استاد امير علي خان
ناصر قاضي
ڏاتيار ڏيهه جي اهڙن ڏات ڌڻين ۾ استاد امير علي
خان جو صدورو نالو پڻ ملي ٿو، جنهن ساز کي سيني لائڻ سان گڏوگڏ قلم کي به پنهنجي قلب
۾ جوڳي جاءِ ڏيندي ڪلا کي قلم سان همڪنار ڪري ڏيکايو. استاد امير علي خان جو تعلق
‘ماڙيچا گھراڻي’ سان آهي، جنهن گھراڻي بابت اوائلي احوال هن ريت ملي ٿو ته ننڍي کنڊ
۾ راجسٿان رياست جي مڱڻيارن جي 24 ڳوٺن مان ‘ماڙ’ نالي هڪ علائقو ايامن کان آباد هو،
جنهن جي نسبت سان هيءُ گھراڻو ‘ماڙيچا گھراڻو’ سڏجي ٿو. موسيقيءَ جي فن سان وابسته
ٻين گھراڻن سان گڏ ماڙيچا گھراڻي جون به پوري ننڍي کنڊ جي موسيقيءَ جي ميدان ۾ سگھاريون
خدمتون سرانجام ڏنل آهن. اڳتي هلي هن گھراڻي جو عظيم گائيڪ ۽ موسيقار استاد سومار خان
پنهنجي پياري ڀائيٽي ۽ شاگرد خانصاحب استاد حاجي خير محمد خان سان گڏجي ورهاڱي کان
اڳ ئي 1911ع ڌاري هميشه لاءِ سنڌ ۾ آيو ۽ پهريان سانگھڙ ۽ بعد ۾ حيدرآباد ۾ اچي سڪونت
اختيار ڪيائين، اهڙيءَ طرح سنڌ جو هيءُ اصلوڪو سنڌي موسيقار گھراڻو هميشه لاءِ سنڌ
جي نالي سان سڃاڻجڻ لڳو.
هن گھراڻي جو عظيم ڪلاڪار ۽ موسيقار خانصاحب
استاد حاجي خير محمد خان ڪلا جي ڪڙم جو اهو ڪلتار هو، جنهن هند کان ڪهي سنڌ ۾ اچي،
پنهنجي آلاپ ۽ آواز جو جادو جاڳائي، سنڌي موسيقيءَ جي ڪنهن مندر جي مورتيءَ جيان سيوا
ڪندي، پنهنجي سموري عمر گذاري ڇڏي. خانصاحب استاد حاجي خير محمد خان هند سان گڏوگڏ
سنڌ ۾ به پنهنجي پيئائتي پت پاڙيندي، موسيقيءَ جي مشعل کي مڌم ٿيڻ نه ڏنو ۽ جيوڻي ٻائيءَ،
استاد علم الدين خان، مراد فقير، استاد دين محمد خان، استاد شادي فقير، استاد زوار
بسنت، مائي بدرالنساءِ، تيجو خان، استاد خدا بخش خان، انب خان، ڪرڙ خان (ڪنڊياري وارو)
جهڙن امر ڪلاڪارن جي راڳ ۾ رهنمائي پڻ ڪئي. استاد حاجي خير محمد خان جتي ان فيض کي
عام تائين رسايو، اتي ڀلا سندس گھراڻو، سندس شفقت ۽ رهنمائيءَ کان وانجو رهي، اهو ته
ناممڪن آهي.
موجوده دؤر ۾ سنڌ جو نامور ڪلاسيڪل ڪلاڪار استاد
امير علي خان به ساڳئي گھراڻي جي چشم و چراغ ۽ پنهنجي ڏاڏا سائين استاد حاجي خير محمد
خان جي ان مڪتب جو اهو هونهار شاگرد آهي، جنهن کي سنگيت ۽ ساز جي سوغات وڏڙن پاران
ميراث ٿي مليا ۽ پاڻ اڄ تائين اهڙي وڙائتي وکر جي پاسداري ڪندو اچي ٿو، اهو ئي استاد
امير علي خان جنهن جي پرسوز آواز ۾ لاکيڻي لطيف جون سٽون ‘پل ڪانه رهي، ور ميان خان بلوچا’ هوائن جي
دوش تي سنڌ کان پوريءَ دنيا ۾ پکڙيون.
