; سنڌي شخصيتون: مير محمد پيرزادو، ياسر قاضي، رکيل مورائي، منور سراج،
Showing posts with label مير محمد پيرزادو، ياسر قاضي، رکيل مورائي، منور سراج،. Show all posts
Showing posts with label مير محمد پيرزادو، ياسر قاضي، رکيل مورائي، منور سراج،. Show all posts

22 October, 2014

مير محمد پيرزادو


مير محمد پيرزادو
ڏي ٽهڪ ته منهنجي ڏات کِلي
ياسر قاضي
مير محمد پيرزادو سنڌ ادب ۾ هڪ گيت جي شاعر جي حيثيت سان سڃاتو وڃي ٿو ۽ سندس اها سڃاڻپ ڪنهن هڪ صنف ۾ مهارت هئڻ جي حوالي سان کيس محدود ڪو نه ٿي ڪري ڇاڪاڻ ته مير محمد نه رڳو گيت عمدگيءَ سان لکيو آهي پر هن سنڌي شاعريءَ جي ڪلاسيڪي توڙي جديد هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي ۽ هر صنف سان اهڙو سهڻي نموني نباهه ڪيو آهي جو مان هن کي نه صرف گيتن جو بهترين شاعر چوندس بلڪ کيس آل رائونڊر شاعر ڪوٺيندس. ڇاڪاڻ ته هن جنهن به صنف تي قلم کنيو ان صنف کي امر ڪري ڇڏيو. اهڙا شاعر سنڌ ۾ گهٽ پيدا ٿيا آهن جن گيت کي پنهنجي سڃاڻپ بنايو هجي خاص طور تي اهي گيت جا ئي شاعر آهن. سنڌ ۾ گيت جي بي تاج بادشاهه بردي سنڌيءَ کان پوءِ سندس همعصر شاعرن يا کانئس پوءِ وارن شاعرن مان سواءِ سائين مير محمد جي ٻيو ڪو به اهڙو پختو شاعر ڪونه ٿو ملي جنهن گيت کي ايڏو سنجيدگيءَ سان لکيو هجي. پيرزادي صاحب جي شاعريءَ جا ٻه مجموعا “مکڙيون ماڪ ڦڙا” ۽ “ليار نيڻن ۾ ڦٽا” منظر عام تي اچي مڃتا ماڻي چڪا آهن جن ۾ ان گيت کان سواءِ دوها، بيت، وايون، نظم ۽ غزل پڻ جهجهي تعداد ۾ ڏنا آهن جيڪي پڻ گيتن جا سڀ جا سڀ ساهه ۾ سانڍڻ جهڙا آهن. اچو ته پيرزادي صاحب جي شاعريءَ جي ڪتاب “ليار نيڻن ۾ ڦٽا” جا ورڪ ورايون. هن ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي سينئر معروف شاعر ڊاڪٽر تنوير عباسيءِ لکيو آهي. جنهن مان هن مٿي چيل ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي، چوي ٿو ته “بردي سنڌيءَ کانپوءِ هن ئي شاعر گيت جي صنف سان لئون لاتي آهي. کانئس پوءِ مير محمد پيرزادو گيت جي صنف جو بهترين شاعر آهي.” ساڳي ڳالهه جي تصديق تاج جويو ڪتاب جي آخر ۾ سائين مير محمد جي شخصيت تي لکيل مقالي ۾ به ڪري ٿو ته مير محمد پيرزادو، هري دلگير، گورڌن محبوباڻي، شيخ اياز ۽ بردي سنڌيءَ کانپوءِ گيت جو وڏي شاعر آهي. هن جا بيت دوها ۽ وايون به آئون چوندس ته سندس گيتن توسيع آهن ته پوءِ اچو ته گيت جي ان بهترين شاعر جي گيتن کي پڙهي ڏسون. گيت ڳائجڻ واري صنف آهي، جنهن کي هرڪوئي هر وقت آسانيءَ سان جهونگاري سگهي، ان لاءِ گيت جي سڀ کان پهرين ضرورت اها لئه ۽ رڌم آهي جيڪا ڳائيندڙ لاءِ اٽڪاءَ جو باعث نه بڻجي ۽ ٻڌندڙ به ان لئه جي تسلسل تي جهومي، انهن ٻنهي شرطن کي سائين مير محمد اهڙي سهڻي انداز ۾ پورو ڪيو آهي جو سندس هر گيت پنهنجو الڳ حسن رکي ٿو ۽ سندس هر گيت وري وري ڳائڻ جهڙو آهي. جدائيءَ جي آلاپن ۽ پرينءَ جي اچڻ جي آس سان واسيل هن گيت ۾ بيقراريءَ جو بيان ڪيڏو پيارو ٿيل آهي.