; سنڌي شخصيتون: مدد علي سنڌي - رکيل مورائي

12 October, 2014

مدد علي سنڌي - رکيل مورائي

مدد علي سنڌي
پنهنجي ادبي ڌارا جو خالق
رکيل مورائي
سنڌي ڪهاڻيڪارن ۾ مدد علي سنڌي ان ڌارا جو ڪهاڻيڪار آهي، جنهن کي ادب ۾ ايندڙ مغربي، ادبي ڌارائن جي سانچي ۾ هروڀرو فٽ ڪرڻ جي گهرج نه آهي. ها! هو اهڙو ڪهاڻيڪار آهي، جنهن کي پڙهي، پرهندڙ پنهنجي روح سان رهاڻ ڪرڻ لڳندو آهي.


ڀٽائي ادب جي ڪهڙي جو شاعر هُئو، اهو سوال شايد مغربي نقاد حل نه ڪري سگهن. ساڳي طرح مدد علي سنڌيءَ کي ڪهڙي مغربي ادبي ڌار سان ڳنڍي سگهبو، اهو به ڏکيو آهي، ها! نقاد جي تنقيد هن کي  ان ڌارا ۾ شامل ڪندي جنهن سان لاڳاپيل اهو نقاد هوندو،جيڪو بدنصيبيءَ سان سنڌ ۾ بتي کڻي ڳولڻ سان به نٿو لڀي جيڪو هڪ اڌ آهي. انهيءَ کي اڄ جي مرندڙ تنقيد جي قبر تي ويهاري، هر خوشامندي لکندڙ کي نقاد جو نالو ڏئي، سندس هٿن ۾ڪجهه هار ڏنا ويا آهن ته اهي هو تنقيد کي ارپيعقيدي وچان ڪا ڀيٽا پيش ڪري.
اڄ جي حالتن ۾ جڏهن ادب ۾ تنقيد جي اونداهي، چئني پاسي تيزي سان پنهنجا ڪارا اثر ڏيکاري رهي آهي، تنهن ۾ مدد علي سنڌيءَ جهڙي ڪهاڻيڪار جو اڀياس ڪير ڪندو اهو اهم سوال آهي.
سنڌي ڪهاڻي جنهن جي وڏي حصي تي ماڻهن جا مسئلا ۽ شخص جا ٻاهريان حال احوال حاوي آهن، انهن حالتن ۾ مدد علي سنڌي جي ڪهاڻي پڙهندڙ کي پنهنجو پاڻ ڏانهن واجھائڻ لاءِ موڙي ٿي. شخص ٻاهر کان اندر اچڻ لڳي ٿو، پاڻ کي هڪ شخص طور محسوس ڪرڻ لڳي ٿو. پنهنجي اندر جي ڪائنات جي جاچنا ڪري ٿو. جيڪڏهن اهڙي احساساتي ليکڪ کي ڪنهن ڌارا سان جوڙبو ته پوءِ مدد علي پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ پنهجي ڌارا جو پاڻ خالق آهي. مغربي تنقيد هيٺ ڪنهن ڌارا جو ليکڪ پاڻ کي قبول نه ڪرائڻ وارن ليکڪن مان پڪ سان مدد علي سنڌي آهي.
ادب ۾ ڪوبه لهجو اديب/ ليکڪ قبول ڪري وٺندو آهي، ڪنهن به پنهنجي وڻندڙ ليکڪ جو اثر  به قبول ڪندو آهي. جيئن مدد علي جي قرت العين حيدر پسند جي لکندڙن مان آهي، عبدالله حسين هن جو وڻندڙ ليکڪ آهي، جن جي لکڻين جو سندس لکڻين تي اثر آهي. اهو پڪ سان سمجھيو وڃي ته شعور سفر ڪندو آهي. تئين تخليق پڻ سفر ڪندي آهي.
ڪنهن به ليکڪ جو ڪنهن ليکڪ کان متاثر ٿيڻ پويان لکندڙ جو پنهنجو مزاج هوندو آهي. مدد علي سنڌيءَ جا ائين ادب ۾ ٻه روپ آهن، هو پنهنجي ڪهاڻي ۾ هڪ اُداس روح لڳندو آهي. جيئن ٻاهرين ڏيک ويک مان محسوس ٿيندو آهي.
