; سنڌي شخصيتون: روبينا قريشي

20 October, 2014

روبينا قريشي


روبينا قريشي
روبينا قُريشي ۱۹ آڪٽوبر ۱۹۴۰ع ڌاري، حيدرآباد جي صدر واري علائقي ۾ ڄائي. پاڻ اصل ذات جي شيخ ۽ الاهي بخش شيخ جي ڌيءَ آهي. سندس اصل نالو عائشه شيخ“ آهي، سندس خاندان پڙهيل ڳڙهيل ۽ واپار سان واڳاپيل هو. هُن ريڊئي پاڪستان حيدرآباد تي ڳائڻ ڪري ۽ پنهنجي اصل شناخت مٽائڻ لاِءِ پنهنجو نالوعائشه مان ڦيرائي رُوبينه رکيو ۽ جيئن ئي هُن مشهور فلم اسٽار مصطفيٰ قريشيءَ سان ۱۹ سيپٽمبر ۱۹۷۰ع ۾ حيدرآباد شهر ۾ شادي ڪئي ۽ ته عائشه شيخ  مان ڦري رُوبينه قُريشي“ ٿي پئي. کيس هڪ ڀيڻ ۽ چار ڀائُر آهن. جن مان هڪڙو ڀاءُ الله سائينءَ کي پيارو ٿي ويو ۽ هُن جو وڏو ڀاءُ عبدالغفور شيخ به ڳائيندو آهي.


اهڙيءَ طرح، عائشه شيخ عُرف ”رُوبينا قريشيءَ“ پنهنجي ابتدائي تعليم حيدر آباد شهر جي هڪ پرائمري اسڪول مان ورتي جنهن ۾ کيس دادي ليلان جھڙي سٻاجھڙي ۽ هُوشيار اُستاد ملي جنهن سندس تربيت ڪئي. نتيجي ۾ هوءَ حمد، نعت ۽ دُعا پڙهڻ کانسواءِ اسڪول ۾ قومي نغما به ڳائيندي هُئي ۽ اسٽيج جي ڊرامن به حصو وٺندي هُئي. اُن کان پوءِ گورنمنٽ گرلس هاءِ اسڪول حيدرآباد، جيڪو پوءِ ڪاليج به بڻيو، اُتي نالي واري تعليمي ماهر آپا شمس عباسي، جيڪا اسڪول ۾ پهرين هيڊ مسٽريس هُئي، ڪاليج بڻڻ سان پرنسپال بڻي تنهن به عائشه شيخ عُرف روبينه قُريشيءَ جي رهنمائي ڪئي.
جيئن ته حيدرآباد شهر نه رُڳو جاگرافي لحاظ کان هڪ مرڪزي شهر آهي، پر علم ، ادب، فن ۽ ثقافت جي حوالي سان به هي شهر هڪ مرڪزي حيثيت رکي ٿو. سنڌ جا ڪيترائي وڏا تعليمي ادارا، ادبي ۽ ثقافتي ادارا هتي موجُود آهن، اهوئي سبب آهي ته ڪيترائي وڏا اديب، شاعر، عالم، ڏاها، سياستدان، واپاري، فنڪار ۽ اداڪار وغيره هن ئي شهر ۾ پئدا ٿيا ۽ ڪئين ورهه هن شهر کي ثقافتي سرگرمين سان وسايو.
