; سنڌي شخصيتون: مير عنايت ٽالپر- سرفراز وسطڙو

06 October, 2014

مير عنايت ٽالپر- سرفراز وسطڙو

مير عنايت ٽالپر
سندس وڇوڙو ۽ ٽنڊومحمدخان جي سياست
سرفراز وسطڙو

ٽنڊو محمد خان، سياسي سماجي ۽ مذهبي حوالي سان هڪ اهم شهر جي حيثيت رکي ٿو، جتي هر سياسي جماعت، جنهن ۾ پيپلز پارٽي، نواز ليگ، ق ليگ، قومپرست جماعتن سميت آزاد حيثيت ۾ وڏيون شخصيتون موجود رهيون آهن، انهن شخصيتن ۾ ٽالپر خاندان پڻ وڏي اهميت رکي ٿو، اهو ئي سبب آهي ته مير اعجاز ٽالپر جو خاندان سياسي حوالي سان هر سياسي مذهبي ۽ قومپرست جماعتن جي نظر ۾ وڏي اهميت ۽ عزت رکي ٿو، مير اعجاز ٽالپر جو فرزند مير عنايت ٽالپر ٽنڊي محمد خان جي سياست ۾ هڪ وڏو نالو ٿي اڀريو جيڪو ضلعي ناظم رهڻ سان گڏوگڏ هر سياسي جماعت لاءِ قابل احترام شخصيت طور سامهون آيو، ضلعي ناظمي دوران ان ٽنڊو محمد خان ۾ جيترا ترقياتي ڪم ڪرايا ۽ هر ضرورتمند جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو، انهي ڪردار جو ئي نتيجو آهي ته جڏهن سندس سنگاپور ۾ ڪينسر جي مرض ۾ فوت ٿيڻ جو اطلاع ٽنڊو محمد خان واسين کي پهتو ته پهريون ڀيرو ٽنڊو محمد خان ۾ اهڙي شخصيت جي لاڏاڻي تي سندس مخالف جماعت پ پ پ طرفان به ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو ۽ سندس مڙهه وطن پهچڻ کان پوءِ تدفين وارين رسمن ۾ هر سياسي، سماجي، مذهبي جماعت جا اهڙا ماڻهو به نظر آيا، جيڪي سياسي حوالي سان سندن ضرور مخالف هئا پر تڏي تي مير عنايت ٽالپر جي وڇوڙي تي اهو چوندي ٻڌا ويا ته ٽنڊو محمد خان جو همدرد ٽنڊي محمد خان کي اڪيلو ڪري ويو، ٽنڊو محمد خان جي ٽالپر خاندان سان حيدرآباد جي قاضي خاندان جو هڪ ويجھو تعلق رهيو، ائين جيئن قاضي عبدالمجيد عابد (مرحوم) جو مير اعجاز ٽالپر سان ڀائرن وارو تعلق رهيو، ائين مير عنايت ٽالپر جو عبرت گروپ آف پبليڪيشن جي سربراهه قاضي اسد عابد سان پڻ ڀاءَ جهڙا تعلقات رهيا، مون کي ياد آهي ته جڏهن به مان مير عنايت ٽالپر سان سندس ضلعي ناظمي واري دور ۾ ٽنڊو محمد خان ملاقات لاءِ ويندو هئس ته هو ملاقات وقت پهرين پڇا ڪندو هو ته ڀاءُ قاضي اسد عابد جا ڪهڙا حال آهن، ائين جئين مير مراد ٽالپر ۽ قاضي عبدالمجيد عابد (مرحوم) پنهنجي ڀائيپي واري دوستي ۾ هلندا هئا، ائين قاضي عبدالمجيد عابد ۽ مير اعجاز ٽالپر جا تعلقات ڀائراڻا رهيا، جيئن مير عنايت ٽالپر ۽ قاضي اسد عابد پاڻ کي ڀائر سمجھندا هئا، تئين مير مراد ٽالپر جو فرزند مير راجا ٽالپر ۽ قاضي اسد عابد