استاد امير علي خان، ستين اپريل 1961ع تي، سخي
پير ڪالوني حيدرآباد ۾ استاد حاجي خير محمد خان جي فرزند، استاد رمضان عليءَ جي گهر
۾ جنم ورتو، سندس والدِ محترم استاد رمضان علي خان پڻ پنهنجي وقت جو سريلو گائيڪ هو،
جنهن جي سريلي ۽ پر سوز آواز ۾ ڳايل پنهنجي وقت جا مشهور ڪلام ’لاالہ الالله مون کي
درشن يار ڪرائيندو‘، ’جوڳيئڙا جڙ لاهي ويا، ساميئڙا لنؤ لاهي ويا‘، ’صوفي آهن سدائين
آ جوڳي جتي ڪٿي يار‘، ’واهه واهه گُذران فقيران دا‘ ريڪارڊ، نشر ۽ مشهور ٿيا، جڏهن
ته استاد امير علي خان جا چاچا استاد لعل بخش خان ۽ استاد رجب علي رضا پڻ سنڌي موسيقيءَ
جي سگھارن نالن ۾ شمار ٿين ٿا.
استاد امير علي خان شروعاتي تدريسي تعليم قاضي
عبدالقيوم اسڪول مان حاصل ڪئي. جڏهن ته مئٽرڪ نورمحمد هاءِ اسڪول ۽ انٽر سچل سرمست
آرٽس ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪيائين. پاڻ ننڍپڻ کان ئي پنهنجي گھر ۾ سريلا آلاپ ٻڌڻ
سان گڏوگڏ سازن جو ديدار پڻ ڪندو رهيو، جنهنڪري سندس سرير ۾ به راڳ سان رغبت ۽ آلاپ
سان انسيت پيدا ٿيڻ لڳي. ويتر وڏڙن پاران همٿائڻ تي هن به مڪمل طرح سان موسيقيءَ جي
ميدان ۾قدم رکيو. استاد امير علي خان موسيقيءَ جي ابتدائي سکيا پنهنجي والدِ محترم
استاد رمضان عليءَ کان ورتي، سندس راڳ جي سکيا وارو عمل سندس اسڪول واري دؤر کان ئي
شروع ٿي چڪو هو، جنهن دؤران هو پنهنجي چاچا استاد لعل بخش خان سان گڏ وڃي محفلن ۾ شرڪت
ڪندو هو ۽ ساڻس گڏجي ڳائيندو پڻ هو. پاڻ پنهنجي والد محترم سان پڻ همنوائي ڪندو هو،
خاص ڪري جڏهن به سندس والد صاحب سنڌي راڳ يا راڳڻي آلاپيندو هو ته ان کي پرکڻ ۽ پروڙڻ
لاءِ امير علي کي پڻ پاڻ سان گڏ ضرور ويهاريندو هو.
استاد امير علي خان 1976ع کان باقاعدي محفلن
۾ ڳائڻ سان پنهنجي فني سفر جي شروعات ڪئي، سندس پهرين محفل حيدرآباد ۾ جمال شاهه جي
پڙ وٽ ٿي، جنهن وقت سندس عمر اٽڪل پندرهن سال هئي. انهن ئي ڏينهن ۾ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ
سنڌ پاران ڪوٺايل قومي گيتن جي مقابلي ۾ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد پاران نمائندي
شاگرد جي حيثيت سان استاد امير علي خان کي نامزد ڪري اماڻيو ويو، جتي خانصاحب استاد
امانت علي خان جو ڳايل جڳ مشهور ملي نغمو ‘چاند ميري زمين، ڦول ميرا چمن’ ڳائي پوريءَ
سنڌ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪيائين.
استاد امير علي خان ڪراچيءَ ۾ رهڻ دؤران سکڻ
کي پنهنجو مقصد سمجھندي ڏينهن رات کوجنا واري عمل مان گذرندو رهيو ۽ ان حوالي سان اڳتي
هلي نامياري موسيقار استاد نياز احمد خان کان به سنگيت جي صنفن مان ڪمپوزيشن جي سکيا
حاصل ڪيائين.
استاد امير علي خان ميڊيا جي حوالي سان سڀ کان
اول 1982ع ۾ پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ڪراچي سينٽر تي پنهنجي استاد محترم نياز احمد
جي توسط سان متعارف ٿيو، جتي کيس موسيقيءَ جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان استاد نياز
احمد جي سرپرستيءَ ۾ ئي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. حقيقت جي اک سان ڏٺو وڃي ته پاڪستان
ٽيليويزن ڪراچي سينٽر استاد امير علي خان لاءِ هڪ درسگاهه پڻ ثابت ٿي، ڇاڪاڻ جو انهن
ڏينهن ۾ پي. ٽي. وي تي کيس پاڻ کان سينئر موسيقارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ، کانئن پڇڻ ۽ سکڻ
جا ڀرپور موقعا ملندا رهيا. استاد امير علي خان اهڙي ذميواري 1982ع کان 1991ع تائين
مسلسل 9 سال احسن طريقي سان سر انجام ڏيندو رهيو. ان دؤر ۾ سندس ترتيب ڏنل پي ٽي وي
جي خاص پروگرامن ۾ خاص پروگرام ’نيلام گهر‘، ’محفل موسيقي‘، ’غزل ڪا سفر‘، ’رنگ ترنگ‘
وغيره شامل هئا. استاد امير علي خان جيتوڻيڪ پاڪستان ٽيليويزن تي موسيقيءَ جي هڪ اسسٽنٽ
ڊائريڪٽر جي حيثيت سان ته متعارف ٿي چڪو هو، پر اڳتي هلي آواز جي حوالي سان هڪ ڪلاڪار
جي حيثيت سان پاڪستان ٽيليويزن جي سنڌي پروگرام ‘سنڌ سينگار’ ۾ کيس نامياري ڏاهي، لطيف
شناس ۽ سنڌي ثقافت جي پارکوءَ محترم ممتاز مرزا صاحب متعارف ڪرايو، جتي سندس آواز
۾ سڀ کان اول شاهه سائينءَ جو ڪلام ‘راڻا جي رڄپوت جا’ ۽ نامياري شاعري اياز گل جو
غزل ’ڪوئل پنهنجي ڪو ڪوءَ ۾‘ ريڪارڊ ۽ نشر ٿيا.
استاد امير علي خان ڪمپوزيشن جي ميدان ۾ ڪافي
ڪامياب ۽ لاڀائتا تجربا ڪيا آهن، سندس ترتيب ڏنل يادگار اسمن مان لطيف سائين جي هڪ
وائي ڪمپوزيشن پڻ آهي، جنهن ۾ استاد امير علي خان پنهنجي سهڻي سوچ ۽ سٽاءَ سان لطيف
سائين جي ان وائيءَ کي ٽن ٻولين ۾ ترجمو ڪرايو، جڏهن ته ان واِئيءَ ۾ رڌم تي چئن تارن
جو استعمال ڪيل آهي. ان کان علاوه پاڻ هڪ حمد جي ڪمپوزيشن پڻ ڪيائين، جيڪا سندس ئي
آواز ۾ ريڪارڊ ٿيڻ بعد نشر ٿي، جنهن حمد جي ٽن مصرعن ۾ الله پاڪ جا نوانوي اسماءِ حسنا
ٽيٽيهن، ٽيٽيهن جي ڳڻپ سان سموهي، نهايت ئي تعريف جوڳو تجربو ڪيائين. استاد امير علي
خان جي ڪمپوز ڪيل توڙي ڳايل گيتن جا هن وقت تائين ڪيترائي البم جاري ٿي چڪا آهن. هن
لطيف سائينءَ جي شاعريءَ کي چئن ٻولين ۾ ڳائي، ‘Latif is Great’
جي عنوان سان هڪ البم پڻ جاري ڪيو آهي، جيڪو سڪرنڊ جي ناز پراڊڪشن هائوس جاري ڪيو آهي.
ريڊيو جي حوالي سان استاد امير علي خان جو آواز
1982ع ڌاري ريڊيو حيدرآباد تي متعارف ٿيو، جتي سڀ کان اول سندس آواز ۾ محرم الحرام
جي حوالي سان مرثيه ريڪارڊ ٿيا. انهن مرثين جي ريڪارڊ ٿيڻ شرط ملڪ جي ناميارن براڊڪاسٽرس
عنايت بلوچ، نصير مرزا ۽ ڪوثر ٻرڙي اتفاقِ راءِ سان کيس بنا ڪنهن آڊيشن يا امتحان جي
ڪامياب قرار ڏيندي ريڊيو جي ايپروو آرٽسٽ جي سٿ ۾ شامل ڪري ڇڏيو. ريڊيو تي سندس آواز
۾ سڀ کان پهريون جيڪو اسم ريڪارڊ ٿي، نشر ٿيو، ان ڪلام جا ٻول هئا: ‘دلبر آ لاتو توسان
نينهن’، هي ڪلام اصل ۾ سندس ڏاڏي محترم خانصاحب استاد حاجي خير محمد خان جو ڳايل هو.
استاد امير علي خان جي شخصيت جو ٻيو اهم پهلو
هڪ ليکڪ وارو به آهي. جهڙيءَ طرح پاڻ سازن سان سنگت نڀائي اٿائين، ساڳئي وقت پنن جي
پريت ۽ قلم جي ڪرت کي به جاري رکيو اٿائين. سندس قلمي پورهيو موسيقيءَ تي مشتمل ٻن
ڪتابن جي صورت ۾ منظر عام تي اچي چڪو آهي، جن مان هڪ ‘سـُر، شاهه، سمنڊ’ جي عنوان سان
موسيقيءَ متعلق ڪتاب آهي، جيڪو سنڌي لئگئيج اٿارٽي پاران 2007ع ۾ شايع ٿي، پڌرو ٿيو،
جنهن ۾ هن لطيف سائينءَ جي اهم راڳن بابت جامع ڄاڻ ڏني آهي. جڏهن ته پرائمري سطح جي
شاگردن کي موسيقيءَ جي بنيادي معلومات ڏيڻ واسطي ٻارن جي ڏانءَ جو هڪ معلوماتي ڪتاب
‘رنگ، موسيقي، خوشبوءِ’ لکيائين، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري پاران ڇپجي منظرِ عام
تي آيو. انهن ڪتابن کان علاوه شاهه جي راڳ جي حوالي سان سندس ٻيو اهم ۽ لاڀائتو ڪتاب‘شاهه
جو راڳ’ آهي، جيڪو لڳ ڀڳ چوڏهن سؤ صفحن تي مشتمل آهي، شاهه سائينءَ جي راڳ جي حوالي
سان ههڙو ناياب ڪتاب (13 ڪلاڪن جي آڊيو سي ڊي سميت) سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد
پاران تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي. استاد امير علي خان کي هن ڪتاب جي لکڻ ۽ تحقيق وارن
مرحلن ۾ يقيناً تمام گھڻي محنت ڪرڻي پئي هوندي، جنهن حوالي سان پاڻ 2004ع ۾ هندستان
وڃي، دهلي ۽ راجسٿان ۾ رهندڙ شاهه جي پارکن ۽ اتان جي راڳين سان ملي، ملاقاتون ڪري
تعريف جوڳي تحقيق ڪئي اٿائين.
استاد امير علي خان موسيقيءَ جي ميدان ۾ تنظيم
ڪاريءَ واري وندر کي به ڪين وساريو. پاڻ 2003ع ۾ سنڌ جي ڏاهن ڏات ڌڻين محمد ابراهيم
جويي، حميد سنڌي، پروفيسر سيد قلندر شاهه لڪياري، نصير مرزا، محمد عثمان ميمڻ، جامي
چانڊيي ۽ ٻين جي ساٿ ۽ سنگت سان بزمِ فروغِ موسيقي جي نالي سان هڪ تنظيم جو بنياد وڌائين،
جنهن تنظيم جي پليٽ فارم تان هيل تائين ڪيترائي ڪلاسيڪل موسيقيءَ جا لاڀائتا پروگرام
منعقد ٿي چڪا آهن. استاد امير علي خان کي سندس فن جي مڃتا طور سال 2011ع ۾ شاهه لطيف
ايوارڊ، ‘ڪاروانِ ادب سنڌ’، ‘آءِ جي سنڌ’ ۽ ڪي ٽي اين طرفان مليل ايوارڊن سان گڏوگڏ
1996ع کان 1998ع تائين لڳاتار ٽي سال، مصري شاهه ايوارڊ سان گڏ ٻيا ڪيترا ئي ايوارڊ،
انعام توڙي اعزاز ملي چڪا آهن.
No comments:
راءِ ڏيندا