۱۷ آگسٽ ۱۹۵۵ع ۾ جڏنهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو بُنياد پيو تڏنهن سُتت ئي ريڊيو اسٽيشن جي انتظاميه پاران حيدرآباد جي مختلف اسڪولن ۽ ڪاليجن کي خط اُماڻيا ويا ته هُو پنهنجن باصلاحيت شاگردن ۽ شاگرديانين کي ريڊيو تي موڪلين ۽ اُنهن خطن جي ئي روشنيءَ ۾ روبينه قُريشي حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن گھُمڻ آئي هُئي. اُن وقت هُوءَ نائين درجي ۾ پڙهندي هُئي. جتي سندس مُلاقات نالي واري براڊڪاسٽر ايم. بي انصاريءَ (محمد بخش انصاري) ۽ ميوزڪ ڊائريڪٽر ماسٽر مُحمد ابراهيم سان ٿي، جن هن جو آڊيشن وٺي فيصلو ڪيو ته فلحال هن کي ٻين فنڪارن سان گڏ ڪورس ۾ ڳائرايو وڃي. ۽ پوِ هُن ڪورس ۾ قومي نغما، شاديءَ جا ڳيچ، ۽ لوڪ گيت وغيره ڳايا. هن ان سان گڏ سنڌي ۽ اُڙدو ڊرامن ۾ به ڪم ڪيو، ڪمپيئرنگ ڪيائين، گيتن ڀرين ڪهاڻين ۾ ڳايائين ۽ انهن پروگرامن جي راوي ٿي. اهو سلسلو هلندو رهيو پر ڳائڻ جي حوالي سان هن کان ٿوڙي ئي عرصي کان پوءِ  ”سولو“ يعني ”اڪيلو“ يا ”اڪيلي سِر“ ڳارايو ويو. سندس اڪيلي سِر ڳائيل پهريو ڪلام آهي پيري پوندي سانِ، چوندي سانِ، رهي وڃ رات ڀنڀور ۾
روبينه قُريشيءَ ۱۹۷۴ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان مُسلم هسٽريءَ ۾ ايم. اي ڪئي، هُوءَ حيدرآباد ۾ ڇپجندڙ بادل رسالي ۾ خطن جا جواب به ڏيندي هُئي کيس ۱۹۶۷ع حمايت اسلام اسڪول ۾ سيڪنڊري اسڪول ٽيچر جي نوڪري به ملي. سندس مُڙس ناميارو فلم اسٽار مُصطفي قريشي، جيڪو اُن وقت ريڊيو پاڪستان ۾ پروگرام آرگنائيزر يعني پروڊيوسر هو ۽ اُن سان شاديءَ کان پوءِ هُوءَ اُن سان گڏ سُتت ئي ۱۹۷۰ع ۾ لاهور هلي وئي. لاهور ۾ رهڻ دوران پاڻ اُستاد ڇوٽي غلام عليءَ کان راڳ جي وڌيڪ تربيت به وٺڻ لڳي، هُوءَ هڪ کان ٻن ڪلاڪن تائين روزانو رياض ڪندي آهي، هوءَ سازن ۾ هارمونيم به وڄائيند آهي، کيس راڳڻي ڀيروين ۽ ملهار وڻندي آهي ۽ فنڪارن ۾ مهدي حسن، ماسٽر مُحمد ابراهيم ۽ استاد مُحمد جُمن کان مُتاثر آهي.
روبينه قُريشيءَ کي ٻه ٻار آهن ، هڪ نياڻي اربيلا ۽ ٻيو پُٽ مُحمد عامر جيڪو ٽيليويزن تي ڪمپيئرنگ ڪرڻ سان گڏ ڳائيندو به آهي. ٻهر ۾روبينه َقريشي ۽ مُصطفي قُريشي پنهنجن ٻارن سان يا پاڻ ۾ اُڙدوءَ ۾ ڳالهائيندا آهن، جنهنجو جَواز ڏيندي روبينه چوي ٿي ته اهو اُن ڪري جو هُو جتي به رهيا اُنهن کي اُتي اُڙدوءَ جو ماحول ئي مليو.
هُن سڀ کان وڌيڪ حضرت شاه عبدُالطيف ڀٽائي گھوٽ ۽ سچل سرمست کي ڳيو آهي، ڪيترائي لوڪ گيت به ڳايا اٿس، هُن گھڻي ڀاڱي ماسٽر محمد ابراهيم، اُستاد مُهمد جُمن ۽ اُستاد نذرحُسين جي موسيقيءَ ۾ ڪلام ڳايا آهن. ريڊيو حيدرآباد تي سندس گھڻي ۾گھڻا ڪلام پروڊيوسر ايم. بي انصاري ۽ خواجه امداد عليءَ رڪارڊ ڪيا آهن، هُوءَ ريڊيو پاڪستان لاهور، ڪراچي ۽ ڍاڪا تي به ڳائي چُڪي آهي، هُن هوئن ته ماسٽر ابراهيم ۽ اُستاد مُهمد جمن کان راڳ سکيو آهي پر باقاعدي سان هُن تربت لاهور ۾ اُستاد ڇوٽي غلام علي خان کان ئي ورتي آهي. هُن سنڌي، اُڙدو، پنجابي، سرائڪي، بنگالي، بلوچي ۽ پشتو زبانُن ۾ به ڳايو آهي.
ٽيليويزن تي کيس مرحوم عبدالڪريم بلوچ مُتعارف ڪرايو هو. هُن سنڌي فلمن سسئي پُنهون، ۽ گھونگھٽ لاهه ڪُنوار جا گانا به ڳايا آهن. انڊونيشيا جو صدر سُوئيڪارنو سندس ڳائڻ کي ڏاڍو پسند ڪندو هو، حون جن ٻاهرين مُلڪن ۾ فن جو مُظاهرو ڪيو آهي تن ۾ انڊونيشيا، چين، تُرڪي، هندستان، برطانيا ۽ آمريڪا سر فهرست آهن. کيس مهراڻ جي بُلبل ۽ سنڌ جي ڪوئل جا لقب ملي چُڪا آهن.
روبينه قريشي عملي زندگيءَ ۾ اچڻ کان هيل تائين الاهي سماجي خدمتون به ڪيو، هن وقت هُوءَ بلائينڊ ويلفيئر ايسوسيئيشن (ليڊيز ونگ) جي اڳواڻ اهي ان سلسلي ۾ ئي لاهور کان ڪراچي آئي. هن وقت هوءَ سماجي خدمتن سان گڏ موسيقيءِ جو تربيتي ادارو به کولڻ چاهي ٿي. کيس فن جي خدمتن جي مڃتا ۾ ۱۹۹۶ع ۾ قلندر لال شهباز ايوارڊ ۽ غلام خواجه فريد ايوارڊ به ملي چُڪا آهن. دعا آهي ته سندس مٺڙي ۽ سُريلي آواز ۾ اڃا به وڌيڪ سوز ۽ ساءُ اچي.


روبينا قريشي
سنڌ جي ڪوئل
قاسم راڄپر
موسيقيءَ کي روح جي غزا سڏيو ويو آهي، ٻار کان وٺي ٻُڍي تائين ان مان هڪ جهڙو لطف ماڻين ٿا. هونئن ته سُريلو آواز قدرت جي ڏات آهي، پر انهن قدرتي سُرن کي وڌيڪ نکارڻ لاءِ سکيا به ضروري آهي. استاد منظور علي خان کان ويندي، استاد محمد جمن، محمد يوسف، فتح علي خان، جيوڻي ٻائي، مائي ڀاڳي تائين وڏن فنڪارن، راڳداري ۾ وڏي محنت کانپوءِ منزل ماڻي آهي. انهن پنهنجي سڄي حياتي استادن جون خدمتون ڪري منزل ماڻي.
۱۹۵۵ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو بنياد پيو ته اُتان جي فنڪارن کي اظهار جو هڪ نئون ذريعو مليو. ۶۰ واري ڏهاڪي ۾ ريڊيو حيدرآباد تي هڪ اهڙي سُريلي فنڪاره آئي، جنهن اڳتي هلي سنڌي گائيڪيءَ ۾ ڪمال ڪري ڏيکاريو، نه ته ان کان اڳ گرامو فون واري دؤر ۾ صرف ڪجهه فنڪارائون ئي هيون، جن سنڌي راڳ جي خدمت ڪئي. سنڌ جي عظيم فنڪارا روبينا قُريشي ۱۹ آڪٽوبر ۱۹۴۰ع ڌاري، حيدرآباد جي صدر واري علائقي ۾ الاهي بخش شيخ جي گهر ۾پيدا ٿي، سندس خاندان حيدرآباد جو معزز واپاري خاندان ليکيو ويندو هو، تنهن دؤر ۾ هڪ ڇوڪريءَ جو ريڊيو تي ڳائڻ سماجي لحاظ کان اهم مسئلو هو. جنهن ڪري هن پنهنجي سڃاڻپ تبديل ڪرڻ لاءِ پنهنجو نالوعائشه مان ڦيرائي رُوبينه رکيو. عائشه شيخ فلم اسٽار مصطفيٰ قريشيءَ سان ۱۹ سيپٽمبر ۱۹۷۰ع ۾ حيدرآباد شهر ۾ شادي ڪئي ۽ ته ”عائشه شيخ“ مان ڦري ”رُوبينه قُريشي“ ٿي پئي. روبينه جو وڏو ڀاءُ عبدالغفور شيخ به ڳائيندو آهي.
رُوبينا قريشيءَ پنهنجي ابتدائي تعليم حيدر آباد شهر جي هڪ پرائمري اسڪول مان ورتي جنهن ۾ کيس ”دادي ليلان“ جھڙي سٻاجھڙي ۽ هُوشيار اُستاد ملي. جنهن کيس راڳ جي به سکيا ڏني. هوءَ اسڪول جي زماني کان ئي قومي نغما به ڳائيندي هُئي ۽ اسٽيج جي ڊرامن به حصو وٺندي هُئي. اُن کان پوءِ هوءَ گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾سنڌ جي نالي واري تعليمي ماهر آپا شمس عباسيءَ جي رهنمائيءَ ۾ اڳتي وکون وڌائيندي رهي.
هوءَ مڪمل طور پنهنجي صلاحتين جي آڌار تي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ايم بي انصاريءَ جهڙي سخت طبعيت براڊ ڪاسٽر کي انٽرويو ڏئي گلوڪاره طور چونڊي وئي. اُن وقت هُوءَ نائين درجي ۾ پڙهندي هُئي. ايم بي انصاريءَ ۽ ميوزڪ ڊائريڪٽر ماسٽر مُحمد ابراهيم هن جو آڊيشن وٺي فيصلو ڪيو ته في الحال هن کي ٻين فنڪارن سان گڏ ڪورس ۾ ڳائرايو وڃي ۽ اڳتي هلي هُن ڪورس ۾ قومي نغما، شاديءَ جا ڳيچ، ۽ لوڪ گيت وغيره ڳايا. هن ان سان گڏ سنڌي ۽ اُردو ڊرامن ۾ به ڪم ڪيو، ڪمپيئرنگ ڪيائين، گيتن ڀرين ڪهاڻين ۾ ڳايائين ۽ انهن پروگرامن جي راوي ٿي. اهو سلسلو هلندو رهيو پر ڳائڻ جي حوالي سان هن کان ٿوري ئي عرصي کان پوءِ اڪيلي سِر ڳارايو ويو. سندس اڪيلي سِر ڳايل پهريون ڪلام آهي؛ ”پيري پونديسانِ، چونديسانِ؛ رهي وڃ رات ڀنڀور ۾“.
روبينه قُريشيءَ ۱۹۷۴ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان مُسلم هسٽريءَ ۾ ايم اي ڪئي. هُوءَ حيدرآباد مان شايع ٿيندڙ بادل رسالي ۾ خطن جا جواب به ڏيندي هُئي. ان کان اڳ کيس ۱۹۶۷ع ۾ حمايت الاسلام سيڪنڊري اسڪول ۾ ماستري ملي. سندس ور مُصطفي قريشي اُن وقت ريڊيو پاڪستان ۾ پروگرام آرگنائيزر يعني پروڊيوسر هو ۽ اُن سان شاديءَ کان پوءِ هُوءَ اُن سان گڏ لاهور هلي وئي. لاهور ۾ رهڻ دوران پاڻ اُستاد ڇوٽي غلام عليءَ کان راڳ جي وڌيڪ تربيت به وٺڻ لڳي، هُوءَ هڪ کان ٻن ڪلاڪن تائين روزانو رياض ڪندي آهي، هوءَ سازن ۾ هارمونيم به وڄائيند آهي،
هُن سڀ کان وڌيڪ حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست کي ڳايو آهي، جڏهن ته هوءَ لوڪ گيت ڳائڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي، هُن گھڻي ڀاڱي ماسٽر محمد ابراهيم، اُستاد مُحمد جُمن ۽ اُستاد نذرحُسين جي موسيقيءَ ۾ ڪلام ڳايا آهن. ريڊيو حيدرآباد تي سندس گھڻي ۾گھڻا ڪلام پروڊيوسر ايم بي انصاري ۽ خواجه امداد عليءَ رڪارڊ ڪيا آهن، هُوءَ ريڊيو پاڪستان لاهور، ڪراچي ۽ ڍاڪا تي به ڳائي چُڪي آهي، هُن سنڌي، اُڙدو، پنجابي، سرائڪي، بنگالي، بلوچي ۽ پشتو زبانُن ۾ به ڳايو آهي.
ٽيليويزن تي کيس مرحوم عبدالڪريم بلوچ مُتعارف ڪرايو هو. هن هڪ ڊرامي ۾ اداڪاري به ڪئي. هُن سنڌي فلمن سسئي پُنهون ۽ گھونگھٽ لاهه ڪُنوار جا گانا به ڳايا آهن. روبينا قريشي ڪلاسيل ڳائڻي نه هئي. پر سندس آواز هڪ الستي آواز آهي. جنهن جي هئيت ۽ مٺاس بلڪل الڳ ۽ منفرد آهي. هن جي آلاپ روح جون تندون ڇيڙي اندر جي تهه تائين لهي ويندو هو. سنڌ جي البيلي روبينه قُريشيءَ کي ٻه ٻار آهن، هڪ نياڻي اربيلا ۽ ٻيو پُٽ مُحمد عامر جيڪو ٽيليويزن تي ڪمپيئرنگ ڪرڻ سان گڏ ڳائيندو به آهي.
اڄ روبينا قريشي جو جنم ڏينهن آهي


روبينه قريشي
اسان سندس صحتيابي لاءِ پراُميد آهيون
وزير فرهاد سولنگي
روبينه قريشي حيدرآباد شهر ۾ ۱۹ آڪٽوبر ۱۹۴۰ع ڌاري الاهي بخش شيخ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن جو خاندان تعليم يافتـ ۽ تجارت سان تعلق رکي ٿو هي پاڻ ۾ ٻـ ڀينر ۽ چار ڀائر آهن سندس هڪ ڀاءِ وفات ڪري چڪو آهي جڏهن تـ سندس وڏو ڀاءِ عبدالغفور شيخ بـ موسيقي سان وڏو چاھ رکندو هو ۽ راڳ پڻ ڳائيندو هو تنهن ڪري هن کي اسڪول جي زماني کان وٺي فن موسيقيءِ سان گهڻو شوق هيو.
روبينه قريشي کي پرائمري اسڪول ۾ دادي ليلا وتيءَ جهڙي سٻاجهڙي ۽ هوشيار استاد ملي، جنهن سندس تربيت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ هو حمد، نعت ۽ دعا پڙهڻ کانسواءِ اسڪول ۾ قومي گيت  ڳائيندي هئي ۽ اسٽيج ڊرامن ۾ پڻ حصو وٺندي هئي تنهن کانپوءِ جڏهن هو گرلز هاءِ اسڪول حيدرآباد، جيڪو بعد ۾ ڪاليج بڻيو ۾ پڙهڻ وئي تـ اتي ناليواري تعليمي ماهر آپا شمس عباسي هيڊ مسٽريس هئي جيڪا اڳتي هلي ان ڪاليج جي پرنسپال ٿي انهيءَ بـ سندس گهڻي رهنمائي ڪئي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد اسٽيشن جڏهن ۱۷ آگسٽ ۱۹۵۵ع ڌاري ٺهي تـ ان ۾ نئين ٽيلينٽ کي متعارف ڪرائڻ لاءِ مختلف اسڪولن  ۽ ڪاليجن جي عملدارن کي خط لکي نون ماڻهن کي اچڻ جي دعوت ڏني وئي. انهن دعوتن جي سبب روبينا قريشي ريڊيو اسٽيشن تي پهتي تنهن وقت هو نائين ڪلاس جي شاگردياڻي هئي ان دوران سندس ملاقات ناليواري براڊڪاسٽر (محمد بخش) ايم بي انصاري ۽ ميوزڪ ڊائريڪٽر ماسٽر محمد ابراهيم سان ٿي جن هن جي آڊيشن ورتي ۽ في الحال هن کي ٻين فنڪارن سان گڏ ڪورس ۾ ڳارايو. هن ڪورس ۾ قومي نغمـ، شادي جا لوڪ گيت وغيره ڳايا هن سنڌي ۽ اردو ڊرامن ۾ صداڪاري پڻ ڪئي. هن پنهنجي فن جي باقائدي شروعات ۱۹۵۸ع کان ڪئي هن جو اڪيلي سر ڳايل پهريون ڪلام ”پيرين پوندي سان چوندي سان رهي وڃ رات ڀنڀور ۾“. ڳايو جنهن کي عوام طرفان تمام گهڻي سٺي موٽ ملي.
روبينه قريشي، شاھ عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست کي تما گهڻو ڳايو ۽ ڪيترائي لوڪ گيت ڳايا. هن گلوڪارا گهڻي ڀاڱي ماسٽر محمد ابراهيم، استاد محمد جمن ۽ استاد نظر حسين جي موسيقي ۾ گهڻا گيت ڳايا. ريڊيو حيدرآباد تي پرڊيوسر ايم بي انصاري ۽ خواجـ امداد علي روبينا قريشي کي گهڻو ريڪارڊ ڪيو. هن ريڊيو پاڪستان ڪراچي، لاهور ۽ ڍاڪا ۾ بـ ڳايو. کيس عبدالڪريم بلوچ پي ٽي وي تي متعارف ڪرايو. هن سنڌي فلمن سسئي پنهون ۽ گهونگهٽ لاھ ڪنوار لاءِ گانا ڳايا. هن ماسٽر محمد ابراهيم ۽ استاد محمد جمن کان سکيو پر هن فن موسيقي جي باقائدي تربيت لاهور ۾ استاد ڇوٽي غلام علي خان کان ورتائين. هن ڪيترين ئي ٻولين ۾ ڳايو جن ۾ سنڌي، پنجابي، اردو، سرائيڪي، بنگالي، بلوچي ۽ پشتو شامل آهن. روبينا قريشي ڪيترين ئي پرڏيهي ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو جنهن ۾ هندستان، برطانيـ، آمريڪا، چين، انڊونيشيا ۽ ترڪي وغيره شامل آهن انڊونيشيا جو صدر سوئيڪارنو روبينه قريشي جي ڳائيڪي کي تمام گهڻو پسند ڪندو هو.
هن پاڪستان فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪار مصطفي قريشي سان ۱۹ سيپٽبر ۱۹۷۰ع ڌاري شادي ڪئي جيڪو ان وقت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پرڊيوسر هيو. هن کي ٻـ ٻارڙا محمد عامر ۽ اربيلا جو اولاد آهي. روبينه قريشي جو اصل نالو عائشـ شيخ آهي جيڪو فن جي دنيا ۾ تبديل ڪري روبينا قريشي بنجي ويو. هن ڪيترائي ايوارڊ حاصل ڪيا جنهن ۾ قلندر لعل شهباز ايوارڊ ۱۹۹۶ع ۾ ۽ خواجـ غلام فريد ايوارڊ شامل آهن جڏهن تـ هن کي سنڌ جي ڪوئل ۽ مهراڻ جي بلبل جا خطاب مليل آهن
سنڌ جي هيءَ سريلي ڳائڻي گذريل ڪجھه ڏينهن کان ڪينسر جي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي وئي آهي ۽ شديد علالت سبب اسپتال ۾ علاج  هيٺ آهي. سنڌ جي هن انمول ڪردار کي هن وقت دعائن جي ضرورت آهي. رپورٽن موجب سندس  ڪيميا ٿراپي جا چار رائونڊ ٿي چڪا آهن. روبينه قريشي بظاهر بيماري جي بستري تي اڪيلي سر ان ڪني بيماري کي منهن ڏئي رهي آهي ته سندس ور مصطفيٰ قريشي، سندس ڪٽنب سميت سندس اڻ ڳڻيا پرستار به سندس صحتيابي لاءِ دعاڳو آهن. وڏي امُيد آهي ته روبينه قريشي صاحبه ان بيمارن مان نڪري ايندي. اسان سندس صحتيابي لاءِ پرُاميد آهيون.

روبينه قريشي
”بُلبُلِ مهراڻ“ ۽ ”ڪوئيلِ سنڌ“ جو لقب ماڻيندڙ مشهور سنڌي گلوگاره
عبدالرزاق ميمڻ
روبينا قُريشي ۱۹ آڪٽوبر ۱۹۴۰ع ڌاري، حيدرآباد جي صدر واري علائقي ۾ ڄائي. پاڻ اصل ذات جي شيخ ۽ الاهي بخش شيخ جي ڌيءَ آهي. سنس اصل نالو ”عائشه شيخ“ آهي، سندس خاندان پڙهيل ڳڙهيل ۽ واپار سان واڳاپيل هو. هُن ريڊئي پاڪستان حيدرآباد تي ڳائڻ ڪري ۽ پنهنجي اصل شناخت مٽائڻ لاِءِ پنهنجو نالو عائشه مان ڦيرائي رُوبينه رکيو ۽ جيئن ئي هُن مشهور فلم اسٽار مصطفيٰ قريشيءَ سان ۱۹ سيپٽمبر ۱۹۷۰ع ۾ حيدرآباد شهر ۾ شادي ڪئي ته ”عائشه شيخ“ مان ڦري ”رُوبينه قُريشي“ ٿي پئي. کيس هڪ ڀيڻ ۽ چار ڀائُر آهن. جن مان هڪڙو ڀاءُ الله سائينءَ کي پيارو ٿي ويو ۽ هُن جو وڏو ڀاءُ عبدالغفور شيخ به ڳائيندو آهي.
اهڙيءَ طرح، عائشه شيخ عُرف ”رُوبينا قريشيءَ“ پنهنجي ابتدائي تعليم حيدرآباد شهر جي هڪ پرائمري اسڪول مان ورتي جنهن ۾ کيس ”دادي ليلان“ جھڙي سٻاجھڙي ۽ هُوشيار اُستاد ملي جنهن سندس تربيت ڪئي. نتيجي ۾ هوءَ حمد، نعت ۽ دُعا پڙهڻ کانسواءِ اسڪول ۾ قومي نغما به ڳائيندي هُئي ۽ اسٽيج جي ڊرامن به حصو وٺندي هُئي. اُن کان پوءِ گورنمنٽ گرلس هاءِ اسڪول حيدرآباد، جيڪو پوءِ ڪاليج به بڻيو، اُتي نالي واري تعليمي ماهر آپا شمس عباسي، جيڪا اسڪول ۾ پهرين هيڊ مسٽريس هُئي، ڪاليج بڻڻ سان پرنسپال بڻي تنهن به عائشه شيخ عُرف روبينه قُريشيءَ جي رهنمائي ڪئي.
جيئن ته حيدرآباد شهر نه رُڳو جاگرافي لحاظ کان هڪ مرڪزي شهر آهي، پر علم ، ادب، فن ۽ ثقافت جي حوالي سان به هي شهر هڪ مرڪزي حيثيت رکي ٿو. سنڌ جا ڪيترائي وڏا تعليمي ادارا، ادبي ۽ ثقافتي ادارا هتي موجُود آهن، اهوئي سبب آهي ته ڪيترا ئي وڏا اديب، شاعر، عالم، ڏاها، سياستدان، واپاري، فنڪار ۽ اداڪار وغيره هن ئي شهر ۾ پئدا ٿيا ۽ ڪئين ورهه هن شهر کي ثقافتي سرگرمين سان وسايو.
۱۷آگسٽ ۱۹۵۵ع ۾ جڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو بُنياد پيو تڏهن سُتت ئي ريڊيو اسٽيشن جي انتظاميه پاران حيدرآباد جي مختلف اسڪولن ۽ ڪاليجن کي خط اُماڻيا ويا ته هُو پنهنجن باصلاحيت شاگردن ۽ شاگرديانين کي ريڊيو تي موڪلين ۽ اُنهن خطن جي ئي روشنيءَ ۾ روبينه قُريشي حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن گھُمڻ آئي هُئي. اُن وقت هُوءَ نائين درجي ۾ پڙهندي هُئي. جتي سندس مُلاقات نالي واري براڊڪاسٽر ايم بي انصاريءَ (محمد بخش انصاري) ۽ ميوزڪ ڊائريڪٽر ماسٽر مُحمد ابراهيم سان ٿي، جن هن جو آڊيشن وٺي فيصلو ڪيو ته في الحال هن کي ٻين فنڪارن سان گڏ ڪورس ۾ ڳائرايو وڃي. ۽ پوِ هُن ڪورس ۾ قومي نغما، شاديءَ جا ڳيچ، ۽ لوڪ گيت وغيره ڳايا. هن ان سان گڏ سنڌي ۽ اُڙدو ڊرامن ۾ به ڪم ڪيو، ڪمپيئرنگ ڪيائين، گيتن ڀرين ڪهاڻين ۾ ڳايائين ۽ انهن پروگرامن جي راوي ٿي. اهو سلسلو هلندو رهيو پر ڳائڻ جي حوالي سان هن کان ٿوڙي ئي عرصي کان پوءِ ”سولو“ يعني ”اڪيلو“ (اڪيلي سِر) ڳئرايو ويو. سندس اڪيلي سِر ڳائيل پهريو ڪلام آهي ”پيري پونديسانِ، چوندي سانِ، رهي وڃ رات ڀنڀور ۾“
روبينه قُريشيءَ ۱۹۷۴ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان مُسلم هسٽريءَ ۾ ايم اي ڪئي، هُوءَ حيدرآباد ۾ ڇپجندڙ بادل رسالي ۾ خطن جا جواب به ڏيندي هُئي کيس ۱۹۶۷ع حمايت اسلام اسڪول ۾ سيڪنڊري اسڪول ٽيچر جي نوڪري به ملي. سند مُڙس ناميارو فلم اسٽار مُصطفي قريشي جيڪو اُن وقت ريڊيو پاڪستان ۾ پروگرام آرگنائيزر يعني پروڊيوسر هو۽ اُن سان شاديءَ کان پوءِ هُوءَ اُن سان گڏ سُتت ئي ۱۹۷۰ع ۾ لاهور هلي وئي. لاهور ۾ رهڻ دوران پاڻ اُستاد ڇوٽي غلام عليءَ کان راڳ جي وڌيڪ تربيت به وٺڻ لڳي، هُوءَ هڪ کان ٻن ڪلاڪن تائين روزانو رياض ڪندي آهي، هوءَ سازن ۾ هارمونيم به وڄائيند آهي، کيس راڳڻي ڀيروين ۽ ملهار وڻندي آهي ۽ فنڪارن ۾ مهدي حسن، ماسٽر مُحمد ابراهيم ۽ استاد مُحمد جُمن کان مُتاثر آهي.
روبينه قُريشيءَ کي ٻه ٻار آهن، هڪ نياڻي اربيلا ۽ ٻيو پُٽ مُحمد عامر جيڪو ٽيليويزن تي ڪمپيئرنگ ڪرڻ سان گڏ ڳائيندو به آهي. ٻهر ۾روبينه قريشي ۽ مُصطفي قُريشي پنهنجن ٻارن سان يا پاڻ ۾ اُڙدوءَ ۾ ڳالهائيندا آهن، جنهنجو جَواز ڏيندي روبينه چوي ٿي ته اهو اُن ڪري جو هُو جتي به رهيا اُنهن کي اُتي اُڙدوءَ جو ماحول ئي مليو.
هُن سڀ کان وڌيڪ حضرت شاه عبدُالطيف ڀٽائي گھوٽ ۽ سچل سرمست کي ڳيو آهي، ڪيترائي لوڪ گيت به ڳايا اٿس، هُن گھڻي ڀاڱي ماسٽر محمد ابراهيم، اُستاد مُهمد جُمن ۽ اُستاد نذرحُسين جي موسيقيءَ ۾ ڪلام ڳايا آهن. ريڊيو حيدرآباد تي سندس گھڻي ۾گھڻا ڪلام پروڊيوسر ايم بي انصاري ۽ خواجه امداد عليءَ رڪارڊ ڪيا آهن. هُوءَ ريڊيو پاڪستان لاهور، ڪراچي ۽ ڍاڪا تي به ڳائي چُڪي آهي، هُن هوئن ته ماسٽر ابراهيم ۽ اُستاد مُحمد جمن کان راڳ سکيو آهي پر باقاعدي سان هُن تربت لاهور ۾ اُستاد ڇوٽي غلام علي خان کان ئي ورتي آهي. هُن سنڌي، اُڙدو، پنجابي، سرائيڪي، بنگالي، بلوچي ۽ پشتو زبانُن ۾ به ڳايو آهي.
ٽيليويزن تي کيس مرحوم عبدالڪريم بلوچ مُتعارف ڪرايو هو. هُن سنڌي فلمن سسئي پُنهون، ۽ گھونگھٽ لاهه ڪُنوار جا گانا به ڳايا آهن. انڊونيشيا جو صدر سُوئيڪارنو سندس ڳائڻ کي ڏاڍو پسند ڪندو هو، حون جن ٻاهرين مُلڪن ۾ فن جو مُظاهرو ڪيو آهي تن ۾ انڊونيشيا، چين، تُرڪي، هندستان، برطانيا ۽ آمريڪا سر فهرست آهن. کيس مهراڻ جي بُلبل ۽ سنڌ جي ڪوئل جا لقب ملي چُڪا آهن.
روبينه قريشي عملي زندگيءَ ۾ اچڻ کان هيل تائين الاهي سماجي خدمتون به ڪيو، هن وقت هُوءَ بلائينڊ ويلفيئر ايسوسيئيشن (ليڊيز ونگ) جي اڳواڻ اهي ان سلسلي ۾ ئي لاهور کان ڪراچي آئي. هن وقت هوءَ سماجي خدمتن سان گڏ موسيقيءَ جو تربيتي ادارو به کولڻ چاهي ٿي. کيس فن جي خدمتن جي مڃتا ۾ ۱۹۹۶ع ۾ قلندر لال شهباز ايوارڊ ۽ غلام خواجه فريد ايوارڊ به ملي چُڪا آهن. دعا آهي ته سندس مٺڙي ۽ سُريلي آواز ۾ اڃا به وڌيڪ سوز ۽ ساءُ اچي. آمين ثُم آمين.

No comments:

راءِ ڏيندا