۽ ڪهاڻين کان ٻاهر هُو هڪ ويڙهاڪ شخص آهي، هُن کان ادب ۾ ڪا به بي ادبي برداشت نه ٿيندي آهي. ڪهاڻيءَ کان ٻاهر هو اهڙو لکندڙ آهي. جيڪو ڪنهن به پرواهه ڪئي بنا سڀ ڪجهه لکي سگهندو آهي. ان لکڻ ۾ هو تنقيد نگار به آهي. سوانح نگار به آهي. هڪ محقق ليکڪ به آهي. پر ان لکڻ ۾ ممڪن حدد تائين تفصيل پنهنجي لکڻي ۾ آڻڻ مدد علي سنڌي جو ئي ڪم آهي. ڇاڪاڻ ته ڪيتري به تفصيل سان لکڻ جي مدد علي سنڌيءَ ۾ بي پناهه قوت آهي. جن ليکڪن/پڙهندڙن مدد جون فڪشن کان ٻاهر لکيل لکڻيون پڙهيون آهن، اهي اهڙو تصور ڪري سگهندا. جيتوڻيڪ نان فڪش لکڻين ۾ به مدد جي مزاج جهڙو فڪشن اچي وڃي ٿو. ان جي ٻولي، ان جو اصلوب، ان جو انداز بنهه موهت ڪندڙ آهي، مدد جون ڪهاڻيون، ڪوتائون، سفر ناما، سڀ هڪ تخليقڪار جا آهن، ڪنهن صحافي جا نه!
ساڳئي وقت هو سنڌ جو تاريخي شعور رکندڙ اهڙو صحافي به آهي. جيڪو پنهنجي شخص تي قربان ٿيندڙ کان وڌيڪ پنهنجي آدرش تي قربان ٿيندڙ آهي. سنڌي ادب ۾ مدد جي پيڙهي کان اڳ شايد ڪا سنڌي ڪهاڻي اهڙي ملندي هجي جيڪا کيس ٻاهر کان اندر ڏانهن وٺي ايندي هجي. هونئن اسان ڪهاڻي اديب/ شخص کي اندر کان ٻاهر وٺي وڃڻ واري اثر هيٺ گهڻو ئي موجود آهي.
جنهن دور شخص کي پاڻ ڏانهن موٽايو، اهو دور مدد علي سنڌيءَ جو دور آهي. جنهن ۾ اڌ درجن کن ٻيا سنڌي ڪهاڻيڪار به شامل آهن. جن جو تسلسل اڄ به هلندو اچي. ڪهاڻيءَ کي اڄ جي حالت ۾ ڏسندي شدت سان محسوس ٿئي ٿو ته اڄ جي نسل، هڪ ڀيرو وڌيڪ مدد علي سنڌيءَ جو سمورو لکيل ادب پڙهيو هجي ها، رومانيت ۽ جديديت، ٻئي ڌارائون مدد علي جي ڪهاڻين ۾ هڪ ئي وقت موجود آهن. پر هُن جي ڪهاڻين ۾ حقيقت پسندي واري ڌارا پڻ موجود آهي. نه رڳو سندس ڪهاڻين ۾ مٿيون سڀ ڪجهه آهن. پر سندس ڪوتائن جي سيڪلڌي ڪتاب ”پنر ملن“ ۾ پڻ ائين الڳ الڳ رويا، احساس ملن ٿا. نئين ڪوتا کي هڪ آبرو دار درجو جيئن هند ۾ هريش واسواڻيءَ ڏياريو تيئن سنڌ ۾ ان کي ابرو دار مرتبو ڏيارڻ جو ڪريڊٽ مدد ڏانهن وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته غير عروضي شاعري سنڌ ۾ گهڻي ئي ٿي آهي. پر نئين احساسداريءَ، واري نئين ڪوتا مدد جي ڪتاب پنر ملن ۾ ئي موجود آهي.

شخص طور وڻندڙ، دوستن جو دوست، ڪڏهن ڪڏهن بيحد غصو ڪندڙ مدد علي سنڌي ۽ ادب ۾ پنهنجي خاص سڃاڻپ رکندڙ مدد علي سنڌي هڪ شخص جا ٻه روپ آهي، اڄ مدد علي سنڌيءَ جو جنم ڏينهن آهي. کيس گهڻيون گهڻيون جنم ڏينهن جون واڌايون، ان دعا سان ته شال هو سٺي صحت سان وڏي ڄمار ماڻي.

No comments:

راءِ ڏيندا