قرة
العين حيدر
جيڪس
يادِ ڪَياسِ
زاهده حنا
ڏکڻ ايشيا مان غربت جي خاتمي تي سيفما سائوٿ فري ميڊيا ايسوسيئيشن جي
ٽن ڏينهن واري ڪانفرنس ۱۸ آگسٽ ۲۰۰۷ع
تي ختم ٿي ۽ اسان ۱۹ آگسٽ
جو صبح سويري ڪولمبو کان ۵۰-۵۵ ميل پري ڪالوتارا پهتا آهيون.
هڪ ننڍڙو ڳوٺ جنهن جي سينڌ ۾ ريل جي پٽڙي سندور وانگر نڪتل هئي. رائل پام بيچ ريزورٽ
جي پهرين منزل تان مان سج کي هندي سمنڊ جي غضبناڪ لهرن ۾ ٻُڏندي ڏسي رهي هئس. هو اولهه
طرف جهڪندي جهڪندي اوچتو نگاهن کان اوجهل ٿي وڃي ٿو ۽ اونداهي ڇانئجي وڃي ٿي. اونداهي
۽ لهرن جي شور ۾ يادن جو ڪُن آهي، جيڪو مون کي ڳهي رهيو آهي. عيني آپا ياد اچي رهي
آهي. ڪيترا سال پهريان ڪولمبو جو سفر مون ”سيتا هرڻ“ جي صفحن تي ڪيو هو. ان وقت به
مون کي ”سيتا هرڻ“ جا منظر ياد اچي رهيا هئا. ۱۹۷۶ع ۾ جڏهن مان پهريون دفعو ڪولمبو پهتي هئس ته ايئرپورٽ تي پاڪستاني هاءِ
ڪميشن جي نيول اتاشي ڪمانڊر خورشيد زيدي ۽ ان جي زال گيتي آرا منهنجا منتظر هئا. اسان
ٽيئي هڪ ٻئي جي لاءِ اجنبي هئاسين پر تعلق جي ان ڌاڳي سان ٻڌل هئاسين، جيڪو عيني آپا
۽ منهنجي وچ ۾ هو. خورشيد زيدي کي ڪراچي مان مخدومي عثمان حيدر ۽ ان جي زال محموده
عثمان حيدر فون ڪيو هو؛ ”زاهده بي بي، بمبئي عيني وٽ وڃي رهي آهي. ان کي هندستان جو
ويزا ڪولمبو مان ملندو. تنهنجي گهر ترسندي.“ محموده ڀاڀي جنهن ڪيترا سال اڳ ”مشاھداتِ
بلادِ اسلاميه“ لکيو هو ۽ ان جي هڪ ڪاپي مون کي عنايت ڪئي هئي، ان کي جڏهن مون چيو
ته؛ ”ڀاڀي هيءَ ته اها ئي ڳالهه ٿي ته: مڃ نه مڃ مان تنهنجو مهمان“ ته محموده ڀاڀي
مون کي ڇڙٻ ڏيندي چيو ته؛ ”بس هاڻي اڳيان هڪ لفظ نه ڳالهائجانءِ.“ مان چپ ٿي ويس ۽
جڏهن مان ايئرپورٽ تي لٿي آهيان ته اُهي ٻئي موجود هئا ۽ انهيءَ ڳالهه تي خوش هئا ته
ماسي عيني ۽ پڦي عيني جي دوست جي ميزباني ڪندا.
”سيتا هرڻ“ ۾ عرفان ۽ سيتا، ڪولمبو کان ڪجهه فاصلي تي هڪ جزيري سان-ميشل
ويا هئا. جڏهن مون خورشيد سان انهيءَ ڳالهه جو ذڪر ڪيو ته هو مون کي پنهنجي زال ۽ ٻارن
کي گاڏي ۾ وٺي سان-ميشل جي لاءِ نڪتا هئا ۽ موٽر بوٽ ۾ ويهي اُتي پهتا هئاسين. اسان
جڏهن واپس ٿي رهيا هئاسين ته رات ٿي وئي هئي ۽ موٽندي بوٽ جو ڊيزل پاڻي جي وچ ۾ ختم
ٿي ويو هو ۽ پوءِ ڪهڙي قدر دانهن ۽ ڪوڪن کانپوءِ هڪ پوڙهو، ناؤُ ڌڪيندو اسان جي موٽر
بوٽ تائين آيو هو ۽ پاڻ سان ڊيزل جو دٻو به آندو هئائين.
ڪالو تارا جي اُن شاندار رائل پام بيچ ريزورٽ ۾ مون کي پاڻيءَ تيءَ لُڏندڙ
لمندڙ اُها بند بوٽ ياد اچي رهي آهي ۽ عيني آپا ياد اچي پئي. مان هن لمحي نٿي ڄاڻان
ته عين ان ئي وقت دهليءَ جي ڪيلاش اسپتال ۾ هوءَ آخري سفر جو سامان ٻڌي چُڪي، هُن جي
جڳهه تي مشين ساهه کڻي رهي هُئي ۽ پوءِ جڏهن اڌ رات جو هيڏانهن ۽ اڌ رات هوڏانهن، مان
ننڊ مان ڇرڪ ڀري اُٿنديس ته اُهو سِج فنا جي لهرن ۾ ٻُڏي رهيو هوندو، جنهن سٺ سالن
تائين اردوءَ ادب جي آسمان کي روشن رکيو.
قرة العين حيدر مون لاءِ هڪ اهڙو نانءُ آهي، جنهن سان مون ۷ ورهين جي ڄمار کان زندگي گذاري.
مان اُها اڪيلي ٻارڙي هُئس، جنهن ڇهن سالن جي ڄمار ۾ اردو روانيءَ سان پڙهڻ سِکي ورتي
هئي ۽ پنهنجي اڪيلائي کي رسالن ۽ ڪتابن سان وندرائيندي هُئس. هيءَ اُن زماني جي ڳالهه
آهي، جڏهن هر پڙهيل لکيل گهراڻي جي عورتن جيان منهنجي امڙ، ’عصمت رسالي‘ جي ساليانه
خريدار هُئي. هي رسالو ۱۹۴۷ع کان پهريان هُن کي دهليءَ
کان سوين ڪلوميٽر ڏور سيسرام ۾ ملندو هو. انسانن جيان اسان جي ڪجهه اخبارن ۽ رسالن
جڏهن لڏپلاڻ ڪئي ته ’عصمت‘ ڪراچيءَ کان شايع ٿيڻ لڳو. ۽ هتي به امان اُن جي ساليانه
خريدار بڻجي وئي. نذر سجاد حيدر اردوءَ جي اولين عورت اديبن مان هُئي. هُن جو روزنامچو،
”ايامِ گذشته“ عصمت رسالي ۾ پابنديءَ سان شايع ٿيندو هو. اُن ۾ هوءَ پنهنجي ڌيءَ عينيءَ
جو ذڪر ڏاڍي پيار سان ڪندي هُئي. عيني بيبيءَ هيءُ چيو، هيئن ڪيو، هي پڙهيو ۽ پوءِ
عيني بيبي لکڻ جو قصو... شايد ”چاڪليٽ ڪا قلعا“ يا شايد ڪنهن ريلوي اسٽيشن جو منظر،
جنهن ۾ قُلي لالٽين کنيو پليٽ فارم تي ڊوڙي رهيا هُئا.
منهنجي خيال ۾ عيني بيبي، منهنجي هم ڄمار هُئي، تنهن ڪري مون هُن کي پنهنجي
سهيلي بڻائي ورتو. مان هُن سان ڪاٺ گُدام، شملا، نيني تال ۽ مسوري گُهمندي، پاڻيءَ
جي جهاز تي چڙهي، ڪوٽ بليئر ويندي هُئس، انڊمان جزيري جي اُنهن پاڻين کي ڏسندي هئس
جن جو رنگ ڪارو نظر ايندو هو ۽ اُن ڪري ئي اُنهن جزيرن کي ’ڪارو پاڻي‘ چيو ويندو هو.
هندستان جي آزاديءَ جي جنگ ۾ حصو وٺڻ وارن اڻڳڻيل مجاهدن کي انگريز سرڪار عمر قيد جي
سزا ڏئي هيڏانهن موڪليو هو. ۱۹۵۷ع
۾ آزاديءَ جي جنگ جي سؤ ساله سالگره ملهائي پئي وئي، بابا ’امروز‘ جو خصوصي شمارو
۽ ٻيا ڪتاب مون لاءِ خريد ڪيا هُئا. هونئن به مون لاءِ اِهو گهر جو معاملو هو. منهنجي
سُگڙ ڏاڏو مرزا دلدار بيگ آزاديءَ واري جنگ دوران ڦاهيءَ چڙهيو هو. گورا فوج ۾ آفيسري
ڪندي ڪندي هو باغين جي رهنمائي ڪرڻ لڳو هو. ڦاسيءَ تي نه چاڙهيو وڃي ها ته ڇا اُن کي
وڪٽوريا ڪراس ڏنو وڃي ها؟ جهلم درياهه جي ڪناري، اڄ به شهيد جي مزار تي ساليانو عرس
ٿيندو آهي.
قرة العين حيدر، ڪاري پاڻيءَ جي جن جزيرن ۾ ابتدائي زندگيءَ جا جيڪي ورهيه
گذاريا هُئا، اُتي مولانا فضل الحق خير آبادي دانشور گذاري ويو هو. اُهو ئي مولانا،
جنهن ’رندِ خراباتي‘ اسدالله غالب جو ديوان مرتب ڪيو هو ۽ جنهن جي چونڊ آڏو غالب پڻ
سر جهڪائي ڇڏيو هو.
عيني آپا صرف شهرن جو سير ئي نه ڪندي هُئي، پيانو به سکندي هُئي، تنهنڪري
مون هڪ ڊرائنگ روم ايجاد ڪري ورتو، جنهن ۾ جهازي سائيز جو پيانو هو ۽ مان اُن تي ساڻس
پياني جي مشق ڪندي هُئس. اسان جي زماني ۾ ڪارٽون فلمون ۽ وڊيو گيمز نه هونديون هيون.
ڪمپيوٽر اڃا ايجاد نه ٿيو هو. اُن دور جو ٻالڪپڻ، ٻُڌل سُڌل ۽ پڙهيل ڪهاڻين ۾ ساهه
کڻندو هو. پريون، جِنَ، ديوَ ۽ ’اله دين ڪا چراغ‘ وارو قصو. هڪ خيالي دُنيا، جنهن
۾ زندگي گهاربي هُئي. هيءَ اُهي گهڙيون هيون، جن جي دوستي ڪاغذ ۽ قلم سان مُنهنجو رشتو
قائم ڪيو. عيني آپا، ڪهاڻيون لکندي هُئي، ’ڦول‘ ۽ ’بنات‘ ۾ ڇپجنديون هيون. مون هُن
جو نقل ڪيو ۽ نوَن ورهين جي ڄمار ۾ پهرين ڪهاڻي لکي.
اُنهن ڏينهن ۾ اسان جي پاڙي ۾ ٻه عالم فاضل رهندا هُئا. پشتو جا بي بدل
دانشور ۽ افغانستان جو اڳوڻو وزير عبدالحي حبيبي ۽ سنڌ جو تعليم وارو سيڪريٽري ڊاڪٽر
عارف شاهه جيلاني، جنهن غالب جي فارسي شاعريءَ تي ڊاڪٽريٽ ڪئي هُئي. مرغلره حبيبي
۽ شميم جيلاني، ڄمار ۾ اسان کان وڏيون هُجڻ باوجود منهنجون سهيليون هيون. سو اِهو ڀلا
ڪيئن ممڪن هو ته اُهي قرة العين حيدر جي تحريرن کان محروم هُجن ها، پر هڪ جي مادري
زبان پشتو ۽ ٻيءَ کي فيومر ۽ اسڪل جي هڏين جا نالا ياد ڪرڻ کان واند نه هُئي. تنهنڪري
ٻئي منهنجي طعنن تنڪن باوجود رستي تي نه آيون. آخر ۾ منهنجي هٿ نفيس رضا لڳي ۽ اُها
به مون جيان هُن جي تحريرن جي سحر ۾ ڪجهه ائين گرفتار ٿي جو اڄ به هُن جي نالي جي مالها
جپيندي آهي. اسين ٻئي ’ساقي‘، ’نقوش‘، ’نيا دور‘ ۽ ’نقش‘ ۾ هُن جا افسانا ڳولي ڳولي
پڙهندا هُئاسين. پائي پائي گڏ ڪري، گڏيل طور هُن جا ناول خريد ڪندا هُئاسين ۽ هُن جي
تخليق ڪيل دُنيا ۾ ساهه کڻنديون هيوسين.
عيني آپا جي رخصتيءَ واري خبر مون کي ڪولمبو کان ڪراچي پهچندي ئي ايئرپورٽ
تي ملي. مون گهر پهچي پهريون فون نفيس رضا کي ڪيو، جيڪا گهڻن ڏينهن کان فلوريڊا ۾ رهندي
آهي. اسين اُن هستيءَ جي وڃڻ تي ڏکايل هُئاسين، جنهن سان اسان جو شايد پهرين جنم ۾
به ڪو رشتو رهيو هو.