پڻ ڀائپي جو رشتو برقرار رکندا آيا، مير عنايت ٽالپر جي لاڏاڻي تي ٽنڊو محمد خان اڄ به سوڳوار بڻيل آهي، سندس ٽيجھي جون رسمون پوريون ٿي وڃڻ کان پوءِ به اڃا ٽنڊو محمد خان جا رهواسي يقين نه پيا ڪن ته ڪو مير عنايت ٽالپر جيڪو ٽنڊو محمد خان واسين جي لاءِ هڪ خيرخواهه ۽ معتبر شخصيت هو، ٽنڊو محمد خان واسين کي اڪيلو ڪري ويو آهي، سندس وڇوڙي تي نه صرف پنهنجي خاندان پر سياسي مخالفن جي تبصرن مان ظاهر ٿيو ته هو هر ٽنڊو محمد خان واسي جي ڀلائي ۽ ٽنڊو محمد خان شهر جي ترقي لاءِ جيڪو ڪردار ادا ڪري ويو، اهو ڪردار ڪنهن کان به وسري نٿو سگهي، سندس ضلعي ناظمي واري دور ۾ تمام ويجھو رهندڙ هڪ آفيسر منير ڀٽي جو چوڻ آهي ته پنجن سالن جي ضلعي ناظمي واري دور ۾ هو ساڻس گڏ رهندي محسوس ڪري ٿو ته مير عنايت ٽالپر جهڙا ماڻهو تمام گهٽ پيدا ٿيندا آهن، ۽ پنجن سالن جي ضلعي ناظمي واري دور ۾ هن ساڻس ڪم ڪندي محسوس ڪيو ته هن ڪنهن کي به رنجايو نه. هر ڪنهن کي عزت ۽ احترام جو درجو ڏيندي، هر ڪم ۾ دلچسپي ڏيکاري، ماڻهن کي خوش رکيو. منير ڀٽي جو وڌيڪ چوڻ آهي ته مير عنايت ٽالپر کي ڪڏهن به هن ڪاوڙ ۾ نه ڏٺو، باقي هڪ خوبي انهن ۾ اها ضرور هئي ته هو جنهن ڪم کي اڪلائڻ چاهيندا هئا ته ان ۾ ڀلي کين ڪيترو به نقصان برداشت ڪرڻو پيو، هن اهو ڪم ڪري ڏيکاريو ۽ جنهن ڪم کي نه ڪرڻو هوندو هو ته هو ان وقت سندس گهر جو ڀاتي ڇو نه هجي صاف ۽ واضح جواب ڏئي ڇڏيندو هو ته هو اهو ڪم نٿو ڪري سگهي، مير عنايت ٽالپر هڪ اهڙي موذي مرض ڪينسر ۾ مبتلا ٿيو، ان بابت سندس گهرڀاتين سميت ڪنهن کي به خبر نه هئي پر ڊاڪٽرن کان تپاس ڪرائڻ وقت عيد کان ڪجھ ڏينهن پهريان خبر پئي ته کيس اها بيماري وڪوڙي چڪي آهي، جنهن جي علاج جي لاءِ هو سنگاپور ويو ۽ سنگاپور ۾ ئي علاج دوران هن پنهنجو دم ڌڻي حوالي ڪيو، اڄ ٽنڊو محمد خان جو هر ماڻهو کيس ان ڪري ياد ڪري ٿو ته هن پنج سالن جي ضلعي ناظمي واري دور ۾ ٽنڊو محمد خان جي شهرين ۽ ٽنڊو محمد خان شهر جي ڀلائي ۽ ترقي جي لاءِ وسان ڪين گهٽايو، سندس تدفين وارين رسمن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جيڪا سياسي حوالي سان سندن مخالف جماعت رهي، جا ذميوار قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جا ميمبر وزير ۽ پارٽي اڳواڻ شريڪ ٿيڻ مان اندازو ٿئي ٿو ته مير عنايت ٽالپر پنهنجو جيڪو اخلاق ۽ احترام وارو رشتو برقرار رکيو، ان جو سلو کيس ملي ويو آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا