; سنڌي شخصيتون: مظهر الدين ميمڻ - محمد اياز ميمڻ

22 October, 2014

مظهر الدين ميمڻ - محمد اياز ميمڻ

مظهر الدين ميمڻ
محمد اياز ميمڻ
روز مرن پيا اهڙا ماڻهو، سچن هيرن جهڙا ماڻهو،
ملهه ناهي جن جو ڪو ئي، اڻ لڀ آهن اهڙا ماڻهو،
مظهرالدين ميمڻ موري شهر جي واپاري خاندان سيٺ محمد رمضان ميمڻ جي گهر ۾ ۲۴ آڪٽوبر ۱۹۴۶ع ۾ ڄائو. مظهرالدين پرائمريءَ جي تعليم احمد شاهه اسڪول مان حاصل ڪئي. ۱۹۶۶ع ۾ مئٽرڪ سائنس سيڪنڊ ڊويزن ۾ هاءِ اسڪول موري مان پاس ڪئي. ۱۹۷۰ع ۾ سنڌ يونيورٽيءَ مان ايم ايس سي فزڪس جي سند ورتي ۽ ۱۹۸۰ع ۾ ٽيڪنيڪل ايڊوڪيشن ۾ ڊپلوما گورنمينٽ ٽيڪنيڪل ڪاليج سائيٽ ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي ۽ انهيءَ ئي ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ هن ۲۶ (ڇويهه) سال استاد جي حيثيت ۾ گذاريا. شيخ اياز جڏهن ون يونٽ جي قهري ڪوٽ، ايوبي آمريت ۽ سنڌيت سان ٿيندڙ ويساهه گهاتين خلاف قومي شاعريءَ ذريعي شعور ڏنو ۽ سنڌ جي نئين نسل ڏانهن نهاريندي صدا هنئي ته تون ئي جواب صدين جي سوال جو ”ڳاڙها ڳڀرو سنڌ جا، تون ئي منهنجو خواب،“ مورو سنڌ جي شاگرد تحريڪ جو مرڪز هو. ون يونٽ خلاف وڏا مظاهرا جلسا جلوس هڙتالون به موري ۾ ٿيندا هئا. جنهن ۾ سڄي سنڌ کان ڪارڪن شرڪت ڪندا هئا. مظهرالدين ميمڻ به هڪ ڪارڪن جي حيثيت ۾ پنهنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات ڪئي. مظهرالدين ميمڻ سنڌ جي انهن حالتن جي پيداوار هو. جنهن سنڌ جي پڙهيل لکيل اديبن، شاعرن، دانشورن سان گڏوگڏ هارين ۽ مزدورن به ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. آخرڪار ون يونٽ به ٽٽو ۽ سنڌ هڪ دفعو وري آهستي آهستي ظاهر ٿيڻ لڳي.


مظهرالدين ميمڻ ايم آر ڊي تحريڪ، سنڌي مهاجرن جي جهڳڙن، ڪراچيءَ سميت سنڌ ۾ هزارين ماڻهو زخمي ٿيا، ماڻهو بي گهر ٿيا انهن جي تمام گهڻي مدد ڪئي. مظهرالدين ميمڻ جي ايتري ته ساک پت هئي جو سرنديءَ وارا سنڌي کيس چوندا هئا ته ادا حڪم ڪر ڪيترا پئسا کپن. ماڻهو کيس خالي چيڪ صحيح ڪري ڏيندا هئا ۽ چوندا هئا ته پئسا اوهان لکو ڇو جو مظهرالدين ميمڻ هڪ سچو ايماندار انسان هو هن آهي جيڪي پئسا ڏئي رهيا آهيون اهي غلط جاءِ تي استعمال نه ٿيندا. اسان کان هڪ سچو انسان وڇڙي ويو آهي.
هن کي سگا جي ساٿ ڌڻين سيڪريٽري تعليم چونڊيو مظهرالدين ميمڻ تعليم جي سلسلي ۾ سنڌ جي واهڻن، ڳوٺن، شهرن ۾ نڪري پيو هن جوڳين واري صدا پئي هنئين ”نياڻيون پڙهايو سنڌ سنواريو“.
مظهرالدين ميمڻ سان مون کي سگا مورو جي جنرل سيڪريٽري جي عهدي ماڻڻ کانپوءِ سکر ڊويزن جي ڳوٺن ۾ وڃڻ ٿيو مورو جا ڪجهه ڳوٺ هوت خان برهماڻي، داد خان بروهي، واهه سيالن جا ڳوٺ، ڦل شهر جا ڪجهه ڳوٺ سم وارن ڳوٺن ۾ سڄيون راتيون اتان جي ڪارڪنن ۽ ڳوٺاڻن کي تربيت ڏيندو هو هن جي سمجهائڻ جو هڪ پنهنجو  انداز هو. سڄي رات گذري ويندي هئي خبر نه پوندي هئي ته رات وئي ڪيڏي. مظهرالدين ۶ سال تعليم تي ڪم ڪيو. هي چار سال مهراڻ ايجوڪيشن فائونڊيشن جو اعزازي سيڪريٽري رهيو. سگا ڪراچي شاخ جو چار سال جنرل سيڪريٽري رهيو. ”سگا“ جو مرڪزي بورڊ آف ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽرس جو رڪن به هو. هن ثقافتي پروگرام پڻ ڪامياب ڪرايا ۽ سٺا سووينيئر ڇپرايا، سچل ڪانگريس جي ڪاميابيءَ ۾ هن جو تمام گهڻو هٿ هو.
جان جان هئي جيئري- ورچي نه ويٺي.
هن سڄي زندگيءَ ۾ مايوسيءَ کي ڪفر ۽ گناهه سمجهيو. سندس ننڍو ڀاءُ مرحوم عبدالمجيد ميمڻ سگا مورو برانچ جو صدر هو. هن جي وڇوڙي به کيس جهوري وڌو. سگا جي مرڪزي چونڊن ۾ هارائڻ کانپوءِ هن آرام ڪرڻ جو سوچيو پر ڊاڪٽر سليمان شيخ جي سڏ تي لبيڪ چئي بغير عهدي به ڪراچي شاخ جي مالي مدد ڪئي. هي ڀاءُ جي موت کانپوءِ اڪثر بيمار رهندو هو. ۶ سيپٽمبر تي هن کي دل جو سور ٿيو. اسين اشرف علي کهاوڙ ۽ آءٌ “اياز ميمڻ” جناح اسپتال دل واري وارڊ ۾ وياسين هن جي عيادت ڪئي سين. هن ان وقت چيو ته هاڻي سگا ۾ نواڻ اچڻ گهرجي ڀلي نوان ساٿي اچن پر ڊاڪٽر سليمان شيخ صاحب کي ڪيئن به ڪري آندو وڃي. ڇو جو سگا هن وقت سخت بحران ۾ آهي. هن وقت سچن ساٿين جي سخت ضرورت هئي. هن چيو ته اسان سٺو ساٿ نڀايو آهي هاڻي سگا کي نون، جاکوڙي جوڌن جي ضرورت آهي.
هن عظيم انسان کي مرڻ گهڙي تائين به سگا جو وڏو فڪر هو سندس آخري خواهش اُها هئي ته سندس مڙهه سنڌي قوم ۽ انسان ذات کي اوندهه مان ڪڍي سڌي راهه ڏسيندڙ عظيم کان عظيم تر تنظيم سگا جي جهنڊي ۾ ويڙهي منهنجي جنم ڀومي جي تاريخي قبرستان خليفي سائين ۾ آرامي ڪجو.
آخر چڱو ڀلو ۱۵ آڪٽوبر جو گهر جي سڀني ڀاتين کان موڪلائي پنهنجي وڏي پٽ ڊاڪٽر جاويد سان جناح اسپتال دل واري وارڊ ۾ سندس E.T.T ٽيسٽ لاءِ ويو.، جنهن هن جي جان ورتي ۽ هن عظيم انسان جي موت جو سبب بڻيو،
۱۵ آڪٽوبر جو ۵:۰۰ بجي سگا جي هن علم جي روشني ڦهلائيندڙ عظيم انسان جو ساهه پروانو ٿيو:
سگا جا ساٿي کيس سندس اباڻي ڳوٺ موري کڻي ويا. ۱۶ آڪٽوبر ۲۰۰۰ع ۾ کيس موري جي تاريخي قبرستان خليفي سائينءَ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو. اڄ قبرستان جي تاريخي حيثيت وڌي وئي هئي ڇو جو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هزارن جي تعداد ۾ سگا جي سٿ جا ساٿي گڏ ٿيا ۽ پنهنجي محبوب ساٿيءَ کي دفن ڪيو. اڄ مرحوم جي چوڏهين ورسي جيڪا سگا ڪراچي شاخ جا ساٿي ۱۵ آڪٽوبر ۲۰۱۴ع تي مظهرالدين ميمڻ ريسورس سينٽر ۹ فلور روم ۸ رمپا پلازه بلڊنگ، ايم اي جناح روڊ ڪراچي ۾ ملهائي رهيا آهن. سگا جي ساٿين کي وچن ڪرڻ گهرجي ته جيئن مظهرالدين ميمڻ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي سگا جو پيغام پهچايو ۽ غريبن جي تعليم، صحت، راند روند ۽ ڪنوينشن ڪرائي خدمت ڪئي. اسان به سندس ڏنل پروگرام کي اڳتي پايئه تڪميل تائين پهچايون جيڪو مشن مظهرالدين ڇڏيو آهي. انهيءَ کي اڳتي کڻي هلڻ جي ضرورت آهي.
اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين،
آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.


No comments:

راءِ ڏيندا