري. پر اهو راڻو، ڪوهياري ۽ سورٺ سمجهيو وڃي پر ٻئي هنڌ اهڙا ماڻهو ڪو نه آهن.
سوال: استاد مٺا خان توهان جن راڳين سان راڳ ڳايو آهي تن مان ڪن سٺن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: الهڏنو نوناري، حبيب شاهه عابده جو استاد، مٺو خان ڪلهوڙو، استاد خيرو خان، استاد منظور علي خان هن جو ته جواب ئي ناهي، استاد غلام رسول خان، وحيد عليءَ جو والد، استاد جمالو خان استاد منظور علي جو والد، استاد پير بخش خان، استاد الهه بندو خان، استاد خيراتي خان، استاد محمد جمن، استاد جمن شاهه لطيف جو وڏو گائڪ هيو. محمد ابراهيم ٻين ڪيترن کان سواءِ ۽ سونو خان بلوچ هي سونو منهنجو شاگرد به هيو، آئون ان سان باجو به وڄائيندو هوس، راڳ جو ڪو ايڏو وڏو ڄاڻو ته ڪو نه ٿيو باقي ڏوڪڙن تي وڏي ساعٿ هئس، جلال چانڊيو وانگر، ڪنور ڀڳت هي وڏو درويش الله وارو هو. راڳ جا ڏوڪڙ خيرات ڪري ڇڏيندو هو. ان ڪري ته ميان مٺوءَ جي وڏن مارائي ڇڏيس ته، واڻيون پيو نالو ڪمائي. اهڙو الله لوڪ وري پيدا ڪو نه ٿيو آهي. ماسٽر چندر هي ته بابا ڌنون ٺاهڻ جو ماهر هو وڏو موسيقار هئو، عجب جهڙو انسان هيو سندس آواز ۾ به جادو هو. ان کان سواءِ پاڻ شاعر به هيو پر ضياءِ پرسرام نواب شاهه واري جي شاعري جام ڳائيندو هو.
سوال: توهان ريڊيو حيدرآباد سان وابسته رهيا آهيو اتي توهان جي ڪا رڪارڊنگ موجود آهي؟
جواب: ها ۸ ايٽم منهنجا رڪارڊ ٿيل آهن. پر هنوقت ياد ڪو نه آهن. جيڪي ياد اٿم سي هي آهن.
۱ ڇو ٿيون ڏيو مون کي متيون، وس پنهنجي ۾ نه آهيان.
۲ملان مار نه مون، سبق پڙهان يا سڄڻ ڏسان.
۳ جور و جفا اي مٺا، مون کي مار نه جانءِ (گدائي)
۵ واهه واهه گذران فقيراندا، غريباندان، ( بلهي شاهه)
پٽ بس اهي ياد اٿم.
سوال: جيئن ته، توهان گويا آهيو ان حوالي سان توهان جي ڪا رڪارڊنگ ٿيل آهي يا نه؟
جواب: ٿيل آهي. ريڊيو جي پروڊيوسر تصدق علي خان جيڪو پاڻ به گويو آهي. ان منهنجي آواز ۾ تمام گهڻا ٺاٺ رڪارڊ ڪيا آهن. ٺاٺ جي ته توهان کي خبر آهي ( ما راڳ جو منڊ) هاها صحيح ٿا چئو.
راڳ ڀوپالي، راڳ مال ڪئوس، پوريا، پوريا ڌنا سري، ڪلبيا، ( ڪلبيا مون لاءِ نئين شي هئي) ڪلاوتي، ڀيرم، ڀير ڪلاس، درٻاري ۽ ٻيا به آهن پر ياد ڪو نه ٿا اچن ابا جيئن مون اڳ چيو آهي اسي مت کسي ( کلي ٿو).
سوال: ڀلا استاد مٺل توهان جي ڪنهن ٻئي اداري يا فرد ڪو انٽرويو ڪيو آهي؟
جواب: ها محمد قاسم ماڪا جيئن توهان سوال ڪريو ٿا ائين سوال ڪيا هئا ۽ چئي پيو تنهنجو ڦوٽو ٿو نڪري.
سوال: توهان جا ڪي شاگرد به آهن ته انهن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: مرحوم مصري فقير، مرحوم محمد مڱڻهار، مرحوم عاشق ماڇي، غلام رسول لوهر، پنهل مڱڻهار ۽ بابي کي چوان الهداد زرداري، عبدالڪريم زرداري جيڪو جلال چانڊيو سان باجو ٿو وڄائي. امام بخش زرداري سونو خان بلوچ هي غلام حسين زرداري پر افسوس جو هڪ به گويو ناهي ٿي سگهيو. بابا راڳ ته سمونڊ آهي جنهن سان هاڻي مذاق پئي ٿئي.
سوال: توهان کي اولاد ڪهڙو آهي ۽ ڪيترو آهي؟
جواب: بس هڪ پٽ اٿم قربان علي ٻيو ٿيو خير.
سوال: ڀلا استاد! اڄ جي راڳ ۽ شاعريءَ مان ڪيترو خوش آهيو؟
جواب: خوش ڪو نه آهيان، موسيقي ته ڄڻ مري وئي آهي. پر شاعريءَ جو به ٻيڙو ٻڏي رهيو آهي. گلا کور ڳائڻا پيدا ٿي پيا آهن. مايون به بيهي ٿيون ڳائن ۽ عوام کي چون ٿا ته تاڙيون وڄايو. آهي نه ٻڏي مرڻ جو مقام هروڀرو ماڻهو تاڙيون ڇو وڄائين؟ توهان ڀلو ڳايو ته ازخو داد ملي ويندو. هاڻي هاڻي ريڊيو پئي ٻڌم ڪو اوٺو شاعر هيو ڪنهن سومري ڳائڻي هئي. چوي پئي پنهنجي محبوب کي ته منهنجي حالت تي هلجانءِ؟!
معشوق به حال تي هلي ته، پوءِ نه رهيو معشوق نه رهيو عاشق اهڙي شاعري ٻڌڻ کان پهريان ٻڏي مرجي!
سوال: استاد مٺل خان آخر ۾ ڪو پيغام ڏيندا؟
جواب: پيغام اهو آهي ته اڄ جي ڳائڻن کي صلاح آهي ته، هو وڃي ڪو هارپو ڪن راڳ ڏکيو ڪم آهي جيڪي شاعري صحيح ڪو نه ٿا چئي سگهن انهن جو راڳ ڪهڙو فائدو ڏيندو؟!

استاد مٺل به وفات ڪري ويو آهي. هن ڀلوڙ گويي جي کي ماڻهن وساري ڇڏيو آهي. ماڻهن کي ويسر جي وڏي بيماري ٿي وئي آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا