غفور گل
سنڌ جو سريلو فنڪار
ناصر قاضي
صدين جي سفر تي محيط تاريخي
پسمنظر کي جاچڻ سان يقيناً اهو اندازو ٿي ويندو ته اسان جي سونهاري سنڌ جهڙي نموني
هتان جي اصلوڪن ڄاين جي ماتر ڀومي آهي، اهڙي ئي طرح هيءَ ڌرتي پرانهن پارن کان آيلن
جي لاءِ به مٿي ڇانوَ بڻيل آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ڌرتيءَ جي مٽيءَ ۾ پالڻهار پاران، درويشن
جي دعائن سان اهڙي ڪا ڪشش، اهڙي ڪا ڇڪ رکيل آهي، جو جنهن به بشر هن ڌرتيءَ جو رخ ڪيو
آهي، سو وري ڪنهن ٻيءَ جوءِ ۾ سک سان ساهه ناهي کڻي سگھيو، اهوئي ڪارڻ آهي جو تاريخ
جي ظالم ڪردارن کان وٺي مٺڙن ماروئڙن تائين جن به هن ڌرتي تي پير رکيو ۽ ان پاڻي چکيو
آهي، سو هتان جو ئي ٿي رهجي ويو آهي. اُهو ته ڪو بي ضمير يا بي لڄو ماڻهو ئي هوندو
جنهن هن ڌرتي تي رهندي به هن ڌرتيءَ سان نينهن نه نڀايو هجي.
سنڌ ڌرتيءَ سان پيار ڪندڙ
اهڙن پرانهن پانڌيئڙن مان ناميارو راڳي غفور گل به هڪ اهڙو پروانو آهي، جيڪو سنڌ سان
پيار ڪندي، سنڌ ۾ سنڌي ٿي رهيو ۽ پنهنجي مادري
ٻولي پشتو به وساري ڇڏيائين. هن ڳالهه جو اعتراف ۽ اظهار هن پنهنجي ڏنل هڪ انٽرويو
۾ پاڻ به ڪيو، جيڪو نامياري براڊڪاسٽر، شاعر ۽ ليکڪ ڪوثر ٻرڙي جي ڪتاب ’فن ۽ فنڪار‘
(ڀاڱو پهريون) جي ۲۸۵ صفحي
تي هن طرح ڏنل آهي:
”مان سنڌ سان ايترو پيار ڪريان
ٿو، جو مون کان مادري زبان پشتو وسري وئي آهي.“
غفور گل جي وڏڙن جو اصل ديس
پختونخواهه صوبي جي راڄڌاني پشاور شهر هو، جتان ماضي بعيد ۾ سندس وڏڙا هميشه لاءِ لڏي
پلاڻي ڪراچيءَ ۾ اچي ٿانيڪا ٿيا، جتي ۱۹۵۴ع
ڌاري غفور گل جي پئدائش ٿي، سندس ڇٺيءَ جو نالو ته عبدالغفور ولد گل محمد اعواڻ آهي،
پر اڳتي هلي پاڻ پنهنجي والدِ محترم جي نالي جي پهرين اکر جي نسبت سان هم نام ٿيندي،
پاڻ کي ’غفور گل‘ سڏرائڻ لڳو. سندس ننڍپڻ ۾ ئي والد صاحب ڪراچيءَ کي به خدا حافظ ڪري،
حيدرآباد ۾ اچي آباد ٿيو.
غفور گل کي موسيقيءَ جي ميراث
يا سرن جي سوغات ٻالڪپڻ ۾ پنهنجي گهر ۾ ئي ملي، ڇوته سندس وڏو ڀاءُ خير محمد اعواڻ
هڪ بهترين بينجو نواز هو، جيڪو پنهنجي وقت جي مهان موسيقار استاد بلاول بيلجم جو ڳاني
ٻڌو شاگرد هو، نه صرف ايترو، پر سندس ٻيو ڀاءُ غلام محمد اعواڻ هڪ صوفي راڳي هو، جيڪو
هڪ سريلي سوريءَ جي حيثيت ۾ سنڌ جي يگاني ويراڳي ڪلاڪار فقير عبدالغفور سان گڏجي ڳائيندو
هو. اهڙي طريقي سان موسيقيءَ جا من ۾ پيوست ٿيندڙ سهڻا سر جڏهن غفور گل به پنهنجي ٻاراڻي
عمر ۾ ڀائرن کان ٻڌندو هو ته سندس سرير به انهن سرن طرف راغب ٿي ويندو هو.
غفور گل کي جڏهن مائٽن پاران
ڪتابي تعليم پرائڻ لاءِ ميان علي بخش اسڪول، گاڏي کاتي، حيدرآباد ۾ داخل ڪرايو ويو
ته اتفاق اهڙو ٿيو جو، سندس لاءِ اسڪول ۾ ئي نصابي تعليم سان گڏ سنگيت جي سکيا وارو
عمل به شروع ٿي ويو. ڇاڪاڻ ته ساڳئي اسڪول ۾ قمر ڪوهستانيءَ نالي هڪ اهڙي استاد سان
سندس آشنائي ٿي وئي، جيڪو هڪ استاد هجڻ سان گڏ شاعر ۽ موسيقيءَ جي فن جو ڄاڻو پڻ هو،
هن استاد پنهنجي تجربي جي نگاهه سان غفور گل جي وجود ۾ ننڍپڻ ۾ ئي سريلين صلاحيتن وارا
گڻ پرکي ورتا، جنهنڪري اهو استاد اسڪولي سطح تي منعقد ٿيندڙ هم نصابي سرگرمين، جهڙوڪ:
ترانن، گيتن ۽ نغمن جي چٽاڀيٽيءَ ۾ حصو وٺڻ لاءِ کيس همٿائيندو رهندو هو. اڳتي هلي
جڏهن غفور گل ۱۹۶۴ع ڌاري پنجين ڪلاس ۾ پهتو، تڏهن زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو
ساڳئي استاد قمر ڪوهستانيءَ جي چيچ پڪڙي ريڊيو حيدرآباد تائين پهتو، جتي پروڊيوسر سرور
بلوچ جي هدايتڪاريءَ ۾ ٻارڙن جي پروگرام ۾ حصو وٺي قمر ڪوهستانيءَ جي ئي سرجيل نعت
سڳوري پيش ڪيائين. اهڙيءَ طرح غفور گل اسڪولي ڏينهن ۾ ئي ريڊيو تائين رسائي ماڻي ورتي
هئي. ان کانپوءِ پاڻ جڏهن اٺين ڪلاس ۾ پهتو، تڏهن کان وٺي وقتاً بوقتاً ريڊيو حيدرآباد
ڏانهن ويندو هو، جتي نشر ٿيندڙ ٻاراڻن پروگرامن ۾ کيس ڳائڻ جو موقعو ملندو رهيو، ان
حوالي سان غفور گل ننڍپڻ ۾ ئي ريڊيو حيدرآباد جي پيچرن توڙي درن ۽ ديوارن سان مانوس
ٿي ويو. پاڻ ڪتابي تعليم جا ٻارنهن ڏاڪا اورانگھي مڪمل طور تي موسيقيءَ لاءِ پاڻ ارپي
ڇڏيائين.
غفور گل ابتدا ۾ هڪ شوقيه
ڪلاڪار طور حيدرآباد ۾ منعقد ٿيندڙ پروگرامن ۾ حصو وٺندو رهيو، شروعات ۾ عوامي ميڙاڪن
۽ اسٽيج پروگرامن ۾ شرڪت ڪري پنهنجي فن جو مظاهرو ڪرڻ لڳو. ان وقت غفور گل اڪيلي ڳائڻ
کان علاوه سنڌ ڌرتيءَ جي امر آوازن جيجي زرينه بلوچ، امينه، صادق علي ۽ فقير عبدالغفور
سان همنوائي ڪري هم آواز به ٿيندو هو.
غفور گل هونئن ته ننڍپڻ کان
وٺي ريڊيو جا بنيادي ڏاڪا اورانگھي چڪو هو، پر باقاعده طور تي ۱۹۶۹ع ڌاري ناميارن براڊڪاسٽرن خواجه امداد عليءَ ۽ غلام
حسين شيخ باضابطه طور تي کانئس آڊيشن وٺي سندس آواز کي ريڊيائي دنيا سان منسوب ڪري
ڇڏيو. ريڊيو حيدرآباد تي آڊيشن ۾ ڪاميابيءَ بعد سندس آواز ۾ سڀ کان پهريان برک شاعر
سيد مرتضى شاهه ڏاڏاهيءَ جو جيڪو ڪلام رڪارڊ ڪيو ويو، ان جا ٻول هئا: ”ايندا محب وري،
پوندا نيڻ ٺري.....“ جنهن بعد سنڌي سڀيتا جون ڪيتريون ئي ڪوتائون غفور گل جي آواز
۾ريڪارڊ ٿي ريڊيو حيدرآباد تان نشر ٿيڻ لڳيون. اڳتي هلي هڪ Home singer جي ناتي سان ريڊيو
حيدرآباد جو ادارو غفور گل جي لاءِ هڪ درسگاهه پڻ ثابت ٿيو، جتي پاڻ سنڌ جي نامياري
موسيقار استاد نياز حسين جي حضور ۾ حاضر ٿي، سنگيت جي سخا لاءِ صدا هڻي سندس سرپرستيءَ
۾ راڳ جي باقاعده سکيا ورتائين.
غفور گل جي آواز کي سندس چهري
سميت پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ڪراچي سينٽر جي اسڪرين تي ۱۹۷۰ع ڌاري ملڪ جي نامياري موسيقار ۽ بينجو نواز استاد بلاول بيلجم جي توسط
سان نامياري پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ پنهنجي پروگرام ۾ موقعو ڏئي متعارف ڪرايو، جتي
هن سڀ کان اول ”چاهه اسان جو چانڊوڪيءَ جيئن چمڪيو آ چوڌار“ ٻولن تي آڌاريل موسيقيءَ
جو جيڪو اسم پيش ڪيو، ان جي تخليقڪار نامياري شاعره سحر امداد هئي.
غفور گل سنڌي آڊيو ڪئسٽ جي
دنيا ۾ پنهنجون فني صلاحيتون پڻ اظهاريون، هونئن ته هن وقت تائين سندس آواز ۾ جاري
ٿيل آڊيو البمن جو تعداد ٽيهه کن ٿيندو، پر ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ نه آهي، جو سندس نصيب
۾ شهرت جي ديوي ان وقت راضي ٿي، جڏهن ۱۹۸۶ع
۾ سندس آواز ۾ هڪ آڊيو البم رليز ٿيو، جيڪو مڪمل طور تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي حمايت
۾ سرجيل مزاحمتي شاعريءَ تي مشتمل هو. هيءُ آڊيو البم سندس زندگيءَ لاءِ هڪ چئلينج
پڻ هو، ڇاڪاڻ ته جنرل ضياءُ الحق جي سخت مارشلا واري دؤر ۾ شهيد ڀٽي جي حمايتي گيتن
تي مشتمل البم جو مارڪيٽ ۾ اچڻ، وڪرو ٿيڻ ۽ ڪامياب ٿيڻ ڪا چرچي جي ڳالهه نه هئي، هن
ڪئسٽ جا سڀئي گيت شهيد ڀٽي جي حمايت ۽ مارشلا جي مخالفت ۾ ڳايل هئا، جن مان هڪ گيت
’ننڍا وڏا ٿا چون، پوڙها پڪا ٿا چون، جيئي جيئي ڀٽو‘ بيحد مقبول ٿيو. هن ڪئسٽ جي منظرِ
عام تي اچڻ سان مارشلا جي ماريل مظلوم حلقي ۾غفور گل جي مقبوليت عام ٿيڻ لڳي، کيس پوري
سنڌ ۾ منعقد ٿيندڙ سياسي پروگرامن ۾ دعوت ڏئي گھرايو ويندو هو. ايتريقدر جو اپريل ۱۹۸۶ع ۾ شهيد ڀٽي جي نياڻي، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو
پنهنجي زندگيءَ جي پهرين جلاوطني ختم ڪري جڏهن لاهور پهتي، جتي شهيد ڀٽي جي لکن جيالن
سندس عظيم الشان استقبال ڪيو، ان موقعي تي غفور گل جي ساڳئي آڊيو البم جون هزارين ڪاپيون
سنڌ مان خريد ڪري، لاهور ۾ ڀٽي جي شيدائين ۾ مفت تقسيم ڪيون ويون. نه صرف ايترو، پر
هڪ ڀيري ڪراچيءَ ۾ ملهايل شهيد ڀٽي جي سالگرهه جي موقعي تي غفور گل جڏهن پنهنجو اهو
البم محترمه بينظير ڀٽو کي پيش ڪيو ته هن سندس ڏاڍي تعريف ڪئي ۽ ان البم جو هڪ گيت
”جس هجئي او منهنجي ڀيڻ“ ساڳئي پروگرام ۾ ڳائڻ جي کيس فرمائش پڻ ڪئي، جنهن جي موٽ
۾ غفور گل ۽ سجاد يوسف گڏجي اهو گيت ڳايو.
مارشلا جي مخالفت ۾ پاڻ جيڪي
مزاحمتي گيت ڳايائين، ان جي ردِ عمل ۾ آمري احڪامن تحت غفور گل جي لاءِ سرڪاري ابلاغي
ادارن جي دروازا بند ڪيا ويا، جيڪي پابنديون ۱۹۹۰ع ڌاري هڪ ڪاري دؤر جي پڄاڻيءَ سان پوريون ٿي ويون ۽ جمهوريت جي نئين
جرڪندڙ سج سان گڏ نئين سِر ساڳيا نشرياتي ادارا غفور گلَ لاءِ منتظر بڻيا.
غفور گل جي سريلي آواز کي
هڪ Play back singer طور سنڌي فلمن لاءِ پڻ منتخب ڪيو ويو، ان ڏس ۾ پاڻ سڀ کان پهريان ۱۹۷۹ع ۾ رليز ٿيل سنڌي فلم ’حاضر سائين‘ لاءِ نغما ڳايائين،
جنهن بعد هن ماضيءَ ۾ جاري ٿيندڙ پنهنجي دؤر جي جڳ مشهور سنڌي فلمن ’مومل راڻو‘، ’آئي
مند بهار‘ ۽ ٻين فلمن لاءِ پڻ گيت ڳايا. فلمي دنيا ۾ پنهنجون فني خدمتون سرانجام ڏيڻ
دؤران غفور گل جي آواز ۾ راڳ جي راڻي عابده پروين ۽ روبينه بدر جي همنوائيءَ ۾دوگانه
پڻ ريڪارڊ ٿيا. اهڙيءَ طرح سنڌي موسيقيءَ جي لڳ ڀڳ هر ميڊيم تان سندس آواز ۾ لا تعداد
ڪلام ريڪارڊ ٿي، منظر عام تي ايندا رهيا آهن.
هتي افسوس صرف ان ڳالهه جو
ٿي رهيو آهي ته ماضيءَ جو مڃيل، سنڌ جو هيڏو وڏو ڪلا-ڌڻي حال ۾ وقت جي بي رحم ڇولين
جي ور چڙهي، ثقافتي کاتن جي بي ڌيانيءَ جو شڪار ٿي چڪو آهي، پاڻ هن وقت ايتري حد تائين
مفلسيءَ جي زندگي گھاري رهيو آهي، جو اٽڪل هڪ ڏهاڪي کان سندس نيڻن جو نور به ماٺو ٿيندو
ٿو وڃي. نه صرف هيءُ، پر غفور گل جهڙا گلَ ۽ ان جهڙا ٻيا الائجي ڪيترا ڪردار اڄ به
سرڪاري سرپرستيءَ کان محروم آهن. جيڪڏهن ڪي ادارا يا فنڪارن لاءِ ڪم ڪندڙ کاتا پنهنجي
کاتي ۾ کين کڻي، سندن پاران ڪيل پريت جي پورهئي جو قدر ڪندي، سندن سهائتا ۽ سرپرستي
ڪن ته هوند ههڙن املهه ماڻڪن مان ڪيترا ئي هڪ ڀيرو ٻيهر نکري نروار ٿي سگھن ٿا.
No comments:
راءِ ڏيندا