اُهي ڏينهن مون کي چڱيءَ طرح ياد آهن، جڏهن اردو جي سڀ کان وڏي اخبار
۾ هُن جي خلاف سراج رضويءَ جون زهريليون تحريرون ڇپجي رهيون هيون. هڪ ڪالم حفيظ جالندريءَ
به هُن خلاف لکيو هو. اُنهن ئي ڏينهن ۾ ڪاليج جي مئگزين ۾ ”آگ ڪا دريا“ جي باري ۾ منهنجو
هڪ مضمون ڇپيو. جنرل ايوب جو زمانو، هندستان دشمني پنهنجي عروج تي هُئي، مان ڪاليج
۾ هندو ۽ غدار سڏي ويس. ڪجهه ڇوڪريون مون سان وڙهيون ته منهنجي پيشانيءَ تان رت وهڻ
لڳو. نفيس رضا ياعلي ياعلي ڪندي ڇڏائڻ آئي ته ٻه هٿ کيس به لڳا. يا پوءِ اُنهن ڏينهن
جي ڳالهه ڪريان جڏهن مان ڪولمبو مان ويزا وٺي بمبئي ويس ته پالي هلز تي انڊين فلم انڊسٽريءَ
جي هڪ وڏي شخصيت وٽ ترسيس، کائڻ واري ميز تي ذڪر نڪتو ته اُهو ’ڪالي خان، گولا انداز‘
تي فلم ٺاهڻ چاهي ٿو، اسڪرپٽ عيني آپا لکڻ واري هُئي، پر ٻنهي ۾ جهيڙو ٿي پيو. منصوبو
هڪ پاسي رکيو ويو، مون کي اختلاف جو سبب پُڇيو تي چوڻ لڳو؛ ”جاهل عورت آهي“. مون کي
جهڙوڪر ڪنهن چوچڙي ڏيکاري هُجي. مان ڪُرسي ڇڏي اُٿي بيٺيس. يا نوروجي گماڊيا روڊ تي
’آشا محل‘ ۾ گذرايل ڏينهن کي ورجايان، جيڪي ساڻس گڏ گذريا، يا اُن اعزاز جو ذڪر ڪريان،
ته ”ڪارِ جهان دراز هي“ پهرين ڀاڱي جي پهرين هندستاني ايڊيشن ۾ اِهو ڇپيو آهي ته پاڪستان
۾ اُن جي اشاعت جا حق زاهده حنا وٽ محفوظ آهن. ”اردو مرڪز“ ۾ هُن سان نڪتل اُهو گروپ
فوٽو، جيڪو مون کان وڃائجي ويو ۽ مون کي عيني آپا جي فوٽو البم ”ڪَفِ گلفروش“ ۾ نظر
آيو. اُنهن خطن جي باري ۾ لکان، جن مان ڪجهه هڪ پاڪستاني شاعره جي شڪايتن سان ڀريل
هُو يا لنڊن ۾ ”مندر“، ريسٽوران ۽ اردو مرڪز ۾ هُن سان ملاقاتن جو ذڪر ڪريان، جن ۾
فيروز آپا، (مسز فيروز مکرجي) به شريڪ هُئي. ذاڪر باغ جو اُهو فليٽ، جتي اسان ٻنهي
ڪلاڪن تائين هيڏانهن هوڏانهن جي ڳالهين جي ڏي وٺ ڪئي هئي ۽ گڏوگڏ جهڙپون به هلنديون
رهيون هيون. هندستان جي مشهور شاعره مسعوده حيات جي نصف بهتر شريف ڀارتي اُن ملاقات
۾ موجود هو. هُن جي گهر مان اسين نڪتاسين ته شريف ڀارتي مون کي ڏٺو، پوءِ چوڻ لڳو؛
”جڏهن مان سرڪس ڏسڻ ويندو هوس ته سڀ کان وڌيڪ متاثر اُن رنگ ماسٽر کان ٿيندو هوس، جيڪو
شينهن جي کُليل وات ۾ پنهنجو مٿو وجهي اُن کي صحيح سلامت واپس ٻاهر ڪڍي وٺندو هو. اڄ
اُهو منظر ٻيهر ڏسي ورتو.“
”ته ڇا مان سرڪس جي رنگ ماسٽر آهيان.“ مان خفي ٿيڻ لڳيس.
”منهنجي خيال ۾ اُن کان به وڌيڪ. عيني آپا جهڙي جلالي عورت سان شايد
ئي ڪو اهڙي نموني اُلجهندو هُجي.“
هُن جي اِن جملي تي مون کلي ڏنو هو.
نوئيڊا ۾ ٿيل آخري ملاقات، جنهن ۾ اردوءَ جي ممتاز افسانه نگار صغريٰ
مهدي به شريڪ هُئي ۽ عيني آپا کوٽي کوٽي پاڪستان جي ”لڙيري سين“ جي باري ۾ پُڇي رهي
هُئي. اُنهن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ شيعا سُني وڳوڙن جو سلسلو به هلي رهيو هو، جنهن تي هوءَ
غمگين هُئي. ”ٻنهين جي انهن غلطين سان لکنئو جي عذاداريءَ جو باب ختم ٿيو.“ سندس لهجي
۾ تلخي هُئي.
ڳالهيون، ملاقاتون، ڏوراپا، ناراضگيون، دلداريون، ڊاڪٽر عذرا رضا جي گجندڙ
۽ شڪاگو مان ڪلاڪن تائين ڊگهي فون، اُن جي ذڪر سان ۽ اُن جي نون جوڙيل لطيفن ۽ مختلف
ماڻهن جي نقل سان ڇُلڪندڙ صغريٰ آپا دليءَ مان هُن جون ڳالهيون ڪري رهي هُئي. هوءَ
ڪراچي آئي آهي. منهنجي گهر ۾ رنگ روغن ٿي رهيو آهي، مان هُن کي پنهنجي ڌيءَ فينانه
جي گهر سڏايان ٿي. فيني ۽ حسيني صغريٰ آپا جا قصا ٻُڌي رهيون آهن. زريون ميان به اُن
دوران ڪمري جي پُرلطف فضا کي سُنگهي ٿو ۽ پوءِ ٻاهر هليو وڃي ٿو. عيني آپا پنهنجي مضمون
’خانم جان جي توبهه‘ ۾ ”نادر اور وچتر“ نالن جي حوالي سان منهنجي ٻن ٻارن جا نالا لکيا
آهن، پر هُن کي فنانه سان فينيا ۽ زريون مان زرون ڪري ڇڏيو آهي. بيشمار ڳالهيون آهن،
ڪهڙيون ياد رکجن، ڪهڙيون وسارجن؟
يادن جي انهيءَ لهر ۾ ياور عباس آهي، خانواده مير انيس سان قربت رکڻ واري
بي بي سي اردو سروس جي ديڳ جو زعفراني چانور، قرة العين ’ڪار جهان دراز هي‘ ۾ هُن جو
بار بار ذڪر ڪيو آهي. مان جڏهن اسسٽنٽ پروگرام پروڊيوسر ٿي لنڊن ۾ پهتس ته اُتي جون
سرد هوائون ۽ بي بي سي بُش هائوس جي اوپرن درن ديوارن جي وچ ۾ هُن جي اوڌي گرمجوشي
۽ بيساختگي مون لاءِ راحت جو سبب بڻي. هُن کان عيني آپا جون ڪيتريون ئي ڳالهيون ٻُڌيون.
اُن کان ئي اِهو معلوم ٿيو ته ۱۹۶۰
جي ڏهاڪي ۾ هوءَ به بي بي
سي سروس ۾ ان ئي عهدي تي ڪم ڪندي هُئي. ۱۹۸۷ع جي هڪ سرد شام، هوءَ ۽ مان گڏجي مندر ريسٽورانٽ ويا هُئاسين، جتي عيني
آپا لاءِ هڪ محفل جو اهتمام، عيني آپا جي چاهيندڙ فيروز آپا ڪيو هو. فيروز جبين، مسز
فيروز مُکرجي، ”سرشار ڪا لکنؤ“ لکڻ واري، جنهن جو ذڪر عيني آپا ”آگ ڪا دريا“ ۽ ”ڪارجهان
دراز هي“ ۾ نهايت دلداريءَ سان ڪيو آهي. هيءَ اُها ئي فيروز جبين هُئي، جنهن جي نالي
ڊاڪٽر محمد حسن مجاز جي باري ۾ پنهنجو ناول ”وحشتِ دل“ منسوب ڪيو هو. ڊاڪٽر محمد حسن
۽ فيروز آپا لکنؤ ۾ ڪجهه وقت تائين گڏجي پڙهيا به هُئا. اُن محفل جا ڪيترا ئي ڪردار
عيني آپا جي ڪتابن مان نڪري آيا هُئا. اُنهن مان هڪ سحاب قزلباش به هُئي، جنهن جي باري
۾ عيني آپا لکيو ته: ”اُها ريڊيو جي مائڪرو فون هٿ ۾ پڪڙي پيدا ٿي هُئي.“ عيني آپا
”ملفوظات حاجي گُل بابا بيڪتاشي“ ٻُڌائي چُڪي ۽ هاڻ ماڻهن جي سوالن جا جواب ڏئي رهي
آهي. ياور عباس لڪي لڪي مون کي هُن جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائي رهيو آهي. عيني آپا جي نظر
هُن تي پوي ٿي ۽ هوءَ گهوري اُن کي ڏسي ٿي. ياور عباس ماٺ ٿي وڃي ٿو. هُن جي محفل
۾ ڳالهائڻ جي اجازت ڪنهن کي هُئي؟ ۽ ڇو هُجي ها، بقول اختر الايمان ”اردو جا سڀئي اديب
ملي اُن هڪ خاتون جو مقابلو نٿا ڪري سگهن.“ يادن جا گهرا، شوخ ۽ اُداس رنگ، اکين مان
ڳڙي پيل کاري پاڻيءَ ۾ تحليل ٿيندا پيا وڃن.
پراڻن داستانن جا ڪجهه عورتاڻا ڪردار، پنبڙين سان موتي چونڊيندا هُئا،
مون پنبڙين سان قرة العين حيدر جا لکيل لفظ چونڊيا. زندگيءَ جي پهرين ۽ آخري چوري هُن
جي خاطر ڪئي. ننڍپڻ جا ڏينهن، ”ستارون سي آگي“ هُن جو پهريون افسانوي مجموعو، ڪنهن
جي گهر نظر آيو. مان اُن کي پڙهڻ لاءِ بيقرار ٿي ويس. گهر ڌياڻيءَ کي درخواست ڪئي ته
اُن ڪتاب کي پڙهڻ چاهيان ٿي. ڪجهه ڏينهن جي لاءِ عنايت ڪريو. هُن نهايت رُکائيءَ سان
جواب ڏئي ڇڏيو. منهنجي خيال ۾ ”ستارون سي آگي“ پڙهڻ منهنجو حق هو، تنهن ڪري اُن گهر
مان نڪرندي مان اُن کي لڪي پاڻ سان گڏ کڻي آيس. بعد ۾ اُن عورت مون تي چوريءَ جو الزام
هنيو ته مون پنهنجي ڏوهه جو اقرار ڪيو ۽ گڏوگڏ اِهو اعلان به ڪيو ته اُهو ڪتاب هاڻ
اُن کي واپس نه ملندو. اُن اعلان تي هوءَ منهنجي مُنهن ۾ ڏسندي رهي هُئي. چوري ۽ سينا
زوريءَ جو اِن کان اعليٰ مثال ٻيو ڪهڙو هوندو؟
هُن جي تحريرن کي پڙهندي، هُن جو والد سجاد حيدر يلدرم جو انشائيه ”سيلِ
زمانه“ خيال ۾ اچي ٿو. ”بهي جا.... بهائي ليي جا.... نا تجهه مين سلامتي.... نا تيري
ڪنار مين سلامتي، مٽيي هوئون ڪي نشان مٽائي جا.... نينوا، بابل، قديم هند، قديم مصر
ڪي ٽُڪڙي تجهه مين نظر آتي هين.... واعظ ڪهتا هي.“ باطل.... باطل .... سب باطل هي....
اي سيلِ زمانه بَهي جا .... بهائيي ليي جا...
سجاد حيدر يلدرم جي انشائيه ”سيلِ زمانه“ ۽ اقبال جو نظم ”مسجد قرطبه“
جو وقت هُن جي لاشعور جو حصو بڻجي ويو. ”وقت“ هُن جي تحريرن جو، ”هيرو ۽ ولين“....
اُهو سڀ ڪجهه ڏئي ٿو ۽ اُهو ئي سڀ ڪجهه ڦُري وٺي ٿو. ڪنهن مهتمم بالشان درياهه جيان،
جنهن جو پاڻي ڪڻڪ جي داڻي ۾ لذت ۽ انگور جي داڻي ۾ رس بڻجي رهندو آهي. جنهن جون لهرون،
نازنين جي بدن سان کيڏنديون آهن ۽ پوءِ اُن ئي ڌنوان مهربان درياهه جون غضبناڪ لهرون
فصل کي اُجاڙينديون، وسندين کي نيست نابود ڪنديون وهنديون وينديون آهن. حسينن جا بدن
۽ مئل جانورن جا لاشا اُڇلائينديون آهن. بيرحم، سفاڪ، قهرناڪ، ”سيلِ زمانه“، بهيي جا
... بهائيي ليي جا... نا تجهه مين سلامتي .... نا تيري ڪنار مين سلامتي...“ ”سلسله
روز و شب، نقش گر حادثات، سلسله روز و شب، اصلِ حيات و ممات، تيري شب و روز ڪي اور
حقيقت هي ڪيا. ايڪ زماني ڪي رو، جس مين نا دن هي نا رات، آني و فاني، تمام معجزه هاءِ
هنر، ڪارِ جهان بي ثبات، اول و آخر فنا، باطن و ظاهر فنا، نقش ڪوهن هو ڪه نو منزلِ
آخر فنا...“
ٽي ايس ايلٽ جون تحريرون هُن کي پاڻ ڏانهن ڇڪينديون هيون. هُن ”مرڊر ان
دي ڪٿيڊرل“ جو ترجمو به ڪيو. ”آگ ڪا درياهه“ جي شروعات هوءَ ٽي ايس ايلٽ جي نظم سان
ڪري ٿي. وقت هنن سٽن ۾ شير جيان گجگوڙ ٿو ڪري، سمونڊ جيان غضبانڪ نظر اچي ٿو ۽ جڏهن
زنجيرون ٽوڙي ٿو ته سونامي بڻجي سڀ ڪجهه ڳڙڪائي وڃي ٿو. هتي وقت درياهه آهي، سمونڊ
آهي، ديوتا آهي، ڇا آهي جيڪو اُهو ناهي؟
”مان ديوتائن متعلق وڌيڪ نٿو ڄاڻان، پر اِهو سمجهان ٿو ته درياهه هڪ
طاقتور ديوتا آهي. تند مزاج، ڪاوڙيل، پنهنجي موسمن ۽ غيض غضب جو مالڪ، تباهه ڪُن. اُهو
انهن شين کي ياد ڏياريندو رهندو آهي، جن کي انسان وسارڻ چاهيندا آهن، ماڻهو بدلجي ويندا
آهن، مسڪرائيندا به آهن، پر ڪرڀ موجود رهندو آهي. لاش ۽ ڪک پن کي پنهنجي موجن ۾ وهائيندي
درياهه جيان، وقت جيڪو تباهه ڪُن آهي، قائم به رهندو آهي.“
وقت جو تباهه ڪري ڇڏڻ وارو مزاج، گذري وڃڻ باوجود اُن جو قائم رهڻ، اُن
جو غيض غضب، اُن جون ڏنل ذاتي ۽ اجتماعي اذيتون، دل ٻوڙيندڙ ڪرڀ اُن جي تحريرن ۾ نظر
ايندو آهي. ايليٽ جي ان نظم جي هڪ مصرع آهي:
”اسان جو پنهنجو ماضي ڪرم جي ڌارائن ۾ لڪل آهي.“
قرة العين اسان کي ڪرم جي اُنهن ڌارائن جي سڃاڻ ڪرا ئي ٿي، مستقبل ۾ اسين
۽ اسان جا نسل پنهنجي ڪيئي جا فصل ڪٽينداسين ۽ اُن طرف اُها اشارو به ڪندي ويندي آهي.
هُن جي افسانن ۽ ناولن سان مون جهڙن ڪيترن ئي ماڻهن عظيم هندستان جي عظيم
الشان تاريخ ۽ تهذيب کي سمجهيو. ٻُڌمت، هندومت، جين مت ۽ پوءِ هتي جي هند ايراني تهذيب
۽ اُن جو گنگاجمني حسن، هُن جي نگاهن سان ڏٺو، تاريخ جون بدصورتون گهڻو پوءِ سمجهه
۾ آيون، مان اُنهن هزارين خوشبختن مان هڪ آهيان، جن دنيا جي ان بيمثال ۽ نادر تهذيب
جي سير هُن جي آڱر پڪڙي ڪيو. ۽ ائين هزارين سالن تائين ڦهليل اُها ست رنگي ثقافت ۽
تهذيب وجود اندر پيوست ٿي وئي. مور جي رنگن واري اها من موهني تهذيب هُئي، جيڪا هر
فاتح کي فتح ڪري وٺندي هُئي. ۽ غالب اچڻ وارا آخرڪار مغلوب ٿي ويندا هُئا.
اُن جي شروعاتي لکڻين ۾ اوڌ جي جادونگريءَ جو دل لڀائيندڙ ۽ دلربا عڪس
هو ۽ ”آگ ڪا درياهه“ ۾ تاريخ، تمدن، تهذيب ۽ هندي فلسفي جون اُهي ڌارائون آهن، جن
۾ هندو ٻُڌ ۽ جين مت جون موجن ڀريون لهرون آهن. ويدن، اپنشدن، ڀڪشوئن ۽ ويراڳين جو
اُهو هندستان آهي، جنهن ابوريحان البيرونيءَ کي ائين دامن ۾ پناهه ڏني، جو هُن پنهنجي
ڄمار جا ۱۷ سال
هتي ئي گذاريا. عربن جي فتحن کان پوءِ جلاوطن ٿيڻ واري زرتشي ۽ عجمي روايتون هند جي
ڌرتيءَ ۾ رچي هندي تهذيب ۾ ملي وڃن ٿيون ۽ اُن تهذيب جا خدوخال اُڀرڻ لڳندا آهن جيڪا
اڳيان هلي گنگاجمني ۽ هندي ايراني جي نالي سان ياد ڪئي ويندي.
امير خسرو فارسيءَ جي هزارين شعرن سان گڏوگڏ پنهنجي ماءُ ٻولي هنديءَ
۾ ”سکي پيا ڪو جو مين نا ديکهون تو ڪيسي ڪاٽون، انڌيري رتيان!“ لکي ٿو. جائسي جي ”پدماوت“
پنهنجي ڇاپ ڏيکاري ٿي. ميران ٻائي ۽ مهرالنساء ۽ ماهه لقا جي درد جون ڌارائون گڏوگڏ
وهن ٿيون. تڏهن ئي مسلمان گهراڻن ۾ برهه جي ماريل عورتن جي ڳلي مان ”انسون جل سينچ
سيچ پريم بيل بوئي“ جا ٻول تيز نديءَ جيان وهي نڪرن ٿا. اڪبر جي درٻار ۾ فيضي، ابوالفضل،
ملا عبدالقادر بدايوني ۽ مولانا شاهه محمد آبادي، مها ڀارت، رامائڻ، ڀڳوت گيت، تراج
ترنگني ۽ يوگ وشسٽ جي ترجمن سان فارسيءَ کي مالا مال ڪري ٿو. شاهه جهان جو ولي عهد
شهزادو داره شڪوه سنڪسرت سکڻ تي فخر ڪري ٿو ۽ اُپنشد هُن جي سرپرستيءَ ۾ ”سر اڪبر“
جو جامو پهري ٿي. هندستان سان هيءُ عشق دان ۾ سندس جان وٺي ٿو، ۽ اُن سان گڏوگڏ ئي
بوندي راڄ جي اُن راجپوت سورمن جي به، جيڪي سامون ڳڙهه جي ويڙهه ۾ هُن تي نثار ٿيو.
ڪبير، نانڪ، ساڌو سنت، پير فقير، بُلها، سرمد، سچل، وارث، لطيف سڀئي ان
شاندار روايت جو حصو، هندي، هندوي، هندستاني، اوڌي، اردو، پنجابي، سنڌي، مير قشقه ڇِڪي،
مئخاني ۾ ويهي صوفياڻي رمز جي ڳالهه ڪري ٿو. نظير، عيد ۽ شب برات سان گڏ هولي، ڏياري،
بسنت ۽ جنم اشٽمي جي رونقون لکي ٿو. غالب، اردو غزل جي صاحبِ عالم پنهنجي هندو شاگردن
بهاري لال مشتاق، منشي شيو نارائڻ، منشي جواهر سنگهه جواهر کي خط مٿي خط لکندو وڃي
ٿو. مرزا هرگوپال تفته کي خط لکي ٿو ۽ هُن جي فارسي غزلن جي اصلاح ڪري ٿو. ”فسانه آزاد“
جي صفحن تي پنڊت رتن ناٿ سرشار لکنوي تهذيب جو نقشو ڪڍي ٿو. منشي نوِل ڪشور جي ڪتب
خاني مان قرآن جا اعليٰ ترين نسخا ڇپجن ٿا. اُن جي ئي ڇاپ گهر مان عربي، فارسي ۽ اردو
جا سوين مذهبي، علمي ۽ ادبي ڪتاب شايع ٿين ٿا. ڇائيتاليهه هزارن تي ڦهليل امير حمزه
جو داستان، جنهن جو هڪ حصو ”طلسم هوش ربا“ آهي ۽ جنهن جو ادب جي دنيا ۾ ثاني ناهي.
منشيءَ جي وٽان شايع ٿئي ٿو. امام حسين عليه السلام ۽ سندس خاندان تي گذرندڙ قيامت
کي مرزا دبير ۽ مير انيس اوڌي رنگ ۾ رڱين ٿا ۽ عرب ڄاين بيبين لاءِ لکن ٿا، ”صندل سي
مانگ، بچون سي گود ڀري رهي“. ۽ اڄ به شب عاشور ڇنو لال دلگير جو نوحو ”ڀيا تمهين گهر
جا ڪي ڪهان پائيگي زينب، گهبرائيگي زينب.“ هنيانءُ چيري ٿو ڇڏي. منشي پريم چند ۱۹۲۳ ۾ ”شهيدِ اعظم“ جي نالي سان هنديءَ ۾ هڪ مضمون لکي
ٿو ۽ ۱۹۲۴ع ۾ اُن ئي حوالي سان هنديءَ ۾ پنهنجو ڊرامو ”ڪربلا“
لکي ٿو. بادشاهه اوڌ واجد علي شاهه، ”ڪانگا سب تن کايو، چن چن کايو ماس“، گُنگنائي
ٿو ۽ ”اندر سڀا“ جي ڪلاڪارن سان ”شيام موسي کهيلو نه هوري“ ٻُڌي ٿو. ”راڌا ڪنيا“ جي
پريم ڪهاڻيءَ تي مبني ناٽڪ لکي ٿو ۽ اُن قديم هندستاني فن کي اوڻيهين صديءَ ۾ زندهه
ڪري ڇڏي ٿو.
ان فن کي اڳتي وڌائڻ جو ڪم بمبئي جا پارسي ڪن ٿا. اوڻيهين ۽ ويهين صديءَ
۾ ڪراچيءَ کان ڪلڪتي ۽ بمبئي کان بنارس ۽ لاهور کان لکنئو تائين نسروان جي نسروان،
خانصاحب آرام ۽ سيٺ بهرام جي فريدون، هر زبان جي ناٽڪ منڊلين جو ڌاڪ آهي. پنڊت راڌي
شيام دهلوي اردو ناٽڪ لکي ٿو ۽ آغا حشر ڪاشميري جي ناٽڪن ۾ ڀڄن ۽ هولي ٻُڌڻ ۾ اچي ٿي.
اقبال پنهنجي شعري سفر جو آغاز، ”اي هماليه اي فصيل، ڪشورِ هندستان، چُومتا هي جس ڪي
پيشاني ڪو جهڪ ڪر آسمان“ سان ڪري ٿو. ”ساري جهان سي اڇا هندستان همارا“ جي تان ڇيڙي
ٿو ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ ”خنجر هلال ڪا هي قومي نشان همارا“ تي اصرار ڪري ٿو. اُن جي
باوجود هُن جو، ”ساري جهان سي اڇا هندستان همارا“ اڄ به هندستان جي قومي ترانن مان
هڪ آهي ۽ ۱۵ آگسٽ
تي ٽئگور جو ترانو ”جن گن من“ کان ترت پوءِ ڳايو ويندو آهي.
منشي هرگوپال تفته، سر مهاراجه ڪشن پرشاد، جگن ناٿ آزاد، ڪنور مهندر سنگهه
بيدي سحر، نعت منقبت ۽ مرثيا لکن ٿا. گرسرن لال اديب چوي ٿو ته، ”هندو ڀي هون، شبير
ڪا شيدائي ڀي، ميراث ۾ ملي هي محبت حسين ڪي.“ چندر ڀان خيال ”لولاڪ“ لکي ٿو. مراٺي
جي شاعر گيانيشور مله فلسطين، بغداد، گوانٽانمو بي ۽ رمضان تي اهڙا نظم لکي ٿو جو مسلمان
شاعر اُن تي رشڪ ڪن. اسان جي سنڌ ۾ لال شهباز جا خليفا مسلمان به ٿيندا آهن ۽ هندو
به. راجه لو جي آباد ڪيل شهر لاهور ۾ ماڌولال ۽ شاهه حسين کي موت به جدا نه ڪري سگهيو
۽ اُهي هڪ ٻئي جي ڀر ۾ سمهن ٿا. سال ۾ هڪ ڀيرو ڇرڪجي ميلي جون روشنيون ڏسن ٿا، مسڪرائين
ٿا ۽ وري سمهي رهن ٿا. اهو ميلاپ اُن مٽيءَ جو معجزو آهي، آسمان مان لهندڙ ۽ ديوتائن
جي سٽ سان وهندڙ درياهن جي سيرابي آهي.
راجا ڌنپت راءِ محب امام باڙه تعمير ڪرائي ٿو. جهانسي جي راڻي لڪشمي ٻائي
جي چوڌاري ڪٽجي مرندڙن ۾ هندو به آهن ته مسلمان به. راڻي شهيد ٿئي ٿي ته مسلمان به
پنهنجي راڻي جي بيحرمتي جي خيال کان ترت ئي هُن جي چتا کي ساڙين ٿا ۽ لاش انگريزن جي
هٿ نٿا ڏين. اوڌ جي بيوهه ٿيڻ واري هڪ مسلمان راڻيءَ کي رعيت هوليءَ جي موقعي تي مبارڪباد
ڏيڻ اچن ٿا ته شربت، مٺائي ۽ پان سان اُنهن جي خاطر تواضح ٿئي ٿي ۽ بيوهه راڻي جي سفيد
پوتي حويليءَ مان ٻاهر موڪلي وڃي ٿي. هندو رعيت رنگ جي ڇٽڪار ڪري پوتيءَ کي زنان خاني
موڪلي ڏين ٿا ۽ اهو چوندي واپس وري وڃن ٿا ته اسان جي راڻي ڌيءَ هولي ملهائي رهي آهي.
پشاور ۾ هوش سنڀالڻ واري پرٿوي راج کي اذان جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. سو بمبئي ۾ هڪ مولوي
ملازم رکيو وڃي ٿو جيڪو هُن کي اذان ڏئي ٻڌائي. آتش پرست سهراب مودي، غالب جو عاشق
سفيد پٿر مان اُهو مقبرو ٺهرائي ٿو، جنهن تي اڄ مسلمان فاتحه پڙهڻ وڃن ٿا. لتا منگيشڪر
جيڪا هڪ مذهبي عورت آهي، ”بي ڪس پي ڪرم ڪيجئي سرڪارِ مدينه“ جي تان ڇيڙي ٿي ۽ بسم الله
خان بنارس جي مندرن ۾ شهنائي وڄائي ٿو. ۸۰
جي ويجهو پهچڻ وارو آنند موهن
زتشي گلزار دهلوي اُن ڳالهه تي لهي اچي ٿو ته هُن ۱۹۴۷ع کان ۲۰۰۷ع تائين، آپا بيگم قرة
العين جڏهن به دلي ۾ رهي، اُن کان راکي ٻڌرائي آهي ۽ اهو ته آپا بيگم هُن جي پيءُ علامه
پروفيسر زار زتشي کان فارسي، عربي ۽ اردو جي تعليم حاصل ڪئي آهي. هولي، ڏياري، دسهڙ،
راکي، عيدون، مولود ۽ محرم جي موقعي تي اُنهن جي گهرن ۾ ٿيڻ وارين محفلن ۾ شريڪ ٿيندي
رهي آهي.
ڳالهه ڊگهي ٿي وئي، پر هندستان ۾ ڪٽر پنٿي پڻو ۽ پاڪستان ۾ بنياد پرستي
جو هڪ سيلاب اُٿيو آهي. اهڙي صورت ۾ ڪجهه ماڻهن کي گهٽ ۾ گهٽ اهو حق ته پهچي ٿو ته
اُهي ان گڏيل روايتن جو ذڪر ڪن، جن سان ننڍي کنڊ جي فضا ۾ روشني رهي آهي. اهڙي روادار
۽ سماجي ڳانڍاپي جو نادر مثال دنيا مان ڪٿان ته آڻي ڏيکارجي.
اها ئي اُها هزارين تهن واري گنگا جمني تهذيب هُئي، قرة العين جنهن کي
بيان ڪندڙ آهي ۽ هُن پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته ”هندستان ۾ علاءالدين خلجي بلڪ
اُن کان به پهريان فيروز شاهه تغلق جي دور کان گنگا جمني جي تهذيب بڻجڻ شروع ٿي هُئي.
مان جيڪو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪريان پئي، اُها هيءَ آهي ته سڀئي روايتون موجوده هندستان
۾ تسلسل سان موجود آهن.“
”آگ ڪا دريا“ انهيءَ عظيم الشان ۽ روادار گنگا جمني تهذيب جو شاهد آهي،
جنهن کي ٻنهي پاسن جي ڪجهه ماڻهن مذهب ۽ سياست جي خنجر سان ڪٺو. پر ننڍي کنڊ جو هاري،
ڪنڀار، ڪاپائتي عبدالرشيد هُجي يا رام دين، اڀي سنگهه هُجي يا ڪشن ڪمار، خدابخش سومرو
هُجي يا محمد احمد ڀٽي، داتا درٻار هُجي يا لعل شهباز، نظام الدين اولياءَ، سليم چشتي
۽ معين الدين چشتي اجميريءَ جي درگاهه تي ديوا شريف ۽ گيڙو ويس ۾ حاضري ڏيندو آهي.
پڙ چاڙهيندو آهي، تبرڪ، لنگر ۽ پرشاد جي لاءِ ڌڪا ٿاٻا سهندو آهي. هُن جون عورتون مٿو
ڍڪيل ۽ پيرين اُگهاڙي، اکين ۾ لُڙڪ ۽ دلين ۾ دُعائون کنيو، اُنهن پيرن فقيرن جي چانئٺ
تي مٿو ٽيڪين ٿيون. مزارن جي ڄارن سان ڌاڳا ٻڌن ٿيون ۽ ڌمال هڻن ٿيون. اهي ڪهاڻيون
نه، اڄ جون حقيقتون آهن ۽ اُنهن ۾ اسان جي اشرافيه جون عورتون به شامل آهن. ڪجهه ڏينهن
پهريان اسان جيا بهادري ۽ ايشوريه راءِ جون تصويرون ڏٺيون، پوتيءَ سان ڍڪيل مٿي تي
مخملي چادرن جون ٽوڪريون کنيل، پيرين اُگهاڙي اجمير جي درگاهه ۽ سليم چشتيءَ جي مزار
تي حاضري ڏئي رهيون آهن، گُل چاڙهي رهيون آهن، دُعا گهري رهيون آهن ۽ اُنهن سان ئي
اڀيشڪ بچن جي جهلڪ به نظر اچي ٿي. اِهو سڀ ڪجهه ڪٽرپنٿين جي سامهون ٿي رهيو آهي. اهڙي
نموني شاهه رُخ خان مٿي تي رومال ٻڌيو، بابا گرو نانڪ جي سماڌيءَ تي حاضري ڏئي رهيو
آهي ۽ پرشاد چکي رهيو آهي. نه ڪنهن جو ڌرم ٽُٽي ٿو ۽ نه ڪنهن جي دين ۾ خلل پئجي رهيو
آهي.
هي سڀ اُن گنگا جمني تهذيب جون جهلڪيون آهن، جنهن جي باري ۾ هُن لکيو
هو ته، ”هندستان هڪ سمونڊ آهي، جنهن ۾ ننڍا وڏا درياهه اچي ڇوڙ ڪن ٿا.“ هڪ ٻي هنڌ لکي
ٿي ته، ”تازيا، پيرن، فقيرن، درگاهن ۽ رام ليلائن جو ڪلچر اسان جو اصل ڪلچر آهي ۽ وڏي
نعمت آهي. ۽ اُن کي هرگز هرگز مِٽجڻ نه ڏنو وڃي. نه اها بدعت آهي نه وهم پرستي، نه
شرڪ نه بُت پرستي. اهو محض اسان جي عوام جو تهذيبي سرمايو آهي.“
ياور عباس انهيءَ حوالي سان ”بزم اردو“ لنڊن جي هڪ تقريب ۾ چيو هو ته،
”تو ڏاڍو سُٺو ڪيو عيني، هڪ اهڙي تهذيب کي جيڪا هزارين سالن جي مسافت کان پوءِ پيدا
ٿي هُئي، ۽ جنهن کي ڪڏهن به ختم نه ٿيڻ گهربو هو، اُن کي تو ڪتابن ۾ محفوظ ڪري رکي
ڇڏيو. ۽ جڏهن اهي غير فطري عداوتون ختم ٿينديون ۽ وڇڙيل ٻيهر ملندا ته حال ۽ مستقبل
جي تقاضائن کي نظرانداز ڪرڻ سواءِ خوبصورت روادار، کل مُک گنگا جمني ماضيءَ جي ڳولها
ڪندا. جنهن کي تو پنهنجي خوبصورت روادار، کل مُک ۽ گنگاجمني ڪتابن ۾ ڇڏي وئي هوندينءَ.“
اُتر هند ۾ مسلمانن ۽ هندوئن جي ڳانڍاپي سان جيڪو سماج وجود ۾ آيو، اُن
سان گنگاجمني تهذيب جا اُهي خدوخال اُڀريا، جنهن جي ارتقا کي سمجهڻو هُجي ته مشهور
مورخ ڊاڪٽر تارا چند جو ڪتاب ”تمدنِ هند پر اسلامي اثرات“ اسان جي مدد ڪري ٿو. هُن
لکيو آهي ته، ”ٻن مختلف مذهبن کي مڃڻ وارن جو کير کنڊ ٿيڻ اڇوتو ۽ خوشنما آهي ۽ اهي
رسمون رواج، رهڻي ڪهڻي، موسيقي، زبان، لباس، کاڌو، شادي وهانءَ جون رسمون، مختلف تقريبون،
ميلا ملاکڙا، شاعري ۽ ادب جي آئيني ۾ پنهنجي ڌاڪ ڏيکاري ٿو. اهو ئي رويو مرهٽن، راجپوتن
۽ سک راجائن جي درٻاري آداب ۽ اٿڻ ويهڻ جي انداز ۾ به نظر ايندو آهي.“ هُو لکي ٿو ته،
”شهنشاهه بابر جي زماني ۾ به هندو-مسلم رهڻي ڪهڻي ۽ سوچ ويچار ايتري قدر هڪجهڙو هو
جو بابر ان مخصوص هندستاني انداز کي خاص طور تي محسوس ڪيو. بابر جي جان نشينن اُن گڏيل
ورثي کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا ۽ اُن کي ايترو وسيع ڪري ڇڏيو جو اڄ هندستان هُنن جي اُنهيءَ
ڇڏيل ميراث تي بجاطور فخر ڪري سگهي ٿو.“
ان گڏيل ميراث کي هُن ڪمال انداز سان لکيو. اها هڪ دلچسپ ڳالهه آهي ته
هوءَ ذاتي زندگيءَ ۾ ڳالهه ڳالهه تي ناراض ٿي ويندي هُئي، پر جڏهن معاملو تاريخ ۽ تهذيب
جو هُجي ته هُن کان وڏو ڪو درياهه دل نه هو. هوءَ انسانن کي زمين، زبان ۽ عقيدي کان
بالاتر ٿي ڏسندي، سمجهندي ۽ ورتاءُ ڪندي هُئي. ورهاڱي ۽ وڳوڙن جي ڏينهن ۾ هُن جو گهر
شرناٿين جو ٺڪاڻو بڻيو. پنهنجي امڙ سان گڏ هوءَ وڳوڙي علائقي هرادون مان لکنئو وڃڻ
واري ٽرين ۾ سوار ٿي، اُن ڪمپارٽمينٽ ۾ آمريڪي عورتون به سفر ڪري رهيون هيون. هڪ ننڍڙي
ريلوي اسٽيشن تي وڳوڙين جڏهن ڪمپارٽمينٽ کي گهيرو ڪري ورتو ته اُهي آمريڪي عورتون ئي
هيون جن قرة العين کي ڪمبل ۾ لڪائي ۽ اُن تي ويهي هُن کي اُنهن وڳوڙين جي هٿان بچايو
هو، جيڪي ’شڪار‘ جي تلاش ۾ دٻي جو دروازو ٽوڙي آيا ٿي. اُن وقت هُن تي چڙهي ويٺل آمريڪي
نن، ڀلا ڪيئن سوچي پئي سگهي ته زندگيءَ جي سفاڪين کان سهميل ويهه سالن جي هيءَ خواب
ڏسندڙ ڇوڪري، وڳوڙن کي فرقيواراڻي عينڪ سان ڏسڻ بجاءِ تاريخ جي تناظر ۾ ڏسندي ۽ اُن
کي سياست جي ڪُن مان اُٿندڙ جر ڦوٽو سمجهندي. اُن رات قرة العين حيدر ”آگ ڪا درياهه“
ٻُڏندي ٻُڏندي پار ڪيو. ۽ صرف ڏهن سالن کان پوءِ اردو ادب جو اُهو شاهڪار لکيو، جيڪو
هڪ تخليقي معجزو آهي.
هُن تي لڳايل اُن الزام جي باري ۾ به گفتگو ٿيڻ گهرجي، جيڪو ترقي پسند
تحريڪ جي حوالي سان اُن تي لڳايو ويندو هو ته هُن جو ترقي پسندي سان واسطو نه هو، بلڪه
هوءَ ته هندستان جي مٽجندڙ جاگيرداري نظام ۽ تهذيب جي نوحا خوان هُئي. هُن جي باري
۾ اِهو چوڻ وارا شايد ”ميري بهي صنم خاني“ ۽ ”سفينه غمِ دل“ کان اڳيان نه وڌي سگهيا.
هڪ ڳالهه اِها به آهي ته ستر جي ڏهاڪي تائين ترقي پسند جيڪڏهن هُن کان ناراض رهيا ته
شايد اُن جو سبب هن جو اُهو افسانو به بڻيو هُجي، جيڪو ۱۹۴۳ع ۾ ”ايڪ شام“ جي نالي سان ڇپيو هو، جنهن ۾ هوءَ ’ادبِ لطيف‘ جي تازي
پرچي جو ذڪر ڪري ٿي ۽ اُنهن ترقي پسند مصنفن جو حليو بيان ڪندي لکي ٿي، ”ڍيلي ڍيلي
پتلونين، لمبي لمبي بال، سياه فريم ڪي عينڪين، انگليون مين پائيپ يا سگريٽ اور کهدر
ڪي پاجامي“ ۽ پوءِ ”سلام مڇلي شهري کي هوءَ پيام مرغي شهري، علي سردار جعفري کي علي
فرار صابري“ جي نالي سان ياد ڪندي هُئي. پهريان ترقي پسند افسانوي مجموعي ”انگاري“
کي ”شراري“ جو نالو ڏئي ٿي ۽ ٻين ڪيترن جا بکيا اُڊيڙي ٿي.
اُن ”ايڪ شام“ جو حساب ستن سالن بعد عصمت چغتائي پنهنجي مشهور افساني،
”پوم پوم ڊارلنگ“ ۾ چُڪايو. اُن افساني جو نالو قرة العين جي ڪردار جي نالي تي رکيو
ويو هو. پر عصمت آپا شايد اِهو نه ڄاڻندي هُئي ته خودڪار جهاز ڪيرائيندڙ توپ ’پوم پوم‘
سڏبي آهي. ائين چئو ته ترقي پسندن جي طرف کان ”ڊارلنگ“ تي ٿيڻ واري گولاباري ”پوم پوم“
سان ڪئي وئي. قرة العين حيدر جي باري ۾ اظهار خيال ڪرڻ وارا اسان جا ڪجهه ترقي پسند
هُن جي تحريرن مان سرسري گذريا. تڏهن ئي وڃي هڪ عرصي تائين اُهي هُن کان پرڀرا رهيا.
”چاءِ ڪي باغ“، ”ڊالن والا“، ”حسب نسب“، ”ياد ڪي ايڪ ڌنڪ جلي“، ”تار پر چلني والي“،
”نظارا درميان هي“، ”ڇُٽي اسير ڪو بدلا هوا زمانه ٿا“، ”ڪار من“، ۽ ”ايڪ پراني ڪهاني“
جهڙيون تحريرون لکڻ واري کي ترقي پسند کان سواءِ ٻئي ڪهڙي نالي سان ياد ڪري سگهجي ٿو.
پنهنجي تحريرن ۾ هُن نظرانداز ڪيلن جي زندگين جو نقشو جيڪو دل وٽان ڪڍيو آهي، اُهو
انداز ڪيترن ئي ’سڪه بند‘ ترقي پسندن کي نصيب نه ٿيا. اهڙي ئي هڪ ڪردار جي حوالي سان
هُن هڪ هنڌ لکيو آهي ته ننڍپڻ ۾ دهرادون ۾ موت جي کوهه اندر موٽر سائيڪل هلائڻ واري
ڇوڪري مون کي بيحد پُراسرار معلوم ٿي ۽ هُن جي تماشي مون کي تمام گهڻو حيران ڪيو، جو
روز شام جو ٽي چار ڀيرا موت جي مُنهن ۾ وڃي ٿي. اُها اسڪول يا ڪاليج ڇو ڪونه ٿي وڃي؟
۽ هُن جي ماءُ پيءُ هُن کي اهڙي خطرناڪ راند کيڏڻ جي اجازت ڪيئن ڏني آهي. اُتي دهرادون
۾ ڊالن والا جي هڪ ڪاٽيج ۾ هڪ بيحال اينگلو انڊين رهندو هو، جنهن جي ڇوڪري هڪ ٻئي نادار
۽ مسڪين انڊين ڪرسچين کان ستار وڄائڻ سکي رهي هُئي. والده مرحومه مسٽر سائمن کان ستار
سکندي هُئي. هڪ ڏينهن هڪ بزرگ هُن کي پاڻ سان وٺي آيو، والده پُڇيو ته تون اِها ستار
وڄائڻ ڇو سکي رهي آهين؟ هُن اردوءَ ۾ چيو ”تاڪه انگريز لوگ غور ڪرين.“ مون کي هُن جو
اُهو جملو ياد آهي، اهڙي نموني منهنجي ذهن ۾ اڻ ڳڻيا منظر، واقعا ۽ مقالما انتهائي
ڪليئرٽيءَ سان محفوظ آهن. جيڪڏهن مان اُنهن کي لکڻ تي اچان ته هڪ ’طلسم هوش ربا‘ تيار
ٿي سگهي ٿي. مان سلهٽ جي چانهه، بگان جي اسٽيٽ ليس مزدورن، سريلنڪا جي اسٽيٽ ليس هندستانين،
برطانيه جي ڪارن، ڪمايون، هماچل، گڙوال، پنجاب ۽ بنگال جي مزدرون ۽ هارين متعلق نه
صرف گهرائيءَ ۾ وڃي لکيو آهي، بلڪه مون چڪما قبيلن، پنجاب ۽ بنگال جي هارين جي گهرن
۾ وڃي رهي آهيان ۽ اُنهن متعلق دستاويزي فلمون به ٺاهيون آهن.“
عصمت آپا جو افسانو ”پوم پوم ڊارلنگ“ قرة العين حيدر تي هڪ وار هو، پر
قرة العين، عصمت آپا جي عزت ۽ احترام ۾ ڪڏهن ڪمي نه آندي. مون کي ۱۹۷۶ع ۾ ممبئيءَ جي اُها منجهند ياد آهي، جڏهن ڪشن جي
۽ سلمه آپا مون کي ”گي لارڊ“ ۾ ماني کارائڻ وٺي ويا هُئا. اسان عيني آپا کي آشا محل
مان ورتو هو ۽ ”گي لارڊ“ پهچي سلمه آپا کي خيال آيو هو ته عصمت آپا کي ته اسان چيو
ئي ناهي. هُن جو فليٽ اُتان شايد گهڻو ويجهو هو، ڪشن جي هُن کي ’گي لارڊ‘ کان فون ڪيو
هو. پوءِ هُن جي انتظار ۾ هُن ريڊ وائين سان ’انصاف‘ ڪيو هو. ۽ جڏهن عصمت آپا پنهنجي
سُفيد ساڙهيءَ جو پلؤ لهرائيندي آئي هُئي ته هُن ڪشن جي کي اِهو چئي دڙڪا ڏنا هُئا
ته مون کي پهريان فون نه ٿي ڪري سگهين؟ مان ته ماني کائي چُڪي آهيان. پوءِ هُن جي نظر
وائين جي خالي گلاس تي پئي هُئي ۽ هُن کي ڪاوڙ اچي وئي هُئي، ”پيئندو وڃ زهر!“ هُن
جي لهجي مان باهه بکي رهي هُئي. پوءِ هوءَ عيني آپا سان ويهي ڳالهيون ڪرڻ لڳي، جهڙوڪ
پراڻيون سهيليون هُجن. مان هُنن کي ويهي ڏسندي رهيس ۽ مون کي ’پوم پوم ڊارلنگ‘ جا چيريندڙ
جملا ياد ايندا رهيا. عيني آپا نهايت نازڪ مزاج هُئي، هُن عصمت آپا جي تحرير شايد وساري
ڇڏي هُئي يا اُن کي دل تي نه کنيو هو. تڏهن ئي جڏهن عصمت آپا گُذاري وئي ته هُن ’ليڊي
چنگيز خان‘ لکي احترام ۽ محبت سان هُن جو حق ادا ڪيو.
قرة العين حيدر هڪ وڏي دانشور ۽ وڏو ويزن رکڻ واري تخليقڪار هُئي. اِها
هُن جي عصري ذهانت هُئي، جو سنڌ جي اُردو ۽ سنڌي ڳالهائڻ وارن وچ ۾ جيڪا اوپرائپ، وڇوٽي
۽ هڪ ٻئي کان ڌاريائپ هُئي، اُن جو ادراڪ هُن کي ۱۹۵۰ع جي ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ ٿي ويو هو. دلين جي وچ ۾ هي اُهائي وڇوٽي هُئي،
جنهن سبب ۱۹۷۰ع جي ڏهاڪي ۾ تضاد اُڀري سامهون آيا، جنهن جو زهريلو
فصل اسان سڀني لُڻيو....
هُن جو مشهور ناولٽ ’سيتا هرڻ‘ اُن تاريخي شعور ۽ سياسي بصيرت جو اظهار
آهي. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي وقت شرناٿي بڻجي هندستان وڃڻ تي مجبور ٿيڻ واري سيتا مير چنداڻي،
ڪجهه ڏينهن لاءِ واپس ڪراچي آئي آهي ته ڪهڙي والهاني انداز ۾ پنهنجي جنم ڀوميءَ جي
وستين مان گذري ٿي. پير الله بخش جماليءَ سان ملي ٿي، جيڪو سندس پيءُ جو دوست هو. اُن
سان سنڌيءَ ۾ ڳالهيون ڪري ٿي، اُن کان موڪلائڻ وقت پير صاحب هُن کي ۽ هن جي پيءُ ماءُ
لاءِ قيمتي تحفا ڏي ٿو ۽ هُن جي مٿي تي هٿ رکي روئي ويهي ٿو. اُن سفر دوران قرة
العين خيرپور شهر جو نقشو ڪڍي ٿي:
”رستي جي ٻنهي پاسي پراڻين سرن جون اُداس عمارتون هيون، جن جي محرابن
جي هيٺان پوڙها، باوقار سونهارين سان سنڌي مسلمان ڳالهائي رهيا هُئا. هي ماڻهو ڳالهه
ڳالهه تي هٿ ٻڌندا هُئا ۽ ڌيمي آواز ۽ ڌيمي موسيقيءَ واري لهجي ۾ ڳالهائيندا هُئا.
وڏي عجيب اُداس نرم ڌيمي ڌيمي تهذيب هُئي. جيڪا عرفان هن مُلڪ ۾ نون سالن تائين رهڻ
باوجود اڃا تائين نه ڏٺي هُئي.“
ان سفر دوران هر هر مرحلي تي سنڌ ۾ اچي آباد ٿي وڃڻ واري عرفان کي اجنبيت
جو احساس ستائي ٿو ۽ سنڌ ڌرتيءَ کان بي وطن ٿي دهلي وڃڻ واري سيتا مير چنداڻي، پنهنجي
گهٽين ۽ محلن مان اِئين گُذري ٿي، جهڙوڪ اُتان ڪيڏانهن وئي ئي نه هُجي! عرفان جيڪو
هندستان مان آيل مهاجر آهي، اُهو سيتا جي سنڌ کي ٿورو به نٿو ڄاڻي. سيتا ساڌ ٻيلي جي
سامهون سنڌو درياهه کي هڪ سنڌيءَ جي نگاهه سان ڏسي ٿي. ”هي سامهون جيڪو سنڌو وهي پيو،
اسان جي ماڻهن جو عقيدو هو ته اُن جي پڇم ۾ جتي چنڊ ٻُڏي ٿو، موت جو ديس آهي. ۽ هر
سنڌي جيڪو مرندو آهي، اُهو ڳئون ماتا جي پُڇ سان چنبڙي اُن درياهه مان گذري ويندو،
جيڪا هُن زندگيءَ ۾ برهمڻن کي دان ڪئي. ڦڳڻ جي چوڏهينءَ رات ۾ هُن جي آتما اُن ناوَ
تي سوار ٿي واپس ايندي آهي، جيڪو هُن جي گهر وارا پورن ماشيءَ کان ٻه ڏينهن پهريان
سنڌو درياهه ۾ ڇڏي ڏيندا آهن. چيٽ جي مهيني ۾ وڏو ميلو ٿيندو هو. اصل ۾ اسان جو سڀ
کان وڏو ڀڳوان اِهو دريا ئي هو. ڇو ته ريگستان ۾ وهندو هو، جهڙي نموني پراچين مصر وارا
نيل کي ديوتا مڃيندا هُئا، اُن سکر ۾ مڇيءَ جي پُٺي تي سوار درياهه ديوتا جو مندر هو.
اُن کي مسلمان درياهه پير ۽ خواجه خضر چوندا هُئا. ڏکڻ پنجاب جا هندو اُن کي درياهه
صاحب چوندا هُئا. ٿورو سوچيو ڪيترا فيسي نيٽنگ عقيدا هُئا. نانگ ديوتا لاءِ اهو طئي
هو ته اُهو ٺٺي کان اڳيان، سنڌوءَ جي ڪناري تي رهندو آهي. پورن ماشيءَ واري رات هوءَ
سکر بيراج تي بيٺي دير تائين سنڌو درياهه جي ڪهاڻي ٻُڌائيندي رهي ۽ پوءِ بنهه خاموش
ٿي وئي. پوءِ هوءَ عرفان کي ڇا ڪمال جو جملو چوي ٿي... ”سنڌ نه منهنجو آهي نه پير الهه
بخش جماليءَ جو، سنڌ جا اصل مالڪ اُهي هاري آهن، جن متعلق سوچڻ جي تو اڄ تائين ضرورت
ئي محسوس نه ڪئي هوندي.“ سنڌ جي ڏُکن کي سمجهڻ جو اِهو ئي اُهو دلگير انداز آهي، جنهن
سبب قرة العين حيدر سنڌي اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ عوام جي پسنديده تخليقڪارن مان آهي
۽ هُن جون گهڻين تڻين تخليقن جا ترجما سنڌيءَ ۾ بار بار ٿيا آهن.
قرة العين حيدر پنهنجو تخليقي سفر شروع ڪيو ته ”ستارون سي آگي“ جي ڳالهه
ڪئي ۽ جڏهن خوابن جي ڌنڌلڪن مان نڪتي ۽ زميني حقيقتن جي آمهون سامهون ٿي ته ”جلاوطن“،
”آگ ڪا درياهه“، ”هائوسنگ سوسائٽي“، ”آخري شب ڪي همسفر“، ”چاندني بيگم“ ۽ ”گردش رنگ
چمن“ ۾ هندستاني تهذيبي پکيڙ جي واقع نگاري ڪندي ويهين صديءَ جي اُن انسان جي ڪٿا ڪهاڻي
بيان ڪئي، جيڪو نسل پرستي، قوم پرستي، وطن پرستي، عقيده پرستيءَ جو روپ ڌاري بگهڙ بڻجي
ويو آهي.
ويهين صديءَ جو عام انسان اُنهن بگهڙن جي ڏندن ۽ چنبن سان جنهن نموني
چيريو ويو، اُن کي لکندي هوءَ ايرانين، جرمن يهودين ۽ فلسطينين ۾ ڪو فرق نٿي ڪري. ڏک
الم جي سرڪار ۾ سڀ هڪ آهن ۽ ”قيد خاني مين تلاطم هي ڪه هند آتي هي“، پڙهو ته غمن جا
پهاڙ اوهان مٿي اچي ڪرندا.
هي ”عالم آشوب“ هُن ايراني انقلاب کان ترت پوءِ لکيو ۽ بي ڌڙڪ اُن ايران
جي منظر نگاري ڪئي، جنهن ۾ شهنشاهيت جو بُت ڪيرايو ويو، اُن جي جڳهه تي مُلائيت جو
بُت تعمير ٿيو. ايرانين لاءِ پهريان ساواڪ جا عقوبت خانا هُئا، بعد ۾ انقلاب اسلاميءَ
جو ڦاسي گهاٽ اُنهن جو مقدر بڻيو. انسان کي پناهه ڪٿي به نه هُئي. ”نوجوان ڇوڪرا، ڇوڪرين
جون قطارون ڦندي تي لٽڪيل، ماهه ناز به اُن ڦندي تي هُئي. ماهه ناز؟ اُها ته سانِ فرانسسڪو
مان جوش جذبي سان گڏ واپس آئي هُئي، نئين سري سان تعمير واري جذبي سان.... هتي سڀ خير
آهي، رضا الاهي سان منافقن ۽ زمين تي فساد ڦهلائڻ وارن کي ڳولهي ڳولهي ختم ڪيو ويو
آهي. واجب القتل هُئا، جيڪي اڃا باقي بچيا آهن، انشاءَ الله اُنهن کي به. قيد خاني
۾ بند ننڍي عمر وارا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون اجل جا منتظر ويٺا آهن. اکين تي ڪاري پٽي ۽ بندوقچين
جي گولين جي بوڇاڙ. ايمنسٽي انٽرنيشنل جي نمائندي کي اچڻ جي اجازت ناهي، اُهي عظيم
شيطان جا ڪارندا، دنيا جي ايوانن ۾ اقتدار جي راهدارين ۾ اُنهن جو آواز نٿو پُهچي،
ڪو اُن کي ڇڏائڻ نٿو اچي.“
اُن جو لکيل سائنس فڪشن ”سينٽ فلورا آف جارجيا ڪي اعترافات“ ۽ ”روشنيءَ
ڪي رفتار“، هُجي يا رپورتاز ”چائي ڪي باغ“، ”ستمبر ڪا چاند“، اُن جي سوانحي ناول ”ڪار
جهان دراز هي“ جو تصور ڪيو ۽ يا ”آخرِ شب ڪي همسفر“، ”گردش رنگ چمن“ ۽ ”چاندني بيگم“،
هُن جون مختصر ڪهاڻيون، ”فوٽو گرافر“، ”يي غازي يي تيري پُراسرار بندي“، ”جلاوطن“،
”پت جهڙ ڪي آواز“، ”آواره گرد“، ”فصل گُل آئي يا اجل آئي“، ”قلندر“، ”اڪثر اس طرح سي
ڀي رقص فغان هوتا هي“، ”سنگهاردان“ اهڙي نموني هُن جي ناولٽ ”سيتا هرڻ“، ”دلربا“،
”اگلي جنم موهي بٽيا نه ڪيجيو“، ۽ ”هائوسنگ سوسائٽي“، نون خيالن ۽ لفظن جو هڪ درياهه
آهي، جيڪو پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ وهائي ويندو آهي.
انسانن جون زندگيون، هُن ڪڏهن مينا طوري انداز ۾ مصوري ڪئي ۽ ڪڏهن جهاز
سازي ميورل ٺاهيا. هُن جي تحريرن جا اصل پارک جا پڙهڻ وارا هُئا، جن هُن جي تخليقات
کي اکين تي رکيو. اردو جا نقاد ته گهڻو پوءِ ان ڳالهه تي مجبور ٿيا ته اُهي هُن جي
عظيم تخليقن آڏو پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪن. هوءَ اردو جي نثري ادب جو اهم ترين نالو هُئي.
هُن اردو افساني ۽ ناول جو تخليقي اُفق ايترو وسيع ڪيو جو شايد ئي ڪو اُن اُفق کي وسيع
تر ڪري سگهي.
هُن جي تخليقن ۾ جاگيردارن ۽ هندستاني تعليم يافته اشرافيه جي خوابناڪ
زندگيءَ جو لهندڙ سج هُئي. هندي تاريخ، تفڪر، تمدن ۽ تهذيب جي ڌارا هُئي، عام ماڻهن
جي دل ٻوڙيندڙ زندگيءَ جو عڪس هُئي. پنهنجي اباڻي وطن هندستان واپس وڃڻ کان پوءِ قرة
العين اُنهن ماڻهن جي زندگيءَ کي موضوع بڻايو، جن کي ورهاڱي بظاهر ڪو زخم نه رسايو
هو، اُنهن جا جسم سلامت هُئا، اُنهن جي سڀني ويجهن توڙي پري وارن رشتيدارن کي وڳوڙي
ڇُهي نه گُذريا هُئا، پر غيبي طرف کان اهڙي هوا گُهلي هُئي، جنهن هُنن جي ذات ۽ ڪائنات
کي خاڪ ڪري ڇڏيو هو.
”ميري ڀي صنم خاني“، ”جلاوطن“، ”هائوسنگ سوسائٽي“ ۽ ”آگ ڪا درياهه“
کي هڪ پاسي رکو، جو اُهي هڪ سال پُراڻي تهذيب جو نوحو آهن، ”ڪارجهان دراز هي“ جي داستانِ
سرا ۾ ترسو، اٺ سؤ سالن تي ڦهليل اُهي حقيقي ڪردار، جيڪي پنهنجي گذريل زندگي ٻُڌائين
ٿا ۽ فنا جي سمنڊ ۾ لهي وڃن ٿا. قرة العين اُن کي هڪ ادبي ايڊونچر جي نالي سان ياد
ڪري ٿي ۽ چوي ٿي ته، ”عرصو ٿيو، جڏهن رالف رسل مون کي چيو هو ته مون کي هڪ ”لائف اينڊ
ٽائمز“ قسم جي شيءِ لکڻ گهرجي.
۱۱۸۰ع کان شروع ٿيڻ واري اها ساگا فيملي اوڻيهين صديءَ جي پڄاڻي کان ايڪيهين
صديءَ جي مهڙين ڪجهه سالن جو داستان سرائي آهي، اُن کي پڙهجي ٿو ته هڪ نئين دنيا آڏو
اچي وڃي ٿي. اُن دنيا ۾ ڪابل کان وٺي ڪلڪتي، ڪراچي ۽ ڪنيا ڪماري کان ڪشمير تائين هر
نسل، مذهب ۽ فرقي جا ماڻهو آهن، پنهنجون پنهنجون ٻوليون ڳالهائيندي، پنهنجي پنهنجي
عقيدي تي قائم، اُن جي باوجود اُنهن وچ ۾ محبت، مروت ۽ خلوص جي رشتي ۾، بنگالي، پنجابي،
سنڌي، اوڌي، بهاري، مدراسي، حيدرآبادي، شيعه، سُني، وهابي، بريلوي، احمدي، ڪرسچن، دهريا،
تهجد گذار، ڪميونسٽ سڀئي هڪ ٻئي جي مذهبي ۽ مقامي روايتن جو احترام ڪندا آهن. اها رواداري
۽ سماجي ميٺاج ڇا اِن لاءِ هو ته ان کي فرقيواريت ۽ انتهاپسنديءَ جي ور چاڙهيو وڃي.
ڪيترن ئي ماڻهن چاهيو هو ته ائين نه ٿئي، ۽ اُنهن مان هڪ قرة العين حيدر به هُئي، پر
ائين ٿي ويو ۽ هاڻ هتي اسان وٽ ۽ هندستان ۾ ڪٽرپڻو، فرقيواراڻا فساد، انتهاپسندي ۽
دهشتگرديءَ جو ديوُ اڪثريت پسندي ۽ مذهبي فرقي پرستيءَ جي جهول ۾ وڌي ويجهي اسان کي
چٻاڙي رهيو آهي. ۽ سڀئي اُن جي سامهون هراسيل آهن. اسان جا ٻارهن تيرهن سالن جا ٻار
بارود سان ڀريل جيڪٽون پائي پاڻ کي اِهو سمجهي اُڏائي ڇڏين ٿا ته جنت ۾ حوضِ ڪوثر تي
ٻاهتر حورون سندن انتظار ۾ آهن. اسين اُنهن جي بدنصيب مائرن سان گڏ روئندا آهيون، جيڪي
گرم ڪپڙي جون صدريون سبي پنهنجي ٻارن جو انتظار ڪنديون آهن ۽ اُن سماج جي موت جو به
ماتم ڪنديون آهن، جنهن جو عام ماڻهو مسجد يا مندر ويندي زمين تي به ڏسي هلندو هو ته،
ڪٿي اُن جي پيرن هيٺان ڪا ڪوِلي نه اچي وڃي.
گذريل ڪجهه سالن کان اسان وٽ هتي عورتاڻي ادب جو ڪيڏو نه شور آهي. سيمنار
تي سيمنار ٿي رهيا آهن، جن ۾ ڪيڏي نه ڄاڙي هنئي ويندي آهي. ڪيتريون ئي اهڙيون عورتون
جن جون دليون، پوئتي پيل ۽ تازي گرهه لاءِ ترسندڙ عورت لاءِ ناهن پگهرنديون، اُنهن
جي مقالي ۾ دردمنديءَ جا درياهه لهرون هڻندا آهن. اُنهن جو مقابلو جڏهن مان قرة
العين حيدر سان ڪندي آهيان ته مون کي کل ايندي آهي. هُن ڪڏهن به فيمينسٽ هُجڻ جي دعويٰ
نه ڪئي. پر هُن جي دل عورت لاءِ ائين وگهرندي هُئي، جيئن ڪيٿيڊرل جي قربان گاهه تي
ٻرندڙ ميڻ بتيون وگهرنديون آهن. هوءَ جيڪا بورجوازي جي نمائنده سڏي وئي، هُن نظرانداز
ڪيل ۽ حقارت جي نگاهه سان ڏسجندڙ عورتن کي ڪهڙي نموني زمين تان کنيو ۽ اردو ادب ۾ يادگار
بڻايو.
هُن جي ڪهاڻين ۾ تقدير جي بدلاءَ سان ڪيئن نه طوائف بڻجڻ وارين شريف زادين،
ڪُٽنب ۽ پنهنجي بُک جي مار سهندي عزت سان چار پئسا ڪمائڻ لاءِ پنهنجي نگاهه ٽانڪي ٽوپي
۾ وڃائي ويهڻ واريون عورتون، تار تي هلندڙ ۽ ميم صاحبائن جي گهرن ۾ ٿانوَ ڌوئڻ ۽ فرش
چمڪائڻ واريون بهادر عورتون آهن، حالتن جي لهرن تي ڪک پن جيئن اُڏامنديون، اِهي فرياد
ڪن ٿيون ته ”اب جو ڪيئي هو داتا، ايسا نه ڪيجئو، اگلي جنم موهي بٽيا نه ڪيجيو!“
عورتن جي حوالي سان هُن جي دل ۾ هميشه اُڻ تُڻ ٿيندي رهي. ”ياد ڪي ايڪ
ڌنڪ جلي“ ۾ هڪ هنڌ هُن لکيو آهي:
”مون سوچيو ته اها ڪهڙي ڳالهه آهي جو هر هنڌ مندرن ۽ تيرٿ آستانن ۾،
درگاهن ۽ مزارن سامهون، گرجا گهرن ۽ امام باڙا توڙي گردوارن ۽ آتش ڪده اندر اهي عورتون
ئي آهن، جيڪي روئي ڌڻيءَ کان فرياد ڪنديون آهن ۽ دُعائون گهرنديون آهن. سڄي دُنيا جي
معبدن جا سرد بيحس پٿر، عورتن جي لُڙڪن سان ڌوپجندا رهندا آهن. عورتن هميشه پنهنجي
پنهنجي ديوتائن جي پيرن تي سِرُ رکيو ۽ اهو ڄاڻڻ نه چاهيو ته اڪثر اُهي پير مٽيءَ جا
به هوندا آهن.
سوسائٽي ۾ جگمگائيندڙ ميم صاحبائون، لکين رپيا ڪمائڻ واريون فلم ايڪٽريس
۽ بين الاقوامي شهرت واريون رقاصائون، گليمرس ماڊل جون ڇوڪريون، يونيورسٽين جون ريسرچ
اسڪالرز، حڪومت ۾ اعليٰ عهدن تي ويٺل، ايئرڪنڊيشن بنگلن ۾رهڻ واريون سوشل ورڪرز، غليظ
کولين ۾ رهي شرابي مُڙسن جي مار سهڻ واريون مزور عورتون، آفيسن ۾ ننڍيون ننڍيون نوڪريون
ڪري، وڏن وڏن ڪُٽنبن کي پالڻ واريون ڇوڪريون، شاندار فليٽن ۾ رهڻ واريون دولتمند تاجرن
جون حسين رکيلون، ڪولابا جي رستن تي ڦرندي گراهڪ ڳوليندڙ فيشن ايبل طوائفون، سُفيد
ڳلين ۾ ڌنڌو ڪرڻ واريون، زالون ۽ ٻانهيون، راڻيون ۽ داسيون، اوليون ڀاليون ۽ چالاڪ،
تعليم يافته ۽ جاهل، معصوم ۽ ويمپائر، ملحد ۽ وهم پرست، اُنهن سڀني تي پنهنجي جڳهه
تي ڇا گُذرندي هوندي؟“
پنهنجي والد جي موت کان پوءِ هندستان جي ورهاڱي کي هوءَ ٻيو زبردست ذهني
۽ جذباتي حادثو قرار ڏيندي هُئي. زميني جلاوطنيءَ کان گهڻو وڏو ۽ ڳنڀير مسئلو هُن جي
ذهني جلاوطني هُئي. هندستان واپس وڃڻ کان پوءِ هُن جي زميني جلاوطني ختم ٿي وئي، پر
جنهن عظيم الشان تهذيبي ڪائنات ۾ هوءَ ساهه کڻندي هُئي، اُها تحليل ٿي چُڪي هُئي. هُن
اُن ذهني جلاوطنيءَ کي مُنهن ڏنو، جيڪا ڪڏهن به ختم ٿي نه سگهي. ان لاءِ جو جنهن روادار،
مخلص ۽ فراخدل دنيا ۾ هوءَ ويهن سالن جي ڄمار تائين آباد رهي، اُها ۱۴ ۽ ۱۵ آگسٽ
۱۹۴۷ع جي وچ وارن لمحن ۾ هميشه لاءِ فنا ٿي وئي ۽ فنا ٿيڻ
واري سرزمين تي ڀلا ڪير واپس وڃي سگهيو آهي؟ ’داستان امير حمزه‘ ۽ طلسم هوشربا ۾ قائم
جادونگريءَ به ائين ئي ڌوڙ ٿي اُڏامي وئي هُئي.
اها جادونگري، اُهو ”هندستان“ هو، جنهن کي هُن ڪمال زباني ”آگ ڪا درياهه“
۾ ائين بيان ڪيو جو، ”هي هندستان ڇا هو؟ اُن جو شعوري طور تي ڪنهن ڪڏهن تجزيو نه ڪيو.
ننڍپڻ کان هو هندستان جو عادي هو، جتي هُن جا پونئير اٺ سؤ سالن کان رهندا آيا هُئا.
هندستان بستي ضلعي جو اُهو هٿيو هو، جتي مان پنهنجي بابا سان گڏ ويو هوس. هندستان اٺاوا
جي ڄڻ ڪا آلوده درگاهه هُو. هندستان قدير ڊرائيور جي ماءُ هو، هندستان پوڙهو حاجي بشارت
حسين راڌو هو.... هي ماتا آڏو هٿ جوڙڻ وارو مسلمان پوڙهو هندستان هو، اُن کان علاوه
هُن جي ماءُ ۽ ماسيون ۽ گهر جون ٻيون عورتون هندستان ۾ هيون. اُنهن جي پاڻ ۾ ڳالهه
ٻولهه، محاورا، گيت، رسمون ۽ پراڻيون ڪهاڻيون، جيڪي مغلياڻيون ٻُڌائينديون هيون....
هندو پراڻن ۽ ديومالائي قصا، مسلمان ۽ اوليائن جا قصا.... اهي سڀ ڪمال جو ذهني بيڪ
گرائونڊ هيون.“
هتي هندو، مسلمان، ٻُڌ مت جا مڃڻ وارا، جيني، سک، پارسي، عيسائي ۽ آديواسي
سڀ پنهنجي پنهنجي خدائن، ديوتا ۽ ديوين، ريتن ۽ رواجن سان گڏ آباد هُئا. فاتحه مفتوح،
ظالم ۽ مظلوم سڀ گڏجي رهندا هُئا. هڪ ٻئي کان نفرت ۽ محبت ڪندي صوفين، سنتن، ڪبير
۽ نانڪ پنٿين ۾ رواداريءَ جي جنهن ڌاڳي ۾ اُنهن کي پرويو هو، اُن ۾ هڪ مالها بڻيل ٻنين
۾ ڪم ڪندڙ هاري، چرخو هلائڻ وارا، لوليون ڏيندڙ عورتون ۽ روا رڱيندڙ ڇوڪرين جي حملي
آوارن هٿان پائمالي، وسندين جي اُجڙڻ وارن مرحلن مان گذري وسندين جي آباد ٿيڻ، انسانن
جي رلي ملي وڃڻ، هڪ ٻئي سان محبتون ۽ نفرتون ڪرڻ جون هزارين سالن تي ڦهليل ڪهاڻيون
هيون.
هتي سڀني مذهبن، فرقن، ناستڪ، سڀئي هڪ ٻئي سان جُڙيل، هڪ ٻئي سان ڳنڍيل،
پوءِ اسين هڪ ٻئي کان جدا جدا نظر اچڻ لاءِ هڪ ٻئي کي ڪٽڻ ۾ جُٽي وياسين. اِهو سوچڻ
سمجهڻ سواءِ ته جتي ايتري ويجهڙائپ هُئي، پنهنجائپ هُئي، اُتي جڏهن هڪ ٻئي کي ڇُرين
۽ ڪرپانن سان الڳ ڪيو ويندو ته اسان جون پنهنجون ٻانهون ۽ ٽنگون به ڪٽجي وينديون. اسين
تهذيبن، قومن، قوميتن، زبانن، ٻولين، ميلن ملاکڙن، نفرتن محبتن جي گهاٽي جهنگ، ”هندستان“
تي ڪهاڙيون ۽ آريون کڻي ٽُٽي پياسين. عليحدگيءَ جي ان ديوانگيءَ ۾ سُڃاڻپ جي ان تلاش
۾ ڪير بچيو؟ ڪو به ته نه! هندو ڪٽر پنٿي نفرتن جي ڇاڻيءَ مان هندستان جي تهذيب مان
مسلمانن کي ٿورو الڳ ڪري ته ڏيکارين ۽ مسلمان بنياد پرست انتهاپسنديءَ جي رندي سان
سوين سال پراڻي پنهنجي اجتماعي حافظي کي ڇلي هڪ طرف رکن، اسين تڏهن مڃون! انهن ڪٽر
پنٿين ۽ بنيادپرستن هڪ ٻئي سان نفرت اُن انتها تي پهچائي جو پنهنجي ئي کَل کي اُڊيڙڻ
لڳا. قرة العين حيدر جا ناول، اُن جي ڪيترن ئي افسانن، ان دلدوز انساني الميي جو روزنامچو
آهن، ديوندرا سر ”قرة العين حيدر: تخليق ۽ نئون ويزن“ ۾ ان الميي جي باري ۾ هينئن لکيو
آهي ته ”اسين اُن امر کي فراموش ڪري ڇڏيندا آهيون ته اسين سڀ پنهنجي ماحول، پنهنجي
ماضي، پنهنجي تهذيبي ورثي، يادن ۽ اجتماعي لاشعور جا پاليل آهيون، اسان جو ڪردار ۽
اسان جي شخصيت هڪ جامد، پنڊ پهڻ ٿيل لمحو يا نقطو ناهي، بلڪه مسلسل وهندڙ ندي آهي،
جنهن مٿي پُل ٻڌڻ جي ضرورت آهي، نه ڪي جيڪي ٻيڙيون آهن، اُنهن کي به ساڙڻ جي!“
هُن جي ترجمن جو ذڪر تمام گهٽ ڪيو ويندو آهي، پر هُن اُن شعبي ۾ ڪمال
حاصل ڪيو. ”هم هي چراغ، هم هي پرواني“ جي عنوان سان هُن هينري جيمز جي ناول `The portrait of the lady` جو ترجمو ڪيو ته اهڙو جو پڙهڻ وارا اُن کي ڪڏهن وساري نه سگهن. ۽
جڏهن اُهو ”نشتر“ طرف متوجه ٿي ته هڪ گمنام تحرير کي نئين زندگي بخشي. اردو فارسيءَ
جي هزارين دوادين، علمي نسخا ناول ۽ داستانون، قلمي شڪل ۾ گُم ٿي ويون. ڪن کي اُڏوهي
کائي وئي، ڪجهه مينهن ۾ پُسي ويا ۽ ڪجهه پنهنجي مصنفين ۽ مولفين جي موت کان پوءِ گهروارن
جي ظالماڻي لاپرواهيءَ سبب ٽڪي مُلهه تي رديءَ ۾ وڪامجي ويون. پر ”نشتر“ اُن خوشنصيب
تحريرن مان آهي، جيڪا ڪنهن اهڙي انجام کان بچي وئي.
”نشتر“ مون ۱۹۶۴ع
۾ پڙهيو هو، ترجمو سجاد حسين انجم ڪسمنڊوي جو ۽ ترتيب عشرت رحمانيءَ جي اُن کي مجلسِ
ترقي ادب لاهور شايع ڪيو هو. ورهيه اڳ هُن جي هڪ تحرير ”نشتر“ جي باري ۾ نظر مان گُذري،
جنهن ۾ هُن ان ناول جي اوليت ۽ اهميت جي باري ۾ تفصيل سان ڳالهه ٻولهه ڪئي هُئي. هُن
جي ان تحرير جي شايع ٿيڻ کان پوءِ اِهو ناول ادبي حلقن ۾ گفتگوءَ جو موضوع رهيو. مرحوم
مشرف احمد اُن جي باري ۾ هڪ تفصيلي مضمون به لکيو ۽ اُن ناول کي نئين زاويي سان پڙهايو
ويو. هي داستان، بلڪه آتم ڪٿا، بنيادي طور تي فارسيءَ ۾ سيد حسن شاهه تحرير ڪئي هُئي
۽ اڃا اُن جي ڇپجڻ جي نوبت به نه آئي هُئي ته حسن شاهه راهه رباني وٺي ويو. سندس موت
کان پوءِ هُن جو قلمي نسخو، سجاد حسين انجم ڪسمنڊويءَ جي هٿ لڳو. هُن اُن کي اردوءَ
۾ شايع ڪري قرة العين حيدر جي تحقيق مطابق، ”اوڌ پنچ“ ۾ قسطوار شايع ڪرايو. جنهن کان
پوءِ ۱۸۹۳ع ۾ اهو ناول لکنؤ ۾ ڪتابي شڪل ۾ شايع ٿيو. قرة
العين حيدر کي گذريل دور جي تحريرن ۾ سدائين دلچسپي رهي. هُن ”نشتر“ کي ڪنهن ڌوڙ ۾
لٽيل الماڙيءَ جي هيٺين خاني مان ڪڍي ڇنڊي ڦوڪي، انگريزيءَ جو ويس پهرائي هڪ نئين زندگي
ڏئي ڇڏي ۽ اُن سان گڏوگڏ اِهو بحث به ڇيڙيو ته هندستان ۾ ناول جي شروعات وڪٽورين عهد
جي انگريزي ناولن جي اثر هيٺ شروع نه ٿيو، بلڪ اُن کان پهريان ڪانپور جي سيد حسن شاهه
”نشتر“ جي شڪل ۾ ناول لکي ڪري چُڪو هو. قرة العين حيدر مطابق حسن شاهه اصلي ڪهاڻي انگريزي
ناولن تان اثر وٺڻ سواءِ لکي. هُن اُن عهد جي انگريز نواب ۽ هڪ هندستاني طوائف جي زندگيءَ
جا منظر، موثر ۽ حقيقت تي مبني انداز ۾ تحرير ڪيا ۽ اُن تي داستان جي پراڻي اسلوب جون
جهلڪيون تمام گهٽ آهن. هوءَ چوي ٿي ته اُن ناول کي لکندي حسن شاهه جي عمر لڳ ڀڳ ۲۰ سال هُئي. هُن جي آڏو ناول
جو ڪو نمونو موجود نه هو ۽ نه هو انگريزيءَ کان واقف هو. تنهنڪري حسن شاهه جي صورت
۾ هندستان جو اُهو شخص نظر اچي ٿو، جنهن کي جديد هندستاني ناول جو بابا آدم قرار ڏئي
سگهجي ٿو. قرة العين حيدر ۱۷۹۰ع
۾ لکيل اُن ناول کي ٻه سؤ سال بعد ۱۹۹۰ع
۾ رُڳو دريافت ئي نه ڪيو، بلڪ “The Nautch Girl” جي نالي
سان انگريزيءَ ۾ ٽرانسليٽ ڪري پڙهڻ وارن جي هڪ وڏي دائري تائين پهچائي ڇڏيو.
هُن جي صحيح سان ”دي ناچ گرل“ جو آمريڪي ايڊيشن عذرا رضا مون کي سنسناٽي
سان موڪليو هو. هُن جي مُهڙين ورق جي نقاشي نه ڄاڻ الائي ڪهڙي مصور جي هٿ جي هُنر جو
نمونو آهي. شيشي جون ٻه بند کڙڪيون آهن، جنهن جي ٻئي پاسي سرسبز وڻن تي جهڪيل گهٽا
صاف نظر اچي رهي آهي. ڪمري جي ديوار تي ڪنول روشن آهي، زمين تي نيرين سرن جو فرش آهي.
هڪ نازنين، مهه جبين، گُلابي وڳو پاتل، دهاني رئو مٿي ڪيو، مُلهه ٻُڌائي رهي آهي. هي
سيد حسن شاهه جي ناول ”نشتر“ جي هيروئن خانم جان جي هڪ جهلڪ آهي. اُن جي سامهون ڪُرسين
تي ۽ ديوار تي ٽيڪ لڳايو پنج مرد آهن. ڏنڊا ڏوٽا ۽ چست ڪوٽ جا بٽڻ لڳايو، تنگ ڪالرن
۾ سيٽيل ڪنڌ وارا پنج ئي اکين ئي اکين ۾ هُن کي تڪي رهيا آهن. هي ارڙهين صديءَ جا اُهي
گورا آهن، جيڪي انگلستان مان ڪرائي جا سپاهي بڻجي روانا ٿيا، پر هندستان پهچي نواب
بڻجي ويٺا. پهريان پهريان هُنن هندستان جي تقدير کي واپار جي ساهميءَ ۾ توريو، پوءِ
تلنگن جون تلوارون پگهارن عيوض خريدڻ لڳا ۽ هندستاني طائف پنهنجي سرڪار ۾ رکڻ لڳا.
قرة العين حيدر هزارين صفحن تي ڦهليل لال جواهر اردو ادب جي سرڪار جي
نظر ڪيا ۽ آهي مان هُئي ٿي وئي. شايد هوءَ ”ڪيستم“ من ڪيستم، من ڪيستم در تحير مانده
ام من ڪيستم“ جو ورد ڪندي موڪلائي وئي هُجي. شايد سچل سرمست جيان هُن به پُڇيو هُجي
ته ”ڇا مان ڪٺ پتلي آهيان يا کينھون، لاٽو يا گهوڙو، جنهن تي سوار موجود آهي يا محل
جنهن جي اندر ويٺل بادشاهه ايتريون زبانون ڳالهائي ٿو، يا سمنڊ جون موجون، جيڪي ساحل
کي آلو ڪري وڃن ٿيون يا مينديءَ جا پتا يا گُلاب جون ٽاريون، پاڻيءَ سان ڀريل بادلن
مان وسندڙ مينا، جنهن ۾ سج ۽ چنڊ جهلڪندا آهن، يا قدرت جو پاڇو!“
هُن جي لاءِ غالب چواڻي، اُن کان سواءِ ٻيو ڇا چئجي ته، ”ايسا ڪهان سي
لائين، تجهه سا ڪهين جسي.“
قرة عيني
هندوستان ڇو وئي؟
اختر
بلوچ
قرة العين حيدر جو شمار اردو
ادب جي انهن ليکڪائن ۾ ٿئي ٿو، جن پنهنجي مڃتا سان افساني ۽ ناول نگاري کي هڪ
منفرد حيثيت بخشي. قرت العين حيدر آگسٽ ۲۰۰۷ع ۾ هن دنيا مان
جسماني طور تي هلي وئي، پر سندس لکڻيون ۸ سالن کانپوءِ به کيس زنده
رکنديون پيون اچن. قرت العين حيدر (جنهن کي پيار ۾ عيني به سڏيو ويندو هو) ننڍي
کنڊ جي ورهاڱي کانپوءِ پاڪستان منتقل ٿي هئي، پر ڪجهه سال اتي گذارڻ بعد ڀارت واپس
هلي وئي ۽ اتي جي شهرت حاصل ڪري ورتي.
پاڪستان ۾ پنهنجي قيام دوران هن
پنهنجي شهره آفاق ناول ”آگ ڪا دريا“ لکيو. آگ ڪا دريا ناول آهي يا گڏيل هندوستان
جي تاريخ، ان حوالي سان گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي، اهو ناول صدين جي تاريخ تي مشتمل
آهي، ناول جو هيرو گوتم نيلمبر برعظيم جي تبديلي ۽ ثقافتي رويي کي هڪ اهڙي نمائندي
طور نظر ايندو آهي، جيڪو صدين کان سفر ۾ آهي. اسان مان جن جي به نظر ان ناول تي
پئي، انهن کي پاڻ اهو اندازو ٿيو هوندو ته قرت العين حيدر ان ناول ۾ صرف ناول نگار
ئي نه پر هوءِ هڪ اهڙي مورخ نظر اچي ٿي، جنهن اهو ناول لکڻ لاءِ صدين جي تاريخ جو
گهرو مطالعو ۽ مشاهدو ڪيو هجي. هوءَ جنهن انداز ۾ ناول جي پڄاڻي ڪندي هئي، اها به
ڪمال آهي. ناول جي هيرو گوتم نيلمبر جي هڪ شمشان گهاٽ جي ويجهو گذرڻ جي منظر کي
هوءَ هن طرح بيان ڪري ٿي:
”هو گوري شنڪر جي اونچي چوٽي تي چڙهي ڪڪرن ۾
لڪي ويو، چوٽي تي ويهي رهيو، هن ڏٺو ته خلا آهي، جنهن ۾ هو هميشه لاءِ تنها موجود
آهي، دنيا جو ازلي ۽ ابدي انسان، ٿڪل شڪست کاڌل، پراميد. انسان جيڪو خدا ۾ آهي ۽
پاڻ خدا آهي، هو مسڪرائيندي هيٺ لٿو ۽ هن اکيون کوليون، جاڳڻ وارن جو جاڳڻ مبارڪ
هجي، قانون جي پرچار مبارڪ هجي، سنگهه ۾ امن مبارڪ هجي، انهن ماڻهن جي رياضت مبارڪ
هجي، جن کي شانتي ملي آهي، شاڪيه مني چيو ته هو جيئن مٿان لٿو ته هڪ ڊگهو ساهه
کنيو ۽ آهستي آهستي قدم رکندي بستي طرف واپس هليو ويو.“
مظفر حنفي پنهنجي هڪ لکڻي ۾ آگ
ڪا دريا تي تنقيد ۽ ان جي واکاڻ به ڪئي آهي، سندس چواڻي ته بيشڪ آگ ڪا دريا پنهنجي
ننڍين ڪمزورين باوجود اردو ناول جي ميدان ۾ هڪ عظيم ڪارنامو آهي ۽ اها به هڪ
ناقابل ترديد حقيقت آهي ته آگ ڪا دريا جي ردعمل ۾ ئي اسان جي ادب ۾ ڪيترن ئي ٻين
ناولن جو اضافو ٿيو آهي، جن ۾ اداس نسلين، سنگم، علي پور جو ايلي، خدا ڪي بستي،
لهو ڪي ڦول ۽ ڪيترن ئي ٻين ناولن جا نالا وٺي سگهجن ٿا، آگ ڪا دريا صرف هڪ ناول نه
هو، پر اهو هڪ اهڙو ڌماڪيدار ۽ بارودي مواد هو، جنهن کي ڇهندي ئي گهڻا ڌماڪا ٿي
ويندا هئا، شعوري علم کان محروم ماڻهو ان ڌماڪي جي آواز سان ئي مري ويندا هئا ۽
جيڪي بچي ويندا هئا، اهي سڄي عمر ان جو ماتم ڪندا رهندا هئا.
اختر حامد خان پنهنجي ڪتاب ”چند
تبصري“ جيڪو سندس تنقيدي مضمونن جو مجموعو آهي، ان ۾ قرت العين حيدر جي لکڻين بابت
راءِ ڏيندي چيو آهي ته سندس ابتدائي تحريرن ۾ هڪ مخصوص طرز عمل جي انگريزي ۽
رومانيت نظر اچي ٿي. زبان ۾ رواني ۽ شائستگي موجود آهي، سندس ناول هڪ خوبصورت خواب
وانگر لڳن ٿا، پر آگ ڪا دريا بابت هو هئين لکي ٿو:
”آگ ڪا دريا، سندس پوين سمورن ادبي لکڻين کان
مختلف آهي، جنهن کي پڙهي قاري به ننڊ مان سجاڳ ٿي وڃي ٿو ۽ اهو سوچڻ تي مجبور ٿي
وڃي ٿو ته قرت العين حيدر ايترو وڏو ناول آخر ڪهڙي مقصد لاءِ لکيو. پاڪستان ۾ رهي
”آگ ڪا دريا“ لکڻ، منهنجي سمجهه ۾ بلڪل نه آيو.
”ان ناول ۾ شروع کان وٺي آخر تائين مسلمانن
جو ڪردار ۽ ڪمزور نظريو هو، اهو پتو لڳائڻ آهي ته قرت العين حيدر چوڻ ڇا ٿي چاهي؟“
آگ ڪا دريا جي ليکڪا قرة العين حيدر پنهنجي ڪتاب ”ڪار جهان دراز هي“ جي صفحي نمبر ۶۸۹ کان ۶۹۲ تي ان داستان کي
هيئن بيان ڪري ٿي:
”آچر جي هڪ صبح جميل الدين جو فون آيو، توهان
اڄ جي جنگ ۽ مارننگ نيوز ڏٺي؟“
”اسان وٽ اهي ٻئي اخبارون ناهن اينديون، ڇا
ٿيو؟ خيريت؟“
”آئون هينئر اچان ٿو.“
ڪجهه منٽن کانپوءِ واپس آيو،
ٻنهي اخبارن ۾ هڪ ئي صاحب، جنهن جو نالو پهرين ڪڏهن به نه ٻڌو هو، ان جو ڊگهو بيهوده
مضمون آگ ڪا دريا تي شايع ٿيو هو، جيڪو مڪتبه جديد لاهور کان ٽي مهينا اڳ ڇپيو هو،
ٻن اخبارن ۾ اردو ۽ انگريزي ۾ هڪجهڙو مضمون ڇپجڻ قابل غور معاملو هو، مون ٻئي
مضمون پڙهيا.
”اهو ڪهڙو صاحب آهي ۽ اها ڪنهن جي سازش آهي،
سمجهه ۾ نٿو اچي“ عالي چيو.
”مون ڪنهن جو ڇا بگاڙيو آهي، سازش وازش
هوندي، اهڙي قسم جي ماڻهن کي نظرانداز ڪرڻ گهرجي“، مون چيو:
”نه، اهو ڪافي خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو، حاسدن
جي فتنن مان هميشه خبردار رهڻ گهرجي.“
”پر ان فتني جو ڪارڻ ڪهڙو آهي؟“ مون تعجب مان
پڇيو.“
”آئون گلڊ طرفان ان صاحب کي نوٽيس موڪليان ٿو،
توهان مضمون سرسري طور پڙهيو آهي، ٿورو غور سان پڙهو“، عالي مون کي چيو.
ٻئي ڏينهن اردو مضمون جو بقايا
ڊگهو حصو جنگ ۾ شايع ٿيو، ملڪ ۽ شهر ۾ ٿرٿلو مچي ويو، احبابن ۽ ٻين گارڊ روڊ تي
اچي مضمون تي مختلف راءِ ڏني، مختار من پنهنجا قانوني مشورا پيش ڪيا، سڀئي بي انتها
پريشان ٿي ويا، راولپنڊي مان هڪ دوست آگاهه ڪيو ته معلوم ٿيو آهي ته اهو صاحب
پهرين ڪنهن صوبائي وزير جو پي آر او هو ۽ ان کان اڳ هو ڪن ماڻهن کي بليڪ ميل ڪري
چڪو آهي، وڌيڪ الله بهتر ڄاڻي ٿو.
عالي ڪمال احمد فاروق (عرف بوبي
جيڪو لنڊن مان قانون پڙهي واپس اچي چڪو هو ۽ بئرسٽري ڪري رهيو هو) هن کان مشورو
ورتو، بعد ۾ رائٽرز گلڊ طرفان جنگ ۾ هڪ احتجاجي نوٽ ڇپرايو ۽ مضمون نگار کي نوٽيس
موڪليو، انهي دوران مضمون نگار ڪجهه ماڻهن کان لکرائي يا فرضي نالن سان جنگ ۾ ڪجهه
خط بطور جواب الجواب شايع ڪرايا ته گلڊ ڪجهه اديبن جي ميراث بڻجي وئي آهي.
اهو هڪ عجيب و غريب مضمون هو،
جنهن ۾ اهو به انڪشاف ڪيو ويو هو ته ڪميونسٽ ڪامريڊ رشيد جهان ليکڪه جي سڳي ماسي
هئي، ۷ مئي تي مضمون نگار ان مضمون بابت ليکڪه جي نالي معافي
نامون لکرائي مرزا جميل الدين عالي وٽ پيش ڪئي ۽ ان جي هڪ نقل ڪاپي جنگ ۾ شايع
ڪرائي وئي. ٽئين پهر ۾ عالي تشريف فرما ٿيو، ”مغل ٻار مرزا صاحب فرمايو ته جان تي
کيڏي به قول نڀائيندو آهيان، ياد ڪريو ته همايون راجپوت راڻي لاءِ ڇا چيو هو“
”جزاڪ الله، مون عرض ڪيو“
ان ڏينهن قصو ختم ٿي ويو، پر
تمام جلد پاڪستان ۽ هند ۾ ان ناول بابت هڪ عجيب و غريب سوچ تيار ٿيڻ لڳي.
هڪ باب ۾ مون رڳو ٻه لفظ لکيا
هئا ته ”هندوستان ۱۹۴۷ يعني ٿورو لکيو گهڻو سمجهيو، ورهاست بابت پورو باب
مارشل لا جي سنسر حذف ڪري ڇڏيو، رڳو هڪ جملو باقي بچيو، سڀ کان عبرتناڪ افواهه
جيڪا هندوستان ۾ پکڙجي، اها هئي ته حڪومت پاڪستان آگ ڪا دريا کي بين ڪري ڇڏيو آهي.
هڪ نامور پروفيسر ناول تي هڪ
واکاڻ وارو مضمون لکيو، ان ۾ ساراهه جو دريا وهايو، مون شاهد احمد دهلوي کي
درخواست ڪئي ته ان کي شامل نه ڪيو وڃي، شاهد صاحب ڳالهه مڃي ورتي، هڪ ملازم ساقي
جي ڳنڍ کولي ۽ سمورين ڪاپين مان تبصرا ڦاڙي الڳ ڪري ڇڏيا، ٻن مهينن کانپوءِ جڏهن
جنگ ۾ اهو مضمون ڇپيو ۽ نامور ليکڪ لکيو ته ان ناول بابت هوا جو رخ تبديل ٿي چڪو
آهي، پوءِ مون چيو ته شاهد صاحب هن ڀيري توهان ضرور ان مضمون کي ڇاپيو، پوءِ اهو
مضمون ساقي ۾ شايع ٿيو.
ٻي روايت هندوستان ۾ اها تيار
ٿي جو ان ناول جي اشاعت بعد پاڪستان ۾ ليکڪه جي زندگي تنگ ڪئي وئي ۽ پوءِ هن اتان
ڀڄي هندوستان ۾ پناهه ورتي. هندوستان ۾ اهو اڃا تائين مشهور آهي ته ان ناول تي
پاڪستان ۾ پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي.
ٻئي طرف ڪوڙيون ڪهاڻيون تيار
ٿيون، ان ڪتاب جي رائلٽي ٻنهي ملڪن ۾ ليکڪه کي مالامال ڪري ڇڏيو، عبرتناڪ حقيقت
اها آهي ته ڊسمبر ۱۹۵۹ع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين مڪتبه جديد لاهور ان ناول جا
مفت ايڊيشن شايع ڪيا آهن، هندوستان ۾ ۶۱ کان اڄ تائين جعلي ايڊيشن
لکنئو جالنڌر ۽ ڄمون به شايع ٿي چڪا آهن، پر انهن چورن کي اڄ تائين ناهي پڪڙيو
ويو. جديد اردو ادب جي تاريخ ۾ اهو پهريون ڊگهو ناول آهي، جنهن جي رائلٽي جو هڪ
پئسو به ان جي لکڻ واري کي نه مليو.
عيني جي پاڪستان ۾ ڀارت کان
منتقلي جي حوالي سان هڪ ئي ڪهاڻي مشهور آهي ته آگ ڪا دريا سندس ڀارت وڃڻ جو سبب
بڻيو، پر ان حوالي سان قرت العين حيدر جو قلم ۽ زبان ٻئي خاموش آهن، هن ڪڏهن به
پاڪستان مان ڀارت منتقل ٿيڻ تي تبصرو نه ڪيو ۽ نه وري ڪجهه لکيو. ڀارت وڃڻ کان اڳ
هوءِ انگلستان وئي هئي.
آخر اهي ڪهڙا سبب هئا جو قرت
العين کي پاڪستان ڇڏڻو پيو ۽ کيس ٻيهر ڀارت جي شهرت حاصل ڪرڻي پئي؟ ان حوالي سان
قدرت الله شهاب پنهنجي ڪتاب ”شهاب نامه“ ۾ لکي ٿو ته:
”جڏهن مارشل لا لاڳو ڪيو ويو ته ان سان گڏ ئي
اخبارن تي برو وقت آيو ۽ سينسر قائم ڪيو ويو، ان وقت افواهه پکيڙڻ به جرم هو،
مارشل لا لڳندي ئي هڪ صبح جو قرت العين حيدر مون وٽ آئي، سندس وار وکريل هئا، چهرو
اداس هو، اکيون پريشان هيون، ايندي ئي چوڻ لڳي ته ”هاڻي ڇا ٿيندو؟“
قرة العين حيدر ان روحاني اذيت جي بهتر نموني تصوير ڪڍي آهي، معلوم
ٿئي ٿو ته کيس روحاني ڪرب هندوستان وٺي ويو، جڏهن عيني جي ويجهن مائٽن سان رابطو
ٿيو ته خبر پئي ته عيني پاڪستان جو ذڪر وڏي چاهه سان ڪندي هئي، هڪ ٻئي پهلو جي پڻ
خبر پئي آهي ته عيني جو والد سني ۽ سندس ماءُ شيعا عقيدي سان تعلق رکندڙ هئي، ان
ڪري عيني هميشه ان جو جواب ڳولڻ ۾ هئي ته آخر ڪهڙو عقيدو قبول ڪيو وڃي؟ عيني جي
ڀارت منتقلي جو وڏو ڪارڻ ته آگ ڪا دريا نظر اچي ٿو، پر حقيقت اها آهي ته هوءَ اتي
به پاڪساني معاشري ۾ جي رهي هئي.
No comments:
راءِ ڏيندا