; سنڌي شخصيتون: آپا مريم نوحاڻي - عطيه علي ٻرڙو

06 October, 2014

آپا مريم نوحاڻي - عطيه علي ٻرڙو

آپا مريم نوحاڻي
فخر سنڌ
عطيه علي ٻرڙو
انسانيت هزارين ورهيه پهرين پهاڙن کان انهن جي بُلندي، آبشارن کان انهن جو ترنم ۽ مکڙين جي معصوميت، گلن کان انهن جو تبسم، فرشتن کان انهن جو نور ۽ پوءِ رب ذوالجلال جي قدرت کي جڏهن يڪجا ڪيو ته ان مان جنهن خوبصورت رشتي جنم ورتو. اهو هو ”امڙ“ يعني ماءُ جو رشتو. اهڙي عظيم نياڻي سنڌ ڌرتيءَ تي جنم وٺندڙ اهڙي مان واري ماءُ جي باري ۾ مان ڇا؟ اوهان دوستن کي ٻڌايان جيڪا علم ۾ ڏاهپ ۾ سمجهه فڪر ۾ جيڪا عالم، اديبه، تاريخدان، مفڪر، سٺي صلاحڪار، ممتاز تعليمي تدريسي ماهر محترمه اُمه الڪلام آپا مريم سلطانه نوحاڻي آهي، جيڪا اسان ڪم عقل ۽ ناسمجهه جهيڙن لاءِ هڪ مڪمل درسگاهه آهي.


سنڌ جي هيءَ خوبصورت اپسرا نياڻي کي جڏهن زبيده ڪاليج ۾ سنڌ امڙ جو خطاب تحفن سان ڏنو پئي ويو ته ڄڻ ائين لڳي رهيو هو ته ڪا يونان جي شهزادي ملڪه هجي، جيڪا پنهنجي تخت تي ويٺل آهي. هن شهزادي جي هڪ نظر کي ڏسڻ لاءِ ماڻهو بي تاب هجن. اهو منظر ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ته آپا مريم جي محنت جي معراج هجي ۽ معراج جي معنيٰ آهي بُلندي ۽ هي بُلندي ماءُ ۽ پيءُ جي دعائن کانسواءِ نٿي ملي سگهي.
آپا جي والد صاحب جون دعائون ئي هيون جو هميشه آپا جي لاءِ چوندو هو ته مريم منهنجو مان آهي ۽ جڏهن به آپا جي زندگيءَ ۾ اهي لمحا ايندا رهندا، ان وقت به ان لمحي ۾ آپا جو والد جي آمد ضرور ان لمحي ۾ هوندي.
پنهنجي نياڻيءَ کي دعا ڏيڻ لاءِ ڇو جو هي اهو وقت هوندو آهي، جنهن ۾ ڌاريا رشتا به احترام ۾ اٿي بيهن ۽ تعظيم ۾ نظرون هيٺ ڪري سلام ڪن ته پوءِ سڄي زندگيءَ جي ٿڪاوٽ لهي ويندي ۽ آپا جو چهرو به ڏسڻ وٽان هو. هن معاشري جا گزيٽيڊ آفيسر به آپا کي پيرن ۾ جڏهن جتي پارائي تحفو پيش ڪيو ته ڄڻ سڄي سنڌ فخر ۽ شان مان چئي رهي هئي ته اهڙين نياڻين کي ئي فخر سنڌ چيو ويندو آهي پر اڄ جي دور ۾ صرف سنڌ جون نياڻيون ثقافت جي نالي ٽوپيون پائي بس ڊانس ڪنديون گهر کان نڪرن ٿيون ۽ سنڌ جي ثقافت جا نعرا هڻن ٿيون. اسان جي ڌرتي جو وڏو مان آهي ان کي خدارا سڃاڻو ۽ اها سڃاڻپ صرف تعليم ۽ محنت سان ملندي آهي.
آپا مريم جڏهن پنهنجو تعليمي سفر ختم ڪري تدريسي سفر شروع ڪيو ته آپا جو حُسن ڏسڻ وٽان هو. جهڙي آپا جي صورت رب پاڪ ٺاهي، اهڙي سيرت ۾ سرهاڻ هئس.
آپا جا شاگرد اڄ مختلف ملڪن ۾ موجود آهن ۽ اتان فون ڪري چوندا آهن ته آپا سڀ خيريت آهي بس توهان جو آواز ٻڌڻ لاءِ فون ڪيو آهي.
آپا جي زندگيءَ جو خوبصورت دور شروع ٿيو، جنهن ۾ آپا جو زندگيءَ جو ساٿي سندن ور قابل احترام عبدالرحمان نوحاڻي شامل ٿيو، جنهن نه فقط آپا کي پيار جا دريا تحفي ۾ ڏنا پر پنهنجي زندگي ۾ ڪنهن ڪوهنور هيري جيان هميشه آپا کي پنهنجي ساهه سان سانڍي رکيو ۽ هميشه اهو چوندو هو ته مريم توکي ڪهڙي خبر ته تون ڇا آهين؟
آپا جي محبت ۽ چاهتن ۾ هر وقت آپا سان گڏ رهيو. پنهنجي والد جي دعائن ۽ پنهنجي جيون ساٿي جي پيار ۽ ساٿ سان اڳيان منزلون ماڻيندي ڊائريڪٽر آف ايجوڪيشن جي پوسٽ تي اچي پنهنجن شاگردن لاءِ مشعل راهه بڻجي وئي ۽ غريب شاگردن جي لاءِ دل سان مدد ڪندي رهي جيڪا هن پنهنجي استادن ۽ شاگردن کان سکيو. آپا ننڍي عمر ۾ ئي تدريسي سفر شروع ڪيو هو، ان وقت به آپا جا شاگرد آپا کي امڙ ڪري مخاطب ٿيندا هئا جو آپا ۾ سنڌ جي سورمين جي جا رنگ موجود هئا. آپا جي شخصيت ۾ نوري جهڙي نڙوت ۽ مارئي جهڙي پنهنجي وطن سان محبت رهي آهي. آپا هڪ معروف خطيب پڻ رهي آهي پنهنجي خطاب سان ٻڌندڙن ۾ جادوئي اثر رکندڙ آپا کي جڏهن سنڌ جو جيئڻ مرحوم عالم مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي چيئرمين شاهه ولي الله اڪيڊمي پراثر تقرير ٻڌي ته بي ساخته چئي ڏنو ته منهنجي مان واري ڀيڻ تون ته اُم الڪلام آهين. اهو اعزازي لقب سند سان عربي ۾ لکي آپا کي ڏنو ويو. اهڙي طرح اسلام آباد جي شهر ۾ آمريت جي هوا هلي رهي هئي، جنهن ۾ ڪنهن کي به حق جي ڳالهه ڪرڻ جي به اجازت نه هئي. ان آمريت جي دور ۾ ضياءَ جي بادشاهي ۾ جڏهن اسلام آباد جي هوائن ۾ هن سنڌ جي نياڻي اسلامي معاشري ۾ ماءُ جو ڪردار تقرير پيش ڪري رهي هئي ۽ پاڻ مثال ۾ بيبي زينب سلام الله عليه جي ڪردار تي روشني وجهندي ته بيبي سانئڻ جو يزيد جي درٻار ۾ خطبو پيش ڪرڻ تي ايترو چيو ته بنتِ علي جي لهجي ۾ قدرتي طاقت هئي جنهن سان يزيد جي دربار جي ڀت ۾ ڏار پئجي ويا ته حال ۾ موجود ضياءَ جي ڪابينا پريشان ٿي وئي ته مريم ڪنهن جي ڳالهه ڪري رهي آهي ۽ هڪدم ضياءَ پرچي لکي موڪلي ته مريم کي اسٽيج کان هيٺ ويهاريو وڃي پر هن سنڌ جي سورمي پنهنجي تقرير بغير ڪنهن خوف ۽ ڊپ جي پنهنجي پوري ڪئي. جنهن تي نه صرف آپا کي امتيازي سنڌ گولڊ ميڊل ڏنو ويو پر ان سان گڏ عمري جي ٽڪيٽ به ڏني وئي، جنهن سا ڄڻ ته سنڌ جي عزت ۽ ثقافت کي چار چنڊ لڳي ويا.
لاهور ۾ خديجته الڪبريٰ ايوارڊ پڻ ڏنو ويو. آپا جمعي جي ڏينهن اسان کي ياد آهي ته جمعي جو خطبو پيش ڪندي هئي زبيده گرلس ڪاليج ۾ جنهن سان شاگردياڻين ۾ ذهني شعور پيدا ٿيندو هو ان وقت جون شاگردياڻيون ڪنهن به قسم جو لساني ۽ نسلي فرق نه رکنديون هيون، ڪنهن به قسم جي قومپرستي ڪاليج جي اندر نه هئي ۽ اهي صرف آپا جي ايدمنسٽريشن ۽ تربيت سبب ئي گڏ رهنديون هيون.
پروفيسر ظفر ڪاظمي ڊائريڪٽر آف ايجوڪيشن تمام گهڻو مهربان انسان ۽ قابل احترام شڪيل احمد کي صلاح ڏني ته زبيده گرلس ڪاليج جي لائبريري آپا مريم سلطانه نوحاڻي جي نالي سان منسوب ڪئي وڃي، جنهن ۾ سڀني حاضرين کي اها تجويز پيش ڪئي وئي. اهڙي طرح آپا کي قدرت واري هڪ اعزاز پڻ ٻيو ڏنو ته پروفيسر شاهجهان پنهور اها رٿ پيش ڪئي ته ٽنڊو ڄام وارو نئون گرلس ڪاليج اُم الڪلام آپا مريم جي نالي سان منسوب ڪيو وڃي.
تمام گهڻي ضرورت آهي اهڙين عورتن جي جيڪي مشعل راهه هجن. اسان جي معاشري ۾ هر گهر ۽ اسڪول ۾ آپا مريم جهڙيون نياڻيون کپن، جيڪي اڳيان هلي سنڌ جون امڙ ٿي سگهن ۽ انهن هستين جا انٽرويوز وٺڻ گهرجن ۽ ميڊيا کي گهرجي ته خاص پروگرام پيش ڪيا وڃن.

آپا جي زندگيءَ ۾ پنهنجي مذهبي سرگرمين کي به وڏي اهميت ڏيندي آهي، اهي محفل ميلاد شريف جي هجي درس جي هجي يا پنجتن پاڪ جي هجي. وڏي عقيدت ۽ چاهه سان انهن ۾ شامل ٿيندي آهي. وڏي جوش سان قران جي تفسير ۽ حديث نبوي جي اهڙي ته تشريح ڪندي آهي جو ٻڌڻ وارا چوندا آهن ته رات گذري وڃي ۽ هي محفل ختم نه ٿئي ۽ الله جون رحمتون ائين پيون نازل ٿينديون رهن. شايد آپا جون اهي ئي عبادتون آهن جو آپا جي نصيب کي چورائڻ تي دل چوندي آهي پر ڪنهن جو نصيب چورائي نٿو سگهجي. مذهبي محفل هجي يا دنياوي سرگرميون هجن پر گلاب جا هار آپا جي لاءِ لازمي هوندا آهن ۽ هر هٿ آپا کي هار پارائڻ لاءِ بي تاب هوندو آهي. تڏهن ته اسان به چوندا آهيون ته ”آپا مريم تو کي ڪهڙي خبر ته تون ڇا آهين؟

No comments:

راءِ ڏيندا