; سنڌي شخصيتون: مير محمد پيرزادو

22 October, 2014

مير محمد پيرزادو


مير محمد پيرزادو
ڏي ٽهڪ ته منهنجي ڏات کِلي
ياسر قاضي
مير محمد پيرزادو سنڌ ادب ۾ هڪ گيت جي شاعر جي حيثيت سان سڃاتو وڃي ٿو ۽ سندس اها سڃاڻپ ڪنهن هڪ صنف ۾ مهارت هئڻ جي حوالي سان کيس محدود ڪو نه ٿي ڪري ڇاڪاڻ ته مير محمد نه رڳو گيت عمدگيءَ سان لکيو آهي پر هن سنڌي شاعريءَ جي ڪلاسيڪي توڙي جديد هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي ۽ هر صنف سان اهڙو سهڻي نموني نباهه ڪيو آهي جو مان هن کي نه صرف گيتن جو بهترين شاعر چوندس بلڪ کيس آل رائونڊر شاعر ڪوٺيندس. ڇاڪاڻ ته هن جنهن به صنف تي قلم کنيو ان صنف کي امر ڪري ڇڏيو. اهڙا شاعر سنڌ ۾ گهٽ پيدا ٿيا آهن جن گيت کي پنهنجي سڃاڻپ بنايو هجي خاص طور تي اهي گيت جا ئي شاعر آهن. سنڌ ۾ گيت جي بي تاج بادشاهه بردي سنڌيءَ کان پوءِ سندس همعصر شاعرن يا کانئس پوءِ وارن شاعرن مان سواءِ سائين مير محمد جي ٻيو ڪو به اهڙو پختو شاعر ڪونه ٿو ملي جنهن گيت کي ايڏو سنجيدگيءَ سان لکيو هجي. پيرزادي صاحب جي شاعريءَ جا ٻه مجموعا “مکڙيون ماڪ ڦڙا” ۽ “ليار نيڻن ۾ ڦٽا” منظر عام تي اچي مڃتا ماڻي چڪا آهن جن ۾ ان گيت کان سواءِ دوها، بيت، وايون، نظم ۽ غزل پڻ جهجهي تعداد ۾ ڏنا آهن جيڪي پڻ گيتن جا سڀ جا سڀ ساهه ۾ سانڍڻ جهڙا آهن. اچو ته پيرزادي صاحب جي شاعريءَ جي ڪتاب “ليار نيڻن ۾ ڦٽا” جا ورڪ ورايون. هن ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي سينئر معروف شاعر ڊاڪٽر تنوير عباسيءِ لکيو آهي. جنهن مان هن مٿي چيل ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي، چوي ٿو ته “بردي سنڌيءَ کانپوءِ هن ئي شاعر گيت جي صنف سان لئون لاتي آهي. کانئس پوءِ مير محمد پيرزادو گيت جي صنف جو بهترين شاعر آهي.” ساڳي ڳالهه جي تصديق تاج جويو ڪتاب جي آخر ۾ سائين مير محمد جي شخصيت تي لکيل مقالي ۾ به ڪري ٿو ته مير محمد پيرزادو، هري دلگير، گورڌن محبوباڻي، شيخ اياز ۽ بردي سنڌيءَ کانپوءِ گيت جو وڏي شاعر آهي. هن جا بيت دوها ۽ وايون به آئون چوندس ته سندس گيتن توسيع آهن ته پوءِ اچو ته گيت جي ان بهترين شاعر جي گيتن کي پڙهي ڏسون. گيت ڳائجڻ واري صنف آهي، جنهن کي هرڪوئي هر وقت آسانيءَ سان جهونگاري سگهي، ان لاءِ گيت جي سڀ کان پهرين ضرورت اها لئه ۽ رڌم آهي جيڪا ڳائيندڙ لاءِ اٽڪاءَ جو باعث نه بڻجي ۽ ٻڌندڙ به ان لئه جي تسلسل تي جهومي، انهن ٻنهي شرطن کي سائين مير محمد اهڙي سهڻي انداز ۾ پورو ڪيو آهي جو سندس هر گيت پنهنجو الڳ حسن رکي ٿو ۽ سندس هر گيت وري وري ڳائڻ جهڙو آهي. جدائيءَ جي آلاپن ۽ پرينءَ جي اچڻ جي آس سان واسيل هن گيت ۾ بيقراريءَ جو بيان ڪيڏو پيارو ٿيل آهي.


ڪانگ اڏايان ڦالون پايان،
جوڀن ۾ ئي جيڏا سرتا پريت ڪيئي ڇو ڪانگهاري،
تو سان دلڙي لائي مون آ، پيار جي پونجي هاري،
آءُ جواري، پريم ڏوهاري، آهه ڪيان يا زاري،
چئه ته ڀلا مان ڪهڙو تو سان، سينو ساهيان، ڦالون پايان!
گيت جي صنف ۾  ڪوئي مقرر ڪيل گهاڙيٽو ناهي هوندو ۽ نه ئي بند يا ٿلهه ۾ سٽن جي تعداد يا ماترائن جي مخصوص وزن جي پابندي آهي فقط وراڻيءَ جو ورجاءُ لازمي آهي. پيرزادي صاحب انهيءَ آزاديءَ مان فائدو وٺندي، گيت کي ننڍي توڙي وڏي هر وزن تي لکيو آهي ۽ سٽن جي تعداد ۾ به مناسب ڦير ڦار آڻي اسانکي هر گيت ۾ نواڻ ڏني آهي. سندس هي گيت به ڪيڏو نه خوبصورت تاثر ٿو ڏئي.
رات تارن ڀري!
مڃ کڻي او چري،
مونکي ڀاڪر ڀري، پنهنجي ڪر گود ۾،
هير تو۾ گهلي رات سانوڻ سندي،
سينڌ ۾ گل هڻي، ماڪ ۾ مهڪندي،
ڪيتري آن ٺري،
سچ ته او سانوري،
مونکي ڀاڪر ڀري، پنهنجي ڪر گود ۾.
هن گيت ۾ روايتي موضوع کان هٽي ڪري ڪيڏي پياري ڳالهه چئي آهي.
گيت ٺاهيان پيو،
گيت ٺاهيان پيو،
گهٽا کي جڏهن گهاو کوڻيون ڏين،
سندس نيڻن مان نير ٽم ٽم وهن،
دکي ٿي تڏهن دوست! دانهيان پيو،
گيت ٺاهيان پيو،
گيت ٺاهيان پيو.
گيت وانگر دوهو به هندي صنف آهي ۽ اسان جي پنهنجي صنف آهي پر اڄڪلهه دوهي کي به ايترو ڪثرت سان ڪونه ٿو لکيو وڃي جيترو اهڙيءَ سهڻيءَ صنف کي لکيو وڃڻ گهرجي. سائين مير محمد هن ڪتاب ۾ جيترا دوها ڏنا آهن سي سڀ جا سڀ پنهنجي الڳ الڳ سونهن رکن ٿا.
سڳنڌ مٽيءَ جي سرهي سرهي،
ساهه اندر وئي پيهي،
پرڏيهيءَ جو پيار به ڪهڙو،
يار هجي ڪو ڏيهي،
چنڊ ڪلاسان هير ملي ٿي ڇيڙي دل جا ساز،
روڪ ڀلي جي رڪجي سگهجن، اندر جا آواز
دوهو ان حوالي سان مشڪل صنف آهي جو هن صنف ۾ ٻن سٽن ۾ پنهنجون سموريون محسوسات سمائجن ٿيون ۽ مختصر سٽن ۾ سڄي ڳالهه چوڻ ڪو سولو ڪم ڪونهي پر شاعر ٻن سٽن ۾ ڪٿي ڪٿي تمام وڏو خيال به انوکي انداز ۾ ماپرايو آهي. سندس ڪافي دوهن ۾ سٽن مان منظر نگاري ائين ڇلڪي ٿي ڄڻ ته اهو منظر وڊيو فلم جيان اسان جي آڏو ڦرندو هجي. سندس اهڙي سچي منظر نگاري سان ڀرپور ڪجهه دوها هيٺ ڏجن ٿا:
ڇپر وٿين مان چانڊوڪيءَ جا چئاڪا ڀت تي ائين،
ڪاريءَ شيدڻ رات جي منهن تي، ڪوڙهه لڳي ويو جيئن،
سينو تنهنجو ڌرتي، جنهن تي جوڙي ٽڪرين جي،
سوچ اسان جي پنڇي کيڏي راند انهن تي ئي.
وئگن جي آ سيٽ پٺيئن تي ٽهڪن موسيقي،
ڄڻ ته پهاڙي جهرڻي جي آ، لهر نئين موٽي،
هتي ڇپر جي وٿين مان چانڊوڪيءَ جو ڀت تي پوڻ ڪاري شيدڻ جي منهن تي ڪوڙهه سان تشبيهه يا ٽهڪن کي مڌر موسيقي سڏڻ، اهڙيون تشبيهون آهن جيڪي اڳ پڙهڻ لاءِ نه مليون آهن. اها نواڻ ئي شاعر کي انفراديت بخشي ٿي. سائين مير محمد جا مسلسل ڪجهه دوها آهن جن مان هر هڪ ۾ ان ڪنهن نه ڪنهن جڳهه جو ذڪر ڪيو آهي. يقينن اهي دوها اتان جي سير کان پوءِ لکيا ويا آهن. جڏهن ته  انهن سڀني دوهن کي ملائي هڪ منظوم سفرنامو چئجي ته ان ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونه ٿيندو.
انهن دوهن ۾ ٽيڪسلا جي کنڊرن، ميوزيم، جوليان لڪ، نٿيا گلي، تڪيا محرم شاهه، ڪڇ پهاڙيءَ، ڪوهه مريءَ، راولپنڊيءَ، ايڪو جبل ۽ ٻين جاين جو ذڪر آهي. اچو ته انهيءَ منظوم سفرنامي جا ڪجهه دوها پڙهون.
ميوزيم جي مون ڪنڊ ۾ ويهي مورت ڏانهن ڏٺو،
مک تي سچ ڪڙو هو جن جي من پر هوس مٺو،
چنڊ سندو اڌ کائي ويو آ، ڄڻ ته بکيو هي لڪ،
نٿيا گليءَ جي نينگرڙيءَ جو، آڙوءَ اڌ ۾ چڪ،
گيت ۽ دوهي جيان، سائين مير محمد جا بيت  پڙهي ڏسبا ته انهن جي سونهن جي ساک به هر پڙهندڙ ڏيندو، بيت سنڌ جي قديم صنف آهي جنهن کي ڀٽائي ۽ سچل کان وٺي موجوده ٽهيءَ جي هر شاعر لکيو آهي ۽ هر دور ۾ بيت جي ٻوليءَ توڙي انداز ۾ واضع فرق آيو آهي. اڄڪلهه بيت کي جديد انداز ۾ لکيو ٿو وڃي پر پيرزادي صاحب جي بيتن جي خاص خوبي اها آهي ته نئين انداز ۾ به ٻولي اهائي ٻهراڙيءَ واري استعمال ڪئي اٿائين،  جيڪا هاريءَ ناريءَ ۽ مزدور جي سمجهه جهڙي آهي ۽ هڪ ڪلاسيڪل صنف کي نئين انداز ۽ خاص ڳوٺاڻي ٻوليءَ ۾ لکڻ هڪ ڪمال آهي.
اڇو اوڍيو آهه جو، وينگس وڳو پس،
پرين اٿيو پلنگ تان، آهه ڀڃي آرس،
نيريءَ ساڙهيءَ مان بکي لال بدن ٿو ائين،
نير نديءَ مان لڙهندي سهڻيءَ جو تن جيئن،
جر ڀلا پو ڪيئن، ڍڪي روپ رتولڙو،
مٿي ڏنل بيتن ۾ نيري ساڙهيءَ مان جهاڪا پائيندڙ بدن کي سهڻيءَ جي ٻڏندڙ تن سان تشبيهه ۽ من جي ميڻ بتيءَ جيان ڳرڻ واري ڳالهه ڏاڍي سهڻي آهي ۽ بلڪل نئين آهي. وائي به سنڌ جي پنهنجي صنف آهي ۽ صدين کان لکبي پئي اچي پر اڃا تائين پنهنجي سونهن برقرار رکيو پئي اچي، سائين مير محمد ٻين ڪلاسيڪل صنفن وانگر وائي به لکي آهي ۽ ٻين صنفن وانگر هن صنف سان به باقاعدي انصاف ڪيو آهي.
کيپ ۾ ڪوئي کڙو، رات جو رابيل جا،
باک کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ڳلن تان ڳوڙها ڳڙو،
کيپ ۾ ڪوئي کڙو، رات جو رابيل جا،
ڏات لاءِ ڳوليم ڏهر، پر نه هان پائي سگهيو،
مان اڃو سنسار ۾ هان، تنهنجي نيڻن ۾ آ جر،
پر نه هان پائي سگهيو،
ڇيڪ رنيون ڇوريون بار دل جو ٿيو جهڪو،
سو حياتيون سون جهڙيون، گهور هڪ تان گهوريون،
بار دل جو ٿيو جهڪو،
وائين ۾ به ٻين صنفن وانگر منظر نگاريءَ جا عڪس چٽا ۽ سهڻا بيان ٿيل آهن. جئين سندس وائين جا هيٺيان ڪجهه ٽڪرا:
رنگ ڇهڻ لاءِ گل مٿان ويٺل پوپٽ پر تي،
دستڪ هير ڌري ٿي،
ڦٽين سندي کيت تي چمڪو چنڊ سندو،
کڙ کٻيتو ٽمڪيو،
شرمائي ڪنهن ڳالهه تي توجو ٽهڪ ڏنو،
کڙ کٻيتو ٽمڪيو،
غزل اها سهڻي ۽ سدا بهار صنف آهي جنهن کي هر دور جي جديد صنفن ۾ شمار ڪيو ويو آهي. سائين مير محمد پيرزادي جا غزل به پڙهندڙ کي مڪمل طور هڪ بهترين غزل گو شاعر طور محسوس ٿيندا پر جيڪڏهن سندس وايون، بيت گيت ۽ دوها پڙهبا ته هو مڪمل طور ڪلاسيڪي صنفن جو شاعر لڳندو، بهرحال اهو اڳ به چئي آياسين ته پيرزادو صاحب هر صنف لکي ۽ هر صنف سان سهڻو نباهه ڪيو. سندس غزلن جي ڀاڱي ۾ به هر صفحي مان نج سنڌي لفظن جي خوشبو ۽ تشبيهه جي مهڪ ملندي.
خوشبو در کڙڪائي ٿي،
رت بسنتي ڳائي ٿي،
جڏهين جان واسو ڪري ٿي انهن ۾،
هيئين جا هندورا هُلائن هوائون،
نانءَ چيڙي ٿي نديءَ ٿي رس ڀريون ڪي راڳڻيون،
ڄڻ ته ڇوليون ٿيو وڄائن،
هارمونيم هير تي، شرم ٻوٽي جيئن وڃي ٿي هٿ لڳي شرمائجي،
تيئن وڃي ڪومل جسم ڀاڪر اندر ڪومائجي.


مير محمد پيرزادو
هو جيڪو ڪاغان جو قصاگو آهي
منور سراج
هو جنهن جي سڃاڻپ هڪ شاعر طور آهي، ۽ جنهن کي گيت جو شاعر سڏيو وڃي ٿو ۽ مون وٽ به جنهن جو پهريون ۽ آخري تعارف هڪ شاعر جي حوالي سان آهي پر الائي ڇو، هو منهنجي حواسن ۾ هڪ شاعر کان وڌيڪ هڪ قصاگو طور شامل رهيو آهي!
اهڙو قصاگو جنهن جي اندر جي آڪاس ۾ هزارين قصن جا ستارا جرڪندا ٿا رهن!
اهڙو قصاگو جيڪو اڻٽيهين اونداهيءَ رات ۾ قصو کڻندو آهي ته هوائن جي زبان تي تالا لڳي ويندا آهن ۽ ٻڌندڙ پنهنجي وجود کان بي خبر بڻجي قصي جو حصو ٿي ويندا آهن، ممڪن آهي ته هن ڪڏهن به ڪا ڪهاڻي/ قصو نه لکيو هجي پر فطري شاعر، گائڪ، قصاگو ۽ آرٽسٽ اضافي Instruments جا محتاج نه هوندا آهن اُهي پنهنجي روح ۾ پنهنجو سنسار هوندا آهن. ان سان ڪو فرق نه ٿو پوي . ڪويل ڪوئي گيت نه لکندي آهي ته ڇا اُها سريلي نه آهي؟ درياهه جي لھر ڪائي ڌُن ڪمپوز نه ڪندي آهي ته ڇا اُها رڌم کان محروم سڏبي؟ جولئٽ جي عاشق روميو ڪوئي شعر نه لکيو ته ڇا هن جي دل شاعريءَ کان خالي هئي؟ احساس جي آڏو سَنَدنِ ۽ لقبن جا ٺپا بنهه بي معنيٰ هوندا آهن.
هو منهنجي لاءِ ڪاغان جي انهن قصاگو پوڙهن جئان حسين ۽ دلنشين قصاگو آهي جيڪي ٻاهران ايندڙ مسافرن کي ڍنڍ سيف الملوڪ جي ڪنارن وٽ ويهي پنهنجي مخصوص مٺي لھجي ۽ سيف الملوڪ ڍنڍ سان منسوب قصو ٻڌائيندا آهن ته ڪنهن سهڻيءَ عورت جي سلوڻيءَ اک جھڙي ڍنڍ برفاني جبلن مان قطرو قطرو ٿي وهندڙ پاڻيءَ سان ڀرجندي آهي لڙڪ لڙڪ ٿي خالي ٿيندي آهي.... جنهنجو پاڻي چانڊوڪيءَ جھڙو اُجرو آهي، جنهن ۾ چنڊ پنهنجو عڪس ڏسي مُرڪندو آهي ۽ جنهن جي اوجل پاڻيءَ ۾ هر چوڏهينءَ جي رات پريون وهنجڻ اينديون آهن ڪاغان جي انهن قصاگو پوڙهن جي ڪهاڻيءَ ۾ ايڏو ڪجھه آهي جو دور دراز جا Tourist ڪجھه معاوضو ادا ڪري بار بار اهو ساڳيو قصو پيا ٻڌندا آهن! ۽ قصي جي مڌ مان ڍاپي نه ڍاپندا آهن. بلڪل بلڪل بلڪل ائين آهي اسان جو هي قصاگو جنهن کي اسين ۽ اوهين مير محمد پيرزادو سڏيون ٿا. هو جڏهن اڪثر ادبي محفل ۾ ڳالھائيندو آهي ته محسوس ٿيندو آهي ڄڻ مان ڪنهن ادبي محفل ۾ نه ويٺو آهيان پر ڪنهن عظيم عبادت گاهه ۾ ويٺو آهيان، مقدس مريم جي اداس مُرڪ جي گھيري ۾ آهيان ۽ مصلوب عيسيٰ جي آڏو آهيان. هو ڳالھائيندو آهي ته لڳندو آهي ڄڻ فطرت پنهنجي آس پاس سان مخاطب آهي. سچ ته کيس ٻڌندي ماڻهو سراپا سماعت بڻجي ويندو آهي! پنڊ پاهڻ ٿي ويندو آهي.
در اصل دوستو!
ڪجھه ماڻهو پنهنجي ڳالھين جي هيٺان هوندا آهن ۽ ڪجھه ماڻهو پنهنجي ڳالھين جي مٿان هوندا آهن! جيڪي پنهنجي ڳالھين جي هيٺان پوريل هوندا آهن اُهي ڳالھيون ته وڏيون، گھڻيون، رنگين ۽ دلڪش ڪندا آهن پر نه ڪو انهن جي ڳالھين ۾ ڪوئي اثر هوندو آهي ۽ نه سندن لھجي ۾ ڪو درد هوندو آهي انهن وٽ فنڪاراڻي ٺاهه ٺوهه ۽ ادائگيءَ جو ڍنگ ته هوندو آهي پر انهن وٽ جيءَ جو اهو جنون نه هوندو آهي جيڪو ڳالھين ۾ ڳهر پيدا ڪندو آهي ۽ لھجي ۾ لھوءَ جھڙي گرمي ڀريندو آهي! ۽ اهو اعزاز فقط انهن وٽ هوندو آهي جيڪي پنهنجي ڳالھين جي هيٺان نه پر مٿان هوندا آهن.
اُهي ماڻهو هوندا آهن جن جي ڳالھه ۽ عمل ۾ وٿيSpace  نه هوندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن اهي ماڻهو ڳالھائيندا آهن ته لڳندو آهي وقت جي پيرن ۾ ڏانوڻ پئجي ويا آهن ۽ تاريخ جي رفتار ڌيمي ٿي وئي آهي. هونءَ ته اسان وٽ وات راڌن جي ڪائي ڪمي ڪانهي! (ايڪ ڍونڊو هزار ملتي هين) واري حالت آهي. سنڌ جي کوڙ المين مان هڪ وڏو الميو اها اجائي ڄاڙي بازي به آهي. منهنجو خيال آهي ته گھڻو ڳالھائڻ جو حق فقط ٻن قسمن جي ماڻهن کي هجڻ گھرجي.
هڪ: ڪلاس روم ۾ بيٺل استاد کي.
۽ ٻيو: دل جي ڳالھه ڪندڙ ديواني کي.
۽ مير محمد پيرزادو دل جي ڳالھه ڪندڙ اُهو ديوانو آهي جنهن جي ديوانگي سوين سياڻپن کان مٿاهين آهي. ڇو ته اها ديوانگي درد جي دين آهي . اها ديوانگي عشق جي عطا آهي . ان ديوانگي کان محروم ماڻهو مُڏو ۽ مردار ٿي پوندو آهي، ان ديوانگي کان وانجھيل ماڻهو Pleasing culture جو ڦلترو خوشامد جو کودو Status Quo جو انڌو پيلپائو ۽ پنهنجي مخصوص ڪلاس جو نمائندو ٿي رهجي ويندو آهي هو ته ديوانگيءَ جي دهليز تي بيٺل اُهو عاشق آهي جيڪو گھر ٻاري روشني ڪندو آهي ۽ سَوَ وڃائي ساءُ بچائيندو آهي. ڪاغان جي انهن پوڙهن قصاگوئن جي قبيلي جو اهڙو قصاگو آهي جنهن جي خوابن، خيالن، يادگيرن ۽ احساسن ۾ هڪڙي اداس سيف الملوڪ ڍنڍ موجود آهي ۽ هن جي اها اداس سيف الملوڪ ڍنڍ سنڌ آهي. سنڌ جيڪا هن قصاگو جي سيني ۾ ڌڙڪندڙ دل جئان ڏکاري آهي ......
سنڌ جيڪا ڪنهن اداس ۽ زخمي عورت جي اک مان وهندڙ لڙڪن ۾ آلي آهي جيڪا سيف الملوڪ جئان مانسرور مان قطرو قطرو ٿي سيراب ٿئي ٿي ۽ لڙڪ لڙڪ ٿي لاڙ جئان بنجر ٿئي ٿي ٿر جئان ريگستان ٿئي ٿي! هن جو ڏک هر حالت ۾ Justified آهي.
هُو ڪنهن ازل جي اداس قصاگو جئان اسان جھڙن Tourists کي بنا معاوضي هن ديس جي هڪ هڪ زخم جي ڪهاڻي ٻڌائي ٿو، ڪهاڻي جنهن ۾ سچ آهي، سونهن آهي، درد آهي، آرٽ آهي، محبت آهي، Wisdoms آهي .
هو اهڙو قصاگو آهي جنهن لاءِ سنڌ سياستدان جئان محظ هڪڙو ڪارڊ ناهي ......... سوڪالڊ دانشورن جئان ڄاڙي ٺوڪڻ جو موضوع ناهي، اسان جھڙن اديبن جئان آڱر وڍائي شهيدن جي قطار ۾ شامل ٿيڻ جي سيڙهي ناهي، صحافين ۽ ڪالم نگارن جئان خبرن جو خاصIssue  ناهي، پر هُن لاءِ سنڌ عبادت گاهه آهي ........ ڪعبه قبلو آهي...... دين ايمان آهي هن لاءِ سنڌ فيشن طور ڳالھائڻ، فيشن طور نه ڳالھائڻ، فيشن طور ڏکارو ٿيڻ، فيشن طور طنز ڪرڻ ۽ فيشن طور ان جو دفاع ۽ وڪالت ڪرڻ جو معاملو نه آهي پر سنڌ هن جي لاءِ سر جو سودو ڪرڻ جھڙي وٿ آهي، وقار آهي، اعزاز آهي عشق آهي ۽ درد جو دائرو آهي ......
دائرو جنهن ۾ سڄي سنڌ ئي سنڌ آهي ۽ سنڌ جي مٿان آڪاس ۾ چمڪندڙ سنڌ جو هڪڙو جھونو عاشق چنڊ به آهي، چنڊ جيڪو زخمي زخمي آهي ان زخمي چنڊ جو نالو “جي ايم سيد” آهي جنهن کي پَراوَنِ گھٽ پنهنجن گھڻو گھايو. انهن پنهنجن ويندي ويندي سندس پٺيءَ ۾ اهڙو خنجر کوڙيو جو ان مان اڄ تائين رت ٽمي رهيو آهي ۽ ساري سنڌ جي ڇاتي لھو لھو ٿي وئي آهي . مير محمد پيرزادي جون اکيون انهيءَ پٺيءَ ۾ کتل خنجر جون جاڙيون شاهد آهن.
سو سندس اکين جي نمناڪي ۽ لھجي جي اداسي بي وجھ ناهي . درد جي انهيءَ دائري ۾ سمجھه ۽ سُرت جون اُهي ڳالھيون به ولين جئان ڦهليون پيون آهن جھڙيون ڳالھيون زهر جي پيالي لاءِ منتظر ارسطو اٿينس جي ڳلين ۾ ڪندو هو. ڳالھيون جيڪي ڳليءَ ڳليءَ ۾ هوائون بڻجي هُلنديون هيون ۽ نوجوانن جا نيڻ روشن ڪنديون هيون ته مير محمد جون ڳالھيون سمجھه جون اهي سُرڪون آهن جن جو سواد ماڻي سڪرنڊ سميت سنڌ جي انيڪ ذهنن تان زنگ لھي ويا ۽ سندن اکيون اجريون ٿي ويون، جڏهن کين ڀٽائيءَ جي ڀر ۾ ويهاري ٻڌايو ته:
سُرمو سفيديءَ جو، جڏهن پاتو جن،
تڏهن ڏٺي تن، اڇائي عالم جي.
هي قصاگو جنهن مهل دل جي سمفني تي ڀٽائيءَ جو ذڪر ڇيڙيندو آهي ته سندس سينو سمنڊ ٿي ويندو آهي ۽ اکيون لھرون لھرون ٿي وينديون اٿس هو جنهن پل وجدان جھڙي ڪيفيت ۾ اچي اسان پرهه جي پياڪن کي ان شاعر جا اهڙا بيت ٻڌائيندو آهي.
هڪ ڌرتتي ماءِ، ٻي سندي سڄڻئين،
هلي ۽ واجھاءِ، ٻنهين ڄيرن وچ ۾.
۽ :
“لڙيو سج لڪن ۾، راسيون رتائين،
مون کي ماريائين، اديون اونداهو ڪري.”
۽ پنهنجيءَ دل جي ردم تي انهن بيتن جي حسناڪيءَ تي ڳالھائيندو آهي ته اسان جي لاءِ احساسن ۽ معنائن جا نوان در کلي پوندا آهن، ۽ ڀٽائيءَ سان اسان جي عشق جي تجديد ٿيڻ لڳندي آهي .... ۽ اسين پرهه جا پياڪ، ڀٽائيءَ جي قدمن ۾ سربسجود ٿي ويندا آهيون.
هو اهڙو قصاگو آهي، جيڪو مون کي اڪثر پنهنجيءَ خاموشيءَ ۾ هڪ ڳالھه ۽ پنهنجيءَ ڳالھه ۾ هڪ خاموشي ڀاسندو آهي . اهڙي خاموشي، جيڪا پنهنجي پاڻ ۾ هڪ عظيم عبادت آهي، هن جو پنهنجو به ته هڪ شعر آهي ته :
سانت به ڪڏهين ڳائيندي آ،
ماڻهوءَ-من پِرِڀائيندي آ.
هو جنهن جي ڳالھه ۾ انور پيرزادي کي پاتل گلابي سنڌي ٽوپيءَ ۾ پويل ٽڪن جي روشن حسناڪي به آهي، ته موهن جي دڙي جي ماڻهوءَ سوڀي جي سوچ جو سواد به آهي !
هو، جنهن جي قصي ۾ جمال ابڙي جي ڪهاڻين جي خوشبو به آهي ته مهاڪوي اياز جي شعرن جو رڌم ۽ مٺاڻ به آهي!
هو، جنهن جي تربيت ۾ رسول حمزه توف واري ديس سان دلبريءَ جي سُتي به شامل آهي، ته گرو رجنيش جي گفتگوءَ جو رنگ به آهي؛ سو منهنجي لاءِ هڪڙو اهڙو منفرد ماڻهو آهي، جنهن سان منهنجو ان ڳالھه ۾ اعتبار پختو ٿي ويندو آهي ته عقل، مطق، دليل ۽ بحث ثانوي سطح جي Phenomena آهي، جڏهن ته عشق ادراڪ، جذبو ۽ وجدان اول درجي واري Phenomena آهي، هن سان ملي مون ڄاتو آهي ته عشق جن جو ايمان نه آهي، انهن جي عقل جا سڀ سرٽيفيڪيٽ ڪوڙا هوندا آهن.
دوستو! هُو جيڪو هڪ ئي وقت پنهنجي ذات ۾ هڪ محفل آهي، هڪ ميلو آهي، جھميلو آهي، سو پنهنجي اندر ۾ اڪيلو به آهي. هو هڪڙو شفيق پيءُ هئڻ سان گڏ هڪڙو اداس مسافر پيءُ به آهي ... ڀيڻ جو اڪيلو ڀايڙو به آهي. تنها پٽ به آهي، پنهنجي ابي امان جو! کوڙ سارن دوستن ساٿين کان محروم رهجي ويل دوست آهي، انيڪ حادثن جو اڪيلو شاهد پنهنجي ديس جئان زخمي زخمي، وياڪل وياڪل!
پر پوءِ به هن جي چپن تي سدائين معصوم ٻار جي مُرڪ محوِ رقص هوندي آهي، اهڙي مُرڪ جيڪا ڪنهن فاتح سپهه سالار جي نيڻن ۾ هوندي آهي، ڇو جو هو هن ديس جو اهڙو قصاگو آهي، جنهن جي سيني ۾ سوين ستارن جھڙا قصا جرڪندا ٿا رهن ۽ هو ڄاڻي ٿو ته قصو لازوال هوندو آهي، قصو ڪڏهن به ختم نه ٿيندو آهي، قصو سدائين قائم دائم رهندو آهي. قصو قائم آهي ته پوءِ ڏک ڪهڙو؟ هو پنهنجي لاءِ ڄڻ ڪاغان جو قصو آهي!!

(سائين مير محمد پيرزادي سان ملھايل شام لاءِ لکيل تاثر)

سائين مير محمد پيرزادو
چوڻ ڏکيو آهي
رکيل مورائي
مني صديءَ جي ڄمار ماڻي، مٽيءَ جي مهانتا جا گيت لکندڙ شاعر سائين مير محمد پيرزادو اڄ پاڻ اُن مٽيءَ ماءُ جي جهوليءَ ۾ سمهي رهيو آهي، جنهن جهوليءَ کي اسان زندگيءَ ۾ ابدي آرامگاهه چوندا آهيون.
چانڊوڪين جهڙي جرڪندڙ مرڪ چهري تي رکندڙ سائين مير  محمد چڱي عرصي کان الڳ الڳ بيمارين سان، جهڙيندو رهيو ۽ عملي توڻي تخليقي طور زندگيءَ جي هر خوشگوار رنگ جا گيت لکي موت کي للڪاريندو رهيو، پر جنهن کي موت چئجي ٿو آخر اهو ئي زندگيءَ تي فتح حاصل ڪري ٿو ائين هر انسان حيات مان هٿ ڪڍي ڇڏي ٿو، جيئن ڪالهه ٻن پهرن جو سائين مير محمد پيرزادي پنهنجي حيات مان هٿ ڪڍي ڇڏيا. ۽ اڄ هو مٽيءَ جي جهول ۾ ابدي آرامي آهي.
شخص کي هليو وڃڻو آهي، اڳ يا پوءِ، پر جيڪي شخص پوئتي رهجي وڃن ٿا انهن لاءِ پنهنجي کوٽ پوري ڪرڻ ڏاڍي ڏکي آهي. سائين مير محمد پنهنجي هڪ حياتيءَ جا سمورا ڏينهن گذاري ويندو رهيو، هن کي وڃڻو ئي هئو، پر نقصان انهن جو ٿيو آهي، جيڪي پوئتي رهجي ويا آهن.
ڪيترن ئي حوالن ۾ جيڪو ڪجهه پوئتي رهجي ويو آهي ان ۾ اڄ سائين مير محمد موجود نه آهي ۽ هن جي غير موجودگي شايد گذرندڙ عمر ايندڙ عمر اسان سڀني کي تڪليف ڏيندي رهندي، اسان اهي سڀ جيڪي ڪنهن به تعلق ۾ ساڻس جڙيل رهياسين. سندس گهر ڀاتين، اولاد، عزيزن مائٽن کان ٻاهر جن شخصن کي سدائين ڏک رسندو، اهي شخص اُهي آهن جن جو ساڻس ادبي، نظرياتي ۽ هڪ عالم طور واسطو رهيو آهي، ۽ هڪ تڪليف ساهتي پرڳڻي جي آخري شهر سڪرنڊ کي به لڳاتار رهندي، جنهن شهر کيس جهڙوڪ ٻيو جنم ڏنو هئو.
اهو سچ آهي ته هن جي مٽيءَ ٻلهڙيجيءَ جي هئي ۽ آخر ۾ به انهيءَ مٽيءَ ساڻ وڃي ملي. اڄ هو پنهنجن انهن پيارن سان گڏ آهي، جن سان هن رانديون رهيون، پٽي ۽ سليٽ کڻي ٻوڪي ٻڌي علم جا پهريان سبق پڙهڻ لاءِ ويندو هئو، ٻلهڙيجيءَ جي مٽيءَ تي هن پهريان قدم کنيا، پهريان سبق پڙهيو. پهرين دوستن جو حلقو جوڙيو، اهڙو حلقو جيڪو زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين اکين ۾ رهندو آهي ۽ دل ۾ ديرو ڪري ويٺل هوندو آهي. جيستائين اکيون بند ٿينديون آهن ۽ دل ڌڙڪڻ ڇڏيندي آهي، تيستائين اهي يار گڏ گڏ هوندا آهن اهي معصوم محبتن سميت شخص جي وجود جو اهڙو حصو هوندا آهن، جهڙي امڙ جي ٿڃ رت جي صورت ۾ انسان جي وجود ۾ موجود هوندي آهي.
۽ سڪرنڊ سائين مير محمد جي آخري ابدي سڃاڻپ! علم ۾ ادب ۾، سياست ۾ وطن دوستيءَ ۽ روشن خياليءَ ۾ سچ پچ جيترو سائين مير محمد سڪرنڊ کي ڏنو، اوترو ئي سڪرنڊ کيس موٽائي ڏنو.هن کيس گيت ڏنا، سڪرنڊ کيس مڃتا جي موٽ ڏني، هن شعور جي ڏياري ٻاري سڪرنڊ جي نوجوانن ان ۾ تيل بدران پنهنجو رت وجهي ان کي روشن رکيو. جنهن روشنيءَ ۾ سندس خوبصورت چهرو سدائين ٻهڪندو نظر آيو ۽ اهو ئي سندس ٻهڪندڙ چهرو جناح اسپتال جي وارڊ ستين جي بيڊ تي بيسُڌ ستل هوندي به ٻهڪندو رهيو.
اهو ضرور  هئو ته نوجواني کي پار ڪري ٻڍاپي جا آثار سندس چهري تي پنهنجا نشان ڇڏي ويا هئا ٻيءَ طرح اهو مرڪندڙ مهانڊو  جنهن جي  ۽ اندر ۾ رهجي ويل اڻ ڳڻيا گيت ٻاهر نڪرڻ لاءِ اڇلون ڏيئي رهيا هئا، پر زندگيءَ جي پويان ايندڙ  ابد جي ڊوڙ ايتري تيز هئي جو کيس انهن گيت جي اظهارڻ جو موقعو ئي نه ڏنائين. ائين سائين مير محمد ڪيترائي اڻ اظهاريل گيت پنهنجي اندر ۾ سانڍي ڪالهه ٻن پهرن جو اسان سڀني اکن  بنا موڪلائي پنهنجي ان زندگيءَ ۾ پير پاتو جنهن زندگيءَ کي مختلف مذهبن ۽ نظرين الڳ الڳ اظهاريو آهي ۽ جيڪا زندگي پنهنجي الڳ الڳ روپ مٽائڻ جي صورت ۾ جاري آهي ازل کان ابد تائين!
ازل ۽ ابد جي وچ ۾ڪيترائي انسان پنهنجي پنهنجي عمر ڪاٽي روانا ٿي وڃن ٿا. ڳائجن  اهي ٿا، ياد اهي ڪيا وڃن ٿا جيڪي پٺتي ڪجهه امرُ ڇڏي وڃن ٿا جيڪو ڪڏهن به مري نٿو، روپ نٿو بدلائي، چهرو نٿو تبديل ڪري، يقينن سائين مير محمد پيرزادو هڪ شخص جي حوالي ۾ اهڙو شخص هئو ۽ هڪ تخليقڪار طور به اهڙو تخليقار هئو جيڪو سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب ۾ به سدائين رهڻو آهي. ڀلي هو پنهنجي زندگيءَ جي هڪ روپ کي تبديل ڪري ڪنهن ٻي نئين زندگيءَ جي شروعات ڪري چڪو آهي.
پوئتي رهجي ويل اسين شخص جيڪي ساڻس ڪنهن به تعلق ۾ جڙيل هئاسين ان کان ٻاهر سنڌ ۽ سنڌي ادب، سنڌي شاعريءَ جي حوالي ۾ هو سموري سنڌ کان ڪڏهن وسري سگهي. اهو چوڻ ڏکيو آهي. ڪنهن دوست کي سندس شاديءَ تي ڪو ڪتاب گفٽ ڪندي، سائين مير محمد جو هڪ شعر لکيو هوم
تنهنجي شاديءَ ڪوٺ ملي،
پهتس ڳوڙهن جهول ڀري.
اڄ جڏهن ڏيڍ ڏينهن جي نه ملڻ کانپوءِ هو اسان کان سدائين لاءِ وڇڙي ويو آهي ۽ سندس وڇوڙي جي سُڌ پئي آهي ته سنڌي ٻوليءَ جو ڪو به شعر تڪڙ ۾ ياد نه اچي رهيو آهي ڄڻ حافظو موڪلائي ويو آهي، اهو حافظو جنهن ۾ سندس ڪيترائي شعر ۽ ٻيو گهڻو ئي ڪجهه محفوظ رهندو هئو. ۽ ڳوڙها آهن جيڪي رڪجڻ جو نالو ئي نٿا وٺن.

No comments:

راءِ ڏيندا